Thursday, June 29, 2017

بدليل صورتحال ۽ گذريل ڏهاڪي جي سنڌي ڪهاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

بدليل صورتحال ۽ گذريل ڏهاڪي جي سنڌي ڪهاڻي
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
سنڌي ساهتيه ۾ ڪنهن حد تائين ان راءِ سان هم شريڪ ٿي سگهجي ٿو ته شاعريءَ کانپوءِ ڪهاڻي ئي ادب جي هڪ سٻل ادبي صنف آهي. سنڌي ڪهاڻي ارتقا پذير آهي ۽ سدائين حالتن ۽ ماحول جي اثر هيٺ لاڳيتو ارتقائي عمل ۾ آهي. 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي اوائلي نموني جي شروعات ٿي ۽ 20 صديءَ ۾ مواد ۽ اڻت بڻت جي لحاظ کان ڪهاڻيءَ ۾ انيڪ/ اڪيچار تجربا ٿيا. ڪهاڻيءَ جي مختصر ڪئنواس ۾ حياتيءَ جا ڪيترائي رنگ ڀريا ويا آهن. مان اهو عرض ڪري چڪو آهيان ته هيءُ رجحان قديم به آهي ته جديد به. اهو ان ڪري جو انسان ازل کان ئي پاڻ کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان رهيو آهي. جديد علم جي ادب به ان ڪوشش جو ئي نتيجو آهي. اڳتي هلي انهيءَ قديم ۽ جديد تجربي جي روشنيءَ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪبي.


ٻاهريان-اندريان طوفان، ڏک، سک، لڙڪ-مرڪ، آشا-نراشا جي داخلي-خارجي ميلاپ سان ئي ڪلا جنم وٺي ٿي. وارداتون، احساس، انڀوتي ۽ ڪيفيتون جيترو جديد هونديون ۽ وري جي انهن کي شعوري ڏانءُ حاصل ٿئي، ته عمدو ادب تخليق ٿيندو.
سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ اڳين صديءَ جي سٺ واري ڌهاڪي جي پڄاڻيءَ کان اٺين ڏهاڪي جي وچ ڌاري تائين سمورو عرصو سنڌي ادب جي تاريخ ۾نهايت ئي اهم آهي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو.ان عرصي ۾ لکيل ڪهاڻين، ادبي فضا ۾، تخليق کي بيٺل دٻي مان، قديم روايت پرستي، بدلجندڙ وقت سان غير همواريءَ جي احساس مان ٻاهر ڪڍي، هڪ نئون ۽ انوکو موڙ ڏنو.، ان دور ۾ لکيل ڪهاڻين تي سارتر جي وجوديت واري فلسفي، البرٽ ڪاموءَ جي ائبسر ڊٽي ۽ ڪافڪا جي غير يقيني وغيره جي ڇاپ ملي ٿي. ان دور ۾ تخليق ڪيل ڪن ڪهاڻين جو واسطو شعور جي وهڪريthe stream of unconsciousness  سان جوڙيو ويو. ۽ ڪن ڪهاڻين کي ائنٽي اسٽوري ۽ ائبسرڊ اسٽوريءَ جي ليبل به لڳائي ويئي.
سن 1920ع واري جيمس جايسJames Joyce  ورجينيا وولفVirginia Woolf  ۽ ڊي ايڇ لارينس پنهنجين رچنائن ۾ ڪهاڻيءَ جي روايتي تاڃي پيٽي کي شعور جي وهڪري سان ڀڄي ڀوري ڇڏيو.قلمڪار سچ ۽ مفهوم جي تلاش جڳت جي ٻاهرين صورتحال ۾ نه پر سڌو من جي ڪشمڪش ۽ اندر جي سوچ ۾ ڪرڻ لڳا. ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿا انش جي صورت ئي بدلجي ويئي. هن ڌارا جي قلمڪارن جو سماج مان وشواس ئي نڪري چڪو هو. هونئن به اڄ جي نئين صورتحال ۾ شخص غير سماجي ۽ انتر مکي وڌيڪ بڻجي ويو آهي.
