نوجوان ساٿيءَ ڏانهن
جمال رند
پيارا ساٿي، شال جـُڙيو رهين!
ڪراچيءَ مان ڪوهاٽ وڃڻ جي تار ڪري پنهنجي انجام کي پاڙيئه،
ڏاڍي خوشي ٿي. گاڏيءَ اچڻ کان اڳ ئي اسان پليٽفارم تي پهچي تنهنجو انتظار ڪرڻ شروع
ڪيو. پليٽفارم تي ڏاڍي رش لڳي پئي هئي. ڪي سامان آڻيو پيا رکن، ڪي پنهنجن ٻارن ٻچن
سان گاڏيءَ جي اچڻ جو انتطار پيا ڪن، ته ڪي وري اسان وانگر پيا هيڏانهن هوڏانهن
جون ڦيريون پائين – شايد انهن کي به پنهنجن دوستن سان ملڻ جو انتظار ڪرڻو هو.
گهورڙين به طرح طرح جا آواز بدلائي، ٻارن ۽ وڏن جون دليون ڪجهه خريد ڪرڻ لاءِ پئي
هرکايو ڇا ڪن، هنن جو ته گذران ئي ائين ٿيندو آهي.