Tuesday, June 27, 2017

پوڙهو - ٽالسٽاءِ- طفيل مگسي

پوڙهو
ڪهاڻي
ٽالسٽاءِ
طفيل مگسي
ننڍڙن ٻارڙن کي راند ڪندي اَنَ جي داڻي جيتري هڪ شيءِ هٿ لڳي. جنهنجو مقدار ڪڪڙ جي آني جي برابر هو. هڪ واٽهڙو انهيءَ عجيب و غريب شيءِ کي ٻارڙن کان هڪ پئسي ۾ خريد ڪري ورتو ۽ شهر اچي ڪري ان کي بادشاھ وٽ هڪ عجيب شيءَ طور وڪڻي ڇڏيائين.


بادشاھ درٻار جي اميرن کي گڏ ڪري کانئُن پڇيو ته ”هي ڪهڙي شيءَ آهي؟“ درٻار جي اميرن سوچيو ۽ غور ڪيو، پر ڪنهن کي به اها خبر نه پئجي سگهي ته هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي. پوءِ جڏهن ان کي پٽ تي رکيائون ته هڪ ڪڪڙ اُلر ڪري ان ڏي وڌي ۽ پنهنجي چهنب ان کي هڻي ٽڪر پٽي کائڻ لڳي ته ٻين کي معلوم ٿي ويو ته هي ڪو اناج جو داڻو آهي.
اميرن بادشاھ کي عرض ڪيو ته ”قبلا هي اناج جو داڻو آهي.“
بادشاھ کي سخت تعجب ورتو ۽ اميرن کي حڪم ڏنائين ته، دريافت ڪري ٻڌايو ته هن قسم جو اناج ڪهڙي هنڌ پئدا ٿئي ٿو؟“
درٻار جي اميرن ۽ حاڪمن غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪافي ڪتاب اٿلايائون پر سڀني نااميد ٿي بادشاھ کي عرض ڪيو ته ”سائين! اسان اوهان جي سوال جو ڪو جواب نٿا ڏئي سگهون. اسان جي ڪتابن ۾ هن قسم جي ان جو ڪو به ذڪر ناهي. توهان کي ڪڙمين ۽ هارين کان هن سوال جو جواب ملي سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته انهن پنهنجن وڏن کان هن قسم جي اناج جي باري ۾ ٻڌو هجي.
بادشاھ حڪم ڏنو ته هڪدم ڪنهن ٻڍي کي گهرايو وڃي ۽ بادشاھ جي نوڪرن هڪ اهڙو ٻڍو آڻي پيش ڪيو. جيڪو ڏاڍي مشڪل سان ٻن لٺين جي مدد سان سهڪي سهڪي اتي اچي پهتو، بادشاھ اناج جو داڻو ان کي ڏيکاريو، پر پوڙهو مس مس انکي ڏسي ٿي سگهيو ۽ داڻي کي هٿ ۾ کڻي انجي مقدار جو اندازو ڪيائين، بادشاھ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو  ته؛ هن قسم جو داڻو اڳ ڪڏهن به منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. منهنجي سانڀر ۾ به ان جو داڻو ايڏي ئي مقدار ۾ هوندو هئو. جيترو هينئر آهي. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي پيءُ کي هن قسم جي مقدار واري داڻي متعلق ڪجهه خبر هجي.
بادشاھ هن جي پيءَ کي گهرايو، جيڪو هڪ لٺ جي مدد سان اچي دربار ۾ پهتو، بادشاھ هن کي اهو داڻو ڏيکاريو، جنهن جي نظر اڃا تائين سلامت هئي. تنهن تنقيدي نظر سان داڻي جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو.
بادشاھ سوال ڪيو؛ ”اي ٻڍا! ڇا تون ٻڌائي سگهندين ته هن قسم جو اناج ڪٿي پيدا ٿئي ٿو؟ ڇا تو ڪڏهن هن قسم جو اناج خريد ڪيو يا اُن جي پوک ڪئي آهي؟“
هن جواب ڏنو ته مون ڪڏهن به ايڏي مقدار جو داڻو نه پوکيو آهي ۽ نه ئي لڻيو اٿم. منهنجي وقت ۾ ناڻي جو رواج ڪونه هوندو هو ان جو داڻو اڄڪلهه جي داڻي کان وڏو هوندو هو پر هن جيترو داڻو مون ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. باقي مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌو آهي ته سندس وقت ۾ ان قسم جو داڻو اسانجي وقت جي داڻي کان وڏو هوندو هو. جيڪڏهن توهان مناسب سمجهو ته ان کان پڇيو.
