Wednesday, November 10, 2021

ماها خان فلپس جو ناول دي ڪرس آف موهن جو دڙو - ڪليم ٻُٽ

ماها خان فلپس جو ناول دي ڪرس آف موهن جو دڙو

ڪليم ٻُٽ



مذهبي ٽولن (cults) يا ڳجهن سماجن (secret societies) تي دنيا ۾ ڪيترا ئي ناول لکيا ويا آهن، جن ۾ اهو ڄاڻايو ويندو آهي ته  ڪنهن خاص گروهه جا ڪهڙا عقيدا آهن ۽ اهي صدين کان انهن عقيدن جي ڪهڙي نموني حفاظت ڪري رهيا آهن. ڪلٽ ماڻهن جو اهڙو گروهه هوندو آهي جنهن جا عقيدا عام مروج عقيدن جي خلاف نظر ايندا آهن، اهو گروهه ڪنهن شي، ماڻهو يا ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جستجو مان روحاني سڪون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.


دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ڪلٽ عيسائيت واري مذهب ۾ ملن ٿا، ان ۾ ڪيترا ئي اهڙا گروهه ۽ ٽولا آهن جن جا عقيدا عام عيسائين کان صفا الڳ آهن. ڪي ڪنهن خاص قسم جي صليب جي حفاظت ڪندا اچن ۽ سندن عقيدو آهي ته هي اها ئي صليب آهي جنهن تي مسيح کي ٽنگيو ويو هو، ڪي وري ڪجهه مخصوص ٿائون جي حوالي سان عقيدو رکندا آهن ته انهن ۾ ميسح سندس ساٿين سان آخري ماني کاڌي هئي، يا وري هولي گرل جي ڳولا ۾ لڳل هوندا آهن. انهن گروهن تي ڊين برائون جي ناولن اينجلس اينڊ ڊيمنز، دي ڊاونچي ڪوڊ، دي لاسٽ سمبل وغيره ويجهڙ ۾ سموري دنيا ۾ مشهوري ماڻي آهي. ان کانسوا ٻيا به ڪيترا ئي ناول ان موضوع تي لکيا ويا آهن ۽ ڪيتريون ئي فلمون به ٺاهيون ويون آهن. اهڙو ئي هڪ ناول “دي ڪرس آف موهن جو دڙو” به آهي جيڪو ماها خان فلپس جو لکيل آهي.

ماها خان فلپس ڪراچي ڄائي صحافي آهي، هو هن وقت لنڊن ۾ رهي پئي، هن لنڊن جي يونيورسٽي مان تخليقي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري ڪئي آهي. جڏهن ته صحافت ۾ هو معاشي ۽ سياسي تجزيه نگار طور مشهور آهي. ماها جو پهريون ناول “بيوٽيفل فرام دس اينگل” سال ۲۰۱۰ع ۾ پين مڪملن ڇپرايو، جڏهن ته سندس هي ناول به انهي اداري سال ۲۰۱۶ع ۾ ڇپرايو. هي ۴۵۰ صفحن جي لڳ ڀڳ ناول هڪ اهڙي گروهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري ان مان قديم دور جي هڪ ڳاڙهي پٿر کي ڪڍي ان جي طاقت استعمال ڪري دنيا تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو.

هي ناول ٻن ويڳين ڀيڻن ليلى ۽ ناديه جي ڪهاڻي آهي، جيڪي آمريڪا ۾ وڏيون ٿيون آهن، سندن پي سهيل اصل ۾ پاڪستاني آهي، جيڪو هڪ اهڙو گروهه (ڪلٽ) تيار ڪري ٿو جنهن جو عقيدو آهي ته اهي ملوها (موهن جو دڙو) نالي شهر ۾ هڪ اهڙو پٿر لڪل آهي جنهن جي طاقت سان پوري دنيا تي حڪمراني ڪري سگهجي ٿي، هن گروهه کي آمريڪا مان تڙي ڪڍيو وڃي ٿو ۽ سهيل لياري ۾ اچي پنهنجو هيڊ ڪائوٽر ٺاهي ٿو. ان کانپو هو آرڪيالاجي جي هڪ ٽيم کي موهن جي دڙي جي ٻيهر کوٽائي لا گهرائي ٿو جنهن ۾ سندس ڌي ليلى به آهي، ناول جي شروعاتي باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته کوٽائي ڪندڙ ٽيم کي هڪ ڳاڙهو پٿر ملي ٿو، جنهن مان تپش نڪري ٿي، اهو پٿر شڪاري نالي ان ديوي جو آهي جيڪا ان وقت موهن جو دڙو جي حڪمران هئي. ليلى ۽ سندس ساٿي سائيٽ تي کٽائي جي ريڪارڊنگ به ڪن ٿا، جيئن ئي هنن کي اهو ڳاڙهو پٿر هٿ اچي ٿو ته اوچتو سائيٽ تي هڪ ڌماڪو ٿئي ٿو.

