Sunday, December 4, 2011

سچا ڪوڙا رشتا - منظور ڪوھيار


سچا ڪوڙا رشتا
منظور ڪوھيار

جيئن لٺ هنئي پاڻي جدا ناهي ٿيندو، ائين رت جا رشتا به جدا ناهن ٿيڻا. ڀل کڻي ڪيڏا به رساما هجن، هڏ ضرور سڏ ڏيندو آهي.
رجب جو لاش، اسپتال مان کڻائي، جڏهن ڪامريڊ دوستن سندس مسواڙي گھر ۾ آندو ته پاڻ ۾ سرِ جوڙي صلاح ڪيائون ته، توڙي جو مرحوم جا مائـٽن سان ترِ سنوان نه هيا، نه وري انهن سندس طويل علالت ۾ ڪا واهر ۽ وارثي ڪئي. پر پوءِ به رت رت آ، دانگيءَ تي وريو پئي. ان ڪري ٻڌائڻ ضروري آ.
سنگت ، اهو سڄو بار استاد غفار ۽ نجيب تي رکيو ته ڪيئن به ڪري سندس ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ کي ڳولي ڦولي هٿ ڪن، ڇو جو مرحوم آخري گھڙين ۾ انهن جو پڇندو رهيو ۽ آسروند نظرن سان دروازي ڏانهن ڏسندو رهيو.
صبح صبح سان اهو قصد ڪري نڪري پيا ته انڌن ملتان لڌو آ، خيرپور ڪو هروڀرو ايڏو وڏو شهر به ڪونهي، جو مرحوم جي قريبن کي نه ڳولي سگھجي. ٻنهي ڄڻن کي هلڪي سلڪي کڙڪ هئي ته سندس وڏو ڀاءُ محرم، بس اسٽينڊ جي ڀر پاسي ۾ حجامت ڪندو آ.


محرم کي جڏهن ٻنهي ڄڻن اچي ٻڌايو ته گراهڪ جي حجامت ڪجهه گھڙين لاءِ بيهجي وئي. محرم ٻڏتر ۾ اچي ويو.
‘ڀلا ڀائو ...! ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ٿوَ يا ....؟’
‘ڪا به ڳڻتي نه ڪريو، سڄو بار سنگت تي آ، رڳو توهان اچي منهن ڏسو ۽ ٻيو ته محرم جوڪجهه سامان سرڙو به آهي، توهان کڻڻ چاهيو ته اڳ ۾ توهان ، نه ته .....!’ استاد غفار کيس ٻڌايو ته محرم جي رت کي ٽهڪو اچي ويو:
‘اهڙي ڳالهه ناهي سائين ...! ناهي ته مولا ٿو ڄاڻي، سڄو بندوبست ڪيون اچان ها. آخر ڪار ننڍو ڀاءُ هو. پٽ جي آچار، پالي تاتي وڏو ڪيومانس .... بس ، هي گراهڪ ڇڏائي ، انهيءَ پير تي ٿو اچان.’
استاد غفار ۽ ڇوٽو نجيب ، جڏهن کائنس سندس ٻي ڀاءُ شبو ۽ ڀيڻ ڪمالان جو پتو کُـرو پڇيو ته محرم ٻڌاين: ‘ڪمالان ته مينسپالٽي جي ڀر پاسي ۾ رهندي آ ... مڙسنهس جو نانءُ رمضان ٿئوس ... مينسپالٽي ۾ ڪم ڪندو آ ، باقي شبو هوندو آ کدڙن سان، ڪڏهن هِت ڪڏهن هُت ... ملندؤ ڪو نه ... وڌيڪ اوهان جي مرضي!’
ڪامريڊن کي شبو ڳولڻ ۾ تڪليف ٿي. پر آخرڪار هڻي هنڌ ڪيائون. کيس کدڙن جي مڙهي ۾ سوگھو ڪري وڌائون. جي پهچڻ ۾ ٻه منٽ به دير ڪن ها، ته شبو (شبانه) ٻين سان ميهر شاهه جي ميلي تي نڪري وڃي ها. پهريان ته شبو (شبانه) کي ڍڪر چڙهي ويا. پر جڏهن محرم جو تڏي تي اچڻ ۽ سامان سرڙي جو ٻڌائين ته سندس رت کي ڇڪي اچي وئي. سينگار پيتي، ڪپڙن جو ٿيلهو سهيلين کي ڏئي تاڪيد ڪيائين ته، اڌ رات مڌ رات جوميلي ۾ پهچي ويندي، متان ڪنهن ٻي کي جوڙ ۾ کڻن.
استاد غفار ۽ نجيب ڇوٽو، جڏهن ڪمالان کي، گھر جي در تي ڀاءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌائي ته اکيون مهٽي مهٽي ڳاڙهيون ڪري ڇڏيائين. سڏڪي  سڏڪي، مسڪي مسڪي پڇيائين. ‘ادا... ڀائڙي جو ڪفن دفن الائي ڪيئن ٿيندو ....؟’
ٻنهي ڄڻن کيس دلجاءِ ڏيندي ٻڌايو. ‘ڀيڻ ....! دلگير نه ٿيو، سنگت ڪلهو ڏنو آ ته توڙ به نڀائيندي. اها ڳالهه محرم ۽ شبن کي به اڳ ۾ چئي آ، ته اوهان رڳو اچي منهن ڏسي وڃو ۽ ڪجهه مرحوم جا ٽپڙ ٽاڙي به آهن، اوهان حصي وارث آهيوس ... اڳ ۾ اوهان پوءِ سنگت ....’
‘ڀائو، اوهان کي لک شابسون هجن، نه ته ڪير ٿو ڪري اڄ ڪلهه ايئين.’ ائين چئي ڪمالان پار ڪڍڻ لڳي.
‘اڙي ...! سو ... ريتيون ... اڄ مون کان منهنجو دلبر جدا ٿي ويو ...! اڙي ... پا.... ڙي! .... وا .... ريون .... مون کي منهنجو ڀاءُ موٽائي ڏيو .... يه ...وو....!’
پاسي وارن گھرن جون ٽپڙيون مٿي ٿي ويون ته ڪامريڊن، ٻڌائڻ واري فرض کي پورو سمجھي پٺتي موٽ ڪئي.
ڪمالان در تان موٽي ته پهريائين سٽ ڏيئي ٽاٻر پٽ کي اٿاريو، جيڪو اڃان کٽ تي پئسٽرين ۽ پئٽيز کائڻ جا خواب ڏسي رهيو هو.
‘اٿ ڇورا ....! مامنهن گذاري ويو آ ... انهيءَ ٻيڙيءَ ٻُڏي کي ته وٺي آ ... بيٺو هوندو صابوءَ جي دڪان تي ٽنگا ٽيڙيون ....!’
ڇوڪرو اکيون مهٽيندو، پهريان نلڪي ۾ ويو، پوءِ اَڳي سان منهن اگھندو ٻاهر نڪري ويو.
‘ڀڏر ڀڳي کي ڪا خدا جي مار پوي، ڪنهن مهل جو صابڻ، پائونڊر لاءِ موڪليو ٿمانس ته اڃا ناهي موٽيو.’
ڪمالان ڀڻڪندي غسل خاني ۾ گھري. جلدي بالٽي ڀري صابڻ جي چٽ سان مٿي ڌوءَ ڪيائين، جو ٻاهر نڪرڻ جھڙي نه هئي. تڙ تڪڙ ۾ سرمي جو سرايون وڌي نه وڌي جھڙيون وڌائين. پائونڊر جي خالي دٻي کي کٽ جي پائي تي کڙڪائي، نڪتل پائونڊر جي ڇنڊ کي ٻوٿ تي هنيائين ته تڏي تي الائي ڪهڙا نه ڪهڙا ماڻهو ، ڏسڻ جھڙي ته هجي. ايتري ۾ مڙسهنس به اچي منهن ڪڍيو ته ڪمالان مٿانهانس چڙي پئي، ‘ماريا! ڪو پلي وانگر چيري لوڻ ڏيڻ جھڙو آن ...’
‘ڇا ٿيو، نڪ وڍي!؟’
‘وڃي جو پيءُ وٽ ٿو ويهين ته پٺيون جي خبر ئي ڪو نه ... هوڏي جو ادو گذاري ويو آ .... خبر ناهي ته پٺيان محرم ۽ شبن ارڪو ترڪ اگھي ويا هوندا، الائي ڪيئن!؟’
‘ڪفن دفن جو بندوبست ڪير ٿو ڪري؟’ ڪمالان جي مڙس ڳڻتيءَ وچان پڇيو.
‘ساهه نه وڃئي ٽنگيا ...! سڄو خرچ دوست ٿا ڀرينس .. اسان کي ٻڌائي ويا هن ته حصي وارث آهيوس، اچي سامان سرڙو کڻي وڃو.’
‘ها، پوءِ اها ڳالهه ڪر نه ....! رڪشو ڪرائي ٿو اچان ....!’
رڪشا در تي بيٺو ته ڪمالان پتاشڙي جيترو ڪلف ٻاهرين در تي هنيو. پاڙي وارن کي پارت ڪري، پٽ، مڙس سوڌي تڙ تڪڙ ۾ رڪشا تي چڙهي پئي.
اڱڻ تي ڪانڌي مچيون ڪيو ن ويٺا هئا. محرم ۽ شبو غم جي تصوير بڻيو سوچن ۾ غرق هيا ته اندر ڪوٺيءَ ۾ الائي ڪيترو ۽ ڪهڙو سامان هوندو؟ ڪمالان جي اچڻ سان خاموش وايو منڊل، ڪيڏارو بڻجي ويو. اُهي آهون دانهون ڪيائون جو سڀني ٻڌندڙن جون اکيون آلو ساهه ٿي ويون.
 جنازي نماز لاءِ کٽ کڄي ته ڪمالان اڀ ڏاري ڇڏيو.
محرم هانءُ ڦاڙي رڙيون ڪيون، پر ٻيڙين ڇڪڻ ڪري، نڙيءَ جي ڄاري سندس اندر جي آهه کي گھٽي ڇڏيو. شبو (شبانه) به جڏهن سيني تي هٿ هڻي، هاءِ ...! هاءِ! ڪئي ته شام غريبان جو منظر ٿي ويو. صدمي جي ڪري محرم اٿڻ جھڙو نه هيو، پر پوءِ به جھڙو تهڙو جنازي سان گڏ هلڻو ۽ ڪلهو ڏيڻو پيس.
جيستائين ڪانڌي موٽن، تيستائين ڪمالان ۽ شبو (شبانه) ڪمري ۾ اندر رکيل سامان کي، هڪ هڪ ڪري نظرن سان ڳڻي ڇڏيو ته ڪل چار کٽون، پنج ڪرسيون، هڪ ٽيبل، هڪ لوهي ٽرئنڪ، پنج بسترا، هڪ رنگين ٽي ــ وي، هڪ ٽيپ رڪارڊر، ڀتين تي ٽنگيل ڇهه کن تصويرون ۽ ٻيا هلڪا سلڪا ٿانوَ ٿپا آهن.
کٽ جڏهن خالي موٽي آئي ۽ عذرخواهيءَ جو نه ٽـٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. حيرت ته محرم ۽ رمضان کي هئي ته ٻيڙين ٻانڌي جي تڏي تي شهر جا شاعر، اديب ۽ ڪامريڊ مکين وانگر اچي مڙيا هيا؟ جڏهن ماڻهن جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو شام تائين به ڍرو نه ٿيو ته محرم اوٻاسيون ڏيڻ لڳو. رمضان ڪياڙي کنهندي کنهندي وڃي زال کي ماجرا ٻڌائي.
ٿوري دير کان پوءِ ڪمالان جي هيانوَ ڏاريندڙ پارن ۽ شبو (شبانه) جي پٽڪي  ٻڌندڙن کي سيرون وجھي ڇڏيون.
‘ا .... ڙي ....ي ... ا ... ا... اا ...ا  ... مان توکي اڃا ميندي به نه لاتي، موڙ به نه ٻڌا ....! جھڙو آئين جڳ ۾، تهڙو وئين موٽي منهنجا ...ڀ ...اا ..ءُ ... الائي ڪهڙي ڏائڻ دوست توکي زهر جي سئي هڻائي .... ا .. .. و ... مان تنهنجي ٻيڙين ٻڌڻ وارين آڱرين تان صدقو . ... ٿ ....يا ... ن ... هه ... اون ... اونهه!
تون مهينو اڳ خوش چڱو ڀلو  هه ... هه ...ئه .. ين ... تو ٻڌايو هو ته تو شاديءَ لاءِ ويهه هزار به گڏ ڪري رکيا هه .... هه ...يا  اا ... اونهه! ... ا ... ڙي ...ي ، ڪو ملڪ ۾ هجي راڻو راڻي ... ته هن نياڻيءَ نماڻيءَ جي فرياد وٺي ... دا ... د ... ڪ ... ري ....! اونهه ... اونهه!’
تڏي تي ويٺلن ڪامريڊن ۾ ڦـڙڦوٽ پئجي وئي. سس پس شروع ٿي وئي، جيڪي سياڻا هيا، تن سُر کي سمجھي کسڪڻ شروع ڪري ڏنو. جن جي مرحوم رجب سان ويجھڙائپ ۽ پيارپ هئي، تن به آخر ۾ صلاح اها بيهاري ته عزت انهيءَ ۾ آهي ته ڀڄي جان ڇڏائجي. استاد غفار ۽ ڇوٽو نجيب سنگت جي صلاح سان اندرئين ڪمري ۾ ويا ۽ ادي ڪمالان کي ٻڌايائون: ‘ڀيڻ! اسان هلون ٿا ... هي چاٻيون ٿوَ گھر جون ... هاڻي هي گھر ۽ اوهان ... جنهن مهل وڃو ته سامهون دوڪاندار کي ٻڌائي وڃجو، اهو ئي گھر جو مالڪ آهي.’
‘چڱو ...ادا ... جئين اوهان جي مرضي!’ ڪمالان چاٻيون وٺندي دل ۾ ڪجهه ٻيو چيو.
   محرم ۽ رمضان ۽ شبو (شبانه) کي ڄڻ ساهه پئجي ويو. رجب جي دوستن کان جڏهن گھر پالهو ٿي ويو ته وارثن ۾ سامان جي ورهاست شروع ٿي وئي.
اُٿندي ڪمالان وڃي ٽي ــ ويءَ ۾ هٿ وڌا. ‘هيءَ ته مان کڻندي سانوَ ، ڳالهه اَٿو سڌي.’
‘تون ڇو کڻندينءَ؟’ محرم وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان اعتراض اٿاريو.
‘آخر هڪڙي ڀيڻ آهيانس، منهنجو ايترو حق به ڪونهي.’
‘عورتن جو اسلام ۾ حصو، مردن جي اڌ جي برابر آهي.’ محرم وراڻيو.
‘ها، جائي به!’ شبو (شبانه) به محرم کي ٽيڪو ڏنو.
‘باقي مردن ۽ کدڙن جو ٻيڻو آ ... ها نه!؟ خبردار جو مان سان اٽڪي ٻٽڪي ڪئي اَٿو! ... جئين ڪامريڊن کي کسڪ صورت پڙهائي ڇڏيم، ائين توهان جي تڏا ويڙهه نه  ڪرايم ته منهنجو نالو به ڪمالان ناهي.’
‘اُهي ڪامريڊ هيئي نڌڻڪا ... اسان ته تنهنجي بڻ بڻياد کان واقف آهيون!’
رمضان ڏٺو ته ڳالهه وڃي ٿي وڌندي، هڪ دم وچ ۾ ٽپو ڏئي زال جو پاسو کنيائين:
‘مان کي رڳو اهو ٻڌايو، جي مڙس ماڻهو هيئه ته ڪڍي ڏيکاريو ها نه، ڪامريڊن کي. اهي ڪمالان جو دهمان هيوَ جو انهن کي ڦُـٽايو ، نه ته اوهان کي ڏين ها، آنڱوٺو ... اهي اهڙا اگرا آهن، جو حڪومت سان وڙهڻ ۾ به دير ناهن ڪندا.’
‘هاڻي ڪاٿي آهن، اهي ڪامريڊ ... ڪامريڊ پنهنجي مُٽ تان پاڻ ٿا ترڪن.’ محرم وراڻيو ته شبو (شبانه) به تاڙي وڄائي وراڻي ڏني، ‘جائي ته چوي ٿو ويچارو!’ 
‘تون ته بس ڪر، ڏٻر ۾ ٽاڻا ... پرائي ٽٽ تي سندرو ٻڌيون بيٺو آن ..’ ڪمالان شبوءَ (شبانه) کي رهڙ پٽي.
‘اها ڀاڀر، ٺوٺين ميري مڙس جي ڪري ٿي ڪرين ڇا؟ مون کي به پنهنجو اڙيل گريو (خطرناڪ يار) آهي! اُهو آندم ته پوءِ وڏو گند ٿيندو.’ شبوءَ (شبانه) نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
‘ٻڌايانوَ ٿي ته مان به اهڙي پوتي لٿي آهيان، جو پاڙي وارن کي جڏهن اهو ٻڌايم ته بابي مئي کان پوءِ محرم ، رجوءَ کي موچڙا هڻي گھران ڪڍيو هيو ۽ شبوءَ کي بابي، ته پٺ هڻائڻ تي، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي گھران تڙي ڪڍيو هو ، ته ليڙ به هٿ نه ايندوَ.’ ڪمالان ڪاوڙ جي ڌمڪي ڏنن.
‘پوءِ، اسان کي وات ڪونهي ڇا!؟ اسان به هڪ هڪ کي جڏهن ٻڌايوسين ته ڪمالان ٽمڻي ٽڌڪي آٿو، هن سان ته رجو پورو منهن ڏئي به نه ڳالهائيندو هو ته پوءِ ڪاڏي وينديئه؟’
محرم کي ڀئو ٿي پيو ته ڪمالان ۽ شبوءَ جي کٽراڳ ۾ آيل مال هٿن مان نه هليو وڃي ته ٻنهي کي سمجھائڻ لڳو:
‘آهستي ڳالهايو ... ماڻهن ٻڌندا ته ڇا چوندا؟!’ پوءِ ڪمالان کي چوڻ لڳو:’تنهنجو ئي ڀت گھاٽو ....! تون ئي ٽي ــ وي کڻ ... مان کڻي ٿو ٽيپ ۽ لوهي ٽرئنڪ کڻان!’ محرم اٿي وڃي ٽيپ ۾ هٿ وڌا ته شبو ٽپو  ڏيئي، لوهي ٽرئنڪ تي چڙهي بيٺو. هٿن کي نچائيندي چيائين: ‘هيڏي وڌي ته ڏيکار، ٽرئنڪ ڏي، هٿ ته ڀڃاءِ!’
‘تون ڀيڻان ... ٺوٺيوال، تون ٽرئنڪ ڪاڏي ڪندين ....!؟ تون کڻي ڪا ٻي شئي کڻ.’ محرم کيس سمجھائيندي چيو.
‘تتر کڻو پاڻ، ڀتر ڏيو مان کي ... ڇو؟ مان ڄڻ رجوءَ جو وارث ناهيان ... اسان ته فقير آهيون ... اسان کي ته وڌيڪ ملي نه ....!’
فقيري واري دعويٰ تي رمضان کي مٺيان لڳي ته چئي ويٺو. ‘اڙي، وري توهان ڪڏهن کان فقير ٿيا آهيو؟ توهان ته آهيو ڪو تما ...! جيڪي ٺم ... ٺم ...ڪري ٽوئنري هڻندا وتو .... مرد هوندي به ويچارن کدڙن جو حق کايون ويٺا آهيون.’
‘کدڙن جو حق کاڌو سي، ڪو  ڀڙون جو ته ڪو نه کاڌو سي. جو وچ ۾ پُرچڪ ٿو هڻين ... ٽنگر ٽويا!’ شبو (شبانه) رمضان کي طعنو ڏنو ته رمضان به جوش ۾ اچي ويو:
‘گھڻو گھڻو ڪندوُ ته مان به ڀيڻيوي جي حيثيت سان حق ڇڪيندو سانوَ ... قانون ۾ گھڻو ڪجهه لکيل آ ... ائين نه سمجھو ... اسان به سرڪاري ماڻهو آهيون ... پانور ٿا رکئون ...!’
‘سڃاڻانءِ ....! بالشٽر(بئريسٽر) ناهين. مينسپالٽيءَ ۾ پٽيوالو آهين. جن کي ڇهه ڇهه مهينا پگھار ناهي ملندي.’ محرم مٿائنس ڏاڏر ڪئي ته متان، رمضان به حق ڇڪيندي، ڪا شئي نه کڻي وٺي.
‘گھڻي گھڻي ، ٽين ٽين! ڪيوَ ته ڍڪ ۾ هڻائي ڇڏيندوسانوَ!’ رمضان گٺل پٺل ميونسپالٽي جي ملازمن واري پراڻي ڌمڪي ڏنس.
‘اسان وڪيل ڪري پراڻي زماني جون ڳالهيون کولرايوسين ته پوءِ ڪاڏي ويندين!؟’
‘ڪهڙيون ڳالهيون کولرائيندئو؟’
‘ڪمالان کي ڀڄائي، جيڪا پنج لڙهي دهري کڻي ويو هئين!؟’
 محرم هٿ جو ڪيس ٺاهيندي کيس ڊيڄاريو.
 پر اڳيان به ناٿ هيو، تنهن موٽ ڏنس. ‘گھر ۾ ٽامي جي وٽي به ڪو نه هيوَ ته سون وري ڪاڏهين آيؤ؟’
شبو (شبانه) جيڪو ٽرئنڪ تي چڙهيو بيٺو هيو تنهن زور سان تاڙيون وڄائيندي ڪڪ ٿي چيو. ‘جلدي ڪيو مال ورهايو ...! مان کي ميلي تي به وڃڻو آ ...!’
‘چڱو ٽرئنڪ تان ته لهه ته کولي ڏسئون!’ محرم کيس زور ڀريندي چيو.
سڀني کي شڪ هيو ته ٽرئنڪ ۾ ڪو گھڻو مال آهي.
‘اڳ ۾ اوهان ٽيپ ۽ ٽي ــ وي مان هٿ ڪڍو!’
‘چڱو ٺيڪ آ.’ محرم ۽ ڪمالان وراڻيو ۽ پوءِ ٽيپ ۽ ٽي ــ وي  رکي ٿورو پرڀرو ٿي بيٺا.
ڪمالان ڪلف کي چاٻي هڻي، بسم الله ڪري ٽرئنڪ جو پڙ کوليو ۽ جڏهن منڍي هڻي ڳولها ڦولها ڪيائين ته ڪتابن ۽ پمفليٽن کان سواءِ ڪجهه به نه نڪتو. چوڻ لڳي:’هي ڏسو، چريي ڀاءُ جا ڪم، ٽرئنڪ کڻي ڪتابن سان سٿي اٿئين، اهي ڪتاب پڙهي پڙهي ته پاڻ کي بيمار ڪيائين.’
 شبو (شبانه) ڪتاب ڏسندي بي مزي ٿي ويو.
‘هئي مُٺيس! چڱو ٿيو، جو ٽرئنڪ کلي، نه ته مان ويچاريءَ کي ٺولهي جو مولهو ملي ها.’
‘ٽرئنڪ ۾ هٿ وڌا هيئي ته هاڻي کڻ نه ...!؟’ رمضان، شبوءَ کي ٽرئنڪ کڻڻ تي زور ڀريو.
‘ڪتابن کي باهه ڏيندس ڇا ...؟ سڄا ڪتاب پڪوڙن وارن کي ڏيان ته سئو روپيه به نه ٿئي ...!’ شبو (شبانه) وراڻيو.
سڀئي منجھي بيهي رهيا ته هاڻي ورهاست ڪيئن ٿيندي؟ ڪمالان جو ٽاٻرو پٽ، جيڪو پاسي واري کيسي ۾ وڌل سينٽ جي اڌڙ شيشي، ماچيس ۽ خالي بال پين کي هٿ سان سوگھو جھليون بيٺو هيو، تنهن جون گھمندڙ ڦرندڙ نظرون، ڪنڊ ۾ رکيل کٽ جي هيٺان، بيگ تي پئجي ويون. هن رڙ ڪئي: ‘امان، کٽ جي هيٺان بيگ پئي آ.’
جسيتائين ٻيا جھڪي هيٺ ڏسن، شبو (شبانه) هانوَ جي باهه کان بانبڙا پائيندو، کٽ هيٺان گھري، بيگ ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيو. کٽ تي رکي کوليائين ته سڀئي اچي بيگ مٿان بيٺا.
‘گھڻا جوڙا اٿس ...!؟’
ڳڻپ شروع ٿي وئي. ‘هڪ .... ٻه .... ٽي .. چار ... پنج !’
‘پنج ته نوان آهن!’ رمضان ڏسي چيو . ‘بيگ جا کيسا جاچيو.’ محرم ڪياڙي کنهندي چيو. کيسا جاچڻ کان پوءِ بٽون نڪتو. بٽونءَ ۾ پئسا هيا. ڳڻڻ شروع ڪيائون ته ڪل ٻه سئو پنجٽيهه روپيه نڪتا.
‘هاڻ ته مان ٽيپ ۽ ٽرئنڪ کڻان نه ...؟!’ محرم، شبو (شبانه) کان پڇيو. شبو (شبانه) بيگ تي راضي ٿي ويو ، ڇو ته کيس بيگ ڏاڍي وڻي وئي هئي. تنهن ڪري ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪري ڇڏيائين.
‘بسترن جو ڇا ٿا ڪيو، ڪل پنج آهن!؟’ رمضان تڪڙ ڪندي چيو ته جيئن ورهاست ٿئي ته جان ڇٽي. ‘ٻه مان، ٻه محرم ۽ هڪ شبو کڻي.’ ڪمالان وراڻيو.
‘ڪجهه کپيو ئي نه ٿـو.’ شبوَ جواب ڏنو
‘توکي ڪنهن ٻي شئي ۾ ڪسر ڏينداسون!’ محرم شبوءَ کي سمجھائيندي چيو. بسترن جي ورهاست کان پوءِ کٽن، ڪرسين ۽ ٽيبلن جو وارو آيو.
‘ڪرسيون ۽ ٽيبل مان کڻندس، دوڪان لاءِ ...!’ محرم والار ڪندي چيو.
‘الله الله ڪيو ... رڳو مان مان لڳي پئي اٿوَ ... اهي ڪرسيون ۽ ٽيبل مان کڻندس، اسان کي نه کپنديون هن ڇا، آئي وئي جي لاءِ ....!’ شبو (شبانه) هاڻ ڪس کائڻ کان نابري واري بيٺو ته ڪمالان ۽ محرم پاڻ ۾ ٻه ٻه ڪري کٽان ورهائي ڇڏيون.
‘باقي ڇا بچيو؟’ محرم پڇيو.
 ‘ڪجهه به نه !’ ڪمالان وراڻيو.
‘ها، ڪجهه به نه .... رنڌڻي ۾ ٿانوَ ٿپا ناهن پيا ..!’ ڪمالان جي ٽاٻري پٽ انڪشاف ڪيو.
سڀئي وٺي رنڌڻيءَ ڏانهن ڀڳا. رنڌڻي ۾ ٻه ديڳڙيون، ٽي چار چمچا، پنج ڇهه ڪوپ، چانهه جي ڪٽلي، تئو، ڪفگير، ڏوئي، بالٽي ۽ هڪ ٻهاري پئي هئي. ٿانون جا ٽي حصا ٿيا. هر هڪ ٿوري بحث مباحثي کان پوءِ پنهنجو پنهنجو حصو کنيو. اوچتو ڪمالان کي ياد اچي ويو. سٽ پائي غسل خاني ۾ گھري ته کيس ڪجهه نظر نه آيو ته ٻاهر نڪري پڇڻ لڳي: ‘اتي جو اڌ صابڻ جو، آئينو، برش، ڪئنچي، سيفٽي، ۽ بليڊ پيا هيا، ڪاڏي ويا!؟’
‘محرم، اڳوڙي ا ندر ويو هو.’ رمضان شاهدي ڏيندي چيو.
‘مان ناهن کنيا.’ محرم جواب ڏنو.
‘تلاشي ڏيڻي پوندءِ.’ رمضان چيس.
‘چڱو مان کنيا هن! وڏو ڀاءُ آهيانس ڇو ايترو به حق ڪونهي ڇا!؟’
پوءِ ته شبوَ (شبانه) جي تاڙ ٽپي شروع ٿي ويس. ‘ڪڍ مال ٻاهر، چور ڍٽا!’
‘بس ڪر، ڀيلائو!’ رمضان اکيون ڏيکاريندي چيس.
‘بس ڪر ، ٽپڪي جا!’
‘باگڙ دلا!’
‘پاڪي مار!’
‘ٻڌايانوَ ٿو، چپٽين جي پورهئي کي ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪر!’
‘چوانءِ ٿي، اسان فقيرن سان نه اُچاءِ، نه ته ڇترن سان دمچي نه ڪٽايانءِ.’
ٻٽيڪو وڌي ويو ته رمضان هيسائڻ لاءِ کين ڌمڪي ڏني:
‘مان ٿو چوانوَ ته ، شرافت سان مڪ مڪاءَ ڪيو نه ته چونڪي تي وڃي جمعدار خانوءَ کي ٻڌائيندس ته ڪو به حصي وارث ڪونهي. سڀئي ڀت ۾ لوڻ وجھي ڀائيوار ٿيا هن.’
خانوءَ جمعدار جو ٻڌي سڀني کي نانگ سنگھي ويو. رد ڪد سان ڪمالان کي اڌ صابڻ ۽ ڪئنچي ملي. شبو (شبانه) آئينو کنيو ۽ محرم کي سيفٽي، برش ۽ بليڊ حصي ۾ آيا.
‘پاڻ ۾ آهيون، ٺهت چڱي آ، باقي ڇا بچيو!؟’ محرم سمجھائيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پڇيو.
‘تصويرون!’ ڪمالان جي پٽ ڳالهايو. جيڪو وات پٽيون تصويرن کي گھوري رهيو هو.
‘ڪل ڇهه آهن، سڀني کي ٻه ٻه اينديون!’ رمضان حساب ڪندي ٻڌايو.
‘مان انجمن ۽ ماڌوريءَ جون ٿو کڻنديس !’ شبو (شبانه) ڪرسيءَ تي چڙهي پنهنجي پسند جون ٻه تصويرون ڀت تي ٽنگيل لاهي ورتيون. محرم به ٻه تصورون لاٿيون، جن ۾ فطرتي نظارن سج لهڻ ۽ اڀرڻ جي منظر ڪشي ٿيل هئي. پر کيس مزو نه آيو ته هن شبو (شبانه) کي ايلاز ڪرڻ شروع ڪيا.
‘ڀاءُ ناهين ....! اهي تصويرون مان کي ڏي ... تون هي کڻ ...!’
‘چڱو ، هي ماڌوريءَ جي کڻ ... باقي انجمن ته اسان جي گرو فنڪار آ، اُها نه ڏيندي سانءِ ... اتان وري هڪڙي تون به ڦينڪ!’
ايئن ٻنهي ڄڻن تصويرن جي مٽ سٽ ڪري ورتي.
باقي وڃي ٻه تصويرون بچيون هيون. هڪ رجب جي، جنهن ۾ مرحوم ڪاري عينڪ پايون مشڪي رهيو هو ۽ ٻي ڪنهن بين الاقوامي ڪامريڊ اڳواڻ جي هئي. جيڪو ڪنهن ڳوڙهي سو چ ۾ ٻڏل هيو. ڪمالان، مڙس کان ڀاءُ جي تصوير لهرائي سيني سان لڳائي. باقي ٻي تصوير لاهڻ کان کيس منع ڪئي.
‘ان گنجي جي تصوير نه لاهجانءِ ....! مئو ڏسي ته ڪيئن ٿو ٽڪ ٻڌي ... ڀلي وڃي دوست کڻنس، آخر انهن ويچارن جو به ته حق آ!’
ٿوري دير کان پوءِ، هڪ ٻئي پٺيان، ٽي گڏهه گاڏا اچي ويا. هر هڪ، حصي ۾ آيل سامان ڍوئي گاڏي تي رکرايو. سواءِ هڪ تصوير جي، جيڪا چتايون خالي ڪمري کي گھوري رهي هئي ......

No comments:

Post a Comment