Wednesday, November 10, 2021

لٿو لڙ - عبدالغفار سومرو

لٿو لڙ

(مختصر ڪھاڻي)

عبدالغفار سومرو



ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اڄ شام جو، هو جيئن ئي گهر ۾ گهڙيو، سندس زال کيس ڏسنديئي ٻوٿ بڇڙو ڪري ڪٽيل سبزي جي ٽوڪري ۽ ڇري کڻي رڌڻي ۾ هلي وئي، هو ماءُ سان پيرين پئي مليو،  اڄ هن به کيس گهڻي گرم جوشيء سان ڪونه کيڪاريو، رسمي خوش خير کان پوءِ، ٿيلهو کڻي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو، ٿيلهو ٽيبل تي رکي، بوٽ لاهي پلنگ تي ويهي رهيو، سامهون ڀت تي لڳل ايل سي ڊي تي خبرون هلي رهيون هيون هن ريموٽ کڻي چينل مٽائڻ شروع ڪيا، هڪڙي چينل تي اردو جي مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين تي ڊاڪيومينٽري هلي رهي هئي، ڪو ماڻهو هن جي ڪهاڻين تي ڳالهائي رهيو هو، هن کي ڳالھ ڪونه وڻي، چينل  مٽايائين پنجابي مجرو پئي هليو،  جنهن ۾ هڪ  ٿلهي وزني ٻٻر جي بنڊ جهڙي عورت ٺينگ ٽپا ڏيئي پاڻ تي خلق پئي خلائي ۽ ڏسندڙن جي خون جي گردش پئي وڌائي، جلدي ۾ چينل مٽايائين، هڪ مذهبي ڄاڻ وارو پروگرام پئي هليو جنهن ۾ هڪ مولانا صاحب زالن جي حقن بابت ٻڌائي رهيو هو، هو پورو پنو آواز ڏيئي ريموٽ ڀر ۾ رکي وڏي غور سان پروگرام  ٻڌڻ لڳو، جڏھن پروگرام ختم ٿيو ته هو اٿي رڌڻي ڏانهن هليو ويو جتي سندس زال رات جي ماني پچائڻ ۾ مصروف هئي. 


جوڻس گهڻو رخ ڪونه ڏنس، رڌ پچاء ۾ مصروف رهي، هن ٻانهون ورائي کيس ڀاڪر ۾ وٺڻ چاهيو پر هو ڪم جو بهانو ڪري ٻي پاسي هلي وئي، هن فرج کولي بوتل ڪڍي پاڻي جو گلاس پيتو،

اڳي جڏھن هو ٻي شھر مان نوڪري کان موڪل تي،  هڪ ٻن مهينن کاب پوءِ  ايندو هو ته سڀ گهر وارا سندس سٺي آءُ ڀڳت ۽ کڙ خوشامد ڪندا هئا، خاص ڪري ماءُ  ته اول گهول پئي ٿيندي هيس، ڀاڪر، مٺيون، مزيدار کاڌا تيار ٿي ملندا هئس، پڻس به خاصي ڊھ بڊاھ ڪندو هئس، باقي جوڻس ته کيس در ٽپندو ڏسي ٻلهار پئي ويندي هئس، هو سڀ ڪم ڪار ڇڏي ھار سينگار ڪري وڃي اڳواٽ ڪمري ۾ ويهندي هئي، هو به ماءُ پيء سان ملي پڻس کي جيب مان ڌار ڪري رکيل پئسا ڏيئي، بي قراري وچان زال جي جوڀن ڀري خوشبوء سان واسيل ڪمري ۾ گهڙندو ھو، جيڪا ڊوڙ پائي کيس ڀاڪر ۾ ڀري سندس انگ انگ ۾ خوشبوئن جا خزانا اوتي ڇڏيندي هئي،  پيار محبت جي ورکا ڪندي سندس رڳ رڳ ۾ خون جيان ڊوڙي ويندي هئي،  هو به کيس رات ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بنا تنهن مهل ئي، صفا ٻاري ٺاري ڇڏيندو هو، هو هئي به خوبصورت، هيڪر  ڏسڻ سان ماڻھوء جون  هڙيئي رڳون رباب جيان وڄڻ شروع ٿي وينديون هيون،  تن بدن مان سيسڙات نڪريو ويندا هئا، چپن تي سريلا گيت جهونگارجڻ لڳندا هئا، اکيون ڄڻ جنت جي اپسرائن جو اڱڻ مٽي اينديون هيون،

