Tuesday, December 1, 2020

ڦيرو - موهن ڪلپنا

ڦيرو

موهن ڪلپنا



موهنا مـِل جي اسپننگ ڊپارٽمينٽ جي بدنامي ٻڌي، مون کي اُنهيءَ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريءَ ملڻ جي ڪائي خوشي ڪانه ٿي. ’وسڪوز‘، اَئسڊ مان لنگهي، اَئسڊ سان ملي، نقلي سلڪ جوڌاڳو بنجيو وڃي. هلڪي ائسڊ جو ڦڙو، جي هڪ اک ۾ پئجي وڃي، ته اک جلـِي ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ٻيءَ اک سميت ڄڻ بي نـُور ٿيو وڃي. وسڪوز تي لڳڻ سان ماس ۾ سوراخ ڪيو ڇڏي؛ بروقت جيڪڏهن ان کي ائسڊ سان ڌوتو نه وڃي، ته ان جو داغ زندگي ڀر مٽجي نه سگهي.


ان ڊپارٽمينٽ ۾ ڪل اٺٽيهه مشينون هيون. هر مشين جا ٻه پاسا: الف ۽ بي. هر پاسي جا اٺ حصا. هر حصي ۾ هڪ موٽر. هڪ آدمي اٺ موٽرون سنڀالي. هر ڏهين منٽين ڪنهن نه ڪنهن مشين سان ڌاڳن جا ڊا (Doffs) ڪڍيا ويندا هئا. ڪل اٺ ڪلاڪ ڪم. هر ڏهين منٽين ڊاف. هر هڪ کي ڪل ٽيهه ڊاف ڪڍڻا پوندا آهن. وچ وچ ۾، پنجن پنجن ڊافن ڪڍڻ کان پوءِ، ويهن منٽن جي ساهي. وچ ۾ ڪلاڪ روٽيءَ جي ڇوٽي. آرام جون ايترون ڇوٽيون صرف ان ئي ڊپارٽمينٽ ۾ آهن. بلـِيچنگ، ڪوننگ ۽ رِيلنگ ڊپارٽمينٽن وارا اسپننگ ڊپارٽمينٽ جي انهن ننڍين موڪلن تي رشڪ کائيندا آهن. اسپننگ ۾ هر هڪ کي پاءُ گرم ڦڪو کير به ڏنو ويندو آهي. ڄاڻين جو چوڻ آهي ته اَئسڊ هوا ۾ ملي، ماڻهوءَ جي جسم کي ڪمزور بنائيندي آهي، ۽ اهو آهي به سچ. ڪم ڪرڻ سان کيسي ۾ پيل پئسا، قيمص جي بريءَ ۾ پيل ٻيڙا يا پـِنون، ڪنڊ پاسيرو ٽجوڙين جي خانن ۾ لڳايل ڪلف ڪٽجي ڪارا ٿيو وڃن، ۽ پوءِ جنهن ڳالهه سان لوهه، نڪل وغيره ڪٽجي سگهي ٿو، ان سان انساني جسم به بگڙجي سگهندو آهي- ان ۾ تعجب لڳڻ نه گهرجي. پهرئين ڏينهن ڪم ڪرڻ بعد منهن مان پيئي گئس نڪرندي. اکين مان پاڻي وهڻ بند نه ڪندو. اکيون کليل هوندي به، اکين اڳيان اڇا ڪارا بادل اچي ويندا، پوءِ دل ان ڀرم جي چڪر ۾ گرفتار ٿي ويندي ته نظر ڄاڻ ويئي، ڄاڻ ويئي! ۽ ان ”ڄاڻ ويئي“ کي پڪڙي ڪيترائي نوان آدمي موهنا مل کي بنا سلام ڪرڻ جي هليا ويندا آهن. پگهار پهريان ٽي مهينا نوي، ۽ پوءِ سو ڏهه. پالين جو ڪم آهي. هڪ پالي صبح جو ستن کان ٽي. ٻي، ٽين کان يارهان. ٽين، رات جو يارهين کان صبح جا ست.

مون کي پهرين ئي رات پالي ملي. پهرئين ڏينهن ئي دماغ چڪر کائڻ ٿي لڳو. شروعات ۾ مشين مان فلمن جا گيت ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ مان نوڪريءَ ملڻ جي خوشيءَ ۽ گيتن جي ڌن ۽ مستيءَ ۾، آهستي هلندڙ موٽر کي، هٿ سان غلط نموني بيهارڻ جي ڪوشش سبب، هٿ جي آڱوٺي کي وڍي ويهي رهيس. مشين جي موٽر ۾ ڊاف ٺهندو آهي. موٽر مٿان فوني جي ريڪارڊر وانگر گول ڍڪ، ۽ ان جي مٿان رٻڙ جو ڇلو هوندو آهي. مون ان ڇلي جي مٿان هٿ رکيو، آڱوٺو چيرجي ويو! هٿ ۾ پيل نئون دستانو ڦاٽي پيو. مون کان هلڪي چيخ نڪري ويئي.

”ڇا ٿيو؟“ پاسي ۾ بيٺل، اُستاد مزور پڇيو.

”آڱوٺو چيرجي ويو“، مون بيحد پيڙا وچان چيو.

هن منهنجي هٿ مان رٻڙ جو دستانو لاهي، چير ڏسندي، همدرديءَ جو اظهار ڪندي، چيو، ”ڇا ڏاڍو سور ٿو ٿئيئي؟ گهٻراءِ نه، زخم هلڪو آهي. پر ڀائي ڪم سنڀالي ڪر؛ هتي آڱريون بنهه ڪٽجي به وينديون آهن!“ پوءِ هن مون کي موٽر بيهارڻ جو صحيح نمونو ڏيکاريو، ۽ پوءِ زخم کي دوا لڳائڻ ۽ نئين دستاني آڻڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏنائين.

مشينن مان فلمن جا گيت، مون وري نه ٻڌا. دل سست ۽ اُداس ٿي ويئي. نوڪري ملڻ جي خوشي، نه معلوم، ڪيڏانهن غائب ٿي ويئي. چئن سالن جي منحوس بيڪاريءَ بعد به جي نوڪري ملي هئي، ته اِها. پدما چيو هو: ”مزدورن وانگر ڪم ڪجي ۽ فيلسوفن وانگر سوچجي“: ۽ مون چيو: ”ٺيڪ آهي. هاڻي مزور ٿي ڪم ڪبو ۽ فيلسوف ٿي سوچبو.“ ۽ رات مون سوچيو: ”ڪنهن ڏينهن انهن گول مول موٽرن جي چڪر ۾ اچي، مري وڃان ته؟- منهنجي اکين ۾ ائسڊ يا وسڪوز پئجي وڃي ته؟“

۽ اِن ”ته“ کي خيال ۾ رکي، ساهيءَ مهل، وڃي ڊاف گائيڊ، نظام الدين صاحب، جي سامهون بيٺس. هر پاليءَ لاءِ صرف ٻه ڊاف گائيڊس (سونهان) هوندا آهن.

”هڪ ڳالهه ٻڌاءِ“

”چئو“.

”هن مل ۾ ڪم ڪندي، مان جيڪڏهن مري وڃان ته؟“

”ته، ڇا؟“

”هڪ ڏينهن لاءِ هيءَ مل بند ڪانه ٿيندي؟“

هن زور سان هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ کلندي چيو، ”تون ڇا، جيڪڏهن مان به مري وڃان، تڏهن به هيءَ مل بند ڪانه ٿيندي.“

هاڻ، مون به زوردار ٽهڪ ڏنو.

”ڇو، تون کلين ڇو ٿو؟“

”ان ڪري جو مالڪ جي نظر ۾ مزور يا وڏو مزور، نئون مزور يا جهونو مزور ڳالهه ساڳي آهي: ۽ ٻيو ته ڪم ڪندي، جي ڪو مزور مري به وڃي، تڏهن به مالڪ جي اڳيان اُن جي ڪا معنى ڪانهي.“

”هن مل جو مالـِڪ هڪ نه، اَنيڪ مالڪ آهن ڀائي!“

”۽ ڪنهن ڏينهن، جيڪڏهن بنا ڪم ڪرڻ جي به، انهن مان ڪو هڪ مري وڃي، ته پوءِ به ڇا هيءَ مل بند ڪانه ٿيندي؟“

هو ناراض ٿي ويو. چيائين، ”وڃ وڃ! وڃي پنهنجو ڪم ڪر، مٿو نه کاءُ!“

اُن بعد هو مون ڏانهن تيز نگاهن سان نهاريندو هو. ڪٿي ڪو سنڌين جي هلڪي موٽي نندا ڪندو هو، نظام صاحب مـُرڪي ڏيندو هو. اِها مرڪ منهنجي دل دماغ ۽ ذهن تي زهر جو اَثر ڪندي هئي. ساهيءَ مهل، جي موٽڻ ۾ صرف هڪ منٽ ئي دير ڪندو هوس ته پيشانيءَ ۾ ريکائون ٺاهي، چپن ۽ اکين ۾ اُڇاتري شوخي پيدا ڪري، چوندو هو: ”ڇو ڀائي، پنهنجو راڄ ٿي ويو آهي ڇا؟ ڪوئي چوڻ وارو ڪونهي، ڪيئن؟ اڄ توکي ٻه ناليون صفا ڪرڻيون آهن- سمجهيئي؟“

مان اِئين ئي سمجهندو هوس ته هو سنڌين کي مل ۾ ڏسي جلي ٿو. مان سنڌي آهيان، اُن ڪري مشين جون ناليون صفا ڪرڻ لاءِ چوي ٿو، جنهن ۾ وسڪوز، ائسڊ سان ملي ڄڻ پٿر ٿيو وڃي. اهڙيون ناليون مشين جي ٻنهي پاسن کان ٿينديون آهن. ناليون پوريءَ طرح صفا نه ڪرڻ جي حالت ۾ چوندو هو، ”موڪل مهل خوب گهمين ٿو- ۽ ڪم مهل؟ مان تنهنجو ساهيءَ تي وڃڻ بند ڪري ڇڏيندس. پنهنجون ناليون تون نه صفا ڪندين، تڏهن ڇا مان ڪندس؟ منهنجو پيءُ ڪندو؟“ مون جاچ ڪري ڏٺو ته ٻين سنڌين کي، صفا ڪرڻ لاءِ ايتريون خراب ناليون نه ملنديون هيون، جيتريون مون کي. مان دل ئي دل ۾ چوندو هوس: ٻين سنڌين کي گهٽ خراب ناليون ڏيئي، اِهو ظاهر ڪرڻ جو ناٽڪ نه ڪر ته تون سنڌين کي گهٽ تعداد ۾ ٿورائيءَ وارا ڏسي، اُنهن مٿان رعب رکڻ جي ڪوشش ڪندڙ ۽ پيڙيندڙ نه آهين. مون توکي تنهنجي اصلوڪي روپ ۾ ڄاتو آهي. تون مون کي بلڪل ئي تنگ ڪرين ٿو- ان ڪري، جو مان تنهنجي کلڻ تي، تنهنجي همدردي ۽ دلچسپي هٿ ڪرڻ لاءِ، ٻين انيڪ مزورن جيان بنا سبب ڏند ٽيڙ ۽ چاپلوسي نٿو ڪريان. تون جهونو آهين؛ ڄاڻان ٿو. ڪم ڄاڻين ٿو، اِهو به ڄاڻان ٿو. ڪم ڪندڙن جي مٿان آهين، اِهو به. پر ان جي معنى اِها ڪانهي ته تون جي چاهين، ته ڪنهن جو ساهه منجهائي سگهين ٿو!

ان ڏينهن شام جو هو به کل ڀوڳ جي مزاج ۾ هو. ڪئنٽين ۾ ڏينهن جي ماني کائي ختم ڪئي هئيسين. ڪل ڏهه ٻارهن مزور هئاسين. اُن وقت چانهه ۽ سگريٽ جو دور هلي رهيو هو. ٻيو سنڌي صرف هڪ هو، جو منهنجي پاسي ۾ ويٺو هو. نظام صاحب مون ڏانهن منهن ڪري مرڪندي چيو، ”ڪيئـَن ڀائي نرمل، مل ۾ ڪيترا ڏينهن رهندين؟“

سڀني جواب ٻڌڻ لاءِ چپ چاپ منهنجي منهن ۾ اکيون کپايون. مون جواب ڳوليو، پر نه مليو. مون جواب ڏيڻ لاءِ، ويساهينءَ جو احساس خيال ۾ رکي، سوال ڪيو: ””ڇا؟“

هن پنهنجو سوال دهرايو، ايتري ۾ مون جواب سوچي، مشڪي هن جي منهن تي ڦهڪائي ڏنو: ”تون هن دنيا ۾ گهڻا ڏينهن رهندين؟“

”اِهو مان چئي نٿو سگهان.“

”اِهو مان به چئي نٿو سگهان.“

”ڇا؟“

”تون هن دنيا ۾ گهڻا ڏينهن رهندين، اِهو تون چئي نٿو سگهين؛ مان هن مل ۾ گهڻا ڏينهن رهندس، اهو مان چئي نٿو سگهان.“

سڀني ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. پنهنجي جيت تي خوشي ٿي، ڀر ۾ ويٺل سنڌيءَ کي چيم، ”هري، اڄ گولڊ فليڪ ڇڪڻ تي دل آهي!“

هري مشڪي ڪائونٽر ڏانهن وڌي ويو.

مرجهائجهي ويل نظام صاحب، ڪجهه سوچي، وري ٽڙندي چيو، ”مان هن دنيا ۾ ڪيترو وقت رهان، اهو خدا تي ڇڏيل آهي؛ تون مل ۾ ڪيترو وقت رهين، اهو آهي توتي ڇڏيل.“

”نه، اهو توتي ڇڏيل آهي!“ ائين چئي، مون هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو.

سڀني خوب کليو ۽ مون اِن کل ۾، پاڻ کي جهومندو محسوس ڪيو.

”تون منهنجو مطلب نٿو سمجهين،“ هن چيو، ”ڪيترائي سنڌي، ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليا ويندا آهن، تڏهن پڇيم.“

هري گولڊ فليڪ اتان ئي دکائي، سوٽا هڻندو اچي پاسي ۾ ويٺو. مون کانئس سگريٽ وٺي، ڪش ڀريندي، اڀمان وچان مسڪرائيندي چيو، ”سنڌي صرف ان ڪري ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليا ويندا آهن، جو انهن کي بهتر ڪم ملي ويندو آهي- ڪم نه ڪري سگهڻ جو ته سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي. تون ئي ٻڌاءِ، توکي جي ڪو بهتر ڪم ملي وڃي، ته تون ڇا هيءُ ڪم ڇڏي نه ڏين؟ ائين آهي ته اسپننگ جو ڪم تنگ ڪندڙ آهي، ان هوندي به ڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ هن مزوريءَ کي ”نيچ ڪم“ چيو هوندو، ائين تون به چئي نه سگهندين. جيڪي هن ڪم مان تنگ ٿيندي به ان کي نٿا ڇڏين، اهو ثابت ٿو ڪري ته انهن کي بهتر ڪم ته ڇا، پر هن ڪم جي پگهار جهڙو ڪم ڪٿي نٿو ملي. حقيقت ۾ هن مـِل ۾ ايندا ئي اُهي هوندا، جن کي بهتر ڪم نه ملندو هوندو. توهان ڇا ائين ٿا سمجهو ته بهتر ڪم ملڻ سان مان هيءَ مل ڇڏي نه ڏيندس؟ توهين سنڌين کي بدنام ڪريو ٿا، ليڪن سنڌين جي اصليت نٿا ڄاڻو.“

هو چپ ٿي ويو، ۽ مون ائين سمجهيو، نظام صاحب هاڻ محسوس ڪرڻ لڳو هوندو، ته سنڌي به ڪا چيز ٿيندا آهن، ۽ اهي ڪنهن جو دم به منجهائي سگهندا آهن.

ان واقعي بعد، اسان ٻنهين جي وچ ۾ هفتو ڏيڍ ڪوئي وارتالاپ نه ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن هو مون ڏانهن، اهڙيءَ نظر سان نهاريندو هو، ڄڻ مان هن تي ڪو وڏو ظلم ڪري رهيو هوس. هو بنا ٻڙڪ ٻولڻ جي اندر ئي اندر ۾ پيڙجي رهيو هو- شايد ڪو پنهنجائيءَ جو رشتو ناتو هو ۽ هن بغاوت ڪرڻ نٿي چاهي. مون سمجهيو ته هو منهنجي همدردي ۽ دلچسپي هٿ ڪرڻ لاءِ، اکين ۾ شڪايت جو رنگ ڀري، ڪنهن اڻ ڄاتل مظلوميت جو ڍونگ ڪري ٿو. پر هڪ سوال جو جواب ڳوليندي به پائي نه سگهيس، ته هن کي ڀلا ڪنهن جي همدرديءَ ۽ دلچسپيءَ جي ضرورت به ڪهڙي هئي. مان ڪو مل جو مالڪ يا مئنيجر، يا ڊپارٽمينٽ جو ڪوئي اِنچارج ڪونه هوس، جو ان لاءِ هو ڪنهن سوارٿ جو ناٽڪ رچي. مان ته هڪ رواجي ڪـَمي هوس.

ڏهين تاريخ، ويهن ڏينهن جو سٺ رپيا پگهار مليو. مان زندگيءَ جو پهريون پگهار پائي، ٽهڪ پيو ڏيان. انهن رپين ۾ منهنجو خون پسينو ۽ نه معلوم ڪيترن اڌورن خوابن ۽ ڪلپنائن جي پورنتا ۽ رنگينين جون حسرتون هيون. مٿي ۾ سور جو بهانو ڪري، اڌ ڏينهن ڪٽ پگهار سان موڪل ورتي هيم. هڪ ٻئي سنڌيءَ به موڪل ورتي هئي. هن جون اکيون خراب ٿي ويون هيون. نظر ڪمزور ٿي ويئي هئس. ٻئي ڏينهن موڪل هيس، ۽ هي ٻيو ڏينهن وري پاڻ موڪل ورتي هئائين. هٿ ۾ چاليهه رپيا ۽ ڪجهه آنا هئس. مون ويٺي نوٽ ڳڻيا. نظام صاحب، اسان ٻنهي جي نزديڪ آيو. مان مُنهن ڦيري، نوٽ ٻٽوئين ۾، ۽ ٻٽوئون سوٽ جي پوئين کيسي ۾ وجهي، بٽڻ پائي، سيٽي وڄائڻ لڳس.

نظام صاحب هن سنڌيءَ کي چوڻ لڳو، ”ڀائي تون به آهين نئون، پگهار وٺي ٻاهر وڃين ٿو، مگر هڪ ڳالهه جو خيال رکج؛ اَڄ ٻاهر خوب کيل هوندا- ڪهڙا کيل هوندا، سمجهين ٿو؟- ’چار سو بيسيءَ‘ جا. مان جڏهن نئون آيو هوس، تڏهن مان به ڀنڀلجي ويو هوس.“

مون پويان مڙي، نظام صاحب ڏانهن نهاريو.

”ڪهڙي چار سو بيسي؟“ سنڌيءَ رومال سان اکيون اُگهندي چيو.

”چڱو ٻڌ! پهرين مان توکي اها ڳالهه ٻڌائيندس، جا مون سان ٿي گذري هئي. اَڄ کان پنج سال اڳي، مان جڏهن پهريون پگهار وٺي، مل کان ٻاهر نڪتس، تڌهن پنهنجي پاسي کان ٽن ڄڻن کي بحث ڪندو ڏٺم.

هڪ ڄڻي زور سان چيو، ”مان چوان ٿو، عورت وڏي“.

ٻئي ڄڻي چيو، ”مان چوان ٿو، جوا وڏي“.

ٽئين ڄڻي چيو، ”مان چوان ٿو، شراب وڏو“.

پهرين چيو، ”بس، خبر پئجي ويندي. بابو جي پڙهيل ڳڙهيل آدمي ٿو ڏسجي. ڀل بابو جي ئي ٻڌائي!“

پوءِ هو منهنجي نزديڪ آيا. پهرئين آدميءَ پڇيو، ”بابو جي، ٻڌايو، دنيا ۾ عورت وڏي چيز آهي، ڪين جوا يا شراب!“

مون چيو، ”ڀائي شراب ته مان پيان ڪونه. جوا کان به پري رهندو آهيان. شادي شده شريف آدمي آهيان. شريف آدميءَ لاءِ عورت ئي هڪ وڏي چيز آهي.“

جوا واري چيو، ”بابو جي! زندگي خود جوا جو کيل آهي. جو زندگيءَ ۾ جوا نٿو ڪري، سمجهو ته زندگيءَ سان چرچا ٿو ڪري.“

شراب واري چيو، ”وڃ وڃ! زندگي جوا جو کيل نه، ليڪن هڪ نشو آهي. ڪيئن بابو جي، ٺيڪ آهي نه! زندگي نشو آهي نه؟ اَلبت نشي ۾ جوا جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. تنهنڪري دنيا ۾ پهرين نشو وڏو ۽ پوءِ جوا!“

عورت پرست چيو، ”بلڪل سچي ڳالهه آهي: پهرين نشو پوءِ جوا. ليڪن دنيا ۾ سچو نشو آهي؟ عورت! ڪيئن بابو جي، مون کي ٻڌايو، مان ٺيڪ ٿو چوان نه؟ عورت هڪ نشو آهي نه؟ آهاَ آغوش ۾ عورت هجي، عورت جي .کاٻي ٻانهن منهنجي گلي ۾ هجي، ساڄي هٿ ۾ جامِ محبت هجيس، پوءِ ڀل ڪوئي اَچي مون سان سڄي رات جوا ڪري“.

پوءِ ٽهڪ ڏيئي دوستن کي چيائين، ”بابو جيءَ ته اَڃا صرف زال سان پيار ڪيو آهي. پنهنجي زال ڪڏهن به کولي پيار نه ڪندي آهي: ڇو ته اُن کي باقي زندگيءَ جو به خيال رهندو آهي. سڀ هڪ وقت ڏيڻ سان هن وٽ مٿي رهندو ئي ڇا؟ هڪ ٻي به ڳالهه آهي. پنهنجي زال، پنهنجي هئڻ ڪري جلدي شرمائجي به ويندي آهي، ليڪن بازاري عورت . . . . جنهن جي هٿ ۾ جامِ محبت هجي، جنت جو تصور به پوءِ ڦڪو معلوم ٿئي!“

”۽ پوءِ مون ڇا ڪيو، اهو نه ٻڌائڻ ئي ضروري آهي. آڌي رات جو جڏهن موٽيس، تڏهن خوب نشي ۾ هوس، سڀ کيسا خالي هئا. دل دماغ ۾ پتا، بوتلون ۽ هوءَ ”ڇم ڇم ٻائـِي“ ڦري رهي هئي!“

ٿورو روڪجي چيائين، ”سٺي ماڻهوءَ کي ڇا ڇا نه ڪرڻ کپي، اهو ته سڀ ئي ڄاڻن ٿا، ليڪن اُن تي هلي ڪير ٿو؟ اسين مزور آهيون. اسان کي ڪو سٺو سمجهي يا نه، پر اسان کي انهن چيزن کان دور رهڻو آهي- نه انڪري ته جيئن اسين سٺا بنجون، پر ان ڪري جو انهن جي استعمال ڪرڻ سان، زماني جي بار کان چٻو ٿي ويل پٺيءَ جو ڪنڊو مرڳو ئي ڀڃائڻو پوندوسون. دنيا ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي. شراب، جوا ۽ بازاري عورت، اسان جي ڪشمڪش جي آڏو ايندڙ پٿر آهن.“

مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته مان ان کي هن جو ڍونگ سمجهان يا هن جي مهانتا. ڪو فيصلو ڪري نه سگهيس، ۽ پوءِ پدما جي ياد ايندي مشڪي ڏنم. مان سوچڻ لڳس، ”هڪ مزور جي ناتي، دنيا ۾ مون کي ڇا ڪرڻو آهي، اهو مان نٿو ڄاڻان. ليڪن شراب، جوا ۽ بازاري عورت، انهن جو منهنجي ڪنهن به جذبي سان واسطو ڪونهي، ۽ اهي ”چار سو بيس“ مون کي ڇا بنائي سگهندا. مان انهن ڄارن ۾ ڦاسڻ وارو ڪونه آهيان. پدما جو پريم سٻند مون کي انهن ۾ ڦاسڻ نه ڏيندو. منهنجي هن پگهار مان، ڀاڀيءَ معرفت، وشنو ڀڳوان جي مورتيءَ تي پنجين آني جون ريوڙيون چڙهڻيون آهن. ٽن ننڍين ڀينرن کي لال ربينون، لال شيشي جون چوڙيون ۽ لال نيل- پالش جي شيشي ملڻـِي آهي. ننڍي ڀاءُ کي ته صرف هڪ ست- کلو بال کپي. ۽ پنهنجي بيڪار دوست موهن کي. . . . . . پنجين پئسي وارو ليڊي لـَوِ چروٽ، ٻه ڇاڇ جا گلاس ۽ پنجين آني ۾ ريجينٽ ٽاڪيز ۾ هلندڙ بلمراءِ جي طنز ڀري فلم ”نوڪري“. . . ۽ پدما کي. . . ؟ پدما چيو هو: ”مان ڇا مٺائي کائي ڪنديس؟ اسڪولي ڏينهن ۾ هڪ دفعي مٺو پان آڇيو هيئي. بس، پگهار تي هڪ پان کڻي کارائج!“ مون چيو: ”نه نه، ائين ڪيئـَن، توکي ڪلياڻ مان گلن جون ويڻيون آڻي ڏيندس. ۽ هڪ عاج جو نيڪليس“. . . . هوءَ شرمائجي ويئي، ۽ مان سيٽيون وڄائيندو مل ڏانهن هليو آيو هوس. جتان آيو آهيان، اوڏانهن ئي ويندس؛ ان ڪري جوارين، شرابين ۽ چار سو بيسين ڏانهن نه وڃي، سڌو گهر ئي ويندس.

مان ٻاهر ويس، مون کي ته ڪنهن به ڪو نه ورايو. البت هڪ آدميءَ جو ٻئي آدميءَ کي ائين چوندو ٻڌم، ”اڄ ڪلهه سونهن بلڪل سستي آهي، کپئي ته. . . . . .“ مگر مون اک کڻي اوڏانهن نهاريو به ڪونه، اِن ڳالهه کي خيال ۾ رکي، نظام صاحب جي ڳالهين تي سوچيم، ”ائين به نه“. منهنجي دل دماغ جي ذهن ۾ ريوڙيون، لال ربينون، لال چوڙيون، لال نيل پالش، ست کلو بال، ليڊي لـَوِ چروٽ، ڇاڇ، مٺائي، پان، ويڻيون، نيڪليس، بلمراءِ جي ”نوڪري“ ۽ نه معلوم ڇا ڇا ڦري رهيو هو. چئي چڪو آهيان، اڄ، جو ڪجهه مون کي مليو هو، ان ۾ منهنجو خون پسينو، انيڪ اڌورن خوابن جي پورنتا ۽ ڪلپنائن جي رنگينين جون حسرتون هيون.

هفتو ڏيڍ گذريو.

وري هڪ ڏينهن ڪئنٽين ۾ سنڌين جي ڳالهه نڪتي. هڪڙو مهاشيه غصي ۾ اچي، ائين به چوڻ لڳو ته سنڌي مزور ٿيڻ جي لائق به نه آهن. انهن کي کپي ته نوڪريون ڪن، چيڪـَريون ڪن، گاڏيءَ ۾ ڦڻوٽا وڪڻن، مگر مل ۾ مزوري نه ڪن، ڇو؟ ڇو ته هو عيش پسند آهن. هڪ هڪ راجڪپور ۽ دليپ ڪمار آهي. ڪپڙا ڏسونِ، وارن جي بناوٽ ڏسونِ، خرچ ڏسونِ، لچڪڻو بدن ڏسون، پاڻ کي ڪنهن راجڪمار کان گهٽ سمجهن به ڪونه؛ پهرين ته ملين ۾ اچن ڪونه، اچن ته رهن ڪونه، وڃن ته موڪلائين ڪونه!“

مان چپ هوس. ڇا چوان! اڃان به ڪيترائي سنڌي اهڙا مل ۾ هئا، جي ان ڀلي مانس کان به جهونا هئا، ۽ جا سڀني کي خبر هئي. نظام صاحب مون ڏانهن نهاري مشڪي ڏنو. ۽ مون، موٽ ۾، کيسي مان ڦڻوٽو ڪڍي، وارن ۾ گل ڦل ٺاهي، سوٽ جا پانچا مٿي ڪري ڇڏيا، ۽ پوءِ سيٽي وڄائيندو، ”آواره هون- آواره هون“ ڳائيندو ڪئنٽين کان ٻاهر نڪري ويس.

ٻاهر هڪ آدمي، چاڪ جو هڪڙو ٽڪرو هٿ ۾ نچائيندو، هڪ ٻئي مزور کي چوندو آيو، ”سنڌي ته هر جڳهه آهن؛ ڪٿي نه آهن؟ ليڪن بري عادت آهي انهن ۾. هو پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن کي سمجهن ئي ڪونه، اها وڏائي الائي ڇو اٿن! هتي ئي ڏس، پاڻ ۾ ئي پيا گڏجندا مسجندا، کلندا ٽهڪ ڏيندا، پر اسان طرف اک کڻي نهاريندا به ڪونه!“ اوچتو هٿ مان چاڪ ڇڏائي ويس. هن چاڪ کنيو ڪونه، ويندو رهيو. مون ڀڳل چاڪ جو ٽڪرو کنيو. خيال آيم، ته ڀت تي لکي ڇڏيان: ”سنڌي زنده باد!“ پر پوءِ خيال آيم، هتي آفيس جي ڀت تي لکڻ ٺيڪ نه ٿيندو. ڪئنٽين ٺيڪ ٿيندي. پر ڪئنٽين ۾ لکي ڪيئن سگهبو؟ هيترا ماڻهو جو هوندا. باٿ روم ٺيڪ ٿيندي. ها، ها، باٿ روم ٺيڪ ٿيندي. مان سڌو شاهي باٿ روم ۾ هليو ويس. ڪوئي هو ڪونه، مون تڪڙ ۾ وڏن اکرن ۾ لکيو. ”سنڌي زنده باد!“ پر دل کي تسڪين نه ملي. مون اِن کي ڊاٺو، ۽ لکيم، ”سنڌي مزور زنده باد!“ پر اِن مان به تسڪين نه ملي. صرف سنڌي ڇو زنده باد؟ مون ان کي به ڊاٺو ۽ پوءِ وري اُن لال ڀت تي لکيم، ”سنڌي مرهٽا مزور زنده باد!“ اچانڪ ڪنهن جي اچڻ جي آهٽ آئي. نه معلوم ڇو مان گهٻرائجي ويس. مون يڪدم اُن کي ڊاهي ڇڏيو، ۽ پوءِ پاڻيءَ جي نلڪي ڏانهن وڌيس. قدم کنيم مس، جو نظام صاحب تي نظر پيئي. مان هڪو ٻڪو ٿي ويس. منهنجي هٿ ۾ چاڪ هو. پڇيائين، ”ڇا لکي رهيو هئين؟“

مون ڪو به جواب نه ڏنو.

”ڪنهن جي تصوير ڪڍي رهيو هئين؟“

”مان چترڪار ڪونه آهيان.“

”تڏهن ڇا پنهنجو نالو لکي رهيو هئين؟“

”مون کي پنهنجي نالي لکڻ جو شوق ڪونهي.“

”تڏهن ڇا لکي رهيو هئين؟“

مون ٿوري غصي ۾ چيو، ”نظام صاحب، هيءَ اسپننگ ڊپارٽمينٽ ڪانهي، جو مان پاڻ کي هر سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ ٻڌل رکان. توهان کڻي ائين سمجهو ته مان توهان جي نالي سان، توهان جي ئي تصوير ڪڍي رهيو هوس!“

”تون ڇا مون کي برو آدمي ٿو سمجهين!“ هن اهي لفظ بيحد ڏک ڀرئي جذبي سان چيا.

مون چيو، ”جنهن سان منهنجو ڪوئي واسطو نه هوندو آهي، ان لاءِ برو ڀلو سوچڻ سمجهڻ منهنجي فطرت نه آهي.“

”تنهنجو ڇا مون سان ڪوئي واسطو ڪونهي؟“

”تون منهنجو ٿين ڪير- توسان منهنجو واسطو هجي به ڇو؟“

”ته ڪڏهن ڪڏهن مان تولاءِ ’توهان‘ نه، ’تون‘ آهيان- خوب خوب!“

مان عجب ۾ پئجي ويس.

”هڪ ٻنڌن- هڪ ديوار تو ٽوڙي ڇڏي دوست.“

مون خفي ٿي چيو، ”تون مٿو ڇو ٿو کائين؟ توکي اهو ڄاڻڻو هو نه، ته مون ڀت تي ڇا ٿي لکيو؟ اچ وٺ، ڪن کولي ٻڌ! مون هن ڀت تي لکڻ ٿي چاهيو ته سنڌي مرهٽا مزور زنده باد“- چاهيو ڇا ٿي، لکيم به!“

”پوءِ ڊاٺئي ڇو؟“

مان ڪو به جواب ڏيئي نه سگهيس.

”اِهو ته هڪ سٺو نعرو آهي. سنڌين ۽ مرهٽن جي ٻڌيءَ جو نعرو آهي. مزور ٻڌيءَ ۾ هجن، دنيا ۾ ان کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه ٻي ٿي به ڪهڙي سگهي ٿي! پر، دوست، ڇا صرف سنڌي مرهٽا مزور زنده باد؟ ٻيا نه؟ ڇا صرف سنڌي ۽ مرهٽا ئي مزور ٿيندا آهن؟ مان هڪ ڳالهه چوان دوست، اَسين خود کي کڻي ڇا به سمجهون، پر جتي مزورن جو سوال آهي، اَسين سڀ هڪ آهيون. اُتي اسان جو ڪوئي ڌرم، ڪوئي مذهب، ڪائي ذات نه هوندي. مشين ۾ هٿ پئجي وڃڻ سان، مشين اهو ڪانه پڇندي، ”سنڌي آهين يا مرهٽو آهين – هندو آهين يا مسلمان آهين؟“ مزور جيڪو به هوندو، مشين هٿ ڪٽي ڦٽي ڪنديس، ۽ هي سرمائيدار اَهڙين مشينن جا اِنساني روپ آهن. مشين ۽ سرمائيدارن لاءِ اسين صرف مزور آهيون، ۽ مزور رهي ئي اِنهن کي منهن ڏيڻو آهي. ڪنهن رواجي ڳالهه تي، جي توکي مل مان ڪڍي ڇڏين، اَسين اِئين چئي چپ رهڻ وارا ڪونه آهيون: ”جاني دو- سنڌي آهي.“ اَسين تولاءِ لڙنداسين. ڇو ته اسين سڀ هڪ آهيون. اسين پاڻ لاءِ لڙنداسين ۽ لڙڻ ئي گهرجي. اسين جي نه لڙنداسين، ته هي اسان جو خون به پي ويندا- جيئن پيئندا رهيا آهن. ته دوست، اسان کي پنهنجي خون لاءِ، اِنهن ويڇن، ڀيدن، تفاوتن، ونجوڳن، ڏڦيڙن سڀني کي پنهنجي دل دماغ ۽ زندگيءَ جي هر هنڌ سنڌ مان ڪڍڻو پوندو!“

مان چپ چاپ هن جو منهن تڪيندو رهيس.

هو هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ گينڊيءَ ڏانهن وڌيو.

۽ مون ماٺ ماٺ ۾ لال ڀت تي لکي ڇڏيو-

”اسين مزدور زنده باد! اسين سڀ پورهيت زنده باد!“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment