Tuesday, December 6, 2011

ڪافر - نسيم احمد کرل


ڪافر
نسيم احمد کرل
جنهن ڏينهن سيتل اوڏ ۽ سندس گھر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو ھو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر ٻاھر پڌر ۾ ٻه ٽي صفون بيھجي ويون. ھن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي ھئي، يا جڏھن ڪو سرنديءَ وارو ماڻھو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاھيندو ھو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام، مولوي اميد عليءَ به ان ڳالھ جي چڱي مشھوري ڪئي ھئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، ھن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ ھجڻ ثابت ڪيو ھئائين. ڳوٺ جا ماڻھو به ھروڀرو ايترا بي دين ڪو نه ھئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو ھو، سو اچي حاضر ٿيو ھو. مولوي صاحب پاڻ به ھن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو ھو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي ھرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ ھٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنهن جي ھيٺئين ڇيڙي ۾ لوھي ڪلي لڳل ھئي، جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي ھئائين، جيئن دين جو جھنڊو کوڙيو ھجيس. ان ڏينهن ھن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو ھو، سو به نئون ھو. ھو جڏھن آيتون پڙھي سنڌي ابيات جي ان حصي تي پھتو، جتي چئن اصحابن سڳورن جي ثنا ھئي:


پھريون يار ھو صديق اڪبر،
ڀلارو ڀرجھلو صديق اڪبر،
رفيق غار ھو صديق اڪبر،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
ٻيو يار عادل عمر ھو،
سدائين ڪفار جو قاتل عمر ھو،
شجاعت ۾ قوي ڪامل عمر ھو،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
نبي جو دادلو عثمان اعليٰ،
جمع قرآن ڪيو عثمان اعليٰ،
سخاوت جو صاحب عثمان اعليٰ،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
جياريو دين ۽ ايمان حيدر،
پيغمبر تان سدا قربان حيدر،
خدا واکاڻيو ھر آن حيدر،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.



- ته جماعتين جون اکيون اھڙا سريلا ابيات ٻڌي ٻوٽجي ويون ۽ ھر ڪنهن جي دل گھرڻ لڳي ته اھو خطبو ھلندو رھي. فرض ۾ به مولوي صاحب ننڍين آيتن بجاءِ سورت الرحمان شروع ڪئي، جنهن ۾ ”فباي آلاءِ ربکما تکذبان“ جي تڪرار، نماز ۾ وڌيڪ سواد پيدا ڪري ڇڏيو. نماز کان پوءِ مولوي صاحب ٿوري تقرير ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻھن کي اھڙي مبارڪ موقعي ۾ شريڪ ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. پوءِ ھڪ پنج-وقتي نمازيءَ کي موڪلي سيتل ۽ سندس گھر واريءَ کي گھرايائين، جي غسل ڪرڻ کان پوءِ نون نڪور ڪپڙن ۾ اوطاق ۾ ويھاريا ويا ھئا. جڏھن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏھن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو: ”بابا، تون ۽ مائي ٽلي، دين محمدي قبول ڪرڻ گھرو ٿا؟“
”ھا مولبي صاحب.“
”پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟“
”پنهنجي رجا سان، سائين.“
”تون به مائي ٽلي؟“
”ھا سائين.“ ھڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اھو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: ”ٻڌو ٿا برادران؟“
”ھا ٻڌون ٿا.“ گھڻن جماعتين جواب ڏنو.
مولوي صاحب اشھد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: ”اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ.“ ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: ”روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙھندين؟“
”ھا سائين، روجا به رکندس ۽ نماج به پڙھندس.“
”سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين.“
”رکائيندس.“ سيتل، صدق دل سان چيو.
اوچتو مولوي صاحب جي نظر سيتل جي ڪنن تي پئي، جن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيون ھيون. مولوي صاحب ھڪدم کيس چيو: ”اھي سونيون ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏي. اسلام ۾ مردن کي سون پائڻ حرام آھي.“
سيتل تڙ تڪڙ ۾ ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏنيون، جنهن اھي وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌيون. مولوي صاحب اڳلو سوال پڇيو:
”جوا نه کيڏندين، دارون نه پيئندين؟“
”نه سائين.“
”مسلمانن وانگر ختنو به ڪرائيندين؟“
”ھا سائين.“ سيتل انهيءَ صدق سان چيو.
”جزاڪ الله، جزاڪ الله!“ مولوي صاحب کيس شابس ڏني. وڌيڪ ٻين سوالن پڇڻ جي به ضرورت نه سمجھيائين ۽ کيس چيائين: ”ٿورو سري منهنجي ويجھو اچي ويھ.“
سيتل رڙھي وڃي سندس ڀرسان ويٺو ته مولوي صاحب کيس چيو: ”چؤ لا الــــٰـه.“
سيتل چڱيءَ طرح چئي نه سگھيو ۽ چيائين: ”لائيلا.“
”ائين نه، چؤ لا – الاھ.“ مولويءَ لفظ لفظ ھوريان ھوريان ائين چيو، جيئن کتابين کي پڙھائيندو ھو.
”لا – اِلاھ.“ سيتل چيو، ھن ڀيري برابر.
”اِ – لل – لاھ.“ مولوي صاحب اڳتي وڌيو.
”اِ – لل – لاھ.“
”م – حم – در.“
”م – حم – در.“
”رسول الله.“
”رسول الله.“
ھاڻي چڱيءَ طرح سڄو ڪلمو ائين پڙھ، جيئن مان پڙھان.“
”ھا سائين.“
چؤ:  ”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“
”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“ سيتل چڱيءَ طرح چئي ويو. سڀ جماعتي ھڪ بي دين کي الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيندو ڏسي خوشيءَ ۾ پر ٿي ويا ۽ مولوي صاحب کي مبارڪ ڏئي وري سيتل کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ھڪ ديندار ته تڪبير جو نعرو ھنيو، جنهن جو جواب جماعتين ايترو ته زور سان ڏنو، جي ڪي گھڙيون مسيت جي قبائين ڇت ۽ ڀتيون، اھي اکر ورجائينديون رھيون. ان کان پوءِ مائي ٽليءَ کان به ساڳيءَ ريت ڪلمو پڙھايو ويو. ان کي به مبارڪون مليون. پوءِ مولوي صاحب سيتل ڏانهن منهن ڪري چيو:
”اڄ کان تنهنجو اسلامي نالو عبدالله ٿا رکون.“
”ھا سائين.“
وري مولوي صاحب ٽليءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: ”۽ مائي، تنهنجو نالو فاطمه.“
”ھا سائين.“
ڪي جماعتي اٿڻ لڳا ته مولوي صاحب کين ھٿ جي اشاري سان جھليو ۽ چيائين: ”ترسو، اڃا ھنن جو نڪاح پڙھڻو آھي.“ اھا ڳالھ ٻڌي ھرڪو پنهنجي جاءِ تي ويھي رھيو. مولوي صاحب ٻنهي کان رضا پڇي، آمنت بالله پڙھڻ شروع ڪئي.
ھوڏانهن ڳوٺ جي ٻاھران اڏيل اوڏن جي پکن ۾ ٻاگھيارو متل ھو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاھي پئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاڙ گھوڙا ڪئي ته مرد وري پنهنجي مکيءَ ڦڳڻ مل جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکيءَ ڦڳڻ مل به ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ سٿرن تي زور سان ھٿ ھڻي پئي ان ڳالھ جو ارمان ڪيو. ھن کي پھرين پھرين اھا خبر پئي ھئي ته ھن سيتل کي ايلاز منٿون ڪيون ھيون، گيتا جا واسطا وڌا ھئا ۽ آخر ۾ سڄي پنچائت جي سامھون پنهنجي مکيائپ جو ڪيسري رنگ جو پٽڪو به سندس پيرن تي رکيو ھو، پر سيتل کيس کلي ڀلو جواب ڏنو ھو ۽ چيو ھو: ”مکي، تون کڻي ڇا به ڪرين، مان مذھب ضرور مٽائيندس.“
”پر تون مذھب ڇو ٿو مٽائين؟“
”منهنجي مرضي.“
”نيٺ به؟“
اتي مس مس سيتل کليو ھو ۽ چيو ھئائين: ”مون کي پنهنجو مذھب نٿو وڻي.“
”گھوڙا ڙي، تو کي ڇو نٿو وڻي پنهنجو مذھب؟“
”چڱو مکي، ٻڌاءِ اسين ڪير آھيون؟“
”اسين ھندو آھيان.“
”ڀلا ھندو لاش چتا تي چاڙھيندا آھن، اسين ڇو پوريندا آھيون؟“
”اھا اسان جي رشم آھي.“
”چڱو اسان ڇيلو ڇو حلال ڪري کائيندا آھيون؟“
”اھا به اسان جي رشم آھي، ابن ڏاڏن کان.“
”پر اھي ته مسلمانن جون رشمون آھن.“
”انهن جون به آھن ته اسان جون به آھن.“
”پوءِ ڪيئن ٿو چئين ته اسين ھندو آھيون؟“
”نه ته ڇا ھيون ڙي؟“
”اڌ ھندو اڌ مسلمان. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.“
مکي ڦڳڻ مل ان سوال ۾ لاجواب ٿي ويو، پر ھن ڳالھ بدلائي چيو: ”کڻي ڇا به ھجون پر مذھب ڇو بدلايون؟“
”مون کي مسلمانڪو مذھب وڻي ٿو.“
”اسان جو مذھب ڪوڙو آ؟“
”ھا ڪوڙو آ.“ سيتل دليريءَ سان چيو ھو.
ان ڳالھ تي پنچايت ۾ ويٺل اوڏن جي رت ڦري وئي. موتي ۽ ٻيا ٻه-ٽي ڄڻا ته کيس ٿڪ چنبي ھڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر مکيءَ ھٿ ٻڌي کين جھليو ۽ چيائين: ”پئنچو مارڻ ڪٽڻ مان ڪجھ نه ورندو. ھن کي مسلن تاويج پياريا آھن.“
اھا ڳالھ سندن دل ۾ ائين کپي وئي، جيئن سندن تکي ڪوڏر آلي زمين ۾ کپي ويندي ھئي. مولوي برابر تعويذن لکڻ ۾ مشھور ھو ۽ پري پري کان سوالي پنڌ ڪري کانئس تعويذ لکرائي ويندا ھئا. اٿي بيٺل اوڏ پنهنجن پنهنجن جاين تي ويھي رھيا ۽ اھا ڪاوڙ حقي مان زور سان وزم ھڻي لاھڻ لڳا. مکي سڀني کي ماٺ ۾ ڏسي وري سيتل ڏانهن منهن ڪيو ۽ کانئس پڇيو: ”تو کي مسلمانڪو مذھب ڇو ٿو وڻي؟“
”مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي کائن ٿا. اسان ھندن ۾ ڪي اوڏ ته ڪي اڇوت، ڪي برھمڻ ته ڪي کتري.“ مکيءَ کي ڪو جواب نه سجھيو. اھا ڳالھ ته برابر ھئي ته برھمڻ اڇوتن ۽ اوڏن کي پنهنجي ويجھو به اچڻ نه ڏيندا آھن، ھڪ ٿالھي ۾ کارائڻ ته پري رھيو. مسلمان ته اھڙو ڪو ويڇو ئي نه ڪن. اتي مکيءَ ٻي طرح ڍارو اڇليو:
”سيتل، تون مسلو ٿيندين ته پوءِ اسان سان ڪو واسطو ڪو نه رھندءِ!“
”ڀلي نه رھي.“
”اسين تو کي پاڻ وٽ اچڻ به ڪو نه ڏينداسين، ولر وٽ به ڪو نه!“
مکيءَ سيتل کي دڙڪو ڏنو. ولر جي گھر واري، سيتل جي سڳي ڀيڻ ھئي.
”ڀلي نه اچڻ ڏجو. مان مسلمان ڀائرن سان اٿندس ويھندس. ڀيڻ به مئي سھايم.“
ھن مھل تائين مکيءَ ٿڌو پئي ڳالھايو. ھن کي پڪ ھئي ته سيتل ڪٿي نه ڪٿي کٽي پوندو ۽ سندس دام ۾ ڦاسي پوندو، پر ھن جو ڪنهن به ڳالھ کي چخي نه ڪئي ۽ ڀيڻ کي به جيئري ماري ڇڏيائين ته مکيءَ کي جڪ اچي ويا. ٿورو گرم ٿي چيائين: ”ياد ڪجانءِ سيتل، گڏھن کي کڻي پنج سنجيون پارائي گھوڙن سان بيھاربو ته به گڏھ ئي ھوندا، گھوڙا ڪونه ٿيندا.“ پئنچايت جي اٿڻ کان پوءِ مکيءَ ولر کي سمجھايو ھو ته سيتل کي پنهنجي منهن پٽڪا ميڙيون ڪري سمجھائيندو رھي، پر سيتل، ولر ۽ ڀيڻ جي ايلازن تي به ڪو نه مڙيو ۽ مولوي اميد علي سان ٻڌل موقع موجب، جمع جي ڀلاري ڏينهن، گھر واريءَ کي وٺي سڌو مسيت ۾ ويو ۽ ڪلمو پڙھيائين. پوئتان اوڏن ۾ ٻاگھيارو متل ھو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاھي پنهنجي ٻولي ۾ پئي ڌاڙا گھوڙا ڪئي ته مرد پنهنجي مکيءَ جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکي ڦڳڻ مل به ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ ٻئي ھٿ زور سان سٿرن تي ھڻي پئي ان ڳالھ جو ارمان ڪيو.
مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سيتل، ھڪدم بدلجي ويو. اڳي ٻئي ٽئين ڏينهن ڏاڙھي ڪو نه ڪوڙائيندو ھو ته آرام ئي ڪو نه ايندو ھوس، پر پوءِ باقاعدي سونهاري ڇڏي ڏنائين، جا روز بروز وڌندي سندس منهن جي نور کي جرڪائيندي پئي وئي. نماز ۾ ايندو ته مولويءَ کان به اڳ ھو، پر جي دير ٿيندي ھيس ته به ايتري جو مولوي بانگ ڏئي اڃا دڪيءَ تان لھندو ھو ته سندس ھڪ پير مسيت جي در جي چائٺ ٽپندو ھو. مسيت جي سيوا، ٻهاري، نکن ويڙھڻ ۽ مٽين ڀرڻ ۾ به سڀني جماعتين کان اڳرو ھو. قرآن شريف پڙھڻ ۾ اھڙو شوق رکيائين جو مھيني ڏيڍ ۾ باب نامو پڄائي وڃي سيپارو شروع ڪيائين. پنهنجي گھر ۾ اسر جو ۽ سومھڻي جو وڏي سر سان پيو ذڪر ڪندو ھو. مطلب ته خدا کيس اھڙي ھدايت ڏني ھئي، جو شل ساري جڳ جھان کي ڏئي. مولوي صاحب کي به اڳ ڪنهن بي دين کي مسلمان ڪرڻ جي سعادت نصيب ڪا نه ٿي ھئي، ان ڪري کيس پنهنجي آخرت جو توشو سمجھي، ڏسي ڏسي پيو ٺرندو ھو ۽ آئي وئي سان ھن جي تعريف ڪندو ھو؛ ”ابا، ھي اسان جو عبدالله ڪنهن ڊگھي منزل نه رسي ته مون کي ڏٺي نه کيڪارجو!“
ڪڏھن ڪڏھن مولوي صاحب ڪن بي نمازين کي خدا، رسول ۽ آخرت جا ڀو ڏيندو ھو ۽ ھن جو مثال ڏئي کين چوندو ھو؛ ”اڙي نماز پڙھو، دور ڪيو، نه ته قيامت جي ڏينهن ھي اوڏ توھان کي شڪي ڪندو.“ عبدالله جو نماز، صلوات ۽ درود ۾ شوق ڏسي مولوي صاحب کيس دلداري ڏيندو ھو ۽ چوندو ھو؛ ”عبدالله، نه گھٻرائجانءِ. رب سائين تنهنجا سڀ گناھ معاف ڪندو. ڀلو ڀلو ڀاڻ ايندو آھي ته ڀلو نه چئبو آھي.“
عبدالله وري ان ڳالھ تي عاجزي سان مولوي صاحب کي عرض ڪندو ھو ته ھو خدا جي پيارن ٻانهن مان آھي، ان ڪري خدا جي درٻار ۾ عرض ڪري ته سندس اڳيان گناھ معاف ٿين، قبر جي عذاب ۾ آساني ٿئي ۽ قيامت موچاري ٿئي. مولوي صاھب ھڪدم ھٿ کڻي دعا گھرندو ھو ۽ پھرين صلوات شريف ۽ ٻه-ٽي آيتون پڙھي وڏي سر ۽ عاجزيءَ سان ھيءَ دعا پڙھندو ھو:
عرض سڻ اسان عاصين جو، مصطفيٰ جي واسطي،
ھٿ کڻڻ آھي شرم، پر وس نه توريءَ واھ ٻي،
سوال سڻ صديق اڪبر دل صفا جي واسطي،
سخت آ سرڪار تنهنجي اسان ڏوھي ٿا ڏڪون،
فضل ڪر فاروق اعظم بي ريا جي واسطي،
نفس واري جنگ ۾، تون اسان کي فتح بخش،
حل ڪر مشڪل اسان جي، مشڪل ڪشا جي واسطي.
ان وچ ۾ عبدالله ھڪ ھڪ بند کان پوءِ آمين چوندو ويندو ھو ۽ سندس اکين مان ڳوڙھا ڳڙي ڳڙي سندس سونهاري ۾ جذب ٿيندا ويندا ھئا.
ھڪ ڏينهن ٽپھري جي نماز کان ٿورو اڳ، ولر جو پٽ ٻاٻيھو وٽس ڀڄي اچي پھتو ۽ پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ ۾ کيس ياد ڪرڻ جو ٻڌايائين. عبدالله کي اڳ ۾، ھِن ھُن جي واتان اھا خبر پئي ھئي، پر مکيءَ ڦڳڻ مل سان ڪيل فيصلي موجب ھو ڪو نه ويو ھو. ڀيڻ جي بيماريءَ جو ٻڌي ھن کي جھٻو ته گھڻو آيو، پر ٻاٻيھي کي چيائين: ”مان اوڏانهن ڪو نه ھلندس، مکي ڪاوڙ ڪندو. تون گاڏي تي ھيڏي کڻائي اچينس.“ ٻاٻيھي مامي جو اھو عذر ٻڌي کيس چيو؛ ”ماما، تون ان ڳالھ جي ڳڻتي نه ڪر. بابي مکي جي پيرن تي پٽڪو رکي تنهنجي ٿوري گھڙي کن لاءِ موڪل ورتي آھي.“
ان موڪل ملڻ کان پوءِ، عبدالله کي ٻيو ڪھڙو اعتراض ھو. ھو ٻاٻيھي سان گڏجي اوڏانهن ھليو ويو.
ٽپھريءَ جي نماز تي جو مولوي صاحب عبدالله کي نه ڏٺو ته حيران ٿي ويو ۽ جماعتين کان پڇيائين. ھڪ جماعتي جنهن پري کان عبدالله کي ٻاٻيھي سان گڏ ويندي ڏٺو ھو، تنهن اھا ڳالھ مولوي صاحب کي ٻڌائي. مولوي صاحب پريشان ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو؛ ”کيس وڃڻ نه گھربو ھو. جيتري دير ڪافرن جي صحبت ۾ ويھندو، سندس ايمان ۾ ڪتر پوندي. ڪو وڃي کيس وٺي اچي.“
مولوي صاحب جو حڪم ٻڌي فتح ناريجو اٿيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي وڃي اوڏن جي پکن وٽ پھتو. اتي لوڙھي جي ٻاھران بيھي سڏ ڪيائين: ”عبدالله، او عبدالله!“
مکي ڦڳڻ مل جو پکو لوڙھي جي ڀرسان ھو. ھن ان وقت ٻاھران آيل مزمانن سان چوپڙ راند پئي ڪئي. ھو سڏ ٻڌي اٿيو ۽ پکي کان ٻاھر نڪري فتح کان پڇيائين: ”ڇا ھي فتح؟“
”اسان جو عبدالله توھان وٽ آيو آھي، ان کي مولوي ٿو سڏائي.“
مکيءَ کي ان ڳالھ تي ٿوري چڙ آئي. عبدالله جو سندن ھڏ، رت، پت مان ھو ۽ جو سندن بکن ۾ ڄائو نپنو ھو، سو وري فتح وارن جو ٿي ويو ھو؛ پنهنجي بيمار ڀيڻ کي ڏسڻ آيو ھو ته پوئتان ماڻھو ڀڳو آيو. مکيءَ شوخائيءَ سان پڇيو: ”عبدالله توھان جو آ فتح؟“
”ھا، اسان جو آ.“
”توھان ھن جا وارث آھيو؟“
”ھا، اسان جو مسلمان ڀاءُ آھي، اسين ھن جا وارث آھيون.“
ان وچ ۾ عبدالله کي به ڪنهن سڏ جو ٻڌايو ۽ ھو ڀيڻ جي پکي مان نڪري اچي وٽن بيھي رھيو. مکيءَ فتح کان پڇيو: ”چڱو فتح، ھڪ ڳالھ ٻڌاءِ. سڀان جو ھي مري وڃي ته جوڻس کي ته لوڌي ڪڍندؤ نه؟“
”ڇو لوڌي ڪڍنداسونس.“
”توھين مسلمان ساڻس نڪاح ڪندؤ.“
”جي مالڪياڻي راضي ھوندي ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي.“
”گريان نه ايندو؟“
”ڇو ايندي گريان مسلمان کان!“
عبدالله مکيءَ کي سوالن جوابن ۾ مئل ڏسي مشڪڻ لڳو. مکي ڦڳڻ مل کيس پاڻ تي کلندو ڏسي، پنهنجي دماغ کي ائين ٿڦوليو جيئن ھو راند ۾ ڪنهن جي ڳوٽ مارڻ لاءِ ڍاري کي گھڻي دير تائين کڙڪائي کڙڪائي گھربل داءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. اوچتو ھن پڇيو: ”چڱو فتح، جي جوڻس مري وڃي ته کيس پاڻ وٽان پرڻائيندؤ؟“
مکيءَ جو سوال ٻڌي فتح جو منهن ڳاڙھو ٿي ويو. سندس اکيون لال ٿي ويون. ھڪ خسيس اوڏ کيس گار ڏني ھئي، حالانڪ اوڏ کي خبر ھئي ته ٻهراڙي ۾ ڪو پنهنجي ذات کان ٻاھر سَڱ نه ڏيندو آھي. ناريجا ناريجن ۾ ڏيندا آھن ته ڪلھوڙا ڪلھوڙن ۾ ڏيندا آھن. فتح ڪاوڙ مان مکيءَ کي دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”مکي، زبان سڀال. اڳتي حرف نه ڪڇجانءِ نه ته.....“ پر مکي ھيسجڻ بجاءِ رھندو مرڪڻ لڳو ۽ فتح کي چيائين؛ ”اھو ڪھڙي قانون ۾ لکيل آھي جو توھان وٺندؤ باقي ڏيندؤ ڪو نه. توھان جي مذھب ۾ ته سڀ مسلمان ڀائر آھن ۽ ڪو ويڇو ئي ڪونهي.“
”اھا اسان جي رسم آھي، ابن ڏاڏن کان.“ فتح ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو.
مکي ڦڳڻ مل، پنهنجو گھربل داءُ وٺي، مرڪيو. عبدالله جي منهن مان رت ڇڏي ويو. ھن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اکين جي الائي ڪھڙين ڪنڊن مان ڳوڙھا نڪتا، جن سندس ماڻڪيون آليون ڪري ڇڏيون. جيسين اھي ڳوڙھا ڇپرن ۽ پنبڻين جو بند ڀڃي ڳلن ڏانهن وڌن، ھو مکي جي چنبي ۾ چنبو ڏيئي، مسيت ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي اباڻن پکن ڏي موٽيو.
ٻئي ڏينهن عبدالله پئنچايت ۾ ڏنڊ ڀري رکيل ڏاڙھي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گھاري ۾ وھنجي، پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب ”پاڪ“ ڪيو ته ھوڏانهن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپھري جي نماز کان پوءِ، ھڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو: ”مولوي صاحب، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.“
ٻئي چيو: ”سائين گڏھ کي پنج-سنجيون پارائي، گھوڙن سان بيھاربو ته ڪو گھوڙو ڪو نه ٿي پوندو!“
آخر ۾ مولوي اميد علي پنهنجي سونهاريءَ کي ھٿ سان سنواريندي چيو: ”ھا ابا! سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!“




کافر

نسیم احمد کھرل
ترجمہ : آفاق صدیقی

جس دن سيتل اوڈ اور اس کی گھر والی کو مسلمان ہونا تھا اس دن مسجد میں اتنے نمازی آئے کہ مسجد کے باہر بھی تین چار صفیں قائم ہو گئیں۔ اس سے پہلے یا تو عید پر اتنا ہجوم ہوتا یا کوئی مال دار آدمی اپنے مرحوم باپ کی مغفرت کے لئے بریانی کی دیگ چڑھاتا تو لوگ کھنچے چلے آتے۔
مسجد کے پیش امام مولوی امید علی نے بھی سيتل کے قبولِ اسلام کی بڑی تشہیر کی تھی۔ لوگوں کو قرآن و حدیث کی روشنی میں بتایا تھ کہ ایسا موقع عیدوں سے بھی زیادہ مبارک ہوتا ہے۔
گوٹھ کے باشندے بھی کچھ دینی جذبہ رکھتے تھے، اس لئے بہت سوں نے سر پر پیچ دار پگڑی باندھی اور مسجد میں آ گئے۔
مولوی صاحب خود بھی اچھی خاصی آن بان میں دکھائی دیئے ۔ سر پر ہری مونگیا دستار، جسم پر سفید بے داغ شلوار کُرتا اور پاؤں میں نئی جوتی۔ ہاتھوں میں نقشیں عصا جس کے نچلے سرے میں لوہے کی شام لگی ہوئی تھی۔ وہ محراب کے قریب کچی زمین میں اپنا عصا اس طرح گاڑتے جیسے دین کا جھنڈا ہو۔
مولوی صاحب اس دن خطبے کی جو کتاب لائے وہ بھی نئی تھی۔ کچھ قرآنی آیات کی تلاوت کے بعد جب وہ سندھی نظم کے اس قصے پر پہنچے جہاں چاروں اصحاب پاک کی ثنا تھی تو نمازیوں کی آنکھیں بھیگنے لگیں۔
فرض پڑھاتے ہوئے بھی مولوی صاحب نے سورہ رحمٰن کی اثر آفرینی سے نمازیوں کے دلوں کو روحانی انبساط بخشا۔
پھر نماز کے بعد مختصر تقریر میں گوٹھ کے لوگوں کو مبارک باد دی اور ایک پنج وقتہ نمازی کو بھیج کر سيتل اور اس کی گھر والی کو بلوایا جو نہا دھو کر صاف ستھرے کپڑے پہنے مولوی صاحب کی بیٹھک میں موجود تھے۔
مسجد میں سيتل اور اس کی گھر والی (مائی ٹلی) کو اپنے سامنے بٹھا کر مولوی صاحب نے بلند آواز میں سيتل سے پوچھا، "بابا! تم اور مائی ٹلی اپنی خوشی سے دینِ محمدی قبول کرنا چاہتے ہو؟"
"ہاں مولبی صاحب !"
"اپنی رضا و رغبت کے ساتھ یا کسی زور اور زبردستی سے؟"
"سائیں ! پوری رجا و رگبت اور کُھشی سے۔"
"مائی ٹلی! تم بھی؟"
"ہاں سائیں! میں بھی۔" سمٹی سمٹائی مائی ٹلی نے اپنے شوہر کی طرف دیکھتے ہوئے جواب دیا۔ مولوی صاحب نے یہ سن کر حاضرین سے رجوع کیا۔
"سنتے ہو بھائیو!"
"ہاں ہاں سائیں! ہم سب نے سن لیا۔"
مولوی صاحب نے شہادت کی انگلی چھت کی جانب اُٹھائی اور تین مرتبہ بلند آواز سے کہا،
"اے اللہ ! تُو شاہد رہنا' اے اللہ! تُو شاہد رہنا' اے اللہ ! تُو شاہد رہنا"
مولوی صاحب نے اس کے بعد سيتل اور مائی ٹلی کو مبارک باد دی اور بڑی خوش دلی سے پوچھا،
"روزے رکھو گے؟ نماز پڑھو گے؟ اور نیک کام کرو گے؟"
"ہاں ہاں سائیں! کیوں نہیں جو آپ کرتے ہو وہی کروں گا۔ روجے رکھوں گا، نماج پڑھوں گا۔"
"میری جیسی داڑھی بھی رکھو گے؟"
"رکھوں گا جرور رکھوں گا۔" سيتل نے سچے دل سے اقرار کیا۔
اچانک مولوی صاحب کی نظر سيتل کے کانوں پر پڑی جن میں سونے کی بالیاں لٹک رہی تھیں۔
"یہ سونے کی بالیاں اُتار کر مائی کو دے دو۔ اسلام میں مردوں کے لئے سونا پہننا حرام ہے۔"
سيتل نے یہ سن کر جلدی جلدی گھبراہٹ میں سونے کی بالیاں اُتار کر مائی ٹلی کو دیں جس نے انہیں اپنے دوپٹے کے کونے میں باندھ لیا۔
مولوی صاحب نے سيتل سے اگلا سوال پوچھا،
"جوا نہیں کھیلو گے؟ دارو نہیں پیو گے؟"
"نہ سائیں! اب کبھی نہیں!" سيتل نے عاجزی سے جواب دیا۔
"جزاک اللہ! جزاک اللہ!" مولوی صاحب نے اسے شاباش دی اور مزید سوالات پوچھنے کی ضرورت محسوس نہ کی بلکہ اس سے کہا،
"تھوڑا سرک کر میرے نزدیک آ جاؤ۔"
سيتل گھسٹ گھسٹ کر مولوی صاحب کے پاس جا بیٹھا تو انھوں نے کلمہ پڑھوایا،
"کہو، لا الہ الا للہ!"
سيتل ٹھیک سے نہ کہہ سکا، رکتے رکتے بولا،
"لا ئیلا"
"ایسے نہیں ۔ ۔ ۔ کہو، لا - ا - لاھ" مولوی صاحب نے ہلکے ہلکے لفظ لفظ کو اس طرح دہرایا جیسے بچوں کو پڑھایا جاتا ہے اور اس طرح سيتل اور مائی ٹلی نے پورا کلمہ توحید تھوڑی سی مشق سے ٹھیک ٹھیک پڑھ لیا۔
سب نمازی ایک بے دین اور اس کی گھر والی کو مسلمان ہوتا دیکھ کر خوشی سے کھل اُٹھے۔ انھوں نے مولوی صاحب کو مبارک باد دے کر سيتل اور مائی ٹلی کو مبارک باد دی۔ ایک پُر جوش شخص نے تو زور دار نعرہ تکبیر لگایا جس کا جواب حاضرین نے اتنی بلند آواز میں دیا کہ اس کی گونج دُور تک سنائی دی۔ پھر مولوی صاحب نے سيتل کی جانب منہ کر کے کہا،
"آج سے تمہارا نام عبداللہ اور مائی ٹلی کا نام فاطمہ ہو گیا۔"
کچھ لوگ جانے لگے تو مولوی صاحب نے انہیں اشارے سے رکنے کی تاکید کی اور کہا،
"بھائیو! ذرا ٹھہرنا، ابھی ان کا نکاح پڑھانا ہے۔"
یہ سن کر ہر ایک اپنی جگہ پر جما رہا۔ مولوی صاحب نے دونوں کی مرضی معلوم کی اور نکاح پڑھا دیا۔
---------×-×-×-×-×----------
گوٹھ کے باہر اوڈوں کی جھونپڑیوں میں کھلبلی مچی ہوئی تھی۔ عورتیں اور لڑکیاں الگ الگ ٹولہ بنائے کوسنے دے رہی تھیں۔ ہائے گھوڑا ہائے گھوڑا کا شور تھا۔
مرد اپنے مکھی پھگن مل کی چارپائی کے چاروں طرف بیٹھے زبردست بحث مباحثے میں مصروف تھے۔ مکھی پھگن مل بار بار غصے میں اپنی رانوں پر ہاتھ مار کر بڑبڑا رہا تھا۔
اس کو جب اس بات کی سن گن ملی تھی تو سيتل کو بہت سمجھایا اور منتیں کی تھیں۔ بھگوت گیتا کا واسطہ دیا تھا اور آخر میں پنچایت کے سامنے اپنی چودھراہٹ کی رنگین پگڑی تک سيتل کے پاؤں میں ڈالنے کا تاثر دیا تھا ، مگر سيتل نے صاف صاف جتا دیا تھا،
" مکھی! تم کچھ بھی کرو ، میں نے جو کچھ کرنا ہے ضرور کروں گا۔"
"مگر تو اپنا دھرم کیوں بدل رہا ہے؟"
"میری مرجی۔"
"آخر پھر بھی؟"
سيتل سوچ میں پڑ گیا۔ ایک کھسیانی سی ہنسی اس کے لبوں پر آئی اور اس نے کہا،
"مجھے اپنا دھرم اب اچھا نہیں لگتا۔"
"گھوڑا رے گھوڑا!۔۔۔ ۔ارے تجھ کو آخر کیوں نہیں اچھا لگتا اپنا دھرم؟"
"اچھا مکھی! بتا ہم کون ہیں؟"
"ہم ہندو ہیں۔"
"اچھا بتا ہندو لاش کو چتا میں جلاتے ہیں، مسلمان کیوں دفن کرتے ہیں؟"
"یہ ہماری ریت ہے وہ ان کی ریت ہے۔"
"اچھا ہم بکرا حلال کر کے کیوں کھاتے ہیں؟"
"یہ بھی ہماری رسم ہے باپ دادا سے۔"
"پر یہ تو مسلمانوں کی رسمیں ہیں۔"
"تو چریا ہے! یہ رسمیں ان کی بھی ہیں اور ہماری بھی۔"
"پھر تم کیسے کہتے ہو کہ ہم ہندو ہیں؟"
"نہیں تو کیا ہیں ڑے ! "
"آدھے ہندو آدھے مسلمان۔ دھڑ دنبہ، گردن بکری"
مکھی پھگن مل لاجواب سا ہو گیا، مگر اس نے بات کو بدلا،
"بھلے سے ہم کچھ بھی ہیں ۔ پر دھرم کیوں بدلیں"
"مجھے مسلمانوں کا دھرم پسند ہے۔"
"تو کیا ہمارا دھرم جھوٹا ہے؟"
"ہاں جھوٹا ہے۔" سيتل نے دلیری سے جواب دیا جس پر پنچایت میں بیٹھے اوڈوں کے لہو نے جوش مارا۔ موتی اور کچھ دوسرے تو سيتل کی پٹائی کرنے آگے بڑھے، مگر مکھی نے ہاتھ جوڑ کر روکا اور کہا،
"پنچو! مارنے پیٹنے سے کچھ نہ ہو گا۔ اس کو مسلمانوں نے تاویج (تعویذ) پلائے ہیں۔"
مکھی کی یہ بات ان سب کے دلوں میں اس طرح اتر گئی جیسے ان کے پھاوڑے گیلی زمین میں کُھب جاتے ہیں۔ کئی ملی جُلی آوازیں اُبھریں،
"مولوی کو بے سک (بےشک) تاویج دینے میں کمال ہے۔ سبھی تاویج لکھا کر لے جاتے ہیں۔"
جوش میں کھڑے ہو جانے والے اوڈ اپنی اپنی جگہوں پر بیٹھ گئے اور غصے میں بھر کر زور زور سے چرس کے دم لگانے لگے۔ مکھی نے سب کو چُپ دیکھ کر پھر سيتل کی جانب منہ کیا اور پوچھا،
"تجھ کو مسلمانوں کا دھرم کیوں اچھا لگا ہے؟"
"سب مسلمان بھائی ساتھ ساتھ نماج پڑھتے ہیں۔ کھانے پینے میں چھُوت چھات نہیں ہوتی۔ ہندو بھی کوئی دھرم ہے؟ برہمن، کھتری، اوڈ، اچھوت سب الگ الگ۔"
مکھی حیرت سے سيتل کو دیکھتا رہا اور سوچنے لگا کہ سچ مچ یہ بات تو ہے کہ برہمن ، اچھوتوں اور اوڈوں کو اپنے پاس نہیں آنے دیتے۔ ایک تھالی میں کھانا تو بہت دور کی بات ہے۔ مسلمان تو ایسا نہیں کرتے۔
اب مکھی نے دوسری چال چلی اور کہا،
"سيتل تُو مسلمان ہو جائے گا تو ہم سے تیرا کوئی واسطہ نہیں رہے گا۔"
"نا رہے ، ہاں ہاں نہ رہے۔"
"ہم تجھے اپنے پاس بھی نہیں آنے دیں گے۔ ولر کے پاس بھی نہیں۔" مکھی نے سيتل کو دھمکی دی۔ ولر کی گھر والی سيتل کی سگی بہن تھی۔
"دھمکی کسے دیتے ہو، ہاں ہاں نہ آنے دینا۔ میں مسلمان بھائیوں کے ساتھ اٹھوں بیٹھوں گا اور سمجھوں گا کہ بہن مر گئی۔"
اتنی بڑی بات سُن کر مکھی نے ٹھنڈے انداز میں بات کی۔ اسے یقین تھا کہ سيتل کہیں نہ کہیں ہار کر اس کے جال میں آ جائے گا، مگر جب کوئی چال کامیاب نہ ہوئی تو مکھی پر جھنجھلاہٹ سوار ہو گئی،
"یاد رکھنا سيتل! گدھوں پر چاہے پانچ زینیں کس کر گھوڑوں میں بٹھا دو تو بھی گدھے ہی رہیں گے، گھوڑا نہیں بن جائیں گے۔"
پنچایت اُٹھنے کے بعد مکھی نے ولر کو سمجھایا تھا کہ پگڑی کا واسطہ دے کر سيتل کی منت سماجت کرنا کہ اپنا دھرم نہ چھوڑے، لیکن سيتل پر اپنے بہن بہنوئی کی منتوں کا بھی کوئی اثر نہ پڑا اور وہ مولوی امید علی سے طے شدہ وقت پر جمعہ کے دن گھر والی کو لے کر سیدھا مسجد چلا گیا اور کلمہ پڑھ کر باقاعدہ داخلِ اسلام ہو گیا۔
------×-×-×-×-×------
مسلمان ہونے کے بعد سيتل کافی بدل گیا تھا۔ پہلے وہ ہر دوسرے تیسرے دن داڑھی نہ منڈاتا تو اسے چین نہ آتا۔ اب اس نے باقاعدہ داڑھی رکھ لی تھی جو اس کے بھرے بھرے چہرے پر بڑی سجتی تھی۔ نماز پڑھنے مولوی صاحب سے بھی پہلے مسجد میں آ جاتا۔ جھاڑو دینا، پانی کے گھڑے بھرنا اور بڑے ذوق و شوق سے عربی پڑھنا اس کے معمولات میں شامل ہو گیا۔
مولوی صاحب کو بھی اس سے پہلے کسی غیر مسلم کے مسلمان بنانے کی سعادت نصیب نہیں ہوئی تھی، اس لئے وہ بہت خوش تھے اور آتے جاتے تعریف کرتے،
"بھائی ! یہ اپنا عبداللہ کتنا نیک اور کیسا محنتی مسلمان ہے۔"
کبھی کبھی مولوی صاحب کسی بے نمازی کو اللہ ، رسول اور آخرت کا وعظ دیتے تو عبداللہ کی مثال دے کر کہتے،
"ارے ! نماز پڑھو، ذکر کرو، نہیں تو قیامت کے دن یہ اوڈ تمہاری مسلمانی کو شکی کر دے گا۔"
عبداللہ کا دینی ذوق و شوق اور مسلمانوں سے سچی ہمدردی کے جذبے کو دیکھ کر مولوی صاحب اس کی دلداری کرتے اور کہتے تھے،
"عبداللہ! گھبرانا مت۔ رب سائیں تمہارے گناہ معاف کرے گا۔ صبح کو بھولا شام کو لوٹ آتا ہے تو اسے بھولا نہیں کہتے۔"
عبداللہ بھی مولوی صاحب کی شفقت سے بہت متاثر تھا۔ وہ عرض کرتا:
"سائیں ! آپ اللہ کے پیارے بندوں میں ہیں، میرے لئے دعا کرو کہ پچھلے گناہ معاف ہو جائیں۔"
مولوی صاحب فوراً ہاتھ اُٹھا کر دُعا کرتے اور دعا میں بڑی عاجزی سے کچھ شعر بھی پڑھتے،
"عرض سن ہم عاصیوں کی مصطفےٰ کے واسطے"
اس دوران عبداللہ والہانہ سے انداز میں برابر آمین آمین کہتا رہتا اور اس کی آنکھوں سے آنسو بہہ بہہ کر داڑھی میں جذب ہوتے رہتے۔
------×-×-×-×-×------

ایک دن عصر کی نماز سے کچھ پہلے اس کا بھانجا "بھابھیو" بھاگتا ہوا آیا اور اپنی ماں کی بیماری کا حال بتایا۔ عبداللہ کو پہلے ہی خبر مل گئی تھی، مگر مکھی پھگن مل سے کئے گئے فیصلے کا خیال کر کے وہ نہیں گیا حالانکہ بہن کی بیماری کا اسے صدمہ تو بہت تھا۔ اس نے بھابھیو سے کہا،
"میں نہیں جاؤں گا۔ مکھی غصہ کرے گا۔ تُو بیل گاڑی میں اسے ادھر لے آ۔"
بھابھیو نے یہ عذر سن کر بتایا،
"ماما! تُو اس بات کی فکر نہ کر۔ بابا نے مکھی کو راجی کر لیا ہے کہ تھوڑی دیر کے لئے آتا ہے تو آ جائے۔"
عبداللہ کے خون نے جوش مارا اور وہ بھانجے کے ساتھ اپنی بہن کو دیکھنے چلا گیا۔ عصر کی نماز پر جب مولوی صاحب نے عبداللہ کو نہ دیکھا تو حیران ہو گئے اور نمازیوں سے پوچھا۔ ان میں سے ایک نے عبداللہ کو نمازیوں کے ساتھ جاتے ہوئے دیکھا تھا اور یہ بھی معلوم تھا کہ بہن بیمار ہے۔
مولوی صاحب کو عبداللہ کا وہاں جانا اچھا نہیں لگا اور کہنے لگے،
"اسے نہیں جانا چاہئے تھا۔ جتنی دیر کافروں کی صحبت میں بیٹھے گا، ایمان میں کمزوری پیدا ہو گی۔ کوئی جا کر اسے لے آئے۔"
مولوی صاحب کا حکم سن کر فتح ناریجو اُٹھا اور جلدی جلدی قدم اُٹھاتا اوڈوں کی جھونپڑیوں کے علاقے میں داخل ہوا جہاں چاروں طرف نوکیلے کانٹوں کی باڑھ تھی۔ اس نے باہر ہی سے آواز دی،
"عبداللہ ، او عبداللہ!"
مکھی پھگن مل کا جھونپڑا باڑھ کے پاس ہی تھا۔ وہ اس وقت باہر سے آئے ہوئے مہمان کے ساتھ چوپڑ کھیل رہا تھا۔ آواز سن کر اٹھا اور باہر نکل کر فتح ناریجو سے پوچھا،
"کیا ہے فتح؟"
"ہمارا عبداللہ تمہارے پاس آیا ہے، اس کو مولوی صاحب بلا رہے ہیں۔"
مکھی اس بات پر چڑ سا گیا۔ عبداللہ جو اِن کی ہڈیوں اور خون میں سے تھا، جو جھونپڑیوں میں پیدا ہوا، پلا بڑھا وہ فتح والوں کا کیسے ہو گیا؟ مگر مکھی نے شوخی سے پوچھا،
"عبداللہ تمہارا ہے، فتح؟"
"ہاں ڑے! ہمارا ہے۔"
"تم اس کے وارث ہو؟"
"ہاں ہاں ہمارا مسلمان بھائی! ہم اس کے وارث ہیں۔"
اسی عرصے میں عبداللہ کو بھی کسی نے فتح ناریجو کے آنے کی اطلاع دی اور وہ بیمار بہن کے جھونپڑے سے نکل کر وہیں آ کر بیٹھ گیا۔
مکھی نے فتح سے پوچھا،
"اچھا فتح ، ایک بات بتا۔ کل جو یہ مر جائے تو اس کی گھر والی کو دھکے دے کر تو نہیں نکالو گے نا؟"
"کیوں نکالیں گے دھکے دے کر؟"
"تم مسلمان اس سے نکاح کر لو گے؟"
"اگر راضی ہو گی تو اس میں کوئی عیب کی بات نہیں۔"
"گھن اور نفرت نہیں ہو گی تمہیں اس سے؟"
"گھن اور نفرت کیوں ہو گی، اب تو یہ بھی مسلمان ہے۔"
عبداللہ سوال و جواب میں مکھی کو ہارتا ہوا دیکھ کر مسکرانے لگا۔ مکھی کو سخت ناگوار گذرا اور وہ اس طرح اپنے سر کو تھپکی دینے لگا جس طرح چوپڑ میں کسی کو گوٹ مارنے کے لئے سر اور ماتھے کو تھپ تھپاتا تھا۔ اچانک اس نے پوچھا،
"اچھا فتح! اگر اس کی بیوی مر جائے تو اس کی شادی اپنے گھرانے میں کر دو گے؟"
مکھی کا سوال سن کر فتح کا منہ سرخ ہو گیا۔ آنکھوں میں حقارت و نفرت کا تاثر ابھرا اور اسے ایسا لگا جیسے ایک خسیس اور نیچ اوڈ نے اسے بہت بڑی گالی دے دی ہو۔
مکھی نے دکھتی رگ پر ہاتھ رکھ دیا تھا۔ وہ جانتا تھا کہ دیہات میں کوئی اپنی ذات سے باہر لڑکی نہیں دیتا۔ ناریجو ناریجوں، کلہوڑے کلہوڑوں میں لڑکی کا رشتہ کرتے ہیں۔ مکھی ڈرنے کی بجائے مسکرانے لگا اور فتح سے کہا،
"یہ کون سے قانون میں لکھا ہے کہ تم لو گے، مگر دو گے نہیں۔ اسلام میں تو سب مسلمان بھائی بھائی ہیں نا؟"
"یہ ہماری رسم ہے بابا دادا سے۔" فتح ناریجو غصے میں گرجا۔
مکھی اپنی چال میں کامیاب ہوا۔ عبداللہ کے چہرے پر عجیب سا کرب نمایاں ہوا۔ اس کے ہونٹ کانپنے لگے اور آنکھوں میں موٹے موٹے آنسو تیرنے لگے۔ اس نے کسی سے کچھ نہ کہا، بس مکھی کے ہاتھوں میں ہاتھ ڈال کراوڈوں کے جھونپڑوں کی جانب پلٹ گیا۔
دوسرے دن عبداللہ نے پنچایت میں جرمانہ ادا کیا۔ داڑھی منڈوا کر سونے کی بالیاں پہنیں پھر اوڈوں کی رسم کے مطابق مقدس پانی میں نہا کر اپنے آپ کو تازہ دم کیا۔
ادھر گوٹھ کی مسجد میں عصر کی نماز کے بعد ایک نمازی نے مولوی صاحب سے کہا؛ "مولوی صاحب! کتا کیا جانے گیہوں کی روٹی کا مزہ!"
دوسرا بولا؛ "سائیں! نیچ نیچ ہی ہوتا ہے۔ کوا ہنس کی برابری کیسے کر سکتا ہے؟"
مولوی صاحب نے ایک ٹھنڈی سانس بھری، پھر اپنی داڑھی پر ہاتھ پھیرا اور فرمایا؛ "ہاں بھائی! سچ کہتے ہو، کافر آخر کافر ہی ہوتا ہے۔"
٭٭٭

No comments:

Post a Comment