Wednesday, November 10, 2021

پکين جو شڪار - غفار سومرو

پکين جو شڪار

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



هو پنهنجون ٻئي ٻانهون، پٺيءَ پويان ورائي، کاٻو هٿ ساڄي هٿ ۾ ڏيئي، ٽپهريءَ کان ئي اڀي پير پنهنجي ڪچي اوڏڪي ڀتين واري اوطاق جي پڪي فرشي سرن واري اڱڻ تي ڦيرا پائيندي اچ وڃ ڪري رهيو هو.

شديد اوسئڙو، ڳڻتي، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي حالت ۾ کيس هڪ جاء تي ويهڻ ڪو نه ٿي آيو. هر هر سندس نظرون اوطاق جي وڏي دروازي ڏانهن کڄي ٿي ويون ۽ ڪاٺ جي بند طاقن سان ٽڪرائجي ناڪام واپس ٿي وريون.


ڪهڙي مهل چڪر ڏيندي، موڙي تي اچي ٿي ويٺو ۽ انتهائي ڳڻتي فڪرات وچان ساڄي هٿ جي پٺي کاٻي  هٿ جي کليل تريء تي هڻندي چپن ئي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو ٿي رهيو “نظرو! ڪاڏي وڃي مئو آھين. ايڏي دير؟!”

هو، نظروءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو، چپن ۾ چڪ پائيندو ٿي رهيو.

جهٽ گهڙي موڙي تي ويهڻ کان پوءِ، وري اوطاق جي بند دروازي تائين وڃي هڪ طاق کولي ٻاهر نهاري موٽي ٿي آيو ۽ اچي موڙي تي ويٺو. ڪي پل ويهڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر حسرت وچان دروازي ڏانهن نهاريندي، اٿي بيٺو. اوطاق اندر، ڪمري ۾ وڃي کجيءَ جي واڻ سان واڻيل کٽ تي اڌ ليٽي، ڄنگهون هيٺ لڙڪائي، وهاڻي تي مٿو رکي، هڪڙي ٻانهن ورائي نراڙ مٿان ڏيئي، سمهي پيو. اکيون بند ڪندي، خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي “ڪلف ڏنل ڪاٽن جي سفيد جوڙي، انگلش بوٽ پهريل، مٿي تي بوسڪيءَ جي پڳ! هٿ ڪرائي ۾ راڊو واچ ٻڌل! وڏي شاهي بنگلي ۾ نوڪرن چاڪرن کي ڪتن، ڪڪڙن، تترن ۽ گهوڙن جي خدمت ۾ لڳائي هٿيارن سان ليس، پاڻ باڊي گارڊ جي پهري هيٺ وڏي قيمتي ڊبل ڪيبن پيراڊو گاڏي ۾ ويھي پنهنجي تر جي وڏيرن سردارن سان برُ ميچڻ ۽ عوام تي ڌاڪو ڄمائڻ  لاءِ گهمندو رهيو.”

خيال ٽٽڻ تي، ٻي گهڙي مٿي تان هٿ هٽائي ٿڌو شوڪارو ڀري، ڪمري ۾ ٻرندڙ بلب جي هيڊي روشنيءَ ۾ اجڙي ويل بي رنگ ديوارن، ڪاٺ جي پراڻن درن، درين ۽ گارڊر ٽي آئرن پيل، سرن سان جڙيل ڇت ڏانهن نهاريندي اٿي ويٺو. تنهن مهل ٻاهر کڙڪو ٻڌي هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. مين دروازي ڏانهن نهار ڪيائين. ڀورو جهنگلي ٻلو جهپ هڻي سندس پاليل خاص نسل جي ٻن چلهن مان هڪ وات ۾ کڻي وٺي ڀڳو. هن هلا هلا گهڻي ڪئي پر ٻلو ڀت تان ٽپ ڏيئي، ٻاهرئين پاسي هليو ويو. هو هٿ مهٽيندو، توائيءَ مان ٻيهر ڪمري ڏانهن وڃڻ بجاءِ اتي ئي مين دروازي ڏانهن منهن ڪري، موڙي تي ويهي رهيو. ۽ اندر ئي اندر ۾ ڪڙھندي پنهنجي اڪيلي نوڪر نظروءَ کي گنديون گاريون ڏيندو رهيو. جنهن کي وڏي سج بيٺي ئي هڪ تمام اهم ڪم سان موڪليو هئائين. جنهن ڪم ٿيڻ سان هو ڪک پتي مان لک پتي ٿيڻ وارو هو.

هو ڪو وڏيرو يا سردار ته ڪو نه هو پر هڪ ننڍو زميندار، مڇي مانيءَ لائق، ڳوٺ جو چڱو مڙس ضرور هو. جنهن کي ڏکيءَ سکيءَ ۾ ڪي ڳوٺ وارا اچي سڏ ڪندا هئا. پر گهڻا تڻا سندس سلام جو جواب به ڪو نه ڏيندا هئا. هن جو، مٿن گهڻو دڙڪو داٻ يا رعب تاب به ڪو نه هلندو هو. جنهن جو کيس گهڻو افسوس رهندو هو.

ويجهي تر جي ڪجھ وڏيرن سردارن جو ٺٺ ٺانگر ڏسندي هاڻ کيس به اچي ڇتو شوق جاڳيو هو ته هو به انهن وڏيرن ۽ سردارن وانگر علائقي جي اٿي ويٺي، ٻڌي ڇوڙي ۽ اڇي ڪاري جو مالڪ ٿئي. پئسو پاور، وڏيرپ وڌي. ستت سرداري سنڀري ۽ اثر رسوخ قائم ٿئي.

نومبر مهيني جي شروعاتي ڏيهاڙن جو سج، روزانو جيان اڀري، هاڻ لهي چڪو هو. چؤطرف اونداهيءَ جي ڪاري چادر وڇائجي رهي هئي. هلڪي اتر واءُ گهلڻ سان ٿڌڪار ٿيندي پئي وئي. پر پوءِ به رڳو شلوار قميص ۾ کيس سيءُ صفا ڪو نه پئي لڳو. رهندو جسم ۾ گرمائش پئي محسوس ڪيائين.

ڳوٺ، چڱو خاصو وڏو هو، جنهن ۾ سؤ سوا گهر آباد هئا. رهاڪو، گهڻو تڻو رهڪي پوکي ۽ ٻني ٻاري وارا هئا. ڪي نوڪري پيشا ۽ ننڍي وڏي ڪاروبار وارا به هئا. شام ٿيندي ئي هر ڪو پنهنجن گهرن ۾ اچي ٿانئيڪو ٿيندو هو. هيڪڙ ٻيڪڙ ماني ٽڪي کائي اوطاقن تي يا ننڍن دڪانن تي ويهي جهٽ گهڙي ڪچهري ڪندا هئا. ور نه ته گهڻا ماڻھو، مند سارو، سر نسرڻ سان ئي، سنجهي جو ئي گهرن جو پاسو جهليندا هئا.

کيس هيکلو اوطاق ۾ ويٺي، گهڻو وقت گذري چڪو هو. سومھڻيءَ جون ٻانگون به اچي ويون ھيون. هر پاسي خاموشيءَ جو راڄ قائم ٿي چڪو هو. ڪنهن ڪنهن مهل، پري ڪنهن گهٽيءَ مان ڪتن جي ڀؤنڪڻ جو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرائجي ٿي ويو. 

اوطاق جي پٺيان، گهر ڏانهن کلندڙ دروازي تي سندس زال پاران گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻي مانيءَ جو پڇڻ لاء ٻه ڀيرا اچي چڪي هئي. پر هن کيس پري کان ئي، اشاري سان منع ڪري ڇڏي هئي.

جيب مان سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ ماچس ڪڍي هڪ سگريٽ چپن ۾ ڦاسائي تيلي ٻاري دکايائين ۽ هڪ ڊگهو ڪش هڻندي نظروءَ تي خار کائيندو رهيو؛ “حرام خور الائي ڪٿي گم ٿي ويو آھي!”

هو جلدي جلدي سگريٽ مان وڏا ڊگها ڪش هڻندو رهيو ۽ دونهون ڪڍندو رهيو. رکي رکي هن کي پنهنجي ان نئين پرديسي دوست سان ڪيل صبح وارو واعدو ياد ٿي آيو. جيڪو هيل به تر جي وڏيري جي دعوت تي ويجهو ئي سندس ڪيٽيءَ تي ترسيل هو. گذريل سال انهيءَ مند ۾ وڏيري پاران شڪار جي دعوت تي ساڻس دوستي ٿي هيس. کيس چڱيءَ پر سُڌِ هئي ته وڏيري پاران ھر سال نومبر ۾ ان پرديسي دوست جي چڱيءَ پر مزماني ڪرڻ سبب ئي ته هو ڪک پتي مان لک پتي ٿي پيو هو.

هو سگريٽ ڇڪيندي، وات ۽ نڪ جي ناسن مان دونهان ڪڍندي سوچيندو رهيو ھو؛ “مان به  ڳوٺ جو چڱو مڙس ته اڳي ئي آھيان. هڪ ڏينهن نيٺ وڏيرو به ٿيندس ته ستت ئي پوءِ سردار به سڏبس!” هن جي چپن تي اڻ لکي مرڪ تري آئي ۽ هن ٻيهر هڪ ڊگهو ڪش هنيو ۽ چپ ٻڙي شڪل ۾ ٺاهيندي، ڦوڪ ڏيئي دونهين جي لاٽ مٿي فضا ۾ اڏاري ڇڏي.

سندس نظرون، دروازي ۾ کتل رهيون. بيقراريءَ وچان موڙي تي ويٺي پاسا ورايائين. نوڪر نظروءَ جو بي صبريءَ سان انتظار ٿي ڪيائين ۽ دل ئي دل ۾ کيس ڪچيون گاريون ويٺي ڏنائين. 

“اهو نظرو ڪميڻو الائي ڪٿي وڃي مئو آھي!؟ اڄ اچي ته ڇنڇري لاهيانس. ڀيڻسان ايڏي دير!” هن ڪاوڙ وچان سگريٽ مان هڪ ٻيو وڏو ڪش هنيو ۽ آڱر جي ٺڪاءَ سان پري  اڇلي ڇڏيو ۽ پاڻ به اٿي وري دروازي ڏانهن ڏسندي، اڱڻ تي اچ وڃ ڪندي، اڇليل سگريٽ مٿان لت رکي، چپل سان رڳڙو ڏيئي ڇڏيائين.

پريشانيءَ ۽ انتظاريءَ جي عذاب کان سندس مٿو درد ڪرڻ لڳو ۽ نڙي خشڪ ٿيندي وئي. هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمري ۾ هليو ويو ۽ ديوار ۾ لڳل ڪٻٽ منجهان سستي شراب جو آڌيو ڪڍي، ٻوچ کولي، بيٺي پير ئي ٻه چار وڏا ڍڪ ڀري ورتائين. شراب، سندس نڙي ساڙيندي پيٽ ۾ لهي وئي. تنهن مهل، ٻاهرئين دروازي جي کلڻ جو آواز، ڪنن تي پيس. هو شراب جي شيشي اڌڪي سڌڪي بند ڪندي، اتي ئي کٽ تي اڇلي، ٻاهر ڀڳو. سامهون نظرو ٿڪل قدم، ڪنڌ هيٺ، ٻانهون ڇڏي، ڍريون وکون کڻندو پئي آيو. هو ذري گهٽ ڊوڙندو هن وٽ پهتو ۽ ٻانهن کان ڌونڌاڙيندي اتاولو ٿي پڇيائينس؛ ”نظرو! ڇا ٿيو ڪم جو!؟”

نظرو چپ چاپ ڪنڌ لڙڪايو زمين ۾ نظرون کپايون بيٺو رهيو. 

“نظرو بڪ به سهي، منهنجي ڪم جو ڇا ٿيو!؟ ايڏي دير ڪٿي هئين!؟”

نظرو ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي تمام جهيڻي آواز ۾ وراڻيو؛ ”ڀوتار! ڪم ڪو نه ٿيو.”

“ڇا!؟ ڪم ڪو نه ٿيو؟ تو کان ڪم ڪو نه ٿيو؟!؟!؟! ايترو معمولي ڪم! ڊاڙ ته وڏي هڻي ويو هئين!”

نظرو ساڳيو ئي ڪنڌ هيٺ، دٻيل آواز ۾ جواب ڏنو؛ ”ڀوتار منهنجي زال منهنجو چيو ڪو نه ڪيو!”

“هي ته وٺ. لک جي لعنت هجيئي!” هن نظروءَ کي گهروڙي بجو ڏيندي چيو؛ “ڀيڻسان رن مريد! ڪميڻا!”

