Friday, December 2, 2011

عالي جناب جو استقبال - منظور ڪوھيار


عالي جناب جو استقبال
 منظور ڪوھيار

شهر عجيب ٿرٿلي ۽ ڪهرام ۾ ورتل هيو. شهر جي سرڪردن ۽ نگهبانن جي ننڊ حرام ٿي چڪي هئي. آفيسر اڻ تڻ ۽ ڳڻتيءَ وچان بندش پيل شراب ڏوگهي رهيا هيا. چؤطرف افراتفري هئي ته خبر ناهي ڪم ڪيئن ٿيندو؟..... اڄ ملڪ جي عالي مرتبت جي آمد هئي. هر قسم جو اڳواٽ ئي اعلي انتظام ٿيل هيو. ٽي ڏيهاڙا سرڪاري ۽ خانگي، بسون ۽ ويگنون ٿاڻن تي جمع ڪرايون ويون هيون. سرڪاري ملازمن جون موڪلون رد ٿي چڪيون هيون. ايستائين جو اڄ سرڪاري طور تي، ڪنهن کي مرڻ جي اجازت به ڪو نه هئي. سڀني سرڪاري ملازمن کي اعلي عهديدارن طرفان پروانا ملي چڪا هيا ته پنهنجن سمورن نمڪ حرام ۽ نمڪ حلال ڪرندن سان اسٽيڊيم جي وسيع ميدان تي جمع ٿين. شهر جي خوشامندي ۽ برآمدي ماڻهن پنهنجن گوڏن کي تيل ۽ نڙين کي لوڻ جا گرڙا ڪرائي چڪا هيا. بي رحم ۽ سفاڪ مقامي سردار ۽ اڳواڻ پنهنجين ڪرڙين اکين ۾ مصنوعي چمڪ ۽ لبن تي معصوم مرڪ سجايون، آرام ڪرسين تي ٽيڪيل هيا. سندن اشارن تي، سندن جوءِ جي لاٺڙين، راڄ جي ماڻهن کي صبح کان اسٽيڊيم ۾ آڻي، واڙي ڇڏيو هيو. ٻهراڙين مان آيل ماڻھن بک ۽ بيزاريءَ مان بيٺي اهڙيون حرڪتون پئي ڪيون، جيڪي شهر جي تهذيب يافته ماڻهن کي ناگوار پئي لڳيون. شهري ماڻهو وقت ڪاٽڻ لاءِ گهمندڙ ڦرندڙ گهورڙين کان پڪوڙا ۽ پاپڙ وٺي گذارن ڪري رهي هيا. موٽ ۾ ٻهراڙيءَ جي مجبور ماڻهن کين حقارت سان پئي ڏٺو ۽ هڏي ڀت جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن لئوڻا پئي ڦيرايا. جلسي گاهه جو پنڊال خصوصي طور شهر جي چالاڪ ۽ حسين عورتن سان سجايو ويو هيو، جيڪي ذهني ۽ جسماني طور تي، معزز مهمانن جي استقبال لاءِ مخصوس صوفن تي آتيون ويٺيون هيون. بيشمار اڃايل، بکايل نظرون، سندن وارن جي چوٽين ۾ لڳل رنگين ڪانٽن کان وٺي چمڪندڙ سينڊلن جي چهنبيارين کڙين تائين، ڪنهن ڄئور جيان چهٽيل هيون.


ظاهر ۾، جلسي گاهه جو سمورو انتظام مڪمل پئي لڳو. پر پوءِ به اسٽيڊيم جو وسيع ميدان اڃا اڌ هيو. عام ماڻهوءَ جو رد عمل انتهائي غير متوقع ۽ مايوس ڪندڙ هيو. ايئن محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هو سياسي کيل تماشي کان تنگ اچي چڪا هيا. هنن کي ڄڻ احساس ٿي ويو هيو ته ڪجهه نه ٿيندو. اڄ به ايئن ئي ٿيندو، جيئن ٿيندو آيو آهي. شهر جي بلديه عظمي جو نام نهاد اڳواڻ حد کان وڌيڪ پريشان هيو. پيڙا ۽ نحوست، سندس منهن تان ٻنڀ ڏيئي نڪري رهي هئي، ڇو ته هن ئي شهر جي وشال اسٽِڊيم ۾ جلسي جي تجويز ڏني هئي. بهار جي موسم ۽ خوشگوار جهڙالي ڏينهن جي باوجود، شهر جي منظم اعلي جي لوندڙين مان پهگر لار ڪري وهي رهيو هيو. نگهبان اعلي، گهڻي پيئڻ ڪري هر هر بيت الخلا ڏانهن پئي ويو. هنگامي ميٽنگ ۾، شهر جا سڀيئي سرڪرده متفق ٿيا ته ايئن ڪرڻ گهرجي جيئن ڪيو ويندو آهي. عوام کي بنا ڪنهن امتياز جي، رڍن جي ڌڻ وانگر هڪلي ميدان ۾ واڙجي، ڇو ته سندن نظرن ۾ عوام ۽ رڍن ۾ اصولي طور تي ڪو به فرق ناهي هوندو.
حاڪمن جو حڪم ٿي ويو. حڪم جا بندا، شهر جي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ خدا جا بندا، بج بج ٿي ڪٺا ٿيڻ لڳا. جنهن کي جتان جهڙي عمر جو ماڻهو مليو، پڪڙي جڪڙي پهچايائون. پر ميدان اڃا هل من مزيد چئي رهيو هيو. وشال ميدان نه ڀرجڻ ڪري حڪم جا بندا هميشه وانگر خسيسپڻي ۽ ڇتائپ تي لهي آيا هيا. اخلاق ۽ شهر جون حدون اورانگهيندي، هر ڪمي ڪاراوي ۽ واٽهڙوءَ کي جهلي پهچائڻ لڳا.....
ائين هو به جهلجي پيو. سندس گهر، شهر جي حدن کان ٻاهر، شاهراه لڳ، ڪچي آباديءَ کان به وڌيڪ پٺتي پيل ڳوٺ ۾ هيو. ان وقت هن پنج هزار سال پراڻي ڊئول واري ڏاند گاڏيءَ جي سرائي پئي مڇي ته اوچتو پيٽ ۾ وڪڙ پئجي ويس. وڪڙ جو سبب، ڳوٺ جي کامن مان ماري کاڌل ڄرڪيون هيون. وڪڙ کي سڌي ڪرڻ لاءِ هن واهولو اڇلي، شاهي روڊ پار ڪري، اوڏانهن تيزيءَ سان رخ رکيو، جيڏانهن ڳوٺ جا هڙيئي مرد، جهنگ جي خيال سان اڪن ۽ کبڙن کي ڀاڻ ڏيندا آهن. هو هر گز نه بيهي ها، جيڪڏهن سندس نظر ڀنڀي ڏاڙهي واري پوليس واري تي نه پوي ها، جنهن کيس هلندڙ پوليس ٽرڪ مان بيهڻ لاءِ اشارو ڪيو هيو. پوليس وارو هيبت ۽ دهشت ۾ ڌاڙيل پئي لڳو. هو جيئن ئي بيٺو، کيس پوليس ٽرڪ ۾ چڙهڻ لاءِ چيو ويو. ٽرڪ ۾ اٺ ماڻهو اڳيئي پڪڙي ويهاريا ويا هيا. هن ٻڌائڻ چاهيو:
“سائين، مان جهنگ جي خيال سان .....”
ڪهوءَ جي لٺ اُڀي ٿي ۽ سندس پٺو سيڪاٽجي ويو. هو خوف وچان ٽرڪ ۾ چڙهي پيو، ۽ پوءِ پڇڻ لڳو:
سائين، مان غريب سومر واڍو آهيان ..... مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو؟”
“تو کي جلسي گاهه ۾ وٺي ٿا هلئون، جتي شهر جي غريبن کي هلي وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏيڻو آهي.” وڏي جمعدار ٽوڪ ۾ مرڪندي کيس جواب ڏنو.
“پر سائين مان ته جهنگ جي خيال ..... .” کيس پٺي وارو زورائتو قنداق لڳو ۽ هو هيٺ ويهي رهيو. جلسي گاهه ۾ پهچڻ تائين هن ٻڙڪ نه ڪڇي. مار جي خوف کان پيٽ جو وڪڙ سندس هانو تي چڙهي ويو. هاڻي، وشال ميدان، نگهبان اعلي جي حڪمت عمليءَ سان مُنو ڀرجي چڪو هيو. شهر جي پيرسن ۽ انتهائي غليظ صورت ۽ سيرت واري صلاح ڏني ته هاڻ عالي مرتبت کي اچڻ گهرجي، جو اوندهه ٿيڻ واري آهي. سڀني ان راءِ کي مناسب قرار ڏنو ۽ عالي مرتبت جي وقتي رهائش گاهه ڏانهن هڪدم پيغام اماڻيو ويو. عالي مرتبت جي آمد کان اڳ، روڊ رستا سخت چوڪسي هيٺ اچي ويا. ايرو غيرو، نٿو خيرو، هر هڪ پنهنجي جاءِ تي پنڊ پههڻ ٿي ويو. عالي مرتبت سائرن جي منحوس آواز ۽ گاڏين جي تيز زوڪاٽن سان، شور ۽ نعرن جي غوغاءَ ۾ پنڊال تائين پهچي چڪو هيو. جتي معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن، پنهنجن بگهڙ صفت وڏن جي چوڻ تي عالي مرتبت کي ٻه گلدستا پيش ڪيا ۽ ٻارڙا ان ڳالهه کان قطعي بي خبر هيا ته سندن والدين، کين مستقبل جو منافق ۽ رياڪار بڻائڻ چاهن ٿا.
مائيڪ تي، ملڪ جي بدنام ۽ وقت جي آمرن جي ڍايل انائونسر پيٽ ڍائي پنهنجي رعبدار آواز سان نعرا پئي هڻايا:
“عالي مرتبت! ..... عالي جناب!....”
اڳيان ويٺل سرڪاري ۽ غير سرڪاري نمڪ خوارن، سدابهار چمچن ۽ پارٽي جي لالچي ميمبرن پاڻ ڦاڙي نعرا پئي هنيا:
“زنده آباد!”
پر پٺيان، بلڪل پٺيان، عام ماڻهن وٽان مناسب موٽ نه پئي آئي.
“هي غريب پرور جو جلسو آ، پٺيان زور سان جواب اچڻ گهرجي، خاص ڪري غريبن طرفان!.....”،
انائونسر ڏک، شڪايت ۽ ڌمڪي آميز لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ نعري کي ڄڻ ڦٽاڪي وانگر هوا ۾ اڇليو:
“عالي مرتبت!”
عام ماڻهن جي پٺيان بيٺل سپاهين جون لٺيون اُڀيون ٿي ويون ۽ پوءِ زٽڪ! جي آواز تي دلخراش نعرا بلند ٿيا:
“زنده آباد!”
سومر واڍي لٺ کائيندي به نعرو نه هنيو. ٻيو دفعو جڏهن اهڙو موقعو آيو ته هن احتياط کان  ڪم وٺندي ڏند ڀڪوڙي ڇڏيا هيا. ان مهل پيٽ ۾ سخت وڪڙ پيو هئس. کيس ڀؤ هيو ته متان زنده آباد چوڻ ڪري، آنڊي جو وڪڙ نه کلي پوي ۽ سندس عزت ماڻهن جي وچ ۾ رهي سهي خاڪ نه ٿي وڃي. هو سختيءَ سان پاڻ روڪيو بيٺو رهيو. پٺيان بيٺل انتهائي فرض شناس پوليس واري سندس ڪوتاهي تاڙي ورتي هئي. انائونسر نعرا هڻائڻ کانپوءِ بلديه عظمي جي اڳواڻ کي نينڍ ڏني ته هو عالي مرتبت جي خدمت اقدس ۾ باادب آجياڻو پيش ڪري. بلديه عظمي جو اڳواڻ پنهنجي لکيل تقرير پڙهڻ لڳو، جيڪا شهر جي مشهور چاپلوس ۽ چالاڪ شخص کان لکرائي وئي هئي. هن لفظن جي عجيب ڦيرگهير سان عالي مرتبت جي آمد کي، شهر جي ايندڙ نسلن تي احسان ڄاڻايو ۽ ان کان پوءِ شهر جي نه کٽندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي رقم جو مطالبو ڪيو ۽ ان ۾ اهو خرچ به شامل هيو، جيڪو بلديه عظمي جي اڳواڻ، عالي مرتبت جي آمد تي هر طرح جي کاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ جهنڊين، اشتهارن، رنگين دروازن، ڪيلي جي ٻوٽن ۽ اهڙين تصويرن يا بينرن تي خرچ ڪيو ويو هيو، جنهن ۾ عالي مرتبت جو گنجو مٿو سياهه وارن سان ۽ سياهه ڪرتوت سونهري ڪارنامن سان ڍڪجي چڪا هيا.
عالي مرتب خوشمندانه ۽ انتهائي لالچ سان ڀريل حجت واري تقرر ٻڌڻ کان پوءِ، اندازو ڪري چڪو هيو ته هن پنهنجي حيثيت کان تمام وڏي صدا هنئي هئي. جنهن جو اختيار صرف رياست جي مخصوص اداري جي سربراھ کي هوندو آهي، جنهن جي ڏاڍ ۽ اشاري کانسواءِ حڪومت نه هلي سگهندي آهي.
جڏهن انائونسر، عالي مرتبت کي دنيا جهان جي ملڪي ۽ غير ملڪي، دنياوي، روحاني، لافاني ۽ لاجواب خطابن سان نوازي سمونڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ بي قرار عوام کي خطاب ڪرڻ لاءِ چيو ته ڪيترو وقت عالي مرتبت نعرن، تاڙين ۽ هوڪرن جي ڪري سوچيل سمجهيل تقرير جي شروعات نه ڪري سگهيو ۽ اهو سوچي مرڪندو رهيو ته سندس ملڪ جا ماڻهو ڪيترا نه فرمانبردار ۽ مجبور آهن. عالي مرتبت پهريائين ته ماڻهن جي پاڻ مرادي اچڻ جو شڪريو ادا ڪيو. سندن صبر، انتظار، حب الوطني، ايمان، شرافت ۽ ساڻس دل لڳيءَ جو داد ڏنو. پوءِ پنهنهجي مخالفن کي ڏاڍي مهذب انداز ۾ سياسي گاريون ڏنيون، جيڪي پريس جي شرارتي صحافين پوري ايماندياريءَ سان پئي نوٽ ڪيون. جڏهن ملڪ جي هاڻوڪي اقتصادي صورت حال جي باري ۾ ٻڌايائين ته مقامي اڳواڻن ۽ سردارن جو مايوسيءَ ۾ منهن جو پنو لهي ويو پر جڏهن خوش آئنده اقتصادي صوت حال جي صورت ڪشي ڪيائين ته سندن وات، خيالن ئي خيالن ۾، پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. اهو رد عمل ڏسي، عالي مرتبت کي پنهنجي خود اعتمادي تي گهمنڊ ٿيڻ لڳو هيو. هن کي محسوس ٿيو هيو ته سياست جي جهنگل ۾ هو هڪ بهترين جوڳي آهي. جيڪو لفظن جي مرليءَ تي سياسي نانگن ۽ بلائن کي، رلائي ۽ ريجهائي سگهي ٿو.
عالي مرتبت، بلديه عظمي جي اڳواڻ کي تقريري جواب ۾ دلاسا ڏيئي مڙني مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو. سواءِ هڪ اڌ مطالبي جي. بلديه عظمي جي اڳواڻ کي ايئن لڳو هيو ڄڻ رپئي جي صدا واري فقير جي جهوليءَ ۾ کوٽو پئسو اڇلايو ويو هجي. ان جو اندازو عام ماڻهوءَ کي بنهه نه ٿيو ته بلديه عظمي جي اڳواڻ جو چهرو بي رونق ۽ ذلت آميز ڇو ٿي ويو آهي. البت بلديه عظمي جي ملازمن کي احساس ٿي چڪو هيو ته هاڻي کين ٽي مهينا پگهار نه ملندي ۽ ان عرصي دوران هنن کي ترن يعني عام ماڻهن مان تيل ڪڍڻو پوندو. مصيبت جي ماريل ڀنگين کي، نسل در نسل ٿيندڙ زيادتين جي مشاهدي مان اندازو ٿي چڪو هيو ته، کين گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا ٻاٿون کائڻيون پونديون. پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ کين دوڪاندارن کان پنڻ جي انداز ۾ اوڌر کڻڻي پوندي. باقي پورت لاءِ عورتن کي شهر جي شريفن ۽ لڦنگن سان بغير ڪنهن امتياز جي واسطو رکڻو پوندو.
هاڻي عالي مرتبت، هوش ۽ ڌيرج کان نڪري، جوش ۾ ان ڪري اچي چڪو هيو جو سندس تقرير جو اهو آخري حصو، غريبن لاءِ مخصوص هيو:
“آءُ غريبن کي صاف لفظن ۾ ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هن ملڪ جا غريب هر طرح جي ظلم کان آزاد آهن، اهو ..... اهو وقت گذري ويو، جڏهن غريبن تي ظلم ٿيندو هيو ۽ غريب سهندو هيو. هاڻي، جنهن به ظالم ڪنهن غريب تي آڱر اُڀي ڪئي ته اها آڱر وڍي ويندي. جنهن هٿ کنيو اهو هٿ ڪپيو ويندو ... ڇو ته هاڻي آ توهان جو خادم آهيان ...... دوست آهيان ..... توهان سان ساڻ آهيان!.....” ، عالي مرتبت هڪ ساهي ۾ تقرير جو آخري حصو پورو ڪندي ڳاڙهو ٿي ويو.
اهڙا جوشيلا ۽ هوش خطا ڪندڙ جملا ۽ لفظ ٻڌي، سومر به جذباتي ٿي ويو. پنڊال مان زوردار نعرا لڳڻ شروع ٿيا:
“قدم وڌايو دوستو!..... همدرد توهان سان ساڻ آ..... غريب پرور، عالي وقار عالي مرتبت!!!.....”
“زنده آباد!..... زنده آباد...”
سومر، ظالم کان ٿڏي تي پلئه ڪرڻ جي جذبي تحت، پٺيان بيٺل سپاهي کي حقارت سان گهوريندي نعرن جا دل کولي جواب ڏيڻ لڳو. جيتوڻيڪ سندس پيٽ ۾ سخت احتجاجي مروڙ شروڙ ٿي چڪا هيا ۽ ڳالهه سندس وس کان ٻاهر ٿيندي پئي وئي. احساس ٿيو هيو، وڏي ڳالهه ته نجات ڏيندڙ ملڪ جو سربراهه به غريبن جو دوست هيو ..... پر جيئن ئي عالي مرتبت نعرن جي گونج ۾ اسٽيج تان هيٺ لٿو ته پٺيان سپاهيءَ جو هٿ سومر جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو:
“تون، اڙي! مون کي ٻلي وانگر گهوريندي نعرا ڇو پئي هنيا؟”
“هڻندس!..... تون ڇا ڪندين؟” سومر همٿ ڪري سپاهيءَ کي هُڏي ڏني ۽ سٽ ڏئي ڳلو ڇڏايو.
“ڇا ڪندين؟..... چڱو ٻڌايانءِ ٿو !.....” ائين چئي هن ٻين سپاهين کي سومر ڏانهن اشارو ڪندي بڇ ڏني؛ “اڙي، هي وري مون کي اکيون ٿو ڏيکاري !..... وٺوس ته !.....”
مڇريل سپاهين جون لٺيون هڪ ئي وقت اُڀيون ٿي سومر کي ورائي ويون. انهيءَ دوران هن عالي مرتبت کي ڏاڍا سڏ ڪيا ۽ نجات لاءِ رڙيون ڪيون. جڏهن ڪنهن نه ورنايو ته کيس پڪ ٿي وئي ته داد رسي نه ٿيندي تڏهن هن بي وسيءَ ۾، سختيءَ سان جهليل پيٽ جو وڪڙو ڍرو ڪري ڇڏيو .....

No comments:

Post a Comment