Sunday, December 4, 2011

فليگ آف آنر منظور ڪوھيار


فليگ آف آنر
منظور ڪوھيار

صبوح صبوح سان حليم جو پٽ جميل سندس ڪمري ۾ اندر داخل ٿيو. اچڻ سان چيائين:
‘بابا، مان اسڪائوٽ ڪيمپ اٽينڊ ڪيان؟’
حليم پٽ تي ڀرپور نگاهه وڌي.
نائين ڪلاس جو شاگرد، عمر چوڏنهن سال، وارن ۾ پڳور، مڇن جي هلڪي ساول، تن هيٺ رتول چپ، ڀريل ڳٽا، لڄاريل اکيون هيٺ ڪري وري مٿي ڏسڻ جي عادت. لڳو ڄڻ هن موٽ کاڌي هئي ...


ڪافي سال اڳ:
يارنهن کان سورنهن سالن جا ڇوڪرا، ڳچين ۾ رنگ برنگي اسڪارف وجھيون، اسڪائوٽ ٽريننگ وٺي رهيا ها. هو پنهنجي يونٽ جو هونهار اسڪائوٽ هو. هر ڪنهن جي اکين جو تارو، گروپ ليڊر کان وٺي ڪانٽيجنٽ ليڊر تائين. ڪٻري ڏاڙهي واري اسڪائوٽ ماسٽر جون اکيون به کلڻ لڳنديون هيون، جڏهن هن سهڻل تي نظر پوندي هئس. وس پڄيس ها ته دل جي فرنٽ پاڪيٽ تي ڪنهن بيج وانگر سجائي ڇڏيس ها.
اهڙي شفقت، اهڙي الفت ته کيس گھر ۾ به نه ملي هئي! پر هتي هر جاءِ تي کيس سرس ملي. سنگنل ڪلاسز، هائيڪنگ، ميوزيڪل ورڪ، ڪيمپس ٽرننگ، سڀ ۾ ـــ ڳنڍين ڏيڻ جو ته ماهر ٿي ويو جو رين ناٽ، ڪلچ ۽ لائيف سيونگ ته سندس ڏائي هٿ جو کيل هو.
هو  جڏهن ساڄي هٿ جون ٽي آڱريون مٿي ڪري واعدو دهرائيندو هيو:
‘آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ، ملڪ جي قانون جي پابندي، ٻين جي مدد ۽ اسڪائوٽ ۾ قانون جي پابندي ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس.’ ته کيس لڳندو هو ته، هو ڄڻ ڪا وڏي شئي ٿي ويو آهي.
اسڪائوٽ جا ڏهه قائدا: جن ۾ استاد ۽ والدين جو احترام، ڪفايت شعاري وغيره تي عمل ڪندي کيس يقين ٿيڻ لڳو هو ته ، جي اڄ ‘لارڊ بيڊن پاول’ ۽ ‘گل ول’ به هجن ها ته کيس ضرور  شاباس ڏين ها ۽ پٺي ٺپرين ها ...
تهه سياري جي مند هئي. لُري پئي لڳي. اسڪولن جي ڪنٽرول يونٽ جي ڪيمپ لڳل هئي. ميدان تي ميٽوڙي رنگ جا ويهه کن خيما کتل ها. خيمن آڏو رنگبرنگي اسڪائوٽي جھنڊا پئي ڦڙڪيا. هو پنهنجي گروپ جو پيٽرول ليڊر هو. سندس ڪيمپ اڇي اجري هئي. ٿانوَ ٿپا ترتيب ۾. پرسنل هائيجن ۾ پاڻ ئي شاهڪار هو. جڏهن انسپيڪشن ٽيم جنهن ۾ ڪانٽيجنٽ ليڊر، ڪئمپ چيف ۽ پروگرام ڊائريڪٽر ‘گيجٽ’ ڏسندي ٿورو پرڀرو وڃي سس پس ڪندا هئا، کيس الائجي ڇو لڳندو هو ته ‘فليگ آف آنر’ هن جو آهي.  ائين ستن ڏينهن جي ڪيمپ دوران ‘فليگ’، پنج ڏينهن هن جي خيمي تي ڦڙڪندو رهيو.
هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪئمپ فائر ٿيندي هئي. هن جو آواز جيڪڏهن سٺو نه هو ته خراب به نه هو. هن جو آئٽم هو ‘اچو اسڪائوٽي ٻار’ . هن ڏاڍي محنت سان ريهريل ڪري ائٽم پيش ڪيو:
‘اچو اسڪائوٽي ٻار
رهون ملڪ مددگار
ماڻهو چون سڀ
وهه .... واهه ... وا
وهه .... واهه ... وا’
هن کي سڀن کان وڌيڪ ‘سٺو ييل’ (داد) مليو. اسڪائوٽنگ ڪليپنگ (تاڙين) سان:
‘ٺڙڪ ، ٺڪ ....! ٺڪ ٺڪ ٺڪ!
ٺڙڪ ، ٺڪ ....! ٺڪ ٺڪ ٺڪ!
گرائونڊ ڪيمپ فائر لاءِ هن کي ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي هئي. جا هن ڪئي. هڪ ٻيو ڪورس گيت کيس پيش ڪرڻو هو. هن جڏهن اهو ائٽم پيش ڪيو، جنهن جا ٻول ها:
‘ايسي کير پڪائين جو ساري مل ڪي کائين
ڪون کائي گا چمچي نال ....؟؟’
ته وراڻو رڳو ڪورس گروپ نه ڏنو پر ٻاهريان به پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگھيا. سينو ٺوڪي چيائون:
هم کائينگي، چمچي نال!
هم کائينگي، چمچي نال!

هن جو ائٽم واهه جو لڳو. کيس زبردست ييل مليو. جڏهن ڪمپيئر حاضرين کان راءِ وٺڻ لڳو:
‘ڪيئن ٿيو؟’
ته هڪدم جواب آيو: ‘ڏاڍو سٺو!’
‘اڙي ! ڪيئن ٿيو؟’
‘سٺو ٿيو!’
‘بابا ڪيئن ٿيو!؟’
‘بابا! سٺو ٿيو!’
حاضرين جي زوردار تحسين ڏيڻ تي ‘جيوري’ مجبور ٿي پئي. پوءِ به ڪو چئي نه پئي سگھيو ته ڇا ٿيندو؟
جڏهن اهو  اعلان ٿيو ته سندس ائٽم پهريون نمبر آيو آهي، ته ڪاٺين جي باهه جي روشنيءَ ۾ سندس چهرو ٻهڪي پيو. ٻٽن ٻٽن ڀاڪرن سان کيس مبارڪون مليون. سندس گروپ کي بيسٽ گروپ قرار ڏنو ويو.
ان خوشيءَ ۾ ڪانٽيجنٽ ليڊر ۽ اسڪائوٽ ماسٽر کيس دعوت ڏئي پنهنجي ڪئمپ ۾ رهايو. جيڪو هن لاءِ وڏو اعزاز هو، جنهن جو هو صرف تصور پئي ڪري سگھيو.
نه وسرندڙ خطرناڪ رات
اها آخري رات، سندس سمورين گذاريل راتين جو امتحان هئي. ڄڻ پل صراط ....

هن اڃا تصور ڪرڻ جي سگھه پئي ساري ته بظاهر پٽهنس سندس خاموشي ٽوڙي.جيتوڻيڪ اها خاموشي نه هئي؛

‘بابا! مون پڇيو پئي ته ڪئمپ اٽينڊ ڪيان؟’
‘هون!’ حليم هڪ ٻڪو ٿي ڄڻ ماضيءَ مان نڪري آيو.
‘بابا ....!
سر چوي ٿو، اسان جي گروپ کي فليگ آف آنر به ملندو ۽ مان ..’
‘چيم نه ڪونهي ضرورت، فليگ آف آنر جا پٽ ...!!’
حليم ڇڙٻ ڏئي وراڻيو.
ڄڻ فليگ آف آنر هن جي لاءِ گار هئي.

No comments:

Post a Comment