Friday, December 2, 2011

دين جي ڀيڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

دين جي ڀيڻ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اڄ ھو، سنگيتا ۽ ممتاز جي گهر نه ٿو وڃي. کيس ضمير جي روڪ آهي. ڏانھُن ڏيھاڙي ويندڙ آهي. ممتاز سان ته حد کان وڌيڪ ڪچھريون ۽ روح رچنديون ڪندڙ آهي. ساڻس هوءَ به حد کان وڌيڪ آزاد ۽ پُراڻي آهي. اڄوڪو ڏينھن ئي، خراب موسم وارو ٿيو آهي.
انھيءَ ۾ ٻئي ڪنھن جو ڏوهه ناهي. جي آهي ته فقط سندس ئي ماحول جو آهي. هن وقت تائين، ممتاز جي طرفان ڪيئي نياپا آيا اٿس. تنھن هوندي به اوڏانھن نه ٿو وڃي. هونئن ته آنڌي مانجهي هجي، ٽڪي جو نياپو اچي، سندس سر اڏيءَ تي. دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي! مجال آهي جو نياپو اچي ۽ ماجد گيسر ڪري.


اڃا تازي ڳالهه آهي جو هڪ رات، هئو مئو ٽرئي، ممتاز جو نوڪر گلو، کيس اٿارڻ آيو. ان وقت هيءُ، گرميءَ سبب، گهٽيءَ ۾ کٽ وجهي، ڇنڪار ڪري ٿڌڪار تي پيو هيو. نوڪر کيس هيٺينءَ منزل بجاءِ، مٿينءَ منزل تي وٺي ويو هيو. اتي ڇا هيو؟!
ممتاز، خماريل اکين سان، ٽُڪ جي سجيل رلھيءَ واري بستري تي ليٽيل هئي. نوڪر جي جُتي سدائين ٻاهر. کيس اشارو ٿيو. حڪم جي بجا آوري ڪري هليو ويو. ان رات هڪ بيچين ۽ بيقرار جسم کي فڪرات ۽ تڙپ کان سڪون مليو هيو.
اڄ! .......؟! اڄ ته گهڻن ئي نياپن جي باوجود به اوڏانھن نه ٿو وڃي. سندس اندر ۾ ‘وڃان’، ۽ ‘نه وڃان’ جي جنگ متل آهي. دل ۾ هڪ اڻ لکو خوف به طاري اٿس. انھيءَ خوف سبب دليون هڻي رهيو آهي.
سنگيتا کيس فيئر ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاپي ڏني هئي. ڪاپي فيئر ڪرڻ کان پوءِ، آخري صفحن تي هڪ پيار ڀريو خط به اتاريو هئائين. خط ۾ ته طالب ۽ مطلوب جا نالا گم هئا. اکر ته سندس هئا ۽ ڪاپي، سنگيتا جي هئي!
اندر جو خوف اٿس ته؛ متان اها ڪاپي ماڻس کي نظر چڙهي وڃي ۽ اوڙي پاڙي جي خواري ٿي پوي. اندر ۾ ان حرڪت جو پڇتاءُ ته اٿس، پر ڇٽل تير ڪمان ۾ موٽڻو ئي ناهي. لکيو منجهه نراڙ، سو قلم ڪياڙي ڪيئن ٿئي؟ هٿان پاڻ پئي اٿس. ان ۾ ٻين جو ڪھڙو ڏوه! دل جي ڳالهه، دل ۾. اندر جي جنگ اندر سان.
دل ئي دل ۾، سنگيتا جو عاشق آهي. ممتاز وري، مٿس موهت آهي. سنگيتا، ننڍي هئڻ ڪري، ممتاز جي ڏوريءَ سڳي ۾ آهي. جيئن اٿاريس، تيئن اٿي. جيئن ويھاريس، تيئن ويھي. ڳالھائيندي به اهو آهي، جيڪو ممتاز سيکاريس. ڳالھائيندي به ان سان، جنھن لاءِ ممتاز اجازت ڏئيس. حسين گل وانگر آهي، جيڪو ڪنڊن جي وچ ۾ سرهاڻ ۽ سونھن قائم رکي. ماڻھس ۽ ٻيون ڀينر، ٻئي خيال جون آهن. سندن پيرُ تِرڪيل آهي. هڪڙي ڀيڻس ٻئي شھر ۾ پرڻيل آهي. البته ان لاءِ عام خيال، ڪجهه ٻيو آهي.
پنج سال اڳ، بس ۾ ڳوٺان اچي رهيو هيو ته کيس هڪ عورت ٽڪرائي. عورت کي آسماني رنگ جي، ميڪسي چادري پاتل هئي. هيءُ به ان وقت ٻن واري زناني سيٽ تي ويٺل هئو. جڏهن ته اها عورت سندس ساڄي پاسي، ٽن واريءَ سيٽ تي، ٻار ڪڇ ۾ ڪيو ويٺي هئي.
پنھنجن ئي خيالن ۾ گم هئو جو، پير کي پير لڳندي محسوس ڪيائين. پھرين ته اوڏانھن ڪو ڌيان نه ڏنائين. ٻه ٽي فعا ساڳيو عمل محسوس ڪرڻ کان پوءِ عورت ڏانھن نھاريائين. اک اک سان ٽڪرائي. دل ۾ بجلي ڊوڙي ويس. مٿان وري دلفريب مسڪراهٽ سان سنھڙا چپڙا کليا. سنھون ۽ جادوءَ ڀريو آواز آيو؛ “ماشاءَ الله! حسين به ته مغرور به!”
“جي! .....” چاهڻ جي باوجود به، وڌيڪ ڪڇي نه سگهيو.
“هاءِ الا! ايڏو اڻ ڄاڻ به!” اکين جي ڇانھر ۽ ٽھل واري انداز سان، عورت چيس.
“مان! معمولي ماڻھو!” خشڪ چپن مان آواز نڪتس.
“مان! اوهان کان نالو پڇي سگهان ٿي.” چادريءَ جو پردو، نقاب وانگر ورائي، اکيون ۽ نڪ ظاهر ڪندي کانئس پڇيائين.
“جي! ماجد!” هٻڪندي ۽ ڊڄندي، پنھنجو نالو کنيائين. ائين محسوس ٿيو ڄڻ کوه مان ٻڏل آواز ڪڍيو هجائين.
“ماشاءَ الله! جھڙو نالو تھڙي ادا! ڇا ته وري مٿان سونھن ۽ آواز جو ميٺاج آهي!” عورت وڌيڪ بيباڪ ٿيندي چوڻ لڳس؛ “ڇا ڪندا آهيو؟”
“جي! مان ميٽرڪ ۾ پڙهندو آهيان.”
“ڪٿي پڙهندا آهيو؟”
“جي!” خشڪ مسڪراهٽ ۽ شرم  گاڏڙ لھجي ۾ چيائين؛ “مان! ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو آهيان.”
“هيڏي شھر ڇا لاءِ ٿا هلو؟”
“مائٽن ڏي ٿو وڃان!” ساڳيءَ طرح حجاب مان جواب ڏنائين. دل جهلي مٿان پڇي ويٺو؛ “اوهان جو اسم مبارڪ”.
“مون کي شھناز نسيم ڪوٺي سگهو ٿا.” دل جي گهراين سان جواب مليس؛ “ڀلا اوهان جا مائٽ اتي ڇا ڪندا آهن؟!”
“ڪندا ڪجهه نه آهن. شھر ۾ فقط بنگلو اٿن. جتي آساس وٺڻ لاءِ اچي رهندا آهن. نه ته سندن گذر سفر ڳوٺ ۾ زمينداريءَ تي آهي.” ڳالهه اينگهائيندي چوڻ لڳو؛ “مان به موڪل جا ٻه چار ڏيھاڙا اتي ئي گذاريندس.”
“ڀلا! ايڊريس ڏيئي سگهندؤ!” شھناز کيس دلي طرح متوجه ڪندي چيو. ماجد کيس اسڪول جي ايڊريس ڏيندي چيو؛ “مون ايڊريس وٺڻ جو مقصد نه سمجهيو.”
“حضور جن کي پاڻھي، پاڻيءَ جي اونھائپ جي خبر پئجي ويندي!” ترڇين اکين ۽ دلفريب مسڪراهٽ سان، شھناز کيس ورندي ڏني.
بس، شھر ۾ پھچي چڪي هئي. ٻئي ڄڻا، اسٽئنڊ تي ئي لٿا. ماجد لھڻ وقت چيس؛ “اوهان جي ايڊريس.”
“سائين جن کي گهر ويٺي پھچي ويندي!” ڀاڙي ڪيل رڪشا ۾ چڙهندي، سحر انگيز مسڪراھٽ سان کيس چيائين.
سموريون ادائون دل ۾ سانڍي، ساهي پٽڻ لاءِ، يڪدم ڀرواري هڪڙيءَ هوٽل ۾ گهڙي ويو.
ٻه ٽي ڏينھن شھر ۾ گذارڻ کانپوءِ، جڏهن ڳوٺ پھتو ته اسڪول ۾ کيس شھناز جو پيار ڀريو خط مليو. خط ۾ سندس ڏاڍي اثرائتي تعريف ٿيل هئي. ملڻ جو وچن ورتل هئو. شھناز جي، پنھنجي شھر ۾ رھڻ واري، گهر جي ايڊريس تحرير ٿيل هئي. هڪ ٻن خطن کان پوءِ اهو سلسلو ئي ختم ٿي ويو. پکين ۽ پرديسين جا ڪھڙا پيار! .....
اڄ پنجن سالن کانپوءِ، ساڳيو خط، هن سنگيتا جي ڪاپيءَ ۾ اتاريو هيو. لکڻ وقت ته لکي ويو. نتيجي جي خبر نه هئس. ڌڪ جڏهن ٺرندا آهن، سور تڏهن ظاهر ٿيندا آهن. هاڻي جذبات ٺرڻ کان پوءِ، کيس هوش آيو آهي. جنھن سندس ضمير کي جنجهوڙي ۽ ڌوڏي رکيو آهي.
اندر ۾ ‘وڃڻ’ ۽ ‘نه وڃڻ’ جي آنڌ مانڌ اٿس. سج لھي ويو آهي. چؤڦير بلب ٻري چڪا آهن. گهڻيءَ اڻ تڻ کانپوءِ دل ٻڌي ٿو؛ “جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو! هيترن نياپن کان پوءِ نه وڃڻ به، ڪنھن ڳالهه جي نشاندهي ٿو ڪري. بھتر آهي ته وڃجي!” اهو پور پچائي، وڃڻ لڳي ٿو.
“واه! ماجد واه!” ممتاز اکين ۾ شوخي ۽ چپن تي مسڪراهٽ آڻيندي کيس چوي ٿي؛ “ماڻھو موڪلي موڪلي ٿڪجي پيا آهيون. تون هن مھل تائين نه آيو آهين. لڳي ٿو ته تمام وڏو ماڻھو ٿي ويو آهين.”
ماجد کي اهو جملو ڄڻ سمجهه ۾ نه آيو. سندس ذهن فقط خط واري ڳالهه ۾ اٽڪيل آهي ۽ بي ساخته زبان مان نڪريس ٿو؛ “منه ....... منھنجو هت خط لکيل هيو. سنگيتا واري ڪاپيءَ ۾. مون هڪ دوست ڏانھن لکيو هيو. ڪاپيءَ مان ڪڍڻ وسري ويو هيو.”
“مونکي خبر آهي! تو ڪنھن ڏانھن لکيو آهي؟! ممتاز، اکين ۾ شرارت آڻي، کيس چوي ٿي. ڇو جو کيس چالاڪ کلاڙيءَ وانگر، خبر ضرور آهي ته ماجد، سنگيتا تي ئي مري ٿو. پاڙي جا ڪيئي ڇوڪرا به، سنگيتا تي مرن ٿا. هڪ-ٻئي کان ريس ۾، گوءِ کڻڻ خاطر، هيءَ ماجد جي چال آهي.
“نه! نه! سچ پچ ته اهو مون هڪ دوست ڏانھن لکيو هيو. هلندي وقت مونکان ڦاڙڻ وسري ويو.” هٻڪندي چوڻ لڳو.
“هلندي وسري ويو يا سعيو ڪري وساري وئين.” ممتاز شاطرانه نموني ڏَکو ٻڌندي چيس؛ “بھرحال اهو مون اميءَ کي ڏنو آهي.”
“پر ..... پر .....” نروس ۽ حواس باخته ٿيندي، ماجد چوي ٿو.
“پيو آ ..... پيو آ ...... ڏڪين ۽ ڊڄين ڇو ٿو. تو جھڙي ماڻھوءَ جي ڪچي ڪبي!؟! تو سان آهن ٻٽيھه دليون. تون حڪم ڪر. تو سان سر لڳي.” دل وٺندي، پنھنجي مدعا پيش ڪيائين. “پر خط لڪائڻ لاءِ هڪ شرط آهي. اهو مڃڻو پوندئي.”
ماجد کي ساهه ۾ ساهه پيو. “مون کي شرط قبول آهي پر خط جي کول نه ڪندينءَ!”
“ته پوءِ رات جي لاءِ واعدو ڪر.”
رات جو واعدو ڏئي، تسلي ڪري واپس اچي ٿو. ٻن ٽن مھينن کان پوءِ شعبان جي عيد آئي. شام جو سنگيتا ماجد لاءِ، گهٽيءَ ۾ ڦٽاڪا کڻي آئي. گهٽيءَ ۾ ڊنب، ڇوڪرن ۾ ماجد بيٺو هيو. ڊنب ڇوڪرن کي ساڙڻ خاطر ئي ڦٽاڪا کڻي آئي هئي.
“ادا ماجد! هيءُ تو کي اديءَ ممتاز ڏنا آهن.” حجاب واري مسڪراهٽ سان، رئي جي ڪنڊ، هٿ سميت وات وٽ رکندي، چوڻ لڳي. پوءِ ٿورو ڪنڌ هيٺ ڪري، عجيب ادا سان چوڻ لڳي؛ “کيس سندس ڀيڻ ڏنا آهن.” سندس اشارو، ممتاز ڏانھن هئو. جيڪو في الحال ٻين ڇوڪرن کي سمجهه ۾ ئي نه آيو ته هيءُ، ماجد جون هيتريون ڀينرون ڪٿان اچي نڪتيون آهن.
ماجد ته ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپيو. ڦٽاڪن جي ٺڪائن سان، ڪيترن ئي هڪ جيڏن جي هيانءَ تي مڱ ڏريائين. هيءُ ئي واحد پاڙي جو، ويھن سالن جو نوجوان هيو، جيڪو سندن گهر ويندو هيو. جڏهن هاڙهو هڪڙي ذات هئي ته ڦاڙهو ٻي ذات. بس اها هڪ دلي ڇڪ هئي، جنھن کيس، اوڏانھن وڃڻ لاءِ ڏاوڻ وجهي ڇڏيا هئا.
گهڙيءَ کانپوءِ، عيد جي ماني به هن لاءِ آئي. جيڪا وڃي بنگلي ۾ کاڌائين. ڪنھن سنگتيءَ ساٿيءَ کي صلاح ئي نه ڪيائين. بس ان ڏينھن ته خوشيءَ ۾ بم لڳو پيو هيو. ماني به سنگيتا کڻي آئي هئس ۽ چيو هئائينس؛ “اڄ ادي نازنين به آئي آهي. ان ڪري ماني گهڻي ڪئي هئيسين. تو لاءِ ته اديءَ اڳ ۾ ئي ڪڍرائي آهي.”
عيد جي ڏينھن تي حسب معمول، ماجد سنگيتا وارن جي گهر ويو. کيس ٻه ننڍڙا ٻارڙا نظر آيا. ممتاز سامھون آيس ته کانئس پڇي ويٺو؛ “هيءُ ٻه ٻارڙا، مان اڄ ٿو ڏسان.”
“ها! اهي ٻئي ادي نازنين جا آهن. اها به ڪالهه آئي آهي. عيد هتي ڪئي اٿائين. هاڻي مٿي ماڙيءَ تي آهي. پاڙي جا ننڍا ٻار مٿي چڙهي ويا آهن. کين لاهڻ وئي آهي.” ممتاز کيس، تازي ترين معلومات فراهم ڪندي، ٻڌايو.
ايتري ۾ ڏاڪڻ ۾ ٺپ ٺپ ٿي. ٻه چار ننڍڙا ٻارڙا ڊوڙندا لٿا ۽ پنھنجن گهرن ڏانھن ڀڄي ويا. پويان ٺپ ٺپ سان نازنين به لٿي. ماجد ڪنڌ کڻي ڏانهنس ڏٺو. اکيون چار ٿيون. نظر جو تير نشاني تي لڳو. ماجد جو مغز چڪرائڻ لڳو. زبان مان بي اختيار نڪري ويس؛ “شھناز نسيم!”
شھناز نسيم سڪتي ۾ ئي بيٺي رهي.
“ادا! توهان اسان جي ڀيڻ کي سڃاڻو ڇا؟ اهو ته اديءَ جو اصل نالو آهي ۽ اسين کيس پيار مان نازنين ڪوٺيندا آهيون.” مماز حيرانيءَ مان ماجد کان پڇيو.
ماجد ڪڇي، جھڙي ڀِت. ذهن تي تاڙيون وڄڻ لڳس. سئنيما جي آخري سين ۾، هيرو ولين کي ماري، هيروئن سان ملندو آهي ته هال ۾ زبردست تاڙيون وڄنديون آهن. آخري ڊائلاگ ڪنھن کي به ٻڌڻ ۾ نه ايندا آهن. ماجد کي به، هاڻ ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. اجايا ۽ اوڦٽو “هان! ۽ “هون!” وارا جواب ڏئي اٿيو. شھناز نسيم، کيس ڏسندي ئي رهجي وئي. ماجد، سنگيتا جي گهران ٻاهر نڪتو ته سندس ذهن ۽ زبان تي هڪ ئي جملو اٽڪي بيھي رهيو، “جيڪا ٺاهيان دين جي ڀيڻ، سا نڪري ھونئن. ”

No comments:

Post a Comment