Friday, December 9, 2011

کل ڦل - اختر حفيظ


کل ڦل

اختر حفيظ
آئون هن کي کِل ڦل سڏيندو هئس..... کل ڦل، انهيءَ ڪري جو ننڍي هوندي مون کل ڦل پريءَ جي ڪهاڻي ٻڌي هئي، اها جڏهن کلندي هئي ته سندس وات مان موتي ڇڻڻ لڳندا هئا. جڏهن مون هن کي پهريون ڀيرو ڌٺو ته مون کي لڳو ته هي اها ئي کل ڦل پري آهي، جيڪا ڪهاڻي ۾ هئي ۽ اها هن جي روپ ۾ منهنجي حياتي ۾ اچي وئي آهي. جڏهن به آئون کيس انهي نالي سان پڪاريندو هئس ته هن جي چپن تي مرڪ تري ايندي هئي. اسين ٻئي، شهر جي پراڻي پبلڪ پارڪ ۾ ملندا هئاسين ۽ گيٽ جي ساڄي پاسي کان رکيل بئنچ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا ڳالهيون ڪندا هئاسين. جنهن جي ڀر ۾ سرنهن جو هڪ قدآوار وڻ هو. انهن ڳالهين ۾ دنيا جهان جا قصا اسان جي زندگيءَ جون ڳالهيون، پيار جون ڳالهيون شامل هونديون هيون. اڪثر ڪري اها بئنچ خالي هوندي هئي. انهيءَ ڪري اسان جو انهيءَ پارڪ ۾ ٺڪاڻو اهو ئي هوندو هو. پوءِ ڪجهه وقت لاءِ اسين ٻئي، هٿ هٿ ۾ ڏئي واڪ به ڪندا هئاسين ۽ انهيءَ دوران اسان جون وکون تمام آهستي کڄنديون هيون. هو جام سهڻي هئي، وچٿرا گلابي چپ، گول گورو چهرو ۽ اکيون ته عجيب هيون. هن جي اکين جو رنگ ئي عجيب هو. نه ڪاريون هيون، نه ڀوريون ۽ نه وري نيريون. بس هن جي اکين جي رنگ کي بيان نٿو ڪري سگهجي. پر هيون تمام معصوم، سهي جي اکين جيان. اداسيءَ جي ڪري جڏهن هن جي ڳاڙهن ڳٽن تان ڳوڙها ترڪڻ لڳندا هئا ته آئون هن جا ڳوڙها اگهي اڪثر هن جي پيشاني چمندو هئس. منهنجو اهو عمل هن کي تمام گهڻو وڻندو هو. انهيءَ ڪري هوءَ هڪدم مرڪي پوندي هئي.


جڏهن به شام جو سج لهندو هو، رات ويجهو ٿيندي هئي ته هن جي چهري ۾ عجيب چمڪ ظاهر ٿيڻ لڳندي هئي. آئون هن جي انهيءَ چمڪدار چهري کي ڏسي ڄڻ ته ٽڙي پوندو هئس ۽ وجهه وٺي هن جا چپ چمي وٺندو هئس. اڪثر هن کان انهيءَ جو سبب معلوم ڪندو هئس پر هن وٽ به ڪو خاص جواب نه هوندو هو. اصل ۾ مون کي ائين لڳندو هو ته هوءَ پوپٽن جو حسين خواب آهي. اسان جي ملاقاتن جو سلسلو تمام تيزي سان جاري رهيو. هوءَ هر ملاقات ۾ مون کان شاعري گهرندي هئي ۽ ڪيئن به ڪري هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن سٺي شاعر جي شاعري کڻي وڃڻي پوندي هئي. جنهن ڏينهن شاعري نه کڻي ويندو هئس ته ان ڏينهن منهن سڄائي ويهي رهندي هئي ۽ ڪجهه وقت ته کيس پرچائڻ ۾ لڳي ويندو هو ۽ جڏهن اها خاطري ڪرائيندو هئس ته ايندڙ ملاقات ۾ رهجي ويل شاعري به کڻي ايندس، تڏهن وڃي معافي ملندي هئي. مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون هن سان پهريون ڀيرو مليو هئس ته هن کي نزارقاباني جا ڪجهه نظم ڏنا هئم. جنهن مان هڪ نظم هي هو؛
منهنجي محبوبا!
مون کان پڇيو:
مون ۾ ۽ آسمان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
فرق اهو آهي؛
جڏهن تون کلين ٿي ته
مون کان آسمان وسري ويندو آهي
پوءَ هوءَ گهڻو ڪري اهو ئي نظم مون کان ٻڌندي هئي..... پر پوءِ وقت گذرڻ سان ڪجهه ڪجهه بدلجڻ لڳو. بلڪ ائين چئجي ته هوءَ بدلجي رهي هئي. ڪا به ملاقات اهڙي نه هئي جنهن ۾ هن مون کان اهو نه پڇيو هجي ته؛ ”مون کي ڪڏهن اڪيلو ته نه ڪندين نه“ آئون هن جي سوال تي مرڪي پوندو هئس. ڇاڪاڻ ته جڏهن کان هوءَ منهنجي زندگيءَ ۾ آئي هئي، تڏهن کان هن کي ڇڏڻ جو تصور ته مون لاءِ عجيب ڳالهه هئي. ڇو ته منهنجو ۽ هن جو اهو گڏيل فيصلو هو ته؛ هاڻي زندگيءَ جو هر پل گڏ گذاربو. زندگيءَ جون مصيبتون توڙي چڱو وقت، گڏجي گذاربو ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن جي زندگي ۾ سٺو ساٿي هجي ته ڏکيو وقت به سکيو ٿي پوندو آهي. مصيبتن کي سهڻ جو حوصلو ملي ويندو آهي. ايئن لڳندو آهي، ڄڻ مصيبتن ۾ جهڪائڻ جي همت ئي ناهي. پر اهو سڀ ڪجهه منهنجي خام خيالي هئي. ڇاڪاڻ ته هن  جي من ۾ اهو ڪجهه نه هو، جيڪو منهنجي معصوم دل ۾ هو. جيڪا هن جي اچڻ کان پوءِ فقط هن لاءِ ڌڙڪڻ لڳي هئي.
جيڪا ڇوڪري مون سان ملڻ لاءِ سڪندي هئي، انهيءَ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڪري مون کان پري رکڻ شروع ڪري ڇڏيو، جو کيس ڪنهن دوست جي سنگت ملي وئي هئي. پوءِ مون لاءِ بس بهانا وڃي بچيا. جن جي مون لاءِ ڪا حيثيت نه هئي. مون ڪڏهن هن کان اهو نه پڇيو ته؛ ڪو مون کي ڇڏي ويندي؟ ڇاڪاڻ ته مون اسان ٻنهي جي وچ ۾، جدائيءَ واري تصور کي ئي ڪڏهن ذهن ۾ نه آندو هو. پر آئون ڀلجي ويو هئس ته؛ جڏهن هوءَ اهو سوال ڪندي هئي ته مون کي ڇڏي ته نه ويندين؟ اصل ۾ انهيءَ ۾ هڪ لڪل پيغام هو ته؛ هوءَ مون کي ڇڏي ويندي. پوءِ ائين ئي ٿيو. سڀ ڪجهه ٿوري وقت ۾ بدلجي ويو. هوءَ مون کان پري ٿي وئي. ايترو پري جو مون کي لڳندو هو ڄڻ، اسان ٻنهي جي وچ ۾ ايترو فاصلو آهي جيترو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ آهي. هوءَ مون لاءِ زندگي ۾ اميد هئي. هڪ اهڙي ستاري جيان، جيڪو ڏور آسمان ۾ اونداهي سان وڙهندي، انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏيندو آهي ته روشني مري نٿي سگهي. هاڻ جيئن شام ٿيندي آهي ته آئون وڌيڪ اداس ٿي ويندو آهيان. ڇو جو منهنجي شامن کي رنگين ڪرڻ واري، کل ڦل ئي هئي. جنهن کان سواءِ هاڻي مون کي ڪا به شام، ڀانءِ نٿي پوي.
 جڏهن به شام ٿيندي آهي ته هن جي ياد شدت سان اچڻ لڳندي آهي ۽ آئون اداسي ۾ وڪوڙجي ويندو آهيان. طويل راتيون اڃا به وڌيڪ طويل ٿيڻ لڳيون آهن. هڪ  ڏينهن مون هن جي هٿن جون لڪيرون ڏٺيون هيون. هن جي هٿن جي لڪيرن ۾ جدائيءَ جي لڪير ته مون کي نظر نه آئي پوءِ به هوءَ الئه ڇو مون کان جدا ٿي وئي. مون کي ياد آهي ته هن جا ڪن سدائين ٻُسا رهندا هئا. انهن ۾ ڪي به  جهومڪ وغيرهه نه هوندا هئا. مون هن سان واعدو ڪيو هو ته جڏهن به پيسا ٿيندا ته آئون کيس سون جا جهومڪ وٺي ڏيندس. هن جا ڪن رُجهي نه وڃن، انهيءَ ڊپ کان مون هن جي ڪنن ۾ نم جون ڪاٺيون وجهي ڇڏيون هيون. تڏهن مون کي ائين لڳو هو ڄڻ، آئون هن کي سون جا جهومڪ ئي پارائي رهيو هجان. اسان ٻنهي فيصلو ڪيو هو ته؛ اسين ٻئي جلدي شادي ڪري وٺنداسين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ تياريون به ڪري ڇڏيون هيون پر هڪ ڏينهن هن جو فون آيو ۽ هن چيو ته؛ ”آئون تو سان شادي نٿي ڪري سگهان ۽ ڪو ٻيو ماڻهو آهي، انهي سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيان“ اهو جملو ٻڌي، منهنجي پيرن هيٺيان ڄڻ ته زمين نڪري وئي. بس پوءِ ته ڄڻ منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. پوءِ مون هن کي وري ناهي ڏٺو. بس ايتري خبر پئي اٿم ته هوءَ مون کان سواءِ به تمام گهڻي خوش آهي. ايتري خوش آهي جيتري شايد مون سان به نه هئي. ڇو ته هن وٽ زندگيءَ جا معيار الڳ آهن. رشتا ناتا هن لاءِ ايترا اهم نه آهن، جيترو هن لاءِ پنهنجو وجود اهم آهي يا جيترو هن لاءِ هن جا مفاد اهم آهن.
آئون هن کي انهن هوٽلن ۾ ڳوليندو آهيان، جتي اسين راتيون گذاريندا هئاسين. پر هن جو ڪو به ڏس پتو ناهي. مون کي ياد آهي ته، هوءَ منهنجي ڇاتيءَ تي پنهنجو مٿو رکي، سدائين وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لاءِ چوندي هئي. آئون آڱريون ڦرائيندو هئس ته کيس اتي ئي ننڊ اچي ويندي هئي.
هڪ دفعي هن مون سان شڪايت ڪندي چيو هو ته؛ آئون ڪهاڻيون نٿو لکان. آئون هميشه چوندو هئس ته؛ ضرور لکندس. تڏهن هن چيو هو ته؛ ”هڪ ڏينهن تو کان پري هلي وينديس. پوءِ ويٺو ڪهاڻيون لکجانءِ.“
امان اسان ٻنهي کي گڏ ڏسي، ايترو ته خوش ٿيندي هئي ڄڻ کيس لڳندو هو ته کل ڦل جي روپ ۾ تمام سٺي ڇوڪري ملي وئي هجي. جڏهن به هن سان آئون ناراض ٿيندو هئس ته امان هڪدم سمجهي ويندي هئي ته اسان جي وچ ۾ناراضگي ٿي آهي. اڄ به امان سمجهي ويندي آهي ته آئون هن کان سواءِ اداس ٿيندو آهيان. چهري تي مرڪ نظر ناهي ايندي پر امان کي چوندو آهيان ته؛ آئون ٺيڪ آهيان. پر هوءَ ته منهنجي ماءُ آهي، سڀ ڪجهه سمجهي ويندي آهي ته آئون هن سان ڪوڙ ڳالهائيندو آهيان؛ “آئون ٺيڪ آهيان.” جڏهن هن جي ياد تمام گهڻي اچڻ لڳندي آهي ته بس هن جون تصويرون ڏسي، اداسي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
اڄ به آئون انهيءَ پبلڪ پارڪ ۾ ويندو آهيان جتي اسين ملندا هئاسين. سرنهن جي وڻ هيٺ رکيل انهي بئنچ کي به ڏسندو آهيان، جيڪا خالي پئي هوندي آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ، اها اسان ٻنهي جي منتظر هجي. آئون انهن رستن تي اڪيلو ڦرندو آهيان، جن تي ڪڏهن آئون هن سان گڏ هليو هئس. آئون هن کي رستن تي، پارڪ ۾، انهن وڻن هيٺ ڳوليندو آهيان، جتي اسين ڪچهري ڪندا هئاسين. اڄ به سج لهندو آهي، شام ٿيندي آهي پر آئون اتان مايوس ٿي موٽي ايندو آهيان. ڇو ته سج لهڻ کانپوءِ مون کي کل ڦل جو چنڊ جيان چمڪندڙ چهرو نظر ئي ڪو نه ايندو آهي، جنهن ۾ آئون پنهنجو عڪس ڏسندو هئس.

No comments:

Post a Comment