زال طرفان بي رخي واري ورتاءُ کي هو، هن ڀيري ڪجھ گهڻي دير سان اچڻ جو سبب سمجهي چپ ڪري ويو، سوچيائين رات سندس سڀ شڪوه شڪايتون دور ڪبيون، هو مرڪندو رڌڻي مان نڪري ماءُ وٽ اچي بيٺو، جيڪا سندس ننڍڙي ڌيء کي کٽ ۾ ٻڌل ڪپڙي جي پينگهي ۾  پير سان لوڏي رهي هئي، هو ننڊ پيل ننڍڙي ڌيء جي ڀرسان هيٺ ويهي جهڪي پيار ڪري، ماءُ جي پيراندي کان  ٿي ويٺو ۽  سندس پيرن کي زور ڏيڻ لڳو،  ماڻس کيس سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳي: تنهنجي  زال جو گذريل ڪيترن ڏينهن کان ٻوٿ خراب آهي، هوء هتي اڪيلي رهڻ نه ٿي چاهي، تون به مهيني کان مٿي هن کان دور رهين ٿو، جوان زال آھي، کيس تنهنجي سار سنڀار ۽ ساٿ جي گهرج آھي:

هن ماءُ جي پيرن  کي زور ڏيندي وراڻيو: امان مان ڇا ڪريان،  پرائيويٽ نوڪري  ڀي ڄڻ پرائي ٽوڪري آھي، ايترو پري شھر مان ڪيئن اچان، موڪل به مهيني ۾ رڳو چار ڏينهن ٿي ملي:

ماڻس چوڻ لڳي: پٽ! مان تنهنجي ماءُ آھيان، توکي پنهنجي زال ٻار سان خوش ڏسڻ ٿي گهران، ابا مان سمجهان ٿي ائين ڪم نه هلندو، تون زال کي پاڻ سان ڇونه ٿو وٺي وڃي  گڏ رهائين ؟:

هو ماءُ کي غور سان ڏسڻ، لڳو جيڪا رئي جي پلئه سان ڀرجي آيل اکيون اگهي رهي هئي،

 چوڻ، لڳو: امان! توکي ۽ بابا کي هن عمر ۾ اڪيلو ڪيئن ڇڏي وڃان!:

”پوءِ ڇا ٿي پيو، اسان ايترا به پوڙها ڪونه ٿيا آھيون، مان ته پڻهين کان به پنج سال ننڍي آھيان، هڪڙو ته پٽ ڄڻيو آھي،  تو جهڙو سهڻو سدورو، پڻهين به ڏنڊو ڏاڍو جوان لڳو پيو آھي، پاڻھي ڪمائيندو،  آء ويهي کائيندس ٻيو ڇا!:ماڻس مرڪندي چيو

هو ماءُ جي چهري ۾ ڏسي مرڪندو رهيو، چيائين :امان اڄ نه  هڪڙو ڀاءُ هجي ها ته پوءِ ڪو مسئلو ئي ڪونه هو، يا هڪ ڀيڻ ئي هجي ها ته به ٺيڪ، باقي اهڙي حالت ۾  سٺو نه ٿو لڳي:

“پٽ! اهي الله جا فيصلا آھن، انسان جي هٿ وس ڪجھ به ناهي.” ڪجھ گهڙيون چپ رهڻ کان پوءِ ماڻس وري ڳالهائڻ لڳي: ابا اسان جو فڪر نه ڪر، تون پنهنجي ٻارن کي خوش رک، منهنجي دلي خواهش آھي ته هن ڀيري ٻارن کي ضرور ساڻ وٺي وڃ، اجهو پڻھين به ايندو هوندو، ڪنهن  طريقي سان ساڻس به ڳاله ڪجانء، :

سوچيو ته هن به گهڻائي ڀيرا هو پر ماءُ پيءُ  جي اڪيلائي جو خيال ايندي ئي هو ماٺ ٿي ويندو هو، سندس زال به ڪيترائي ڀيرا خواهش ظاهر ڪئي هئي پر هو ڪنهن طرح نٽائي ويندو هو، هوء به پوءِ رسي پرچي صبر ڪري ويهندي هئي، اڄ جڏھن ماڻس پاڻ اهڙو اظهار ڪيو ته هوبه پيء سان صلاح ڪري ٻار وٺي وڃڻ لاء تيار ٿي ويو

تڏھن پڻس به اچي سهڙيو، پٽ سان ملي کيڪار ڪري زال سا گڏ کٽ تي چڙھي پلٿي ماري ويٺو،  تڏهن هوء  ننهن جي هٿ همرائي جو بهانو ڪري اٿي رڌڻي ڏانهن هلي ويئي، پڻس جو رويو به کيس ڪو خاص ميٺ محبت وارو ڪونه لڳو، اڳي ته هو ساڻس زماني ڀر جون خبرون چارون ڪندو هو، گهر جون، نوڪري جون ۽ ٻني ٻاري جون به سربستيون خبرون ڇيڙي ويهندو هو پر هن ڀيري هو به ڪجھ منجهيل، الجهيل، فڪرمند پئي ڏٺو،

نيٺ هن ماحول ٺاهيندي پيء سان اظهار ڪيو: بابا هڪ صلاح ڪرڻي هئي، جي اوهان اجازت، ڏيو ته هن ڀيري مان ٻارن کي شهر وٺي وڃان، منهنجا ڪجھ  پري جا دوست به فيملي سان رهن ٿا، مون کي به ڪرائي تي جگه آساني سان ملي ويندي، توهان ڏانهن به چڪر هڻندس پيو، خرچ به موڪلي ڏيندس:

پڻس ڪنڌ جهڪائي غور سان سندس ڳاله ويٺي ٻڌي،  ڳاله وڻيس ته ڪونه پر جڏھن ڏٺائين ته پٽينس فيصلو ڪري چڪو آھي ته ناراضگي واري انداز سان وراڻيائين: ابا جيئن تنهنجي مرضي، ڀلي وٺي وڃ ٻار، چڪر پيو ڏجانء  جي روح ٿئي ته، باقي خرچ موڪلڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آھي، اسان مڙيئي گذارو ڪري وينداسين:ايترو چئي جتي ۾ پير پائي اٿي ٻاهر هليو ويو،

 هن رات ٿيندي ئي زال جو پاسو ورتو جيڪا اڃا به  منهن سڄايو پٺيري ستل هئي، هن گهڻو ئي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو پر هو به ڍيٺ ٿي پئجي رهي، لاچار پٺي پاڏون ڀاڪر ۾ ڀري  ٽنگون ورائي سوگهو ڪيائنس، ڪنڌ هيٺان ٻانهن ورائي، منهن ڦيري سندس چهري کي چمڻ لڳو، هن جي اکين مان ڳوڙها ڪونجن قطارن جيان اڏائي اچي ڳلن جي پٽ تي لٿا، هٿ تريء سان سندس ڳوڙھا اگهندي پڇيائينس:جاني قسم ٿئي منهنجو ٻڌاء ڇا ٿيو ٿئي:

هن بوڇڻ جي پلئه سان منهن صاف ڪندي، نهڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو،

هو سندس ڳلن تي وري آيل وارن جي چڳن کي سنوارڻ لڳو،  هيٺين چپ جي پاسي ۾ اڪيلي تر کي چميون ڏيڻ لڳو، پوءِ به هو بي سڌ،  بي احساس ڇت ۾ گهوريندي رهي، هن سندس ڪن جي پاپڙي ۾ چڪ هڻدي کيس ٻڌايو ته:هن ڀيري هو کيس ۽ ننڍڙي ڌيءَ کي پاڻ سان شهر وٺي ويندو:

تنهن مهل هوءَ اکيون کڻي هن جي چهري ۾ ڏسڻ لڳي؛

“تنهنجو قسم سچ ٿو چوانءِ، مون بابا ۽ امان سان به ڳالهايو آھي، جاني هاڻي مان تو کان دور رهي نه ٿو سگهان!”

هو کيس ڀاڪر وجهي ڳل ملائي اکيون بند ڪري پئي رهيو، تنهن مهل هن به پاسو ورايو، ڀاڪر وجهي پنهبجا چپ هن جي چپن تي رکي ڇڏيا، هو موقعي جي نزاڪت کي سمجهندي سندس چپن جي ڪنارن تي پنهنجي چپن کي پنڌ ڪرائڻ لڳو.

مٽن مائٽن، يار دوستن سان ميل ملاقت ڪندي، چار ڏينهن گذرندي چار گهڙيون ئي ڪونه لڳيون،  هو ضروري سامان ڪپڙي لٽي جي بيگ کڻي، زال ۽ ننڍڙي ڌيء کي وٺي، ماءُ پيءُ کان موڪلائي شهر اچي پهتو.

هن جي شھر وڃڻ واري ڏينهن، رات جو ماڻس چڱي طرح تڙ شڙ ڪري هلڪو ڦلو ميڪپ ڪري اچي مڙس جي ڀر۾ ويٺي، هو ٻانهن سان منهن ڍڪيون پير ڊگهيريو ستو پيو هو، زال کي ڀر ۾ ويهندو ڏسي اٿڻ لڳو، هوءَ کيس ڀاڪر ڀري چنبڙي پئي، ڌڪو ڏيئي پاڻ ڇڏائي اوچتو پٺي وارا ٻه چار زوردار چنبا وهائي ٻاهر نڪتو هليو ويو.

هوءَ ڌڪ پچائي، لڱ سهسائيندي، سوچڻ لڳي: ظالم جو هٿ ته ڪيڏو ڳرو آھي، ڄڻ لوهارڪو هٿوڙو، مئي کي ننهن جي گهر مان نڪري وڃڻ جي ڪاوڙ آھي، چڱو ٿيو جو ڇوري هتان نڪتي نه ته هي بيهودو ته جڳ ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل به نه ڇڏي ها، ڇوري ويچاري به ڪيترو پنهنجو بچاءُ ڪري ها ۽ مان به ڪيتريون راتيون جاڳي پهرا ڏيان ها چڱو ٿيو لٿو لڙ، پٽ جي، عزت ته بچي، هي ڪيستائين ڪاوڙ ڪندو.

ڪم ته وري به پنهنجو ئي گهر ايندس: هوءَ پير ڊگها ڪري سڪون جي ننڊ سمهي رهي.

 


(نوٽ: ڪهاڻيڪار جو تعارف

پورو نالو: عبدالغفار سومرو

پيءُ جي نالو: پير محمد سومرو

ادبي نانءُ: غفار سومرو

جنم: ۰۱-۰۱-۱۹۷۴

هنڌ: ڳوٺ ستار ڏنو ڊکڻ سومرو تعلقه ڏهرڪي ضلع گھوٽڪي

تعليم: بي اي، بي ايڊ

ادب سان دوستي: ۱۹۸۸ء کان جڏهن اٺين درجي ۾ پڙهندو هيس.

 بنيادي ميمبر سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي.

ڇپيل ڪتاب:

۱. جيڪو پيءُ کي پڳ ٻڌاءِ: ٻاراڻيون ڪهاڻيون

۲. لالچي ڪانءُ: ٻاراڻيون ڪهاڻيون.

۳. جاڳو جاڳو : ناول

۴. ننڍ پڻ جون ڳالھيون ( شخصيتون)

 (مهراڻ اڪيڊمي شڪاپور)

اسلامي اصلاحي سچيون ڪهاڻيون (ترجمو)

۵.ڪهاڻي ڪتاب، تياري هيٺ،

ان کان سواءِ ٻاراڻي ادب تي ڪجھه ڪتاب ترتيب هيٺ.)

No comments:

Post a Comment