Showing posts with label اڳواٽ اپيل، مزاحيه، ڪهاڻي، نور گهلو،. Show all posts
Showing posts with label اڳواٽ اپيل، مزاحيه، ڪهاڻي، نور گهلو،. Show all posts

Sunday, June 25, 2017

اڳواٽ اپيل - نور گهلو

اڳواٽ اپيل
مزاحيه ڪهاڻي
نور گهلو
جناب اعليٰ!
پهريائين ته مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪريان ته کاتي بابت جيڪو لکيو آهي، اُها توهان جي دوستن ۽ مخالفن جي راءِ آهي. جنهن سان منهنجو متفق هئڻ ضروري ناهي. هر ٻئي، ٽئين، چوٿين ڏينهن اوهان جي کاتي جي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان خبرون ۽ مضمون ڇپجندا رهن ٿا. جن ۾ هڪ طرف اوهان جي ياري باشي نڀائڻ تي، اوهان جي نوازيل سنگت، شاباشين جا گل نڇاور ڪندي اوهان کي ”يار ويس“ ۽ کاتي کي ”ياري نڀايو کاتو“ جهڙا خطاب ڏيندي رهي ٿي ۽ اوهان کي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻ يا ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪرڻ لاءِ، خراج تحسين پيش ڪندي ”قومي هيرو“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏينهن رات رُڌل آهي. جنهن جو اندازو اوهان جي ”فيتن“ ڪٽڻ جي رفتار مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو.