بدليل صورتحال ۽
گذريل ڏهاڪي جي سنڌي ڪهاڻي
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
سنڌي ساهتيه ۾ ڪنهن حد تائين ان
راءِ سان هم شريڪ ٿي سگهجي ٿو ته شاعريءَ کانپوءِ ڪهاڻي ئي
ادب جي هڪ سٻل ادبي صنف آهي. سنڌي ڪهاڻي ارتقا پذير آهي ۽ سدائين حالتن ۽ ماحول جي
اثر هيٺ لاڳيتو ارتقائي عمل ۾ آهي. 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي اوائلي نموني
جي شروعات ٿي ۽ 20 صديءَ ۾ مواد ۽ اڻت بڻت جي لحاظ کان ڪهاڻيءَ ۾ انيڪ/ اڪيچار
تجربا ٿيا. ڪهاڻيءَ جي مختصر ڪئنواس ۾ حياتيءَ جا ڪيترائي رنگ ڀريا ويا آهن. مان
اهو عرض ڪري چڪو آهيان ته هيءُ رجحان قديم به آهي ته جديد به. اهو ان ڪري جو انسان
ازل کان ئي پاڻ کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان رهيو آهي. جديد علم جي ادب به ان ڪوشش
جو ئي نتيجو آهي. اڳتي هلي انهيءَ قديم ۽ جديد تجربي جي روشنيءَ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ کي
سمجھڻ جي ڪوشش ڪبي.