Sunday, December 4, 2011

سچي ۽ لاجواب ڪهاڻي - منظور ڪوھيار


سچي ۽ لاجواب ڪهاڻي
منظور ڪوھيار

هو جئين ئي، ٿڪل ٽٽل فيلڊ مان، سروي جو ڪم ڇڏائي ، آفيس ۾ پهتو ته کيس پنهنجي ماتحت اسسٽنٽ ٻڌايو: ‘سائين، اوهان جي گھران نياپو آيو آهي ته گھر جلدي پهچو. اوهان جو والد آيو آهي.’
هيڪر ته هن جو مٿو چڪرائجي ويو ته سندس والد ....!!؟؟ پر پوءِ کيس سمجھه ۾ اچي ويو ته پڪ سان وري سندس ماءُ کي دؤرو پيو هوندو. هن کي پنهنجي ماءُ تي ڪاوڙ سان گڏ ڪهل آئي ۽ سوچيائين ، ماءُ اهڙي هستي آهي، جنهن تي ڪاوڙجڻ اولاد کي زيب نٿو ڏي. پيريءَ کي ته اولاد جي صورت ۾ مضبوط لٺ کپي نه ته پوڙهائپ زندگيءَ جو اهو بي وس ۽ لاچار حصو آهي. جنهن ۾ اداسي ۽ مايوسي ڄڻ هوا ۾ اُڏيل دز جيان ملامت ٿي وسندي آهي.


هن دل ۾ سوچيو، رنگ بيڪ Ring back ڪري ، ماءُ کي سمجھائي ڇڏي ته اهڙي قسم جو نياپو يا اطلاع، آفيس ۾ کيس کلڻ هاب ڪندو. جڏهن ته ڪاغذن ۾ سندس والد فوت ٿيل آهي. هن اهو سوچي، پنهنجو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو ، ته جنهن چوويهن سالن کان وٺي، ان ڳالهه کي تسليم ناهي ڪيو، سا فون تي چئن منٽن ۾ ڪيئن سمجھي وٺندي؟
هن فيصلو ڪيو ته کيس گھر وڃي ماءُ کي ٿڌي سيني سان سمجھائڻ گھرجي. هن پنهنجي باس کان ٽن ڏينهن جي موڪل ورتي ۽ پوءِ اڏي تان ويگن تي چڙهي پيو. سکر کان لاڙڪاڻو ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ هيو، ويگن جيئن هلي، هو آسپاس کان بي نياز ٿي ويو. ڏيڍ ڪلاڪ جو اهو مفاصلو، سندس زندگيءَ جي چوويهن سالن جي طويل فلم جو ٽيلر ٿي ويو. هن جي ذهن ۾ خاص منظر ائين ڦرندا ۽ پٺتي ٿيندا پئي ويا. جئين دريءَ مان نظر ايندڙ، ڪڏهن سر سبز کيت ۽ ڪڏهن بٺ زمين.
پهريون منظر ، جيڪو سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳو هو. اهو گھر جو اڱڻ هيو، جنهن تي جوڳياڻين کان ورتل گھگھڙن سان ويٺي راند پئي ڪئي ۽ گھر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن لوڻو پئي هنيو. سندس ماءُ جون نظرون گھر جي در ڏانهن پئي اڏاميون. جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ کي انتظار جي آنڌ مانڌ کان بچائڻ لاءِ رئي تي آر هـڻي رهي هئي. ڏاڏي، سندس ننڍڙي ڀيڻ کي پينگھي ۾ لوڏيندي، دروازي ڏانهن پئي واجھايو. ان ڏينهن تي دروازو کڙڪيو هو. پر پيءُ جي بجاءِ ڪو اوپرو ماڻهو در تي بيٺو هو، جنهن سندس ڏاڏي کي پنو ڏيئي ڪجهه ٻڌايو هو.
۽ پوءَ اهو دردناڪ منظر شروع ٿي ويو. جنهن ۾ سندس ماءُ پنهنجين ڪراين ۾ پهريل رنگ برنگي چوڙين کٽ جي ٻانهين تي هڻندي پئي ڀڳيون. هن حيرت ۽ ڪنهن اڄاتي خوف وچان تڪيندي، کائنس پڇيو: ‘امان، چوڙيون ڇو ٿي ڀڃين؟’ماءُ کيس روئندي ٻڌايو. ‘پڻهين پاڻ کان رُسي، پرن واري گھوڙي تي چڙهي آسمان تي هليو ويو آهي.’
