Sunday, June 25, 2017

اڳواٽ اپيل - نور گهلو

اڳواٽ اپيل
مزاحيه ڪهاڻي
نور گهلو
جناب اعليٰ!
پهريائين ته مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪريان ته کاتي بابت جيڪو لکيو آهي، اُها توهان جي دوستن ۽ مخالفن جي راءِ آهي. جنهن سان منهنجو متفق هئڻ ضروري ناهي. هر ٻئي، ٽئين، چوٿين ڏينهن اوهان جي کاتي جي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان خبرون ۽ مضمون ڇپجندا رهن ٿا. جن ۾ هڪ طرف اوهان جي ياري باشي نڀائڻ تي، اوهان جي نوازيل سنگت، شاباشين جا گل نڇاور ڪندي اوهان کي ”يار ويس“ ۽ کاتي کي ”ياري نڀايو کاتو“ جهڙا خطاب ڏيندي رهي ٿي ۽ اوهان کي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻ يا ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪرڻ لاءِ، خراج تحسين پيش ڪندي ”قومي هيرو“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏينهن رات رُڌل آهي. جنهن جو اندازو اوهان جي ”فيتن“ ڪٽڻ جي رفتار مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو.


ٻڌو آهي ته شهرن مان ”فيتا“ به ختم ٿي رهيا آهن، پر پريشان ٿيڻ جي هرگز ضرورت ڪونهي. جيڪڏهن ”فيتا“ ختم ٿي ويا ۽ فيتن ڪٽڻ واري ”ڪينچي“ به مڏي ٿي وڃي ته خير آ. فيتن جي بدران اوهان ”ڦيٿو“ ڪٽي سگهو ٿا ۽ اوهان لاءِ اُهو آپشن کليل آهي ته اوهان سائيڪل جو ڦيٿو ٿا ڪاٽيو يا ٽريڪٽر جو. ان لاءِ به اوهان وٽ آپشن کليل آهي ته ”ڪارائي“ ٿا استعمال ڪيو يا ”ڪهاڙي“ ۽ ها قينچيءَ تي ياد آيو ته اوهان جي دشمنن اهو افواهه به ڦهلائي ڇڏيو آهي ته اوهان قينچي کيسي ۾ کنيون وتندا آهيو.
اوه! اها ته تشويش جي ڳالھ آهي، جيڪڌهن ڪنهن پوليس واري اوهانجي جھڙتي ورتي ته اوهان تي وڏا الزام لڳي ويندا، جنهن جو اوهانجي چاهڻ وارن کي ڏک ٿيندو. ٻئي طرف مجبور اديبن، شاعرن، فنڪارن سان اڍنگي رويي جي حوالي سان اوهان ڏانهن پٿر به اڇلايا وڃن ٿا جو انهن جي اوهان سان يا اوهان جي يار غار يا بغلي ڪاميٽين جي ميمبرن سان ڪا پبلڪ رليشننگ ڪانهي. اهو سڀ پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کانپوءِ مون کي به اُها ڳڻتي وٺي وئي آهي ته مستقبل ۾ ڪٿي مان بيمار يا بيوس ٿي پيس ته ”ميرا ڪيا هوگا ڪاليئي؟!“ ان ڪري دورانديشيءَ کان ڪم وٺندي، امداد لاءِ اڳواٽ درخواست ڪري رهيو آهيان ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسيءَ ۾ ترت تدارڪ ٿي سگهي.
مان ڪير آهيان؟ سٺو سوال آ. جيڪڏهن اوهان ڪنهن ٽي وي چينل جا اينڪر هجو ها ته اهڙي بهترين سوال تي نه رڳو اوهان جي پر ان ٽي وي چينل جي ريٽنگ به وڌي وڃي ها. خير، هونءَ ته مان ڪنهن تعارف جو محتاج ناهيان، جو علمي، ادبي ۽ فني خدمتن جي حوالي سان سڀ مون کي سڃاڻن ٿا. اوهان به مون کي سڃاڻندا هوندا، اُها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي ذڪر اچڻ تي اوهان ڪارو چشمو پائي ڇڏيندا هوندا جو مان اوهان جي سُئي ڌاڳي ۾ ناهيان رهيو. خير اهو ته اوهان جو ذاتي معاملو آهي ته اوهان ڪارو چشمو ٿا پايو يا نيرو. خير، اوهان جي خوبصورت سوال جي جواب ۾ جيڪڏهن مان پنهنجي ۽ پنهنجي علمي، ادبي ۽ فني خدمتن جو سربستو احوال لکان ۽ اوهان پڙهڻ جي زحمت به ڪئي ته پڪ سان اوهان کي ڪاري چشمي بدران نظر جي ٿلهن شيشن وارو  چشمو لڳي ويندو، تنهن ڪري منهنجو اخلاق مون کي اُها اجازت نه ٿو ڏئي ته مان اوهان جي نظر تي اثر انداز ٿي اوهان جي ”نظر ڪرم“ کان محروم ٿي وڃان. دعا ٿو ڪيان ته الله تعاليٰ اوهان جي نظر ۾ وسعت پيدا ڪري ته جيئن ٻين جي مجبورين کي به ڏسي سگهو. تنهن ڪري مختصراً اهو ٻڌائيندو هلان ته علمي ۽ تعليمي حوالي سان، پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين هر سبجيڪٽ تي منهنجون گائيڊون لکيل ۽ ڇپيل آهن، جن مان امتحانن جي ڏيهاڙن ۾ شاگرد ڀرپور فائدو وٺندا رهيا آهن ۽ پنهنجي ڪاميابين ۽ اهليت جا جهنڊا بلند ڪري، محنتي شاگردن کي ڏنڊا ڏيکاريندا آهن. ٿي سگهي ٿو، اوهان ۽ ٻين اعليٰ عهدن تي ويٺل يا اسيمبلي ميمبرن به منهنجي لکيل گائيڊن مان فائدو ورتو هجي.
ادبي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته گهڻو وقت اڳ، منهنجي ڪهاڻين، شاعريءَ جا مجموعا ۽ ناول ڇپجي چُڪا آهن، پر هاڻي ٿڪجي پيو آهيان. تنهن ڪري هاڻي تخليقي ڪم بند ڪري، سلام دعا وارن نون لکندڙن جي ڪتابن جا مهاڳ لکي، هنن کي ڪک مان ڪانڊيرو بنائيندو آهيان، جنهن لاءِ مون کي ڪا خاص محنت به ڪرڻي ڪا نه ٿي پئي جو ڪهاڻي، ناول يا شاعري جي حوالي سان مون Specimen مهاڳ لکي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، جن ۾ ڪتاب ۽ ليکڪ جي نالي واري جاءِ خالي رکي آهي. جڏهن به ڪنهن جو مهاڳ لکڻو هوندو آهي ته پوءِ ڪتاب جو نالو ۽ ليکڪ جو نالو لکي، ان خالي ٿيل جاءِ تي فِل ان دي بلينڪس يا خال ڀريو وارو سوال حل ڪندو آهيان ۽ منهنجا مهاڳ لکيل ڪتاب ڇپجندا آهن، مهورت به شاندار ٿيندا آهن ۽ ادارن جي صاحبن جي ”نظر ڪرم“ سان ايوارڊ به ماڻيندا آهن. اوهان کي به ڪڏهن مهاڳ جي ضرورت پئي ته فوٽوڪاپي کڻي ويندا.
فني حوالي سان مان اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ مزاحيه ڊراما ۽ مزاحيه خاڪا (اُهي مزاحيه خاڪا نه جيڪي اديب دوست مختلف شخصيتن تي لکندا آهن) لکندو رهيو آهيان ته انهن ۾ پرفارم به ڪندو رهيو آهيان جن ۾ منهنجو رول هڪ ڪاميڊين جو هوندو  هو ۽ منهنجي انٽريءَ تي مرجهايل چهرن تي مرڪون اچي وينديون هيون. مون کي پڪ آهي ته اوهان ڪڏهن ٿئيٽر ۾ نه آيا هوندا جو اسيمبلين ۾ ئي وڏا مزا لڳا پيا هوندا آهن. جيڪي عوام کي کلائيندا آهن. سچ پڇو ته ماڻهن هاڻي ٿئيٽر بدران اسيمبلين جي لائيو ڪوريج ڏسي دل وندرائڻ شروع ڪئي آهي ۽ ٿئيٽر ويران ٿيندا پيا وڃن. پر ڇاڪاڻ ته مان هڪ غريب ۽ شريف ماڻهو آهيان، تنهن ڪري ادب جي ايوانن ۾ ويٺل حاضر سروس يا رٽائرڊ بيوروڪريٽڪ مائينڊ وارا اديب ۽ دانشور مون کي ”چخ“ به نه ڪندا آهن، پر پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي سان هيلو هاءِ ڪرڻ بدران، هڪ ٻئي کي چخ، چخ ڪندا آهن، جنهن لاءِ هنن ڪافي پرئڪٽس به ڪئي هوندي.
ايئن ڪونهي ته منهنجي خدمتن جي هُنن کي خبر ئي ڪانهي، پر هو منهن جي پڪائي ڪري اهو ظاهر ڪندا آهن، ڄڻ مان ڪو عام رواجي ”ٺڙڪُو“ اديب آهيان. خير اُها هنن جي ذاتي ”ٺُڙڪائپ“ ئي آهي، جنهن جي مون کي شڪايت به ڪانهي. شڪايت ته انهن ادارن سان به ڪانهي جيڪي ”ٺُڙڪُو“ ٽائيپ اديبن، دانشورن جا ڪتاب به ڇپرائين ٿا ته هنن سان شامون ۽ سالگراهون به ملهائين ٿا. خير، اهو ته هنن جو ڪاروبار آهي.
مان ته هتي صرف اهو عرض پيو ڪرڻ چاهيان ته انسان آهيان ۽ بيماري بڙي تي ڪو اعتبار ڪونهي، ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي ۽ ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري اڳواٽ درخواست ڏئي رهيو آهيان ته ان کان اڳ جو کاتي جي بجيٽ مخصوص ڏاهن ۽ برک ڏاهن سان شامون ملهائڻ، سالگراهون ملهائڻ، مچ ڪچهرين، فيسٽيولن، ميلن ۽ آجياڻن تي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ جي نالي سان ختم ٿي وڃي، منهنجي هن نماڻي درخواست تي سنجيدگيءَ سان غور ڪندا ۽ ڏهه، پندرهن لک رپيا، منهنجي نالي تي ڪڍائي، پاڻ وٽ امانت طور رکندا يا قومي بچت اسڪيم ۾ لڳائيندا يا ڪا هلڪي ڦلڪي آف شور ڪمپنيءَ ۾ لڳائيندا ته جيئن بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ منهنجو ترت علاج ٿي سگهي. اهڙي احسان لاءِ، مان اوهان کان چيڪ وصول ڪرڻ واري تصوير نه رڳو فريم ڪرائي رکندس پر سوشل ميڊيا تي به رکندس. اوهان چاهيندا ته ان جا پينافليڪس ٺهرائي هر چونڪ تي آويزان ڪندس. پر انهن جو بلBill  اوهان کي ڀرڻو پوندو.

فقط
اوهان جي نظر ڪرم جو منتظر
مٺل مولائي

قلم تازو:

اڄ امداد کاتي طرفان جواب موصول ٿيو آهي، جنهن ۾ هنن لکيو آهي ته:

محترم مٺل مولائي صاحب!
اوهان جي دور انديشيءَ کي سلام آهي، امداد لاءِ اڳواٽ موڪليل درخواست تي اسانجي پينل تي رکيل ڏاهن غور ڪيو. في الحال ته کاتي جي بجيٽ ختم ٿي وئي آهي ۽ اوهان جو تڪڙو بيمار ٿيڻ يا مري وڃڻ جو ڪو ارادو به نظر نه ٿو اچي. تنهن ڪري اوهان اطمينان رکو. جيڪڏهن اوهان اوچتو مري به ويا ۽ ادارو اوهان جي مدد ڪري نه سگهيو ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. اوهان جي مرڻ کانپوءِ، پهرين بجيٽ ۾ اوهان جي ورسي شاندار نموني سان ملهائي ويندي ۽ اسان جا ڏاها ۽ برک ڏاها، اوهان جي شخصيت ۽ فن کي خراج تحسين پيش ڪندا، جنهن جو پرڪشش معاوضو پڻ ڏنو ويندو. هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن لاءِ اهڙي ته پُر لطف ڊنر ۽ راڳ رنگ جي محفل مچائي ويندي، جهڙي اوهان جي ڄمڻ تي به نه ملهائي وئي هوندي.

فقط

جناب

No comments:

Post a Comment