Sunday, December 4, 2011

مال غنيمت - منظور ڪوھيار


مال غنيمت
منظور ڪوھيار

استاد مٺل چڱو ڀلو هو. معمول مطابق رات جو ٻارنهن وڳي پنڪچر جو دڪان بند ڪري گھر پهتو. هٿ منهن ڌوئي اچي کٽ تي ويٺو. جوڻهس چانور ۽ پٽاٽا اڳيان آڻي رکيا. کائي کير جو وٽو پي، اوڳرائي ڏئي، اڃا ليٽيو مس ته اوچتو سيني ۾ سور جي سٽ اُڀريس. دانهن ڪري چيائين: ‘نصيبان الائي ڇا ٿو ٿئي!؟’ جيستائين نصيبان پاڙي جي ڊاڪٽر (ڪمپائونڊر) ڏي ڀڳي، وٺي آئي، تيستائين ساهه نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
سڄو پاڙو صبح سان اٿلي پيو. استاد مٺل جي سڀ سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي. ڪنهن سان ڏند اگھاڙي نه ڳالهائين، نه ڊيگھه رکيائين. ڪم سان ڪم رکڻ وارو شخص هيو. جنهن ٻڌو سو لڙي آيو.
 ڪفن دفن کان پوءِ پاڙي وارن، پردي پٺيان مائي نصيبان سان عذر خواهي پئي ڪئي ۽ پڇيو: ‘ادي ڀلا، ڀائو مٺل جو ڪو مٽ مائٽ ....؟’
‘نه ادا، الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ... باقي ٻڌائيندو هيو ته دادو ڪئنال کان پريان سندس مٽ مائٽ رهندا آهن.’
نصيبان کي مڙس جي مرڻ کان وڌيڪ غم هيو ته پٽاڻي اولاد نه هئڻ جو. اولاد هئي به ته چار ڌيئون. جن ۾ ٻه سامائل هيون ۽ ٻن جا ارهه انبوريا پئي.


ائين سڌ ٻڌ تي، استاد مٺل جي ڪنهن سؤٽ کي خبر پئجي وئي ته ان هڪ ڏينهن اچي ٺڪاءُ ڪيو. همراهه دو دستو ۽ حوالي هيو. نالو اڪرم هيس. نصيبان جا آٿتن سان پلوَ ڀري ڇڏيائين. ‘تون اسان جي ڀيڻ آن ... هتي ڪا تڪليف هجئي ته ڳوٺ تنهنجو پنهنجو آ .... بي ڌڙڪ هلي اچجانءِ ، جمعي جي وانڍ ... ان پاڻي الله جو آهي، متان ڪو حجاب ڪيو ٿئه.’
بي واهي نصيبان کي آسرو ٿي پيو. ڪو ته آهي دنيا ۾ مٺل جي آڪهه کي، دم دلاسي ڏيڻ وارو، نه ته کيس ڪجهه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪاڏي وڃي، ڪئين ڪري ...!؟
جيئن تيئن عدت وارا ڏينهن گذري ويا. انهيءَ دوران مٺل جو پنڪچر وارو دڪان به کپي ويو، جو مٺل جي شاگردن حساب ڪتاب ۾ ڪپت پئي ڪئي. نصيبان ويهي جو ليکو چوکو ڪيو ته گھر ۾ ٽي چار هزار مس پيا ها. کڻي جو چؤڦير نظر ڦيرايائين ته پاڙي جا لُچ لڦنگا، جن کي مڙسنهس هوندي، گھٽيءَ ۾ بيهڻ جي همٿ نه هئي، سي در کان ٻاهريان ٽينگريا بيٺا ها. ڌوتين، دلالن اچڻ شروع ڪري ڏنو هو. پڪل ٻير هجي ۽ ڪو اوهي واهي نه هجي ته ايندڙ ويندڙ کي ڀلا ڪهڙو ڀئو ڀولو ڇاپڙ هڻڻ ۾. نيٺ سمجھي وئي ته اها روز روز جي ڇاپڙ، سروٽو ، ڀتر ڪجهه نه ڪجهه ڪري وجھندو. خبر ناهي ته پوءِ پرنئين ڪجهه ٿي پوي ...!؟ زائفان ذات، جيڪا گھر جي چائنٺ اورانگھيندي به ڊڄي، سو ڪهڙا منهن مقابلا ڪندي ۽ سينو ساهيندي زماني سان.
پنهنجي پٺ ورائي ڏٺائين ته پٺيان ڪو به اوهي واهي نظر نه آيس. اهو سهو هيا به، ته رياست (خيرپورميرس) واري پاسي ڏانهن، جن کي ڇڏي سندس ماءُ پيءُ کي ئي ورهيه ٿيا ها. هاڻي، اُهي ماءُ پيءُ ئي نه رهيا ته ڪهڙو نانءُ نشانبر ڪري وڃي پهچي. نيٺ انهيءَ ڳالهه تي وڃي پهتي ته ، وري به مڙس جي اڳن سڳن ڏانهن منهن ڪري ته بهتر آ.
اڪرم جي ٻڌايل ڏس پنڌ تي، چارئي ڌيئرون ساڻ ڪري گھر جو ٿورو ٿڪو قيمتي سامان بيگ ۾ ڀري، گھر کي هفتي کن لاءِ پاڙيوارن ۽ الله جي آسري تي ڇڏي نڪري پئي. پير شير، شهر کان اوڀر ۾، پنج ــ ڇهه ڪلو ميٽر کن پري هيو. پير شير تائين هڊ لڳل سوزڪي ڪيئري ۾، پنج روپيه في ماڻهو ڪرايو ڏيئي، پهچڻ ڪاڻ ته پهچي وئي، پر پوءِ جنهن به بگيءَ واري کي کڻي چئي ‘ابا، جمعي جي وانڍ هلندين؟’ ته بگي واري نصيبان ۽ ڇوڪرين کي هيٺان کان مٿي گھوريندي ڳٽڪ پئي ڪئي. آخرڪار هڪڙي اڌڙوٽ بگيءَ واري ها ڪئي. پر ٻڌي پنهنجي بيٺو، پورا پنجاهه روپيه. مجبور هئي. ان ڪري ڇوڪرين سوڌو چڙهڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين. بگيءَ جي پٺئين سيٽ تي ٽي ڇوڪريون ٿي ويٺيون، اڳئين سيٽ تي نصيبان ۽ ننڍي ڇوڪري، بگيءَ واري بم تي ويهي گھوڙي کي هڪلڻ شروع ڪيو. گھوڙو بيزاريءَ  مان بگيءَ کي ڇڪڻ لڳو. بگيءَ جو تختو تختو چيڪندو پئي هليو. بگيءَ وارو ڳٽڪرا ڏيندي ۽ ‘هل منهنجا بابا’ چوندي ٿڪجي پيو ته گھوڙي کي سڌيون ٻڌائڻ شروع ڪيائين: ‘هلڻ ڏيس بوا جو .... هلي ائين ٿو  ڄڻ دادو ڪئنال جو آبدار آ ... سڌو ٿي هل بيلدار وانگر ته ڍونگرو نه ڀڃاءِ ...’ گھوڙي جي مٿان لڪڻن جو سٽڪو ٿيو ته بگيءَ جي رفتار تيز ٿي وئي.  پٺيون ڇوڪريون کچ کچ ڪرڻ لڳيون، ته نصيبان ڪنڌ ورائي کين تنبيهه واري انداز ۾ ڏٺو. ڇوڪرين ڪو خاص اثر نه ورتو. هاڻ بگي، دادو ڪئنال  جي پل ٽپي، ڪچي رستي تي ڌوڙ اڏائيندي پئي هلي. چئن ڇوڪرين بي حجاب ٿي چؤڏسا پئي نهاريو. پهريون دفعو زندگيءَ ۾ ڇوڪرين کليل فضا ۾ ساهه کنيو هو. ليون، ٻـٻر، ٻيريون، پاڻيءَ جي ڍورن ۾ بيٺل پنَ، نسريل سر، هر شئي کين عجيب پئي لڳي.
‘امان! هي ڪهڙو پکي آ!؟’ سڪل ڪنڊيءَ تي پر سوئيندڙ پکي ڏسي، ننڍيءَ ڇوڪري، نصيبان کان پڇيو. جيستائين ماءُ سوچي سمجھي جواب ڏئي، سسيءَ کان اڳ، ڌڙ ڳالهايو: ‘انڌي! اها سائي فيروزي ڪٻري ٿي.’ بگيءَ وارو کل ۾ ٻٽجي ويو ۽ پوءِ کيس ٻڌائڻ لڳو: ‘امان، ڏاڏي! اهو چانهه پکي آهي.’
‘ڪاڪا، چانهه به پکي ٿيندو آ ڇا ... چانهه ته پيئبي آ.’ ننڍيءَ ڇوڪريءَ جي جواب تي ، پٺيان ويٺل سڀئي ڇوڪريون ٽهڪن ۾ پئجي ويون. بگيءَ واري ان وقت کين جواب نه ڏنو، ڇو ته اڳيان ننڍڙي موري هئي، جنهن تان گھوڙي کي تڪڙو چاڙهي، آهستي لاهڻو هيو. گھوڙو جيئن ئي موريءَ کان هيٺ لٿو ته سرن جي ٻوڙي مان اوچتو پکي ڀڙڪ ڏيئي ٻاهر نڪتو ته پٺئين سيٽ تي ويٺل ڇوڪرين مان هڪ رڙ ڪئي: ‘ائي ڇوريون ...! ڏسو ته ڪارو چوزو ڪيئن نه ٽپا ڏيئي اڏامي ٿو!؟’
‘امان، اهو ڪارڙو تتر آ، چوزو ڪاٿي آ ... تهان ڀلا هيڏي پهريون ڀيرو آيا هو ڇا ...!؟’ بگيءَ واري کين سمجھائيندي پڇيو.
   نصيبان محسوس ڪيو ته ڇوڪريون وڃن ٿيون وڌنديون ۽ بگيءَ وارو وڃي ٿو پڇندو ۽ ويجھو پوندو، الائي ڪير نه ڪير ....؟ سو پهريائين پٺئين سيٽ تي ويٺل وچين ڇوڪريءَ کي رهڙ ڏنائين: زرينه ... ٽيڪي کان مڙين نٿي!؟’ پوءِ وري ڳالهه بدلائڻ لاءِ بگيءَ واري کان پڇيائين: ‘ڇو ادا، ٻيا بگيءَ وارا جمعي جي وانڍ نه پئي هليا، سبب؟!’
بگيءَ واري کي ڄڻ وارو ملي ويو:
‘آئي ...! ڪنهن کي سر کڻائڻو آ يا ٽانگو ڦرائـڻو آ جو ايڏانهن هلي ... مان آهيان چولي جي جونءَ، تڏهن ٿو هلان ...... نه ته خير سلي ايڏانهن دشمن جو به منهن چڱو ناهي ....!’ گھوڙي ٿورو گهه ڪيو ته سندس ڳالهه ڪٽجي وئي. ‘انڌو آن ڇا بي غيرت .....! جيستائين کوسڙا نه کائين، تيستائين سڌو نه هلين!’ بگيءَ واري لڪڻ سان گھوڙي جون ڄنگھون ڪٽڻ شروع ڪيون ته گھوڙو هڻڪيو ۽ پوءِ زور زور سان ڀڄڻ لڳو ته هن گھوڙي جو رينان ڇڪي رفتار کي ڍرو ڪيو ۽ پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل ڳالهه کي اڳتي ڪيو:
‘وڏڙا ڳالهه ڪندا ته هن ... انگريجن (انگريزن) جمعي جي وانڍ ٽي دفعا ساڙائي، وري الله نيڪي ڏي توکي، آئي ...! ايوب جو وکت هو، قاضي فضلاهه (فضل الله) وزير هو، ان وکت ۾ اها وانڍ ٻه دفعا سڙي ... پر هنن ابي ڏاڏي واري ڪرت نه ڇڏي ... جبل هن جبل ...! هاڻي به جمعي جي وانڍ جو مهانڊو، حاجي ڏتو ، ٻڌي ڇوڙيءَ ۾ ملکان ملک مشهور آ. موري کان ڪشمور تائين نانءُ ٿس ... جھيڙي جو به جُنگ آ ڪنهن کي چڪ هنيائين ته ڄڻ جنڊا مڙي ويا. ماريس يا کاريس ... جوءِ وار چوندا ئي حاجي ڏتو ۽ ڪتو ڇتو ٿس ...!’ اڳيان جھلي بند اچي ويو ته بگيءَ واري گھڙي کن ڳالهائڻ بند ڪري، گھوڙي جي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪٽڻ شروع ڪيو. بند ٽپڻ کان پوءِ، گھوڙي انگڙ ونگڙ چارن تي ڊگ ڀڃڻ شروع ڪيو ته بگيءَ واري به زبان جون رينان ڄڻ ڍريون ڪري ڇڏيون.
‘ڄاڻي الله ٿو ، آئي ...! ته اهڙا ارڏا ۽ اڻکيل هن، جو هنن جو هي بند ته ڇا ، پر ڪو مُـٽ به ناهي اورانگھيندو ...توڙي جو رت ڀت آهيون پر مان به ڪذاني ايڏانهن ويندو آهيان. اسان جو ڳوٺ وانڍ کان ٻه ڪوهه به پري ناهي، پر پوءِ به ڪئه کائيندا آهيون ته هنن جي آڙ ۾ ڪو متان اسان کي  نصقان (نقصان) ٿي وڃي ....!’
اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي نصيبان کان ساهه ڇڏائبو پئي ويو. تارون خشڪ ٿي ويس، بگيءَ جي سيٽ ۾ سسي وئي. دل گائون مائون پئي ٿيس کيس سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙي اهور ۾ ٿي وڃي!؟ اوچتو بگيءَ واري جي ذهن ۾ روڪيل سوال ڪر کڻي اٿيو.
‘ادي، اوهان ڪنهن ڏي ويندءُ!؟’
‘ادا، ادي اڪرم ڏي!’ نصيبان هٻڪندي جواب ڏنو.
‘اڪو به پاونگ جواڻ آ ... جيل ڪمايل ٿس ... ان ڏينهن ڪيسن مان ڇٽڻ جي خيرات ڪئي هيائين. مان کي به سڏ ڏنو هيائين .... خير سان هاڻي ٽن دينا داستي ڪيل خونن جي ڪيسن مان ڇٽي ويو آ .... حاجي ڏتي کان پوءِ، ان جو سِـر آ .... تنهنجو ڇا ٿئي ادي؟’
‘ادا، منهنجو ڏير ٿي!’ نصيبان نه چاهيندي به بگيءَ واري کي ٻڌايو.
‘تون ڪنهنجي گھر واري آن!؟’ بگيءَ واري هاڻي حجاب کي پاسيرو رکي ، سئنون سڌو سوال ڪيو.
نصيبان منجھي پئي ته مڙس جو نالو ڪيئن کڻي ٻڌائي ته ننڍي ڇوڪري، ڳالهه سمجھندي هڪدم جواب ڏنو: ‘ڪاڪا، اسان مٺل خان جا ٻار آهيون!’ ‘هان .. مٺل جا!؟’ بگيءَ واري کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو ۽ کين حيرت مان تڪڻ لڳو. پوءِ کيڪار واري انداز ۾ ، بسم الله ڪيانوَ ! چئي پڇي ويٺو، ‘مٺل کي ته ورهيه ٿيا هن ڳوٺ مان وئي ... پاڻ ڪاٿي آ؟!’
‘گذاري ويو ادا!؟’ نصيبان ٿڌو ساهه کڻي چيو.
‘ابؤل ....! هي ڙي ادا مٺل تو ڪاڻ ... واهه جو جنگاور جوان هئين ... توسان ڏتي ۽ اڪوءَ جي پڄڻ جي بات هئي ...! وڏو وانگارو مڙس هيو ... مان سان به هڪڙي اهڙي وانگار اڙهو جو ڀاءُ به نه وهي ، ادي ...!’ گھوڙي اڙا گوڙي ڪيس ته کنجھه ڪڍي سڌو ڪيائينس ۽ پوءِ ساڳي سلسلي کي جاري رکيائين. ‘الائي ته ڪاٿئون ڪاٿئون ملڪ هڻي ايندو هو، ڪڏهن تر مان تر جيتري به شڪاس (شڪايت) نه ٿيس.  ننڍي ڀاءُ گل بهار سان دل هيس. ڀاڻس کي صبح جو هلڪو بخار ٿيو، شام جو رضا ڪري ويو. بس اتئون همراهه جي دل کي اهڙو ٽاهه آيو. چيائين: ‘ڪنهن جي آهه لڳي آ.’ ڳوٺ ئي ڇڏي ويو. تو مان گھڻو سمجھايس، پر اڻموٽ هو . ڀلا، مائي سوني جيئري آ!؟’
‘نه ادا، مان ته پنهنجي سس ڏٺي به ڪونه، رڳو نالو ٻڌو اٿم.’ نصيبان وراڻيو.
‘چئبو، اها به ستت گذاري وئي. پٽ جي غم ۾ .... ڇوڪرو به اهڙو سهڻو هيو. اصلي شهزادو ... جوءِ ۾ اهڙو ٻاروچڪو ٻار وري نه ڄمندو.’ بگيءَ واري ٿوري جھٽ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي جو هاڻي کيس درياهه جو بند سامهون هيو. نصيبان جيڪا گھڙيون اڳ سسي ويٺي هئي، سا مڙس جو نانءُ نيڪي ٻڌي ڦنڊي وئي هئي. کيس آٿت اچي وئي ته هوءَ به ڪا جھڙي تهڙي جي جوءِ ناهي.
بگي، درياهه وارو بند ٽپي، درياهه ڀڪ لهڻ شروع ڪيو ته وڏن وڏن ٻٻرن ۽ لـوَن جا جھمٽ شروع ٿي ويا، جن ۾ پکي پکڻ جي چرڙ .. چرڙ ۽ ٽـڻون ٽـڻون لڳي پئي هئي. وٿاڻن ڏانهن ورندڙ مال جو چڙ واءُ، چونگار ۽ هونگار لڳي پئي هئي، وچ وڻن مان چارو واسينگ جيان وڪڙ هڻندو، جڏهن سڌو ٿيو ته مڙس تار ڪنڌين ۽ لوڙهن جا گھر نظر آيا. جن مان دونهون ور وڪڙ هڻندو اڏامندو آسمان پئي ويو. عورتن ۽ مردن جي اچ وڃ ظاهر ظهور پئي نظر آئي، ڪن پول پلال پئي ڍويو. ڪن ڪک ڪهڄر پئي اڇليو ۽ ڪن بيٺي ڀاڻ پئي کنڊيريو. بگي ور وڪڙ هڻندي، ڳوٺ اندر ٽپي ته ٻار ۽ ڪتا لر ڪري نڪتا. ٻچڪر تي گھوڙو بيٺو ته نصيبان  پنجاهه روپيه ڪڍي بگيءَ واري کي ڏنا ته هن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو: ‘ادي، تون مٺل مرحيات جي گھر واري آن. هاڻي توکان وٺندي شرم نه ايندو!؟’
‘نه ڀاءُ، تو غريب جو حق ڇو کاوان!’ نصيبان زور ڀريس ته بگيءَ وارو جذباتي ٿي ويو. ‘ڀيڻ برابر آن ... پادر لاهي هڻ ، وڌيڪ هڪ لوظ (لفظ) به نه ڪڍجانءِ!’
جڏهن ويڙهي وارن کي، بگيءَ واري جي واتان خبر پئي ته مٺل جا ٻار آهن ته گھگھلين جن پهريائين کين حيرت مان پئي تڪيو. سي کين آجيان ڪندي ائين گھلي ويون، جئين ڪوليون چانورن کي ڏر ڏانهن کڻي وينديون آهن.
سج لهي چڪو هو. ڳوٺ ۾ ڪٿي مٽرن جي پلي منڌيڻي هيٺان چٿجي رهي هئي. ڪٿي چڻن جي پلي آخري ٽچڪا پئي کاڌا. جڏهن چوڏهين جي چنڊ جھڙي گول اڇي چانورن جي ماني ۽ ڦٽيءَ وڌل پلي نصيبان ۽ ڇوڪرين جي اڳيان آئي ته منجھند واري لنگھڻ جي ڪسر نڪري وئي.
اڪرم دير سان گھر آيو هو. ماني ٽڪر کائيندي نصيبان کان چلهه تي ئي حال احوال وٺڻ لڳو. باقي گھر جا ڀاتي ڪن سرلا ڪيون، ٻنهي کي ٻڌي رهيا ها.
‘ادي، خير سان پهچي وئينءَ!؟’
‘ها، ادا!’
‘ادي، مان پاڻ توکي وٺڻ اچان ها، پر ٻه ٽي کڦا اهڙا ٿي پيا، جو واندئي نه ملي.’
‘ادا تون  نه آئين ته اسان هليا آياسي، ڳالهه مڙيئي ساڳي آ!’
‘هي تنهنجو پنهنجو گھر آ، ڪو حجاب نه ڪجانءِ ... مٺل منهنجو سڳو سوٽ هو. هن ئي ويڙهي ۾ رهندو هو. منهنجي ڀيڻ نانءُ هيس. ننڍو ڀاءُ جو گذاري ويس ته وڃي شهر ويٺو. موٽائڻ لاءِ لولٽ ڪيا سينس، نه مڙيو ته پوءِ ڪسر جي به وياسي.’
‘بس ادا! جا تي لکيو.’ نصيبان وراڻيو.
‘بيشڪ، جاٿي قسمت!’
اڪرم ماني کائي گرڙي پئي ڪئي ته نصيبان کيس سڙٻاٽن ۾ چيو: ‘ادا، مان آئي آهيان توسان صلاح ڪرڻ، اڪيلائيءَ ۾ ....!’
‘ها ادي ... پوءِ هلي ڪوٺيءَ ۾ ٿا ڳالهايون.’
ٻئي ڄڻا چلهه تي ويٺل ڀاتين کي دالان ۾ ڇڏي ڪوٺي ۾ ٿي ويٺا. چلهه تي ويٺل ڇوڪرين ۽ ڀاتين اڪيلائپ ۾ ڳالهائڻ جو اندازو پئي هنيو ۽ ڪن اوپـڙا ڪري ٻڌڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي.
نصيبان خوش خير عافيت کان پوءِ اچڻ جو اصلي مقصد ٻڌائڻ شروع ڪيو. ‘ادا، ٻيو مڙيئي خير ...! توسان صلاح ڪرڻي هئي. نياڻين جي باري ۾ ... چار وياءُ ويٺا هن ... تون ڀاءُ ويٺو آن ته ڄڻ ننڊ حرام آن!’
‘بيشڪ آ’ اڪرام وراڻيو.
‘چوندا هن ته نياڻيون اهي نياڻيون، جيڪي شينهن جا به ڪنڌ ڀڃن، مان ته زائفان ماڻهو .... هاڻي الله ۽ تهان کان سواءِ ٻيو ڀر سڀر ڪير آ ... تهان کي ئي ڳڻ ڳوت ڪري، هنن کي شينهن ڪلهي چاڙهڻو آ.’
اڪرم ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو ته سئنون سڌو پڇڻ لڳو: ڀيڻ جي ڪاٿي ڏيون ته ٽڪا گھڻا وٺئون؟’
‘باهه ڏيان، ادا ٽڪن کي ....! ٽڪا ڪاڏي ڪنديس. جئين مان پنهنجي مڙس جي گھر في سبيل الله آئي هيس، تيئن ڇوڪريون  به ڏينديس بس ڇوڪرا ڪمائڻ ڪرتڻ جھڙا ... اشراف هجن.’
اڪرم کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سندس گھر ۾ الاهي ڪڪر وسي پيو هو. هڪ هڪ ڇوڪريءَ جو منهن مهانڊو سندس اکين اڳيان ٽي چار گھمرا ڦري ويو. هڪ ٻئي کان وڌيڪ هيون. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ طوطن جا ٻچا پور مان ڪڍي، مائي سندس جھوليءَ ۾ وڌا ها. هن اڳ پُـٺ سوچي نصيبان کي چيو: ‘ادي، هاڻي هيئن ٿا ڪيون جو سڀاڻي شام جو ڳوٺ جي چئن چڱن کي ويهاري ٿا ڪيون صلاح ... هڙيئي پاڻ ۾ مٽ آهيون، پوءِ جئين صلاح بيٺي.’
‘بس ادا ... پارت ٿئي .. پنهنجو رت اٿوَ ... مان به ان ڪري آيم جو اَڙي آ ، اُڌي آ .... لڱائي آ ، چڱائي آ، جا ٿي اوهان جي رت کي ڇڪي ايندي، ٻي کي نه ايندي ...!’
‘بس تون وڌيڪ ڳڻتي نه ڪر .... الله کي چڱي وڻندي.’
ٻئي ڄڻا اٿي آيا.  نصيبان کي ته ننڊ اچي وئي، پر اڪرم کي ڳپل رات تائين ننڊ نه آئي. الائي ڇا مئون ڇا پئي سوچيائين ۽ نصيبان واتان ڇوڪرين جا ٻڌايل نانءُ پئي ورجايائين : ‘زرينه ....! شبانه ....! ثمينه ...! تهمينه .....!’
صبح ٿيو ته ڇوڪرين ۽ نصيبان کي ڳوٺ وارين ماين ڳوٺ جي چئن  ئي ويڙهن ۾، هٿ آيل نئين نموني واري ٽڪ جي رلهين ۽ رلهڪن جيان پئي ڦيرايو گھمايو. جنهن به گھر پئي ويون، لک بسم الاهين سان سندس آجيان پئي ٿئي. پوڙهين ۽ پڪين ڇوڪرين مان ڏاڏاڻن جا وصف پئي ڪڍيا ۽ اڊ پئي ڇڪي:
‘وڏي سود پود پنهنجي ڏاڏي سونيءَ تي وئي آ. ان وانگر ڏسينس نٿي چپ سنهڙا، نڪ ڊگھو!’
 ‘ٻي به جھڙي ماسي خاتون ويٺي آ، هلڻ نه ٿي ڏسينس جھڙي ڇيهل ..’
‘ٽئين به الله حياتي ڏيس، گھٽ ڪونهي، پيءُ وانگر مورن جھڙي آ ..’
‘چوٿين ناننگ تي آ ....!’
‘نه مائي! اڌ ناننگ تي، اڌ ڏاڏنگ تي آ.’
هر گھر ۾ ننڍين وڏين کين ٻٽا ٻک وڌا. سڪرن سان سندن ڳٽا آلا ٿي ويا. مردن به کين ‘امان ڀلي آيئه ... ادي، ڀلي آيئه’ چئي هڪ دفعو پٺيان شڪ هڻي ضرور ڏٺو هو. نصيبان ۽ ڇوڪرين کي ائين پئي لڳو ته ڄڻ ڳوٺ ۾ قرب جا اهڙا ٻنا آهن، جن تان هلندي حياتي کٽي وڃي پر ٻنا نه کُٽن.
ٻئي ڏينهن تي شام جو هڙئي چڱا لڱا اچي اوطاق ۾ سٿ ٿيا ها. گاسليٽي بتيءَ جي وٽ چڱي ڀلي مٿي هئي. ان ڪري چيريون وٽيل، تنبيل، ۽ تور ڏاڙهين جا پاڇا، جنن ڀوتن جي شڪلين جيان اوطاق جي گاري لٿل ڀت تي چنبڙيا پيا ها. ڪنهن نه ڪنهن کنگھي کڙڪي، کانگھارو ڪڍي ڀت تي ائين پئي اڇليو هنيو، جئين سيون ايم ايم رائيفل جي گولي ڇٽي وڃي دشمن کي هيانوَ ۾ لڳي.
ڳوٺ جو مهانڊو ، حاجي ڏتو ‘السلام عليکم’ ڪندي اوطاق ۾ لنگھي آيو. ‘وعليکم السلام’ سان سور پور ٿي وئي. کيس ٿلهن پاون واري کٽ جي سيراندي کان جاءِ ملي. کٽ جي سيراندي کان لوڊ ٿيل ڪلاشنڪوف رکي، اڪرم کان پڇائين:
‘ها، حوال ڪر!’
اڪرم جنهن ويٺي ڇهپر پئي مهٽيا، سڌو ٿي ويٺو ۽ ٻڌائڻ شروع ڪيائين: ‘حوال خير جو حاجي ....! ڇهه ست مهينا کن ٿيا جو، مان ويو هوس، محراب ۽ نذرو جي ملاقات تي، اتي صابو مليو هو ...’
‘ڪهڙو صابو ..؟’ وچ ۾ ويڙهي جي ڪنهن چڱي پڇيس.
‘اهو، جيڪو شهر ۾ وڃي کير وڪڻندو آ، موٽر سائيڪل تي!’
‘او اهو ....! ان جو ڀاءُ رمن به جھليل آ اتي .... ان ٻڌايو ته يار مٺل گذاري ويو ٿي ....!’
‘اُن کي ڪيئن خبر پئي؟’
‘پئنچر (پڪنچر) ڳنڍائيندو هو مٺل کان ...!’
‘بهاذر ، ڏاڍو واترو آن ... هاڻي اهي سوال جباب بند ڪر ته حوال اڳتي به هلي ...!’ حاجي ڏتي ويڙهي جي چڱي مڙس کي رهڙ ڏني ته اڪرم اڳتي چريو:
‘پوءِ منهنجي دل به سٽ کاڌي ته پڇائي پڇائي وڃي گھر لڌم. مائي سان رضا الله جي ڪيم ۽ ڳوٺ اچڻ جو صلاحيو مانس .... سو ڪلهه اچي پهتي آ .... مائي کي هن چار ڌيئرون .... مائي ٿي چوي ته آئي آهيان ڌيئرن کي اٿارڻ ....!’
‘ٽڪا گھڻا ٿي ٻڌي؟’ حاجي ڏتي پڇيس.
‘توسان ڪهڙو ڪوڙ حاجي ....! او ٽڪو به نٿي گھري ... چوي ٿي، مخت (مفت) ۾ ....!’
‘وهه ڙي واهه مائي ....! ‘ ڪچهريءَ مان ملان دادن سٿر تي ٺپڪي هڻندي چيو.
‘مٺل ڇُٽي ويو ... هيءَ ڳنڍڻ آئي آ ... وونٽ آ مائيءَ کي سائين!’
‘مائي اصيل آ!’
‘ڪي، ڪي آهن، ڌارين ۾ به ... ائين ناهي.’
جڏهن ڪچهري واه واه ڪري ٿڪي ته حاجي ڏتي اڪرم کان مشڪندي پڇيو: ‘پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟’
‘وڏي پنهنجي بلي ٿو ڪيان، باقي جئين تون فيصلو ڪرين.’
‘ڪهڙي ساون لٽن واري؟’ بهاذر پنهنجي پڇ پڇ واري عادت کان نه مڙيو.
‘نه، آسماني لٽن واري.’ اڪرم وراڻيو.
‘شڪر ٿيو مان وارو دينو ته ساون لٽن واريءَ تي ٻـوچانڊ لڳو ٿو وتي، چئي ٿو، ان بوبتيءَ ته مان کي باهيون بڇي ڇڏيون هن.’ بهاذر ڀر ۾ ويٺل سنهڙن ڇهپرن واري چوراٽي نموني ويٺل نوجوان جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
‘بس ڪر ڪتا ...! ته واڇان نه چيريانءِ ... ننگن ۾ ٿو اکيون وجھين.’ حاجي ڏتي ڪيس ڪيل شهپرن کي وٽيندي گجي پيو. سڀني جا ڪن ڇٻا ٿي ويا. ڪا گھڙي ته سانت ٿي وئي. هر ڪو سمجھي ويو ته حاجي ڏتي والار ڪري ڇڏي.
‘ڀلا، ٽيون لمبر (نمبر) ته ڏيندين نه ...!؟ ڪن اُها به نه ڏيندين؟’ حاجي ڏتي جي دينا داستي جھپڙ جو سور پيئندي، ٽين نمبر ڇوڪري تي هٿ رکيائين ته متان ڪو ٻيو والار ڪري.
‘چڱو، اُها توکي آئي!’ حاجي ڏتي سوڀ کٽڻ واري انداز ۾ چيو.
‘او چوٿين منهنجي ٿوَ! منهنجي ..!’ اپڪئي وچتي هڪ ڪراڙي ڀپ ٽپو ڏنو.
‘او ڪاڪا وندر! جيسين ڇوڪري وڏي ٿئي، تيسين تون ته رضا ڪري ويندين!’ ويٺلن  مان ڪنهن ٽوڪ ڪيس ته کلڪو ٿي ويو. وندر به گھٽ نه هو، ٿڏي تي موٽ ڏنائين:
‘آتر ڌاڌر ڪري هفتي ۾ تيار نه ڪيومانس ته منهنجو نانءُ ڦيرائي ڪتي تي رکجو. توهان رڳو هٿ ڪڍو.’
‘اها تون کڻين يا شاهن ... اهو پاڻ ڄاڻو. هاڻي چئن ئي ويڙهن کي هڪ هڪ اچي وئي.’ حاجي ڏتي ورهاست تي اطمينان ڏيکاريندي چيو.
‘نه ابا ، وندر کي ٿا ڏيون ... مان اها غلاموءَ لاءِ کنئي، وندر جو آ مٿو خراب ...!’ ويڙهي جي چڱي مڙس شاهو هڪدم ورندي ڏني ته وندر چڙي پيو.
‘حاجي ڏسين ٿو، شاهوءَ جا ظلم ...! باقي جنهن مهل گلي جيئنداڻيءَ کي ماري آيو ته ٿٿان ڦٿان ڪندو مون وٽ آيو، ته ڪارو ڪاريءَ جو ڪيس ٺاهيو ته جان بچي. سڄي ويڙهي وارن پنهنجا سونا ٿانوَ لڪائي رکيا. مان ڀيڻان پنهنجي جوءِ ڇڪي آڻي ڏني مانس ته ماري سر بچاءِ ڪر جو ويڙهي جو چڱو آن ...’
‘ها سائين ڀاڏَ مارائي ڇيهه ڪيئي.’ شاهن ڏاڙهيءَ کي مٺين سان ڀڪوڙي وراڻيو.
‘ڀاڏَ به مارائي نه تو ڪاڻ، تون ته پنهنجي پوپري مارين هان.’ جھوني وندر هيانوَ جي باهه کان ورندي ڏنس.
‘اڙي قرآنن هنيا ....! ته تنهنجي لاءِ فقير گلا حسين ( غلام حسين) کي مُنجو (موڪليو) آ هوسڙيءَ، پندرنهن هزار ڏيئي، ڪا نه ڪا بنگالڻ وٺي ايندو تنهنجي لاءِ، تسيتائين نر کوتو لڳو وت ڳوٺ ۾ ..........’ شاهن جي انهيءَ سمجھائڻ تي، سڄي ڪچهري ڪوڪرا ڪري کلڻ لڳي ته وندر ويتر ڇتو ٿي پيو!
‘نه کپي بنگالڻ، مان کي کپندي ته اها ڇوري!’
‘هاڻي وڌيڪ لڙ ڪيو ٿي ته پشٽول ٺوڪيندو سانءِ، هر هر ٿو منهنجي ننهن جا نالا کڻين.’ شاهن ور مان کڻي ٽي ــ ٽي جو پسٽل ڪڍيو ته حاجي ڏتو وچ تي پئجي ويو.
‘بس ڪيو ڙي ته هڻاوَ نه ٻٽيون ....! بيٺا ٿڪان ٿا ولوڙيو، ماڻهو ٻڌندا ته ڇا چوندا ته ماڻهو ئي ناهن جمعي جي وانڍ وارا جو ٽڪي جي رنن ڪري وڙهي مئا هن.’  
او حاجي، ابا تون انصاف ڪر ...!’ وندر هٿ ٻڌي حاجي ڏتي کي ايلازو ٿي چيو.
‘بس انصاف ٿي ويو. ڇوڪري غلاموءَ جي آ.’ حاجي ڏتي جان ڇڏائڻ واري انداز ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو.
‘اسان بس ڪئي سي ... مٺي به ماٺ ته مُـٺي به ماٺ ....! اسان کي ڪجهه نه کپي ... اسان کي ڏيندو پيران پير ... توهان وڃي عينش ڪيو.’ وندر ڀرئي ڪچهريءَ مان داسي جھڙي لٺ زمين تي ٺهڪائيندو ، ڪاوڙ مان اٿي ويو.
‘ملان دادن! جلدي ڪر. نڪاح پڙهه ته هر ڪو وڃي پنهنجي پاٿاري تي ويهي.’
حاجي ڏتي، ملان دادن کي هوشياري وٺائيندي چيو. ملان دادن جيڪو خيالن ۾ کنڊ جو جھاز غرق ڪيون ويٺو هو. تنهن ڳٽڪ ڪري منهن ڦيرائي ڇڏيو.
‘ڪرين ڇا ٿو ....!؟ ڪڍانءِ ڇا، ڇٻ مان جھلي ڇنڊ!؟’ حاجي ڏتي ڌمڪي ڏنس.
‘کڻي مان کي تيرنهن ٽڪر ڪر ...! اڄ ننهن وارا نو ڪوٽ ٿي!’
‘توکي وري ڇا ٿيو!؟’ اڪرم حيرانگيءَ مان پڇيس.
‘ڀيڻان! ٽي ٽي شاديون ته به هانءُ نه ٿو ڀرجيوَ .... ڇو ادا، دادن کي ساهه ڪونهي!؟’ ملان دادن ٻنهي هٿن سان پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
‘اهو پهريون ڦاٽ کائين ها ته ڪجهه ڪيون ها نه، هاڻي آڱوٺو بچيو آ ڇا!؟’ حاجي ڏتي خار مان وراڻيس.
‘ڇورين جي ماءُ جو ويٺي آ.’ ملان جي جواب تي سڄي ڪچهريءَ وارا حيرت ۽ حسرت مان هڪ ٻئي جو منهن تڪيندا رهجي ويا.
‘مار ڀيڻسان ....! ملان ڪاٿي وڃي ڳوٽ ڀڳي آ .... اسان جي خيال خاب (خواب) ۾ ئي نه هو.’ بهاذر کي ڄڻ ارمان ٿي پيو.
‘مائيءَ ۾ هاڻي ڇا رکيو آ!؟’ اڪرم، ملان کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
‘ڇا رکيو ٿس ... ڀُـور لڳي پئي آ!’ ملان جواب ڏنو.
‘تون آن ٿڪل سانُ ، ڇا ڪندين ڀور کي ڙي!؟’ ڪنهن ڪچهريءَ مان ٽوڪيس.
‘ٿڪل سانُ آ جو بس پئي آ ... طور سينا نه ڏيکاري مانس ته منهنجو نانءُ به ملان دادن ڪونهي!’ ملان جوش مان جواب ڏنو.
‘واه ڙي واه ملان، تنهنجا پانور ..!’ ڪنهن ڪچهريءَ مان چاڙهه ڏنس.
‘ڏائڻ به هڪڙو گھر ٽاريندي آ، ملان! اجائي هوڏ تان لهه.’ حاجي ڏتي احساس ڏياريندي چيس.
‘اڄ ته کڻي مان ڳوٺ جي چڱن مڙسن جي چوڻ تي، زور مارين سان نڪاح پڙهايان! پر جڏهن دوار محشر پڇاڻو ڪندو ته ڪير جواب ڏيندو؟ مان کي پنهنجي قيام ڪاري ناهي ڪرڻي ... اوهان به ان وکت کان ڊڄو، جڏهن الله جل شان هو امن و آله جي سامهون ٿيندءُ .... اتي اها اٽڪي ٻٽڪي ۽ ڏاڍ مڙسي نه هلندوَ ... يتيمن لاءِ حديث شريف ۾ آيو آ ته ....!’
‘ڀيڻ جو ... ملان! هاڻي ڇتو ٿيو ٿوَ ... حديثان ٿو ٻڌائي ....! ڏئي جان ڇڏايون، ادا ...! آئي، آئي توکي حصي ۾ مائي نصيبان!’ حاجي ڏتي، فيصلي نبيرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ته ملان به ‘جزاڪ الله’ چئي حديث ٻڌائڻ تان هٿ کنيو.
ملان کنگھي کڙڪي، دستار کي ٺاهي نڪاح پڙهڻ کان اڳ ۾ اڪرم کان پڇيو: ‘ڀلا شروع ڪيون؟’
‘مائي نصيبان کان ته پڇي اچجي؟’ اڪرم خيال ڏيکاريو ته حاجي ڏتي کي ڄڻ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين باهه وٺي وئي.
‘اڪو ... ڳالهائين ڇا ٿو ....؟ اهو ته دادو ڪينار کان پريان جو رواز (رواج) آ ته ماين کان پڇجي ته توکي فلاڻو قبول آ ... ڪچهريءَ ۾ فيصلو ٿيو ته ڇٽو ...نڪاح ملان پڙهندو ته قبول ٿي ويندي، باقي توکي ڪا اندر ۾ آ ته ٻڌاءِ...’
‘رب ٿو ڄاڻي، مان کي دل ۾ ڪجهه به ڪونهي ... جئين سنگت جي صلاح ...!’ اڪرم حاجي ڏتي جي ناراضگيءَ ڏسي پنهنجي ڦـٿـڙڪ تان هٿ کڻي ويو.
واري وٽيءَ سان، ملان دادن سڀن جو نڪاح پڙهندو ويو. پاڻ ئي گھوٽ، شاهد، وڪيل ٿيندا ويا. آخر ۾ ملان دادن جو نڪاح ٻانگي خادم پڙهي پورو ڪيو. سڀئي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيئي وٺي، ائين کڙا ٿيا جئين حاضرات (جنن) جو لشڪر بي گاهه وقت ۾، انسانن جي وسنديءَ ڏانهن راتاهيءَ لاءِ اٿي پيو هجي.
نصيبان ۽ سندس چار ئي ڇوڪريون ، بي اونيون ٿيون، اڪرم جي ڪهول سان باهه تي ويٺيون، هيڏانهن هوڏانهن جا قصا پئي ڪيا. اوچتو ‘سلاما ليڪم’ جي گڏيل آواز تي، پيڙهن تي ويٺل سڀني عورتن سلام جو جواب ورائيندي، ان ايڏي لالوءَ جي لشڪر کي حيرت ۾ تڪيو ته اڪرم حيرت کي ختم ڪرڻ لاءِ نصيبان کي ٻڌائڻ لڳو: ‘ادي، حوال خير جو ....! تنهنجن هڙيئي ڇوڪريون، تو سميت شينهن ڪلهي چاڙهي ڇڏيون سي. هاڻي هر ڪو پنهنجي ٻانهن وٺڻ آيو آ.’
ائين چئي اڪرم کڻي زرينه کي ٻانهن کان ورتو ته ڇوڪري اکين سان ايلازو ٿي، زبان سان منٿ ميڙ ڪيس: چاچا ....! ڇڏ!’
‘چاچا وري ڇا جي؟ سؤٽ ڪري ڳالهاءِ!’ اڪرم شينگھرجي وراڻيس.
شبانه جي سنهڙي ڪرائي ۾ حاجي ڏتي جو هٿ، هٿڪڙيءَ جيان ڦٻي ويو ته ساهه سڪي ويس. خوف مان ڪسجندڙ ڇيليءَ جيان رڳو ٻيٻڙاٺ نڪتس: اَ ..... ما ....اَ ما ... ان ان ....’
ثمينه همٿ ڪري ڀڄڻ جي ڪئي ته دينوءَ جي ارهاٽ ۾ اچي اهڙي نموني کڄي وئي، جئين چور ڪانهين کڻي ڀڄندو آهي.
پرڀرو ويٺل تهمينه ماءُ سان چنبڙڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر غلامُـو اهڙو جُھٽ هڻي ڪڍيس، جھڙو ڪر ڪوئا مار ، ڪوئي کي ڏر ۾ ڀڄڻ کان اڳ هڻي ڪڍندو آهي. جئين ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي جھنگ ٻلن کان بچائڻ لاءِ ڪُر ڪُر ڪندي لوهان ۽ سٽان ڏيندي آهي، نصيبان ڏنيون. پر جڏهن نصيبان جي چوٽيءَ ۾ ملان دادن جو هٿ پئجي ويو ته پاڻ ڇڏائڻ ۾ آزرتي ٿي وئي. چڪ ۽ مڪان هڻندي چڀوٽين پئجي ويس. خبر ناهي ته، پڪي عمر واري ملان کي ايڏي ايماني طاقت ڪاڏنهن اچي وئي ، جو هو نصيبان کي پنهنجي ويڙهي ڏانهن ائين گھلي ويو، جئين شينهن، ڳئون کي ڦٿڙڻ جي باوجود به اوڍر ۾ ڇڪي ويندو آهي.
رات جي پيٽ ۾، پنجن ئي عورتن جون دانهون ۽ ڦٿڙڻ ائين ثابت ٿيو، جئين وچ سير ۾ ٻڏندڙ ماڻهو ٿوري دير لاءِ درياهه ۾ ڌانڌول وجھن ۽ ٻڏڻ کان پوءِ ائين لڳي ته ڄڻ درياهه پيٽ ۾ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.

No comments:

Post a Comment