هو گاريون ڏيندو هڪ ڀيرو ٻيهر اڱڻ تي اچ وڃ ڪرڻ لڳو. گهڙي کن بعد هو وري اچي خاموش ڪنڌ جهڪيل نظروءَ اڳيان بيٺو. سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيائين؛ “نظرو! هل مون سان، مان ٿو تنهنجي جوءِ کي سمجهايان ته رڳو هڪڙي رات جي ڳالھ آھي، پاڻ سڀئي مالا مال ٿي وينداسين!”

نظرو، پهريون ڀيرو مٿي منهن ڪندي وراڻيو؛ ”ڀوتار! نه وڃ. منهنجا ڇوڪرا پنهنجي گهر جي عزت بچائڻ لاءِ ڪهاڙيون لٺيون کنيو دروازي تي پهرو ڏيئي رهيا آھن.”

هن ڪهاڙين جو نانءُ ٻڌو ته نظروءَ جي ٻانهن مان هٿ کڻي ڪڍيو. پوءِ ميار واري لهجي ۾ چوڻ لڳو؛ ”اڙي ڀاڙيا! خالي هٿ لوڌيندو آيو آھين! ٻيو نه ته هيڏي ساري ڳوٺ مان ئي ڪو چڱو مال هٿ ڪري اچين ها.”

نظرو ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي وراڻيو؛ ”سائين! پر سال هن ئي مند ۾ عرب شڪارين هٿان آميءَ ۽ ڦاپيءَ جي موت کان پوءِ سڀ ڳوٺ وارا سجاڳ ٿي پيا آھن. هر ڪو پنهنجي گهر تي قابو ٿي ويهي رهيو آھي!”

هو نظروءَ جو جواب ٻڌي، وري ٽهلڻ لڳو. پنهنجي مٿي تي بوسڪيءَ جي پڳ ٻڌڻ کان اڳ ئي لهندي ۽ غير ملڪي ڪرنسي هٿن مان کسڪندي ڏٺائين. ٺٺ ٺانگر! وڏيرپ ۽ سرداريءَ جا خواب چڪنا چور ٿيڻ لڳس.

هو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان، نظروءَ کي اتي ئي ڇڏي، انتهائي مايوسيءَ وچان اهو سوچيندي اوطاق جو پٺيون درواز اڪري گهر اندر هليو ويو ته؛ “هن سال نه کڻي ته آئينده سال پڪ سان اڳواٽ پرديسي دوست لاءِ ڪنهن خوبصورت نوجوان ننڍي نيٽي ناريءَ جو انتظام ڪري ڇڏبو......

گهر اندر پهتو ته سامهون سندس نوجوان خوبصورت ڌيءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ پڙھندي ڏٺائين. هن به کيس ڏسي، مٿي تي بوڇڻ ٺاهيندي کيس مرڪي ڏٺو. هو سندس ويجهو وڃي مٿي تي هٿ رکي، پاڻ گهليندو پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويٺو. ڀر سان ٻئي پلنگ تي سندس زال ننڊ ۾ الوٽ لڳي پئي هئي. جهٽ ڪو نه گذري ته سندس ڌيءَ هن جي اڳيان ماني ۽ پاڻيءَ جو گلاس آڻي رکيو. واپس وڃڻ لاءِ جيئن هوءَ پٺتي تي وري، تڏھن اوچتو سندس نظر ڌيءَ جي خوبصورت پٺ تي پئي ۽ اوچتو هڪ خيال سندس ذهن مان ٺڪاءُ ڏيئي گذري ويو. کيس ڪنهن ماڻھوءَ جي چوڻي ياد آئي؛ “تر جا وڏيرا ۽ سردار، پرديسي دوستن جي شڪار جي ميزباني ڪندڙ صرف پکين نه پر پنهنجي عزت ۽ غيرت جي شڪار جو به بندوبست ڪندا آهن.”

سندس چپن تي هلڪي مرڪ وري آئي. آئينده سال تائين انتظار ڪرڻ جي خفي کان بچڻ جو حل کيس ملي ويو هو. هن، اڳيان رکيل ماني سوري، هڪ پاسي رکي ۽ چپل ۾ پير وجهي ڌيءَ جي ڪمري ڏانهن وک وڌائي!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment