Monday, December 5, 2011

ڪتو به ان کي کائي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڪتو به ان کي کائي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اٺن ۾ پنج منٽ هئا. ڪراچي سٽي اسٽيسن تان، لاڙڪاڻي لاءِ بولان ميل جي ٽڪيٽ وٺي، پليٽ فارم نمبر ٽئين تي پھتس. عيد ۾ به ٽي ڏينھن هئا. عيد جي موٽ هئڻ ڪري رش به ڏاڍي هئي. مان سرڪاري ڪم سانگي ٽي ڏينھن اڳ آيو هئس ۽ ڪمن ۾ ئي مصروف هئس، تنھن ڪري بڪنگ به نه ڪرائي سگهيو هئس.
لاڙڪاڻي لاءِ ٽي ساهه-ستيون سواريون ملنديون آهن. هڪڙا بليو لائين جا ڪوچَ، جيڪي عيد سبب هفتو هفتو اڳي کان بڪ هيا. ٻيو هوائي جھاز، جيڪو مون جھڙا غريب ماڻھو نه افورڊ (Afford) ڪري سگهندا آهن ۽ نه ان لاءِ سوچي ئي سگهندا آهن. ٽيون آهن، ڀٽاريون ٽرينون. هر غريب جي آهي، انھن ڏانھن ڊڪ. عيد جي موقعي ۾ انھن تي به چڱي خاصي پيھه هوندي آهي ۽ هفتو هفتو اڳ، ايڊوانس بڪنگ ٿيل هوندي آهي. بڪنگ هوندي به، اسان جھڙي اُڙئي ٿُـڙئي مسافر لاءِ ويھڻ يا سمھڻ جي جاءِ نڪري ايندي آهي. جي ويھڻ لاءِ سيٽ نه ملي ته هيٺ فرش تي ويھي گذارو ڪري وڃبو. سيٽ هٿ ڪرڻ ۽ گهڻيءَ تڪليف کان بچڻ لاءِ، ريل ۾ ڪراچي سٽيءَ کان چڙهڻ مناسب سمجهيم.


اٺين بجي، ريل جو رائيٽ ٽائيم هو. چئن پنجن منٽن ۾، سمھڻ يا ڪم ازم ڪم ويھڻ لاءِ سيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ، پوئينءَ بوگيءَ کان اڳتي هلڻ شروع ڪيم. بريف ڪيس هٿ ۾ لوڏيندو، بوگين جي اندر لوڻا هڻندو، پئي هليس. مَنَ ڪٿي ڪو واقفڪار، يا سمھڻ لاءِ برٿ يا ويھڻ لاءِ سيٽ، آجي نظر اچي.
هلندي، هڪ بوگيءَ ۾، انديشو سمجهيم ته سمھڻ جي جاءِ ملي ويندي. ان ئي بوگيءَ ۾ ڇڊا پاڊا مسافر ويٺا هئا. رات جو سفر هو. ويھي ڪَٽڻ مون لاءِ ڏکيو هو. آفيس ۾ ڪرسين تي ويھڻ، گيس ٽربل جو مريض بنائي ڇڏيو آهي. ان ڪري رات جو آهلڻ اشد ضروري هو. ان لاءِ ان بوگيءَ ۾ سيٽ والارڻ مناسب سمجهيم. اندر آيس ته، هر سيٽ تي ٻه ٻه ٽي ٽي همراهه ويٺا هئا. مٿيون برٿون به ڪجهه والاريل هيون، تنھن هوندي به مونکي، وچ ۾ سولائيءَ سان برٿ ملي وئي. ان تي بريف ڪيس رکيم. اجرڪ ڪڍي، اهو به سيٽ تي قبضي جو نشان ڪرڻ لاءِ، پٿيريم. پاڻ في الحال هيٺينءَ سيٽ تي ويھي رهيس.
گرمين جا ڏينھن هئا. ان ڪري يڪدم مٿي چڙهي سمھڻ سان، پکن جي هوا گهٽ اثر ڪري ها. اهو خيال ڪيم ته ساڍي ڏهين ڌاري، جڏهن ريل ٺٽي جي ويجهو پھچندي ته، ٻاهرين هوا ٿڌي ٿي پوندي ۽ ماحول مٿي برٿ تي سمھڻ جھڙو ٿي پوندو، ان وقت مٿي برٿ تي چڙھي سمھندم.
ساڍي اٺين ڌاري، ٽرين ڪراچيءَ جون حدون اُڪري چڪي هئي. بوگيءَ ۾ ويٺل پوليس وارن مان، هڪ سپاهي ٽڪيٽن جي پڙتال شروع ڪئي. مڙني بنا ٽڪيٽ مسافرن کان، اوڳاڙي ڪندي، اسان واري سيٽ وٽ پھتو. منھنجي ڀر واري همراهه کان ٽڪيٽ گهريائين. ان پنجويھه روپيا ڪڍي ڏنس ۽ چيائينس؛ “دادوءَ ويندس!” ٻئي همراهه کان ٽڪيٽ جي پڇا ڪيائين. ان چيس؛ “ڪونھي.”
“ڪاٿي ويندؤ!”
“لاڙڪاڻي!” ان جواب ڏنس.
“پوءِ توهان فقط ٽيھه روپيا ڏئي ڇڏيو!”
ان ٽيھه روپيا ڏنس. هاڻي منھنجو وارو هئو. مون کان پڇيائين؛ “ڀائو! تو کي! ٽڪيٽ ته ڪانھيوَ؟ پر ڇا ڪجي؟ اسان کي ته توهان جھڙن کان پڇندي ئي شرم ٿو اچي!”
“ڇو؟ يار! تو کي شرم ڇو ٿو اچي؟! هان هيءَ وٺ ٽڪيٽ!” کيسي مان ٽڪيٽ ڪڍي، ڏانھنس وڌايم.
“اڙي يار! صفا ڪو سادو آهين. ڪمال ڪري ڇڏيو اٿئي. گاڏيءَ ۾ وري ٽڪيٽ وٺي چڙهيو آهين!” ٽڪيٽ چڪاسي، واپس ڪندي چيائين.
“ڇو؟ بنا ٽڪيٽ به سفر ڪبو آهي ڇا؟ اهو ته قانوني ڏوهه آهي. توهان جي گاڏيءَ تي ڊيوٽي ته انھيءَ ڪري لڳي آهي ته بنا ٽڪيٽ وارن کي پڪڙيو ۽ پڪڙي سرڪار جي حوالي ڪيو. يا ڏنڊ ڏوهه وٺو. سمورو ڀاڙو سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيندو ته سرڪار عوام جي سھوليت لاءِ اڃا به وڌيڪ سٺا سفري موقعا فراهم ڪندي.”
“اڙي! يار! اسان ته فقط جهيڙي جهٽي، ڦر فساد وغيره سان منھن ڏيڻ ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيون.” منھنجيءَ معلومات ۾ اضافو ڪندي چيائين.
“پوءِ بنا ٽڪيٽ مسافرن کان اڳاڙي ڇا لاءِ ٿا ڪريو؟”
“بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ، تو کي ته خبر آهي قانوني جرم آهي. ان لاءِ اسان جرمانو ٿا وٺون ۽ بس.”
“جرماني جو مطلب اهو ته ناهي جو اصل ٽڪيٽ ملي اسي (80) روپئي ۽ توهان اڳاڙيو مورڳو ٽيھه (30) روپيه.”
“يار!تو کي ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻو هو ته پوءِ ٻيءَ بوگيءَ ۾ چڙهين ها! هن ۾ ڇا لاءِ چڙهئين! خواه مخواه اسان جا ٽيھه روپيا مارائي ڇڏيئي.”
“ڇو ڀلا؟! هيءَ بوگي رزروڊ ٿيل آهي ڇا؟ يا لاڙڪاڻي وڃڻ واري بولان سان لڳل ناهي؟!”
“لڳل ته بولان سان آهي، پر هيءَ بوگي اسان سپاه جي آهي. ٻين کي ان ۾ سفر ڪرڻو ناهي.”
“مون بولان ميل ۾ چڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ ورتي آهي. ان جي ئي بوگيءَ ۾ سفر ڪري رهيو آهيان. مان ڏوهي تڏهن هجان ها! جڏهن بنا ٽڪيٽ سفر ڪريان ها! ٻيا ٽيھين روپئي ۾ سفر ڪري سگهن ٿا ته پوءِ مان اسي رپيا ڀري، ٽڪيٽ وٺي، سفر نه ٿو ڪري سگهان! سو ڇو؟!”
“منھنجو هرگز اهو مطلب ناهي ته ٽڪيٽ وٺڻ کانپوءِ تون سفر نه ٿو ڪري سگهين. پر منھنجو مطلب اهو آهي ته هيءَ بوگي اسان جي آهي. ان ڪري هن ۾ اهي مسافر چڙهي سگهن ٿا، جيڪي اسان مان هجن يا اسان جا هجن.”
“مطلب ته اهو ٿيو نه! ته اسي روپيا پاڻيءَ ۾ ويا. اسي روپيا ڀرڻ جي باوجود گاڏيءَ ۾ چڙهڻ جي اهل ناهيان. ڇو جو ٽڪيٽ وٺڻ سان، هاڻي نه مان توهان جو آهيان ۽ نه توهان مان آهيان. جڏهن ته ٽيھه روپيا ڀرڻ وارا، چڙهڻ جي اهل به ٿي پيا ۽ توهان جا به ٿي پيا.”
“ڀائو! گهڻو ڳالھائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي! تو هڪ ته اسان سان زيادتي ڪئي آهي ۽ ٻيو وري مٿان بحث پيو ڪرين!”
“ادا معاف ڪجو! جيڪڏهن ٽڪيٽ وٺڻ ايترو جرم آهي ته پوءِ مونکي ڀلي هلندي گاڏيءَ مان ڌڪو ڏئي اڇلاءِ! ڀلي سڄيءَ دنيا کي خبر پوي ته قانون جي پابندي ڪرڻ يا ٽڪيٽ وٺي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ مان ڪيترا نقصان آهن!” ٿورو بيزار ٿيندي چيومانس.
“ٽڪيٽ جي باري ۾ پڇا ڪرڻ ڏوهه جو ڪم ته نه آهي. ان ۾ ڌڪو ڏئي ڪيرائڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي، جو تون ايترو اٻھرو ٿو ٿين!؟” تکو پوندي چيائين.
“اها ته مون تو کي ڏيکاري! باقي منھنجو جرم اهو آهي، جو ٻين بوگين ۾ رش هئڻ سبب، هيءَ بوگي خالي ڏسي، اچي منجھس ويٺو آهيان ۽ بس.” ساڳئي لھجي ۾ چيومانس.
“ڪاٿان چڙهئين؟!” تکي لھجي ۾ پڇيائين.
“سٽيءَ کان!” ساڳئي لھجي ۾موٽ ڏني مانس.
“سٽيءَ ۾ ته سڀني بوگين ۾ جاءِ ملي ويندي آهي. پر جي ٿورو ٽائيم سان اچجي ته سموريون بوگيون خالي هونديون آهن ۽ سمھڻ جي جاءِ به ملي ويندي آهي.” غلطي ڪڍندي چيائين.
“عيد جي موٽ آهي، هر ڪو ڳوٺ ڏانھن پيو موٽي. رش جي ڪري، گاڏي اتان ئي ڀرجي نڪتي آهي.” جوڳو دليل ڏنومانس.
“جڏهن خبر به اٿئي ته عيد مٿان آهي! ۽ رش به ان جي ڪري آهي. پوءِ به خوامخواه سيٽ سيڙائي، اسانجي ٻچن جي روزيءَ تي لت هنئي اٿئي.”
“يار! ڏائڻ به ڪو هڪ اڌ گهر ٽاريندي آهي. سڄيءَ بوگيءَ ۾، جيڪڏهن مون هڪڙي ٽڪيٽ وٺي سفر ڪيو ته ڪا ڇپ ڪا نه ڪري پئي. ها! جيڪڏهن ٽڪيٽ وٺڻ جرم آهي ته پوءِ مان واقعي مجرم آهيان. هاڻي جيڪا ٻين مجرمن جي سزا، سا منھنجي سزا آهي!” خفي ٿيندي چيومانس.
“يار! پڙهيل ڳڙهيل ۽ سريلو ٿو لڳين! بس تو کي ڇا چوان!” قائل نه ڪري سگهيو ته پينترو بدلايائين. ائين چوندو، اسان جي پويان ويٺلن کان اوڳاڙي ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
“ڀاءُ! اسي روپيا به ڀريئي، بحث ۾ به ڦاٿين! وڏي ڳالهه ته سڄي بوگيءَ ۾، ڏٺو وٺو به ٿئين. پر جي ٽڪيٽ نه وٺين ها ۽ ٽيھه روپيا هنن کي ڏين ها! جيئن هن ادي ڏنا.” لاڙڪاڻي واري همراهه ڏانھن، دادوءَ ويندڙ مسافر اشارو ڪندي چيو؛ “ته هيءُ به خوش ٿين ها! تنھنجو پنجاهه به بچي پوي ها! ان کان علاوه بحث کان به بچين ها! ۽ ڏٺو وٺو به نه ٿين ها! هاڻي ٻين مسافرن جي نظرن ۾؛ تو وٽ ٽڪيٽ ته ناهي، پر ٽيھه روپيا به ناهن. هيڏي بحث جو مطلب، هر هڪ جي نظر ۾ اهو آهي.”
“ته پوءِ سرڪار کي گاڏين هلائڻ مان ڇا فائدو؟ ان کان ته بھتر آهي ته گاڏيون به پرائيويٽ ادارن کي ڏئي ڇڏي؟” سندس دليل کي رد ڪندي چيم.
“يار! سڄو جھان ٿو سرڪار کي کوٽي پيو کائي. تو اسان چنھنب ٻوڙي ته سمنڊ ڪو نه کٽندو! ڀلا سرڪار کي ڏيھاڙي ڌاڙا ٿا لڳن. ڪڏهن ڪَرَ آئي اٿس؟! سرڪار جي چوري ڪرڻ جائز آهي. تون اسان ان کي بند ته ڪو نه ڪرائي سگهنداسين.” پنھنجي رد ٿيندڙ دليل کي، ٻئي دليل جي ٽيڪ سان کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
“مان جيڪڏهن، پاڻ ڪک جو چور هوندس ته لک جي چور تي منھنجي نظر ئي نه پوندي. ان کي بند ڪٿان ڪرائيندس.” اڻ سڌيءَ طرح سندس ٽيھه روپيا ڀرڻ واري عمل تي جرح هئي، جڏهن ته سڌيءَ طرح سندس دليل جو رد هئو.
“هن نيڪيءَ جي ڪم ڪرڻ مان به ته تو پڳ ڪا نه ٻڌي! پوءِ تو کان ڌاڙا به بند ڪو نه ٿيندا!” لاڙڪاڻي واري مسافر، سندس حمايت ۾ دليل ڏنو.
“ڇو نه بند ٿيندا؟! اسان ماڻھو، انفرادي طور تي سڌري پئون ته سموري قوم ئي سڌري پوندي. هونئن به پاڻ ۾ ويٺا آهيون! قوم دراصل آهي ڇا؟! افراد جو مجموعو نه؟! پوءِ جيڪڏهن انھيءَ مجموعي ۾ ويٺل اشراف آهن ته قوم ئي اشراف آهي. جيڪڏهن بدتھذيب ۽ ڪميڻا آهن ته قوم به بدتھذيب ۽ ڪميڻي آهي.” سندس ڏنل دليل جو رخ ٻئي طرف ڦيريندي چيم.
“پوءِ! تون! هر هڪ ماڻھوءَ کي اڪيلو اڪيلو سڌاري سگهندين؟! اهو ڪم ته سرڪار به نه ڪرائي سگهي آهي، جنھن جي هٿ ۾ ڏنڊو آهي.” دادوءَ واري همراه، مون واري دليل مان نقص کوٽي ڪڍيو.
“سرڪار لاءِ ائين ڪرڻ ڏکيو آهي. ماڻھن کي اشراف ڪرڻ، سرڪار جو ڪم ئي ناهي. اشراف ماڻھو ئي، اشراف معاشرو ٺاهيندا آهن ۽ ڪميڻن سان معاشرو به ڪميڻو ٿي پوندو آهي.”
“خير! اها ڳالهه مڃڻ جي حد تائين ته، سورنھن آنا سچ آهي. پر سائين! اڄ توهان وارين ڳالھين تي هلڻ ڏکيو آهي. ائين ڪير ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيئن توهان چئو يا سوچيو ٿا. هر ڪو انھيءَ جاکوڙ ۾ آهي ته ڪٿان نه ڪٿان ٻه پيسا اچن. حرام مان اچن يا حلال مان، اهو ڏسڻ لاءِ ڪير تيار ناهي.” دادوءَ واري همراه جي انھيءَ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي لاڙڪاڻي واري وڌيڪ چيو.
“جيڪڏهن ڪير ڪمائي نه ٿو سگهي ته ڪم از ڪم، ڪو ڪم مفت ۾ ڪرائي، ٻه ڏوڪڙ بچائڻ ۾ به پنھنجي سرسي ٿو سمجهي. جيئن اوهان اسي روپيا ڀريا ۽ مون ٽيھه. توهان وڌيڪ ڀريا ۽ مون گهٽ. انھيءَ جي باوجود توهان جو سفر پريشانيءَ وارو آهي ۽ اسان بي فلڪا ويٺا آهيون. ڇو جو اسان پنجاهه به بچايو ۽ قانون جي مدد به ورتيسين. جڏهن ته توهان پئسا به وڌيڪ ڀريا، عزت به ويؤ، قانون جي حفاظت ۾ به ناهيو.”
“اها ڳالهه مان به سمجهان ٿو ته هن بوگيءَ ۾، سپاهين ۽ پري کان نظارو ڏسندڙن جي نظرن ۾، مون کان وڌيڪ ڪو به بڇڙو ناهي. پر هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيانوَ ته جيترو دليريءَ سان مون کيس ورنديون ڏنيون آهن، اوترو بيباڪيءَ سان ڪير به کيس ڏئي نه سگهندو!” مون پنھنجي عمل جي نئين نموني تعريف پيش ڪئي.
“بھرحال، هر هڪ ماڻھو، پنھنجيءَ ڳالهه کي وزنائتو ڄاڻائڻ لاءِ، ڪو نه ڪو دليل ضرور ٺاهي هلندو آهي. تو به پنھنجي بچاءَ ۾، هڪڙو دليل گهڙي ورتو آهي.” منھنجي عقل ۽ عقلي دليل تي دادوءَ واري همراه جرح ڪئي.
“مون دليل گهڙي نه ورتو آهي، پر اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته چور چور سان سينو نه ساهيندو آهي. توهان پنجاهه جا ڏوهاري آهيو ته سپاھي ٽيھن جو!” ڀتر جو جواب ڀتر سان ڏنومانس.
“ڀلا! چوري ته ٻئي سرڪار جي ٿا ڪن نه! تو کي انھيءَ ۾ ڪھڙي تڪليف ٿي ٿئي؟!” پنھنجي چوريءَ کي، هلڪو ڄاڻائڻ لاءِ دليل ڏنائين.
“مون کي تڪليف ڪانھي. پر ڏک ٿو ٿئي. اهو پئسو به اسان عوام جو آهي. ائين ضايع ٿو ٿئي. سرڪار کي روپيو نه مليو. هونئن به زيان ۽ ظلم جي شروعات، اول پنھنجن هلڪن مفادن سان ٿيندي آهي، بعد ۾ ان جو وبال سموريءَ قوم تي ايندو آهي.”
“يار! ڳالهه ته ٻڌ! سئنيما تي رش هجي! فلم جو شو (Show) به ضروري ڏسڻو هجي. دريءَ وٽ جھڙو ماحول هوندو، ان جھڙو ٿي ٽڪيٽ وٺندين يا نه؟!” لاڙڪاڻي واري همراه کان رهيو نه ٿيو. ان مون واري ڏک جي اظھار ۾ اهو دليل ڏيندي چيو؛ “منھنجو مطلب آهي ته قطار هوندي ته قطار ۾ بيھندين. جهمگهٽو يا ھُنڀ هوندو ته ان ۾ ڪاهيندين. ٻين جي تڪليف جو به خيال نه ڪندين. جي بليڪ تي مليئي ته ٻه پئسا وڌيڪ ڀري، بليڪ تي به وٺندين. يعني جھڙو ماحول هوندو، اهڙو ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن هتي ماحول ئي ٽيھن روپين وارو آهي ته پوءِ شان به ٽيھن روپين ڀرڻ ۾ آهي، اسي روپيا ڀري ٽڪيٽ وٺڻ ۾ ناهي.”
“مونکي حيرت ٿي لڳي! ته بليڪ تي ورتل سئنيما جي ٽڪيٽ لاءِ ڀريل واڌو پئسا، شان وڌائڻ جو سبب ته آهن، پر شرافت سان ورتل، جائز ٽڪيٽ مٿان ڀريل پئسا، شان وڌائڻ وارا ناهن.” ٻنھي جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائيندي چيم؛ “بھرحال، هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيانوَ. اڳتي هلي ڪا اوچتي پڪڙ ٿي ته، توهان ۽ سپاهي ضرور پڪڙبئو پر منھنجي شرافت سبب، منھنجو خدا مونکي ضرور بچائي وٺندو. دل تي هٿ رکي ڏسو ته ان ڳالهه سان توهان جو اندر کاڌل آهي يا نه! جڏهن تون دادوءَ لھندين ۽ هيءُ لاڙڪاڻي اسٽيشن تي لھندو ته گيٽ تي بيٺل ٽڪيٽ ڪليڪٽر کان مان نه ڊڄندس. توهان ٻنھي کي گوٿ ناٿ ڪرڻي پوندي. پليٽ فارم تي، گاڏيءَ جي وڃڻ تائين ويٽ (Wait) ڪندؤ ته جيئن گيٽ تي بيٺل ٽڪيٽ ڪليڪٽر هيڏي هوڏي ٿئي ته ٻاهر نڪرون. يا گودام واري پاسي کان لڪي ڀت ٽپندؤ؟”
“خير! جڏهن سر تي آيو ته ائين به ڪبو. نه ته به، ڏنو پٽ ڇٽي جو ته آهي ئي. اهي به قانون جي سختي، ٻن ڏوڪڙن ڪڍڻ لاءِ ڪندا آهن. سرڪاري خزاني لاءِ سر ڪو نه ٿو وڃين. اهڙي اهڙي ڳالهه ته هڻبن ڏهڙي ٻوٿ ۾.” لاڙڪاڻي واري همراهه جواب ڏنو.
“خير! ڪوٽـڙيءَ ۽ دادوءَ ۾ هيءُ گهاٽ وارا بدلبا آهن. انھيءَ وقت مونکي، التجا وارين اکين سان، کين ڏسڻو نه پوندو. لھندڙن کي منٿ نه ڪرڻي پوندي ته چڙهندڙن کي منھنجي پارت ڪن. توهان کي البت ضرورت پوندي .”
“پوليس وارن جا پاڻ ۾ ڪنيڪشن هوندا آهن. هڪ ٻئي جي ماڻھن کي تنگ نه ڪندا آهن. اهڙي نوبت نه ايندي آهي.” دادوءَ واري همراه جواب ڏنو.
“ادا! تو کي ته ٻه ٽي صديون اڳي پيدا ٿيڻو هئو. تون ته غلط وقت تي پيدا ٿيو آهين.” لاڙڪاڻي واري همراه، مون وارن خيالن کي دقيانوس ۽ فرسوده قرار ڏيندي چيو.
“بلڪل صحيح ٿو چوين! اهو ڏوه به منھنجو آهي. ڪتو به ان کي کائي، ڦٺ ڦٺ به انھيءَ کي ٿئي!” سيٽ تان اٿندي، برٿ تان اجرڪ هٽائي، بريف ڪيس ويھاڻي وانگر ٺاهيندي چيومانس. پاسن کان ڏاڪڻ تي چڙهندي، سينڊل لاهي، بريف ڪيس جي ڀرسان رکيم. ليٽندي مٿان ئي چيومانس؛ “سپاهيءَ ته بحث ان لاءِ پئي ڪيو ته جيئن بحث ۾ مون کي کُٽائي، ٽيھه روپيا ڪڍي. هو بحث ۾ کٽائي نه سگهيو. ڇو جو ٽيھه روپيا مون کي ڏيڻا ئي نه هئا. اهڙيءَ طرح اسان جو بحث کٽندو ئي نه. ڇو جو مان اسي روپيا ڀري چڪو آهيان. باقي مون کي ڪڏهن پئدا ٿيڻ گهربو هو. انھيءَ کي خدا بھتر ٿو ڄاڻي. اسان جي اجائي بحث سان، بحث ڊگهو ٿيندو پر نتيجو ڪجهه به نه نڪرندو. ان لاءِ بھتر آهي ته الله الله ڪري لت ڏئي سمھي پئون.” اجرڪ مٿي کي ويڙهي، ليٽي پيس.
صبح جو ساڍي ڇھين بجي، گاڏي لاڙڪاڻي پھچي چڪي هئي. لاڙڪاڻي واري همراهه مونکي جاڳايو. سينڊل کڻي هيٺ لٿس. بيٺي ئي، بريف ڪيس کولي ان ۾ اجرڪ وڌم ۽ ساڳئي همراه جي ڪڍ، مان به بوگيءَ مان ٻاهر آيم.

سڄي رات ٽڪيٽ لاءِ ڪنھن به نه پڇيو ھو. حيرت ان وقت ٿي، جڏهن بنا ٽڪيٽ وارو همراه، رڪشا پڪڙڻ لاءِ اسان سان گڏ اسٽيشن کان ٻاهر نڪتو. گيٽ تي ٽڪيٽ ڪليڪٽ ڪرڻ وارو ڪو هئو ئي ڪو نه. بنا ٽڪيٽ واري همراه، ٻاهر نڪري مون ڏانھن ڏٺو. شرم کان منھنجو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. هن هڪ رڪشا پڪڙي ۽ ان کي پنھنجي منزل ڏي هلڻ لاءِ چيائين. مان پنھنجي رويي تي پاڻ کي فضول خرچ، سمجهي رهيو هئس. اهڙو فضول خرچ، جيڪو پنھنجي ڪوڙي انا کي تسلي ڏيڻ خاطر، هلڪي شيءِ به ڳري قيمت ادا ڪري وٺندو آهي. نام نھاد سچائيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ، مون به اهڙو ئي سودو ڪيو هو.

No comments:

Post a Comment