اهو صحيح آهي ته ڪهاڻي، زندگيءَ مان اُڀري ٿي ۽ زندگيءَ جي ڀانٽ ڀانت پهلو پاڻ سان کڻي هلي ٿي. پر هتي اها ڳالهه سمجھڻ کپي ته زندگي هڪ هنڌ بيٺل ڪانهي، بدلجندڙ آهي. ان ڪري ڪهاڻيءَ جو روپ به بدلجندڙ آهي اهو دائم ڪونهي. هينئر ڪهاڻيءَ جي بناوٽ، ڪٿا، عبارت ۽ مقصد بدلجي ويا آهن. اڄ سنڌي ڪهاڻي ترقي پسند/مارڪسواد جي ڌٻڻ مان ٻاهر نڪري، رومانوي دور جو سئر ڪندي، نئين ڪهاڻي/اڪهاڻيءَ جون منزلون طئي ڪندي جديديت/بعد جديديت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي. پر مان سمجھان ٿو ته ادب ۾ نالن ۽ نعرن کي ڪا خاص اهميت ڪانهي اهو ضروري ناهي ته هر تجربو اڳتي هلي مقبوليت ماڻي. ضروري اهو آهي ته پڙهندڙن اڳيان اُهي چيزون ميسر ڪيون وڃن جيڪي پڙهندڙن کي پنهنجون لڳن. اڄ ڪهاڻي وري پٺيان موٽڻ لڳي آهي. پڙهندڙ هاڻي ان ۾ ڪهاڻي ۽ ڪرداريت تلاشڻ لڳا آهن. گذريل ڏهاڪي جي سنڌي ڪهاڻيءَ جو جڏهن بدليل حوالن ۾ اڀياس ٿو ڪجي ٿو ته پڙهندڙ کي ملي ٿي واردات واري ڪهاڻيstory of piot  ڪردار واري ڪهاڻي story of idea، ماحول واري ڪهاڻيstory of atmosphere ۽ منو وگيانڪ ڇيد واري ڪهاڻي story of pscho-analysis.
گذريل ڏهاڪي ۾ جھونن ڪهاڻي ڪارن کان علاوه کي نوان ڪهاڻي-نويس به ادبي سطح تي اُڀريا آهن، تن جي ڪهاڻين کي پرکڻ ضروري آهي، اڳين اديبن ۾ تارا، ڪلا، هري همٿاڻي،لکمي نامديو، هيرو شيوڪاڻيءَ جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.انهن اديبن جون نيون پراڻيون ڪهاڻيون به هتي، هتي ڏسڻ ۾ اينديون آهن. انهن ڪهاڻيون لکڻ لڳ ڀڳ بند ڪري ڇڏيون آهن. وڏي عمر ۽ پڙهندڙن جي کوٽ به ان جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. پريم پرڪاش جون ڪي عمديون ڪهاڻيون آيل آهن،پر هينئر هو ٻين ادبي مشعولين ۾وڌيڪ مصروف ٿو رهي ۽ هيري به سنڌي ادب کي ڪي سٺيون ڪهاڻيون ڏنيون آهن.هيري جي جڏهن ”هڪ اڪيلي جو سفر“ ڪهاڻي شايع ٿي هئي، ته شايع ٿيندي ئي ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ هيرو بحث جو موضوع بڻجي ويو هو، ڇو ته ان کان پوءِ هن سنڌي تنقيدي ادب ۾ چڱي چوکي جاءِ جوڙي ورتي هئي. ادبي کيتر جي جڳيا سو شخصن جو ان ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويو هو.هيرو ڪهاڻي-ادب مان غائب ته نه ٿيو آهي، پر هڪ ڪهاڻي-ڪار جي حيثيت ۾ هن جو شعاءُ گهڻو نه نڪتو آهي.  البته هن جي ڪهاڻي شرير-ڌرم (سپون 2006) حقيقت نگاريءَ جي نالي ۾ کليل سيڪس-اظهار سبيد واد وواد جو ڪارڻ ضرور بڻي آهي ۽ جن ڪهاڻي-نويسن خاص توجهه لهڻي جن جي ڪهاڻين جا مجموعا گذريل ڏهاڪي ۾ شايع ٿيل آهن،انهن ۾ اهم آهن.
1.   ستيش روهڙا: پاپا، اچو ته هٿ ملايون .2011
2.  مايا راهي، مهنگي مرڪ. 2012ع ۽ ڍال (2006)
3.   واسديو موهي، چيڪ بوڪ. 2012ع
4.  ڏيڍ ڳنڍ: 2016ع
5.   بنسي خوبچنداڻي: دونهون. 2015ع
6.   ٺاڪر چاولا: اڄ جون ڪهاڻيون
مان پنهنجي ڳالهه مايا راهيءَ جي ساهتيه اڪاڊمي انعام يافته ڪهاڻي-سنگره ”مهنگي مرڪ“ سان ڪريان ٿو. مايا راهيءَ جون ڪيتريون ڪهاڻيون نفسياتي کليل اظهار سبب، ادبي سرڪل ۾ بحث جو موضوع رهيون آهن. هوءَ عورت مرد جي تعلقاتن کي بي باڪيءَ سان ڇهي ٿي. وقت جي تقاضا سبب، مان ان بحث ۾ نه وڃي، مايا جي مشهور ڪهاڻي ”ايس ايم ايس“ تي سڌو اچان ٿو، جا هن جي ”مهنگي مرڪ“ ۾ ئي شامل آهي.
اڄ ادب ۾ سائنس جي ايجادن جو استعمال ٿيڻ لڳو آهي. ڪهاڻيءَ جو نه صرف عنوان انگريزيءَ ۾ آهي، پر ڪهاڻي به سنڌي نٿي لڳي. ڇاڪاڻ جو ڪهاڻي سنڌيءَ ۾لکيل آهي، ليکڪا سنڌياڻي آهي، تنهن ڪري ڪهاڻي کي سنڌي ڪهاڻي چئي، اسان اڳتي وڌون ٿا. سائنس جي ترقيءَ سبب، اڄ جي انسان جو هڪ عالمي روپ اُڀري رهيو آهي، ان ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ مان نج سنڌي ڪردار وڃن پيا غائب ٿيندا. جديد دور ۾ سائنس ۽ ڪميونيڪيشن جي تيز رفتار ٿي، ملڪن جي سرحدن کي سُسائي ڇڏيو آهي، اڄ انسان  انتر راشٽريه صورت ۾ اُڀري رهيو آهي. ان ڪري اڄ ادب جي تخليق به عالمي سطح تي پيئي ٿئي.
تبديليءَ جي انهيءَ نئين دور ۾پراڻين ۽ نين سماجي ڀومڪائن نباهڻ ۾ ڪٿي ڪٿي سنگهرش نطر اچي ٿو ته ڪٿي تال ميل جي ڪوشش به رهي ٿي. بدليل ماحول ۾ پتي-پتنيءَ جي سنٻنڌن ۾ ڪافي ڦيرو اچي ويو آهي. اخلاقي ۽ شخصي ماڻ تيزيءَ سان ٽٽڻ لڳا آهن، ”ايس ايم ايس“ جو سو ميشن ۽ سُشما به ان جا اپواد ناهن. انهن جي رشتن ۾ کهراڻ ۽ رُکاڻ وڌيڪ پنهنجائپ گهٽ آهي، سمجھوتا آهن... ..ٻنهي مان ڪو به هڪه، ٻئي جي رضامنديءَ کانسواءِ رات جي رشتي جي حد پار نه ڪندو. (ص.90)
... ..وندرائڻ لاءِ سيڪس ٽوائز جو آهن (ص.91)
اهو بئند، انهن خاص ڏينهن لاءِ آهي، جڏهن ليڊيز جو هار مونل امبئلنس ٿيندو آهي، اهي چريون ٿي پونديون آهن. مردن کي سبب جي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ ڪپل جي وچ ۾ تو-تو مئن مئن شروع ٿي ويندي آهي. (ص.92)
پر ڀارت جي استرين کي اهو پٽو پائڻ جي ڪڏهن ضرورت نه پيئي آهي. ڀارتيه ڪَپِلُ بنا پٽي جي ئي  ائلرٽ ٿي ويندا آهن.
راتوڪي سوميش جي اوچتي حملي سشما کي ڇرڪائي ۽ ٿڪائي ڇڏيو. سُشما پٺتي ڇو رهي. REVANGE وٺڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. اخلاقي ملهن جي ٽٽڻ سبب جنسياتي تعلقاتن ۾ هڪ قسم جي آزادي اچي ويئي آهي، جڏهن سشما، سوميش جي پرسنل موبائيل تي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ کي وساري، ”ايس ايم ايس“ ڏسي ٿي.
... .ڇا يار، صبح کان ”ايس ايم ايس“ ڪري ٿڪي آهيان، جواب ئي نٿو ڏين؟ هاڻ ته هن به موڪل ڏني آهي ته فون ۽ انٽرنيٽ تي ڀل ڪيترو به سيڪس انجواءِ ڪريان پر منهنجو بيڊ پارٽنر ته هو هڪڙو ئي رهندو. رات جو يارهين بجي اچيئي ٿي ڌمال جي ”ايس ايم ايس“(ص.93)
هاڻي سُشما جو وارو هو.  سوميش جي پرسنل موبائيل تي ”ايس ايم ايس“ هو.
... ..باس سان  چئن ڏينهن لاءِ سينگاپور وڃي رهي آهيان، ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻي آهي. انجواءِ يوئور ”ايس ايم ايس“ الون، هئو فن (ص.93)
سائنس جي ايجادن کي کڻي لکيل هڪ ٻي به فئنيٽسي ۽ من گهڙت ڪهاڻي آهي، سرڳ-پاس(سپون: 2009)، جاهيري شِوڪاڻيءَ جي لکيل آهي، جنهن ۾ سيڪس ته ڪونهي پر ڪامپيوٽر آهي، ڪوئو آهي، ريڪارڊ انٽري آهي.ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جا نالا پر ضروز سنڌي آهن.
هاڻي مان ٺاڪر چاولا جي ڪهاڻين تي اچان ٿو، گذريل ڏهاڪي ۾ هن جي ڪهاڻين جا ٻه ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن. ٺاڪر چاولا جي ڪهاڻين جا پلاٽ سڌا-سنواٽا آهن. اُنهن ۾ گهماءُ ڦراءُ ڪونهي. ڪهاڻين ۾ واقعن جو سلسلو اهڙي نموني رکيل هوندو آهي، جو انهن ۾ انتظار جو عنصر پڇاڙيءَ تائين قائم رهي ٿو. ٺاڪر چاولا جي ڪهاڻي ”اقرار نامو“ ڪهاڻي به آهي ته نئين ڪهاڻي به آهي. جيتوڻيڪ هينئر ”نئين“ صفت ڪهاڻيءَ ۾ جذب ٿي ويئي آهي. اڄ رشتا سرد ٿي، پنهنجي معنيٰ وڃائيندا پيا وڃن. جديد صورتحال ۾ اهي حالتون عام جام بڻجي ويون آهن. جديد ڪهاڻيءَ جا قلمڪار خودبه انهيءَ طبقي ۾ شامل آهن. تنهن ڪري اهڙا چٽ صداقت سان پيش ڪن ٿا. وليرام، زال جي گذاري وڃڻ ڪري، ڪنهن عزيز جي گهر پيئنگ گيسٽ ٿي رهڻ چاهي ٿو. پر سندس مراد پوري نٿي ٿئي هر ڪو ڪو نه ڪو بهانو پيش ڪري ٿو. جديد ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿا عنصر گهٽ پر سوچ جو عنصر وڌيڪ رهي ٿو. ٺاڪر چاولا جي هن ڪهاڻيءَ ”اقرار نامي“ ۾ پلاٽ به آهي ته سوچ جو عنصر آهي.
ستيش روهڙا جو ڪهاڻي-سنگره ”پاپا، اچو ته هٿ ملايون“. سن 2011ع ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪهاڻين جي ٿيمcentral idea  يا ڌڙڪن لڳ ڀڳ ساڳي آهي، صرف موضوع ۽ پلاٽ بدليل آهن. سڀ ڪهاڻيون سماج جي بزرگ طبقي سان وابسته آهن. ڪهاڻي-نويس زندگيءَ جي روپي کاڻ مان ڪردار چونڊي، انهن جي حياتيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ کي فوڪس ۾ آڻي، موضوع کي فنائتي مناسبت عطا ڪئي آهي. ڪهاڻيون يڪسانيت جو احساس نٿيون ڪرائين. ليکڪ چوي ٿو ته ڪهاڻيون نئين سوچ  ۽ نئين انڀو جون آهن، ان ڪري هر ڪهاڻي نئين آهي. هن سنگره جي عنوان واري ڪهاڻي ”پاپا، اچو ته هٿ ملايون“ ڪشن سيتلاڻي ۽ سندس ڌيءُ انو راڌا جي ڪهاڻي هي. ان ۾ هڪ طرف پراڻن قدرن جو ٽٽڻ آهي ته ٻئي طرف نون ملهن جو نرماڻ. انهن ٻنهي جي ڇڪتاڻ مان ڪهاڻيءَ جو تاڃو پيٽو اُڻيل آهي. وگيان ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ارتقا سبب، اڄ ڀارتي سماج ۾ به ڦيرو ايندو وڃي ٿو. اڻو يگ جي اتهاسڪ صورتحال حياتيءَ جي ماڻن-ماپن ۾ تفاوت آڻي ڇڏيو آهي اڄ جي نوجوان پيڙهي پاڻ کي وڌيڪ گهرائيءَ سان ڏسي رهي آهي نئين صورتحال سبب اها پنهنجي ماضيءَ کان ڪٽجي ويئي آهي. اها حال ۾ جيئي ٿي ۽ حال ئي ان جو پنهنجو آهي. انو راڌا ڪنهن به حوالي ۾ پنهنجي بي خوف راءِ ڏئي ٿي. هوءَ پيءُ کي چوي ٿي، ”پاپا، سڀ کان پهرين ته اها ڳالهه مڃي هلون ته اسين هڪ ٻئي جا دوست آهيون ۽ دوستن وانگر هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهون ٿا“.
وقت سان گڏ تبديلي ايندي ئي! جي حالتن سان انسان پاڻ نه ٺهڪائيندو ته نه فقط پاڻ دک ڀوڳيندو پر ٻين جي دکن جو به ڪارڻ بڻبو. ان ۾ پراڻن قدرن جي شڪست ڪانهي، پر نئين پراڻي کي ملي جلي هلڻ جي اڻ سڌي نصيحت آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪشن ۽ انو راڌا جي ڪرداريت ۾ سڀاويڪتا آهي. ڪهاڻيءَ جي اُڻت بڻت ۽ اوسر فنائتي هي، پيشڪش ۾ به ڪافي پڪڙ آهي.
بنسي خوبچنداڻي به ڪهاڻي ادب ۾ نئون نالو ناهي. هو چڱي وقت کان ڪهاڻيءَ تي مشق پچائيندو رهيو آهي. ”دونهون“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ (2015) شايع ٿيل يارهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، هن ڪهاڻي-سنگره سان بسني خوبچنداڻي پنهنجي پختن قدمن سان اڳيان آيو آهي. هو ڪهاڻين ۾ ٽيڪنڪ جا نوان نوان تجربا نٿو ڪري. هو پنهنجي انڀو ۽ تخليقي شعور سان اڳيان اچي ٿو.  هو واقعن کي اڳيان پٺيان  ڦيرائيندي پڙهندڙن کي منجھائي نٿو، پر سڌن-سنواٽن پلاٽن ذريعي پڙهندڙ کي به ساڻ ڪري هلي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ اُپديش جو ٻوجهه ڪونهي، پر لڪل آدرش ضرور آهي. ”دونهون“ عنوان واري ڪهاڻي من-ڇيد story of psycho-analysis واري ڪهاڻي آهي. ليکڪ ڪهاڻيءَ  کي منو وگيا نڪ آڌار عطا ڪري، جيون-ملهن جو چٽ-چاڙهي، ڪيولرام جو درشٽي-دونهون دور ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جو عنوان ”دونهون“ نفرت جي علامت ۾ استعمال ٿيل آهي. ڪيولرام کي سڀني مسلمانن کان نفرت آهي.
هيءَ ڪهاڻي ورهاڱي جي پسمنظر کي کڻي هلي ٿي. ڪيولرام ۽ سندس پيءُ کي ڪراچيءَ ۾ مهاجرن جي فسادن وقت ڪافي زخم رسيا. ان باهه جو دونهون اڃا ڪيول وٽ سلامت آهي. پر جڏهن ڪيول ڏٺو ته اهو نفرت جو دونهون سندس رشتن کي ڌنڌلو ڪري رهيو آهي، ته هو سوچڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي ٿو.
”... .دادُو، منهنجي ڪاليج ۾ منهنجي پسنديءَ جو انگريزي پڙهائيندڙ پروفيسر هڪ مسلمان آهي. هو هڪ سٺو ليکڪ ۽ ڪوي آهي. ڪاليج ۾ منهنجي ڀرسان سليمان ويهندو آهي، جو منهنجو دوست آهي. سندس ابو ۽ امي مونکي ڏاڍو پيار ڪندا آهن سليمان جي ڀيڻ اجبا مونکي ڏاڍي وڻندي آهي. (ص.21)
۽ هن جي من ۾ رهيل کهيل نفرت بس ۾ هڪ مسلمان نوجوان سٽِ ڏيئي دور ڪري ٿو.
۽ دونهون هٽي وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي بيحد فنائتي آهي. ليکڪ جهڙي نموني ڪيول جي من جي نفرت جي مانسڪ ڳنڍ کي کوليو آهي، سو ساراهه لائق آهي. اُن شام جو ڪيول جي ٻن دوستن کيس بازار ۾ مسلمان جي مشهور مٺائيءَ جي دڪان تي گول گپا کائيندو ڏٺو!! (ص.22)
گذريل ٽن چئن سالن ۾ منهنجي ڄاڻ موجب جنهن اديب جون گهڻي ۾ گهڻيون ڪهاڻيون ميدانِ ادب تي آيون آهن، سو آهي  سنڌيءَ جي مشهور غزل گوُ شاعر واسديو موهي. هاڻي هن جي نئين سڃاڻپ فڪشن رائيٽر طور  به ٿيڻ لڳي آهي. موهيءَ جا گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪهاڻين جا ٻه مجموعا-چيڪ بوڪ (2012) ۽ ڏيڍ ڳنڍ (2016) شايع ٿي چڪا آهن. وقت جي نزاڪت کي ڌيان ۾ رکي مون سندس ٻنهي مجموعن مان هڪ هڪ ڪهاڻي چونڊي آهي. ترقي پسند اديبن وٽ هڪ ٺهيل-ٺڪيل فلاسافي هئي، رومانوي قلمڪارن وري ذهني رخ اختيار ڪيو هو،پر واسديو موهيءَ وٽ ڪا مقرر فلاسافي ڪانهي. ڪهاڻي-نويس پنهنجين ڪهاڻين ۾ آس پاس جي زندگيءَ کي گرفت ۾ آندو آهي. ماحول-پرڌان ڪهاڻيون لکڻ ۾ ليکڪ خاص مهارت حاصل ڪئي آهي. ”ٻل“ آسام جي گوهاڻي صورتحال تي لکيل آهي.”دعوت“ پارسي سماج جو پسمنظر پيش ڪري ٿي ته ”چيڪ بوڪ“ گجراتي ماحول کڻي هلي ٿي.
هاڻي مان اچان ٿو” چيڪ بوڪ“ جي ڪهاڻي ”هَڪ کِڻَ“ تي. ڪهاڻي گوئاني پسمنظر کڻي هلي ٿي. نالا به غير سنڌي آهن. هونئن به اڄ جي سنڌي ڪهاڻي مخصوص طبقي، جاتيءَ کان پري هٽي ويئي آهي. ڪهاڻي حياتيءَ جي هڪ پر ٻل کِڻ کي ساڻ ڪري هلي ٿي. اسان جي روزه مره جي حياتيءَ ۾ گهٽجندڙ واقعا بلڪل اوچتو ٿيندڙ، هڪ ٻئي سان نه ٺهڪندڙ، بي ترتيب عناصرن سان پُرِ هوندا آهن، انهن ۾ مونجھارو به آهي، تضاد ۽ انتر وروڌ به! اُهي ڪيترا ئي دفعا اڻ-سوچيل ٿين. نورا کي به پهرين ايئن محسوس ٿيو ته ريمي ائين نٿو ڪري سگهي. وڪيل کيس سمجھائي ٿو، ”ڏسو مسز ڊسوزا، ڪيس جا تفصيل توهان کان لڪل ڪونهن. پوليس وٽ توهان جي ڊوميسٽڪ هيلپ مِس جئڪلن عُرف  جيني وائيلڊ جو صرف بيان ڪانهي، پر وارداتي ثبوت به آهن... .“(ص.56)
تنهن هوندي به نورا کي پڪو وشواس هو ته سندس پتي بي گناهه آهي، پر اوچتو پنهنجي جھوني اسٽوڊنٽ جم کي ڏسي ، نورا کي هڪ پراڻي واردات تازي ٿي ويئي. ان ڏينهن ڪئٽ پيپر ڊسڪس ڪندي اوچتو جم نورا کي ڪلهن کان کينچي پلنگ تي ليٽائي ڇڏيو هو.
”واٽ آريو... .“ هن جا لفظ ڄڻ هڪ هنڌ اٽڪي پيا هئا. جم زور سان هن جو منهن بند ڪري ڇڏيوهو ۽ ... نورا اکيون ڦاڙي صرف ڏسندي رهجي ويئي هئي... .هوءَ، سوچڻ لڳي... .”ان ڏينهن مونکي الائي ڇا ٿيو... .مون کان اهڙوڪجهه ٿي ويو جو نه ٿيڻ گهربو هو“. (ص.58)
نورا جا بادل هٽي ويا. من هلڪو ٿي ويو. ”ڏيڍ ڳنڍ“ ڪهاڻي مجموعي مان مون تاثرات لاءِ نميا، ڪهاڻي کنئين آهي. ڪهاڻيءَ سچ پچ مونکي مُنڊي ڇڏيو. بيحد تسڪين حاصلات ٿي،  ڪهاڻي پڙهي. واسديو موهي ڪهاڻيءَ جو هڪ سگهارو اديب بڻجي ويوآهي، ڪهاڻيءَ جي اُڻت-بڻت، ٻولي، محاورو،  ڪردارن جي سيرت نگاري، خاص ڪري نمياجي، ماحول جي نقاشي ۽ ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي لاجواب آهي. ڪهاڻي-نويس، ڪهاڻيءَ کي جيڪا ڪلاسيڪل ٽچ ڏٺي آهي، تنهن ڪهاڻيءَ کي بيحد زيبائتو بڻايو آهي. اهڙيون فنائتي ڍنگ سان تخليق ڪيل ڪهاڻيون، ڀارتي ادب ۾ به توهان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس ملنديون.  ماحول جي سهڻي عڪاسي ۽ ٻولي، ڪهاڻيءَ جون ٻه خاص وصفون آهن. ماڇياڻي ماحول کي، اديب لفظي ڪئميرا ۾ تمام فينستائيءَ سان قيد ڪيو آهي. ڪهاڻي پڙهندي، نظارا اکين آڏو اچي ٿا بيهن. ڪردار به سجيو پيا لڳن. نميا، ڇملي، پنيان ٻائي بلڪل مضوعي نٿا لڳن. ڄڻ شاهه جا ڪردار آهن. نميا، نميا ناهي، ڄڻ نوري آهي. ڪير چوندو هيءَ مڇين واري آهي. ڏنڀري وانگر ٿوري هلڪي سانوري ضرور آهي. پر هن جا روش ڪنهن پريءَ کي به شرمائين اهڙا آهن. (ص.105)
جھامنداس ۾ هوءَ ڄام ٿي ڏسي، ”ڄام تماچي گهوڙي تان لٿو. ڪينجھر تي هو پاڻي پيئڻ آيو. ڪينجھر ڍنڍ   اڳيان مياڻين تي مڇين جا ڍڳ پيا هئا. ڪيترا کارا جھينگن سان ڀريا پيا هئا. مهاڻن راجا کي ڏسي  ادب سان سلام ڪيا. ڄام نوريءَ کي ڏٺو. هن کي لڳو هن مان ته گلابن جي خوشبو پيئي اچي. هيءَ مهاڻن جي ڪُنبي مان ته لڳي ئي نٿي! (ص.111) علائقائي عناصر ڪهاڻيءَ ۾ جان وڌي آهي. ڪهاڻي هر لحاظ کان خوبصورت آهي.
موهيءَ جون ڪهاڻيون روايتي ڪهاڻين کان ڪجهه الڳ ٿلڳ آهن. ڪهاڻين ۾ موضوعن جي نواڻ آهي.

گذريل ڏهاڪي ۾ ڪن ٻين اديبن جون ڪهاڻيون به شايع ٿيون آهن، جن ۾ ڀڳوان اٽلاڻي، گوپ گولاڻي، هوند راج بلواڻي، ڄيٺو لالواڻي، ڪملا گوڪلاڻي، ڪلا ڌر متوا وغيره اچي وڃن ٿا.  وقت جي محدودگيءَ سبب، مان انهن کان معافي طلبيندي پنهنجي ڳالهه پوري ڪريان ٿو. ٻولي هجي خواه ڪلا جا عناصر، قلمڪار سڀني کيترن ۾ نوان نوان تجربا ڪرڻ لاءِ آزاد هي رچنا هونئن به شخصي انڀوتيءَ کي انساني انڀوتين تائين پهچائڻ جو هڪ ذريعو آهي، پر اهو ضرور ڏسڻو هي ته ادب/ڪهاڻي زندگيءَ سان واڳيل مسئلن کي ڪيتري گهرائي ۽ گيرائيءَ سان پيش ڪيو آهي.

No comments:

Post a Comment