بادشاھ تنهن تي پهرين هاري جي ڏاڏي کي سڏايو. هو ڪنهن به لٺ جي  مدد کانسواءِ پنهنجو پاڻ ئي هلي اچي پهتو، هن جي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه به حيرت انگيز طور تي بلڪل ٺيڪ هئي. بادشاھ ان جو داڻو کيس ڏيکاريندي چيو.تو هن قسم جو ان ڪڏهن ڏٺو؟ ٻڍي داڻو هٿ ۾ کڻندي ان کي غور سان ڏسندي ئي چيو. تمام گهڻي عرصي کان مون هن قسم جو ان ڪونه ڏٺو آهي. هن داڻي کي چڪ پائي انکي چڪيو. هي ساڳئي قسم جو داڻو آهي؟ هن ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکندي چيو.
بادشاھ چيس ”اي پوڙها مڙس! ٻڌاءِ ته هن قسم جو اناج ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو آهي؟ ڇا ڪڏهن تو هن قسم جو اناج خريد ڪري ۽ پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو آهي؟
”مان هن قسم جو ان پنهنجي ننڍپڻ واري زماني ۾ کائيندو هوس ۽ اسان هن اناج کي پنهنجي زمين ۾ پوکيندا ۽ لڻندا هئاسين. پوڙهي چيو.
بادشاھ سوال ڪيو ” اي ٻڍا! صرف تون ئي هن اناج کي پوکيندو هئين يا ڪنهن ٻئي هنڌان خريد به ڪندو  هئين؟
انهيءَ ڳالهه تي ٻڍي جي چپن تي مرڪ تري آئي ۽ چيائين ”اسان جي وقت ۾ ڪنهن به ان جي خريد ۽ فروخت جو گناھ ڪونه ڪيو هو. اسان جي وقت ۾ رپيا وغيره ڪونه هوندا هئا، هرڪو ماڻهو پاڻ ان اُپائيندو هو.
بادشاھ چيس ”ته پوءِ  اي چڱا مڙس! اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي زمين ڪٿي هوندي هئي؟“
ٻڍي جواب ڏنو ته ”منهنجي پوک واري زمين خدا جي ساري زمين هئي، زمين تي ڪنهن جو به قبضو ڪونه هو، جتي به مان هر هلائي سگهندو هوس. اها منهنجي زمين هئي، زمين هڪ اهڙي شيءِ هوندي هئي. جنهن تي ڪو به قبضو نه ڏيکاريندو هو. صرف محنت ئي هڪ اهڙي  شئيءَ هوندي هئي جنهن کي ماڻهو پنهنجو ورثو تصور ڪندا هئا؟
بادشاھ چيس ”چڱو ڀلا، مون کي ٻن سوالن جا جواب ڏي، هڪ ته تنهن وقت  زمين ڇو ايڏي مقدار وارو ان پيدا ڪندي هئي؟ ٻيو ته تنهنجو پوٽو ٻن لٺين جي مدد سان گهمي ٿو، جڏهن ته پنهنجو پٽ هڪ لٺ جي سهاري سان گهمي ڦري سگهي ٿو ۽ توکي هڪ لٺ جي به ضرورت ڪونه آهي؟ تنهنجون اکيون، ڪن، ۽ زبان به بلڪل چڱي ريت ڪم پيا ڪن. حالانڪه مامرو انجي بلڪل ابتڙ هئڻ گهرجي.

ٻڍي جواب ڏنس وقت هيءَ صورت اختيار ڪئي آهي. تنهن جوسبب اهو آهي ته ماڻهن محنت ڪرڻ گهٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ هن وقت انهن گهڻو ڪري ٻين جي محنت تي گذارو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اڳئين زماني جا ماڻهو قدرت جي قانون مطابق زندگي گذريندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو ان وقت جا ماڻهو نهايت مضبوط هوندا هئا ۽ مان هن وقت به ٻن سون سالن جي عمر ۾ هن وقت جي نوجوانن جيان طاقتور آهيان.

No comments:

Post a Comment