هن کي ڪجهه به سمجھه ۾ نه آيو ته جيڪڏهن سندس پيءُ، پرن واري گھوڙي تي چڙهي آسمان تي ويو به آهي، ته ساڳي گھوڙي تي چڙهي موٽي به سگھي ٿو. ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ...!؟
سندس گھر اوڙي پاڙي وارين عورتن ۽ مٽن مائٽن سان ڀرجي ويو هو. مٽ مائٽ عجيب حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندي، کيس ڪڇ ۾ کڻي خوامخواهه دوڪان تان شيون وٺي ڏيڻ لڳا ها.  هن جي سامهون سندس پيءُ جون ڳالهيون ڪندي، ٿڌا ساهه کڻندي، خاموش ٿي پئي ويا.
هن کي ماءُ جي ٻڌايل ڳالهه تي ويساهه هيو. جئين دنيا جي هر ٻار کي پنهنجي ماءُ جي ٻڌايل ڳالهين ۽ ڪهاڻين تي هوندو آهي. هر روز شام جو ڪوٺي تي چڙهي، پيءُ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. نيري گگن ۾ نيڻ نهار تائين گھوريندو رهندو هيو. هن کي يقين هيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن، هو ضرور موٽي ايندو.
هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون. اندرئين منظر کي مٽائڻ لاءِ ٻاهر ڏٺائين. ويگن ڊيها ڳوٺ ڪراس ڪري رهي هئي. جتي ڌاڙيلن جي ساڙيل بس جو پڃرو ، روڊ جي وٽ ۾ اجڙيو پيو هو. ڪوشش جي باوجود، هو انهيءَ اندرئين منظر کان پيڇو نه ڇڏائي سگھيو. جيڪو پهرين منظر کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هيو.
پرائمري اسڪول جي پڪ سري عمارت جي هڪ ڪمري ۾ هيڊ ماستر، نالو، پيءُ جو نالو، ذات ۽ عمر لکڻ کان پوءِ سندس چاچي کان پڇيو هو، ‘ڇوڪري جو پيءُ ڇا ڪندو آهي!؟’
‘پيءُ پوليس ۾ هيس. ڇهه مهينا کن ٿيا جو ويچارو گذاري ويو آهي.’
‘چه ... چه ... چه ... ويچارو يتيم آهي!’ هيڊ ماستر ، افسوس جو اظهار ڪندي وراڻيو.
‘ها سائين، يتيم جي پارت هُجيوَ.’
هو جڏهن گھر موٽيو ته ڀريو موٽيو. سوالن سان ماءُ تي وڏڦڙي جيان وسي پيو.
‘مونکي ماڻهو  يتيم ڇو ٿا سڏن!؟’
ماءُ ڪو به جواب نه ڏنو. خاموش ٿي وئي.
‘منهنجو پيءُ مري ويو آهي؟’
‘نه !’
‘پوءِ چاچا، ڇو پيو چئي؟’
‘ڪوڙ ڳالهائي پيو .... تنهنجو پيءُ آسمان تي، پرن واري گھوڙي تي چڙهي ويو آهي.’
‘پوءِ اڃا ڪونهي موٽيو؟’
‘ڇا هو  جو ....!’ ماءُ کيس ڀاڪر ڀريندي چميون ڏئي اکين ۾ آيل پاڻيءَ کي ڀنجرن جا بند ڏيندي، ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي: ‘پڻهين، جئين ئي آسمان تي ويو نه ..... پرن واري گھوڙي کي ٻاهر بيهاري .... هڪڙي وڏي دوڪان ۾ گھري ويو.تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي ڀيڻ لاءِ، گھڻا گھڻا رانديڪا ۽ شيئون وٺڻ ....’
‘ڪهڙا رانديڪا ۽ شيون ....؟’
‘طوطو، مور، گھوڙو، هاٿي، شينهن  ..... ۽ شين ۾ برفي، پيڙا ، لڏون ...!’
‘لڏون نه کائيندس .... کنگھه ٿيندي آ.’
‘تنهنجي ڀيڻ ، راڻي ته کائيندي نه ...’
‘نه، ان کي به کنگھه ٿيندي.’
‘چڱو پوءِ، اسان فقيرن کي ڏينداسين.’
‘پوءِ ڇا ٿيو، امان؟!’
‘پوءِ ابا، ڏائڻ آسماني چور جو آيا ته پرن واري گھوڙي کي چورائي ، کڻي ڀڄي ويا .... سو پڻهين ويو آ، چورن کي پڪڙڻ ... انهن کي پڪڙي، سٽي ڪٽي، جيل ۾ وجھي، پوءِ سڀ رانديڪا کڻي اچي پهچندو .... پوءِ ڏسجانءِ نه، سڀ ماڻهو ڪيئن ٿا شڪي ٿين ۽ چون، ڏسو! راجا ۽ راڻيءَ جو پيءُ ڪيئن اچي پهتو آ.’
ماءُ جي ڪهاڻي ٻڌندي، سندس اکيون ٻوٽجي  وينديون هيون. هو خواب ۾ ڏسندو هيو، سندس پيءُ جو گھوڙو وڏن پرن سان پکين جيان ڦـڙ .... ڦـڙ ڪندو، سندس گھر جي اڱڻ ۾ لٿو آهي. پڻهس جي هڪ هٿ ۾ ٿيلهو آهي، جنهن ۾ رنگ برنگي رانديڪا آهن ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽوڪري آهي، جنهن ۾ برفي، مائو ۽ پيڙا پيل آهن. هو کائنس رانديڪا ۽ شيون وٺي ڀڄڻ جي ڪندو آهي پر ٻه مضبوط هٿ سندس چيلهه ۾ پئجي ويندا آهن. هو مٿي هوا ۾ ڄنگھون لهرائي، ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر چمين جو مٿائنس وسڪارو ٿي ويندو آهي. هو پيءُ جي کھري منهن تي رانڀوٽا پائڻ شروع ڪندو آهي، پر پيءُ جو کھرو منهن ايستائين کيس ڀنڀوليندو آهي، جيستائين سندس ڳٽا آلا نه ٿي ويندا آهن .....
پوءِ هو صبوح جو اُٿي، ويهاڻي کي اٿلائي پٿلائي ڏسندو هيو ۽ ماءُ کان پڇندو هيو ، ‘بابا ، جيڪي شيون ۽ رانديڪا آندا هيا، اُهي ڪاڏي ويا!؟’ ماءُ جڏهن حيرت کائي کائنس پڇندي هئي، ‘ڪهڙا پٽ!؟’ ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي هئي ۽ هو غصي ۾ روئي ويهندو هو.
ويگن، لکيءَ واري موڙ کان مڙي، ڏکڻ اولهه ڪنڊ ورتي ته هن اهڙن ڏکوئيندڙن منظرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهر ڏٺو.
ٻنهي پاسن کان ڪلراٺي زمين ڄڻ سندس زندگيءَ جي انهي حصن کي تشبيهه پئي ڏئي، جنهن ۾ هن ڪڏهن ڪڏهن خودڪشيءَ لاءِ به سوچيو هو. هن کي ياد اچي ويون اهي ڳالهيون جن سندس معصوم احساسن کي چڪناچور ڪيو هو. کيس چٽي طرح ياد هيو ته جئين جئين عمر ۾ وڏو ٿيندو پئي ويو. تيئن تيئن ماءُ کان پيءُ بابت آڏي پڇا وڌيڪ پئي ڪيائين. ماءُ وئي ڪهاڻيءَ کي اينگھائيندي ۽ طويل ڪندي، هن کي ان وقت پيءُ جي ڏاڍي تانگھه ٿيندي هئي. جڏهن هم ڪلاسن کي چوندي ٻڌندو هيو: ‘اڙي، موڪلن ۾ مون کي پنهنجو پيءُ ڪراچي ۽ حيدرآباد گھمائيندو ... منهنجي پيءُ کي ايڏا پئسا آهن، جو کيسا ڀريل هوندا اٿس. مان جيڪو چوندو آهيانس وٺي ڏيندو آهي ... منهنجي پيءُ کي ايڏي طاقت آ، جو ڪو وڙهيس ته ٺونشو ئي هڪڙو هڻيس ته مري وڃي.’
اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي کيس پيءُ جو تصور عجيب لڳندو هو. هن کي محسوس ٿيندو هو ته پيءُ جي آڱر دنيا جي ماڻهن جي سڀني آڱرين کان وڏي هوندي آهي. جنهن کي پڪڙي، ٻار دنيا جي هر ڪنڊ گھمي سگھي ٿو. پيءُ جو کيسو دولت جو اهڙو کوهه هوندو آهي. جيڪو اڻ کٽ ۽ اتانگھه آهي. پيءُ جون ٻانهون تمام طاقتور هونديون آهن، جن سان هو پنهنجي ٻار کي، هر مصيبت کان بچائي سگھو ٿو، پر آهستي آهستي زماني جي ماڻهن کيس زوري احساس ڏيارڻ شروع ڪيو هو ته هو يتيم آهي. ڪو به مٽ مائٽ، جڏهن همدردي جي بنياد تي سندس مٿي تي شفقت جو هٿ گھمائيندو هو ته کيس ائين لڳندو هو ته اهو مٿي تي زور ڏيئي، سندس سرُ جھڪائي رهيو آهي.
سندس ذهن جي پردي تي اهو نه وسرندڙ ۽ خوفناڪ منظر اڀري آيو. جڏهن هو مئٽرڪ ۾ هيو. نئون ڪلاس ٽيچر اڌيڙ عمر جو هيو. تنهن حاضري بوڪ تي سندس نالو ۽ پيءُ جو نالو کڻندي بيهجي ويو ۽ چوڻ لڳو:
‘تنهنجو پيءُ پوليس انسپيڪٽر هيو نه!؟’
‘ها سائين!’ هن فخر سان ڪنڌ مٿي ڪندي جواب ڏنو.
‘منهنجو وڏو ڀاءُ جمعدار هيو. تنهنجي والد مرحوم سان گڏ، منهنجو ڀاءُ به انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ هيو، جنهن ۾ پوليس جي ٻارنهن ڄڻن جو جٿو سوار هيو. هنن کي پار وڃي آپريشن ڪرڻو هيو. وچ سِـيـر تي، قضا الاهيءَ سان ٻيڙي اونڌي ٿي پئي. ٻارنهن ماڻهو ٻڏي ويا. ڏهن جا لاش لڌا هيا. پر توهان جي والد ۽ منهنجي ڀاءُ جو لاش نه مليو. انهيءَ قضيي کي نو ــ ڏهه سال کن ٿيندا، پر اڃا تائين ...’ استاد، عينڪ لاهي ٽيبل تي رکي، وهندڙ تترن کي هڪدم رومال سان اگھي ورتو ۽ حاضري ڀرڻ ۾ مشغول ٿي ويو.
ان ڏينهن، جڏهن گھر موٽيو هو ته پهريون دفعو باقاعده ماءُ سان جھيڙيو هيائين ۽ چيو هيائين: ‘امان، تنهنجون سڀئي ڪهاڻيون ڪوڙيون ۽ جڙتو آهن ۽ تون وڏي ڪوڙي آهين.’ ڪيترائي ڏينهن، هن ماءُ سان نه ڳالهايو هو، پر آهستي آهستي سندس ڪاوڙ ڍري ٿي وئي هئي.
مئٽرڪ کان پوءِ هن روزگار جي تلاش شروع ڪري ڏني هئي. ماءُ جي انهن هٿن کي ڏسندي، جيڪي مشين تي ڪپڙا سبندي کهرا ٿي پيا ها. چولن ۽ رَون تي هر مچ، نوپيٽو، چنڊ ۽ چڪرو هڻندي، سندس آڱرين ۾ ٽنگ ٿي پيا ها. ويهڪ ڪري سندس جوڙن جو درد وڌي ويو هو. نور نچوئيندي نظر گھٽ ٿي وئي هيس. ماءُ کي جڏهن اها ڳالهه ٻڌائي هيائين ته چڙي پئي هئي.
‘تون ڇا ٿو سمجھين ته ڇورو ڇنو آن ... تون ٻڌاءِ ته مان ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگيو آ؟ جڏهن آيو ته ڇا چوندو پڻهين ته منهنجي راجا کي پورو پڙهائيه به نه .... اڳتي اها ڳالهه نه ڪجانءِ ....!’
هن کي، ماءُ جي جواب تي حيرانگي ٿي هئي ۽ سوچيو هيائين. ماءُ جي دل به عجيب آهي ....! سچ ته ماءُ، عورت جو اهو روپ آهي، جيڪو جذباتي نه پر بذات خود جذبات آهي. جنهن جي آڏو، عشق ۽ محبت جون هڙيئي حدون ختم آهن، ان ڏينهن کان پوءِ ، هن وري ماءُ سان ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ڪئي هئي ...
مدئجي شهر جي گندي کڏ مان اٿندڙ بانس، هن جي ذهن جي پردي تي ڦرندڙ، منظرن جي تسلسل کي ٽوڙي وڌو ۽ کيس گھڙي کن، ساهه روڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هو. ويگن جيئن ئي مدئجي جي آخري حد ٽپي وئي، ته صاف شفاف ۽ ٿڌي هوا، واڪا ڪندي، اڌ بند ، اڌ کليل درين مان اندر پئي آئي. ڪن نازڪ طبيعت ماڻهن زور زور سان نڇان ڏيندي، درين کان ويٺل ماڻهن کي دريون بند ڪرڻ تي مجبور پئي ڪيو.
آهستي آهستي هو وري آسپاس کان بي نياز ٿي ويو ۽ سندس ذهن ۾ اهو منظر ڦرڻ لڳو، جنهن ۾ جذبن جي انتها ۽ عقل دنگ هيو.
شاديءَ واري ڏينهن تي، ماءُ پنهنجي ڏاج واري ٽرئنڪ مان، سانڍيل فوٽو ڪڍيا ها، جنهن ۾ سندس پيءُ ڪنهن فوٽوءَ ۾، خانگي ڪپڙن ۾ بيٺو هيو ۽ ڪنهن ۾ سرڪاري ڊريس سان. هوءَ ساڻس مخاطب هئي:
‘ڏس، تنهنجو راجا صاحب! اڄ گھوٽ ٿيو ٿي ... تو چيو هيو، مان جلد ايندس پر تو اڄ به دير ڪئي ..... مان تنهنجو لائون تائين انتظار ڪندس ... لائون تائين نه آئين ته صبوح تائين انتظار ڪندس ... گھر جو در کليل رکندس ته متان موٽي وڃين، سڀاڻي به نه آئين ته ٻي ڏهاڙي، ٽين ڏهاڙي ....’
ماءُ ڍانڍيون ڪندي روئي پئي. هو سراپا حيرت بڻجي کيس تڪي رهيو هو. هن جي دل ۾ گھڻو ڪجهه آيو ته اڄ ماءُ کي صاف صاف ٻڌائي ۽ سندس تصوراتي دنيا کي ايئن ڀڃي ڀورا ڪري، جئين خالي دلي کي پٽ تي ڦهڪائي ٺيڪراٽيو ن ڪبو آهي.
‘امان، تون جنهن جو انتظار ڪري رهي آهين، انهيءَ جا ته هڏا به ڳري ويا هوندا. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه مون کي ريجھائڻ لاءِ ڪري رهي آهين ته مان توکي اڄ ٻڌايان ٿو ته تنهنجين تصوراتي ڪهاڻين کي مون پنهنجي ذهن مان ڌڪو ڏيئي اڇلائي ڇڏيو آهي يا کڻي ائين سمجھه ته مان پنهنجي پيءُ کي گھٽو ڏيئي ماري ڇڏيو آهي. مون کي ساڻس ملڻ جي ڪا به تمنا، حسرت يا انتظار ناهي. مان پنهنجي دل هيري وانگر سخت ڪري چڪو آهيان. جيڪڏهن تون پاڻ کي پرچائي رهي آهين ته به غلط ڪري رهي آهيان. ڪيستائين پاڻ کي دولاب ڏيندينءَ ... ڪيستائين رڃ ۾ اڃايل هرڻي جيان ڀڄندي رهندينءَ!؟’
ماءُ جي آڏو، اهو سڀ ڪجهه چوڻ جو ست نه ساري سگھيو. صرف جذبات  ۾ ڏڪندو رهيو. شايد ماءُ ان وقت ائين سمجھيو هجي ته سندس پٽ کي به وڇوڙي جي درد ، آنڌ مانڌ ڏيئي ڇڏي آهي، پر قطعي ان وقت ائين نه هو. هن کي ته ان وقت پيءُ بنهه ياد نه هو. جي ياد هيون ته اهي ڳالهيون جيڪي ونيءَ سان ڪرڻيون هيون، جيڪي تجربيڪار دوستن کيس ٻڌايون هيون يا ڪتابن مان پڙهيون هيائين.
نئين ديري جي باءِ پاس تي، ڪجهه ماڻهو لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا ته هن جو خيال ڪجهه گھڙين لاءِ مٽجي ويو. ڪجهه دير ماضيءَ جا منظر اندرين اک تائين هٽي ويا. ان جي جاءِ تي ٻاهرين منظرن ؛ ريل جي بند ۽ دونهين اوڳاڇيندڙ شگر مل ورتي. ويگن مڙي، جئين ئي ڏکڻ طرف، لاڙڪاڻي روڊ تي سڌ ڪيو، ته ٻنهي پاسن کان بيٺل چهچ ساون بيد مشڪن جي قطارن جي نظارن ۾ موهجي ويو. جڏهن ڪيهر ڳوٺ وٽ، وڏي اسپيڊ بريڪر کيس جھٽڪو ڏنو ته پنهنجي دنيا ۾ موٽي آيو ۽ سوچڻ لڳو ، هو ماءُ کي هن ڀيري، ڪجهه اهڙي نموني سان سمجھائيندو:
‘امان، تون منهنجي ڳالهين تي ناراض نه ٿجانءِ. مان توکي دنيا جي هر هستي ۽ شئي کان اتم سمجھندو آهيان. ننڍپڻ ۾ هر ٻار ، توڙي جو پنهنجن احساسن کي لفظن ۾ ادا ناهي ڪري سگھندو ، پر محسوس ضرور ڪندو آهي ته ماءَ جو اُرهه ۽ پيءُ جو سينو ، سندس سڄي ڪائنات آهن. جڏهن ته تون منهنجي لاءِ ماءُ ــ پيءُ رهي آهين. مڃان ٿو ته ان وقت، جيڪڏهن تون اهڙيون اميدن ڀريون ڪهاڻيون نه ٻڌائين ها ته مان ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃان ها. منهنجي شخصيت ۾ اهو سنگم ۽ توازن پيدا نه ٿي سگھي ها ۽ ٿي سگھي ٿو ته ڇورو پاڻ زورو ٿي وڃان ها. پر خدا جي واسطي، هاڻي مون کي يادگيري نه ڏيار. مون کي پنهنجي پيءُ جي پاڇي پٺيان نه ڊوڙاءِ. مان ڏاڍو ٿڪجي ۽ چڙي پيو آهيان. هونئن به ماءُ جو سينو سمونڊ جيان ويڪرو هوندو آهي ۽ اولاد شوخ ۽ چنچل لهرن جيان. منهنجي ڪڙين ڳالهين تي ناراض نه ٿجانءِ ... منهنجو صرف توکي هڪڙو ئي عرض آهي ته وساري ڇڏ ته ڪو تنهنجي راجا جو پيءُ ورڻو آهي ....’
هن پنهنجي رٽيل جملن جي ڪٿ ڪندي اندازو هنيو ته، جيڪڏهن هو ماءُ کي اهڙي ڌيرج ۽ آهستيءَ سان سمجھائيندو ته گھڻو ڪري سمجھي ويندي ۽ کيس درگذر ڪري سيني سان ائين لائي ڇڏيندي، جئين ساگر، اواچ لهرن کي سموئي ڇڏيندو آهي.
ويگن لاڙڪاڻي پهچي چڪي هئي. ويگن مان لهي، هن رڪشا ڀاڙي ڪيو. جيڪو زوڪاٽ ڪندو، ڪچي دونهين کي هوا ۾ اڇلائيندو، سندس گھر سامهون اچي پهتو. هن رڪشا تان لهي، ڪال بيل جي بٽڻ تي هٿ رکيو، دروازو کليو. ڄڻ سندس بيچينيءَ منجھان انتظار پئي ڪيو ويو. ماءُ سندس سامهون بيٺي هئي. هن حيرانگيءَ منجھان ماءُ کي تڪيو، جنهن کي شاديءَ جو چمڪندڙ ڀنڀو جوڙو پهريل هيو. ڪنن ۾ سونا جھومڪ ۽ ڪراين ۾ رنگ برنگي چوڙيون پئي کڙڪيون. خوشي سندس منهن مان ڀنڀ ڏيئي پئي نڪتي. ماءُ هن کي ٻانهن کان پڪڙي چوڻ لڳي:
‘تون چوندو هئين، منهنجي ڪهاڻي ڪوڙي آهي. جڙتو آهي. هل، هلي پنهنجي اکين سان ڏس ، پڻهين موٽي آيو ٿي ...’
هو ماءُ سان گڏ اندرين ڪمري ۾ داخل ٿيو. سندس جوءِ جي ڀر ۾ نئون ڄاول ٻار، مٺيون ڀڪوڙيندي ڄنگھون هڻي رهيو هو. هن پنهنجي معصوم پيءُ کي هنج ۾ کڻي ماءُ کي ڏٺو ۽ دل ۾ چيو: ‘امان، واقعي تنهنجي ڪهاڻي سچي ۽ لاجواب آهي. اهڙي بهترين پڄاڻي واري ڪهاڻي اڄ تائين نه مان ٻڌي ۽ نه وري پڙهي آهي.’

No comments:

Post a Comment