 انهي پٿر ۾ خاص طاقت آهي جنهن کي حاصل ڪري سهيل سموري دنيا تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ گهري ٿو.

اها ريڪارڊنگ ناديه تائين پهچي ٿي، ان کي ڏسي هو وائڙي ٿي وڃي ٿي ۽ ڀيڻ کي بچائڻ لا سنڌ اچي ٿي. سنڌ پهچڻ کانپو کيس خواب اچڻ لڳن ٿا جن ۾ هو ڪنهن مائي کي ڀڄندو ڏسي ٿي. ناديه خوابن وسيلي ۳۸۰۰ ق. م جي آباد شهر ملوها (Meluhha) ۾ گهمڻ لڳي ٿي، جتي هو جيا ديوي جي زندگي کي محسوس ڪري ٿي ۽ ائين ناول ٻن زمانن ۾ گڏ گڏ هلي ٿو ۽  هو ڏسي ٿي ته ڪهڙي نموني جيا هڪ همراهه سان جان بچائي شهر کان ڀڄي وڃي ٿي.  رڳو جيا ۾ ئي اها طاقت آهي ته شڪاري جي ان ڳاڙهي پٿر جي ڳجهن کي پڙهي سگهي، شهر ۾ پوڄارين ۽ حڪمرانن خلاف بغاوت شروع ٿي چڪي آهي.

هن ناول جي هڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته ٻنهي زمانن جي ڪهاڻي گڏوگڏ اڳيان وڌندي رهي ٿي، هڪڙو باب ماضي جي معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو ته ٻيو باب وري موجوده صورتحال تي روشني وجهي ٿو. ٻيو ناول ۾ انساني نفسيات جو هڪ عجيب پاسو ڏيکاريو ويو آهي، اهو هي ته ازل کان وٺي اڄ تائين انسان طاقت جو بکيو رهيو آهي، هر وقت هو ڪنهن اهڙي طاقت جي ڳولا ۾ رهيو آهي جنهن جي مدد سان هو ٻين انسانن تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪري سگهي، سموري دنيا کي پنهنجو غلام بڻائي سگهي ۽ اهڙي قسم جي طاقت حاصل ڪرڻ لا هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. 

 هي ناول سنسني خيز واقعن، تاريخ ۽ نفسيات سان ڀريل آهي، جڏهن ته ڪهاڻي اهڙي ته تيزي سان اڳيان وڌندي رهي ٿي جو پڙهندڙ جي دل ان مان هٿ ڪڍڻ تي نٿي چئي. هن ليکڪه جو انداز تاريخ ۽ ڳجهن سماجن تي ناول لکندڙ ليکڪ ڊين برائون سان ملندڙ لڳي ٿو، ناول پڙهندي ڪٿي ڪٿي اهو به احساس ٿئي ٿو ته ليکڪه ڊين برائون کان گهڻي متاثر آهي. ان هوندي به اسان سنڌين لا خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي تهذيب ۽ اسان جي تاريخ به افسانوي ادب ۾ محفوظ ٿي رهي آهي. اسان کان تاريخ، واقعا، ماڳ مڪان ته وسري سگهن ٿا، پر اسان کان ڪهاڻي ڪڏهن به نٿي وسري سگهي ۽ جيتري تائين هن ناول جي ڪهاڻي ياد رهندي ايتري تائين اسان جي تاريخ، تهذيب ۽ موهن جو دڙو سان گڏ ڪراچي جهڙن شهرن کي به ياد رکيو ويندو.

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment