Monday, December 7, 2020

بک بڇڙو ٽول - غلام رباني

بک بڇڙو ٽول

غلام رباني



اها سڄي رات هاسٽل ۾ ڪنهن اک ڪانه ٻُوٽي.

... ڪامن روم ۾، ڪلب ۾، ڪئنٽين ۾ ۽ شاگردن جي ڪمرن ۾- مطلب هاسٽل جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو ئي سرٻاٽ هو، ”يارَ حد ٿي ويئي!“ اڃا دوازي مان ڪو شاگرد هاسٽل ۾ داخل مس ٿي ٿيو، ته ٻن چئن ڊوڙي وڃي ٿي اڳ ورتس- چي، ”ڳالهه ٻڌي اٿيئي...!“ ۽ هن ٿڌو شوڪارو ڀريندي ٿي چيو: ”هائو، شام واري اخبار ۾ پڙهيو اٿم-.“ – ”مان ته سمجهان ٿو ته هيءٌ ملڪ جي بگڙيل اقتصادي حالتن جو انوکو مثال آهي.“

اقتصاديات  جي هڪ شاگرد چيو، جو هر ڪنهن ڪمزوريءَ ۽ گناهه جو بنيادي سبب ’اقتصادي بد حالي‘ ٻڌائيندو هو.


- ”هن معاملي ۾ اقتصاد يات کان زياده نفسيات پارٽ پِلي (ادا) ڪيو آهي.“ علم نفسيات جي شاگرد پنهنجو نقطه نگاهه پيش ڪيو.

- ۽ فلسفي جي شاگرد چيو: ”انساني قدرن جي عُدولي ئي اڄوڪي هر مسئلي جي بنيادي ڪمزوري آهي.“

- ”ڇا به هجي، هي نه فقط هڪ دردناڪ واقعو آهي، پر ساڳئي وقت مضحڪ خيز ۽ عبرت انگيز پڻ“- اهو سڀني جو متفق رايو هو.

ڳالهه هئي به اهڙي، ڪٿي هڪ نوجوان شاگرد، ۽ ڪٿي ڪلارڪ مان وزير! ۽ وري وزيريءَ مان اوچتو سمورو ٽن ڏينهن ۾ هميشه لاءِ سماپت!

ٻئي ڏينهن هاسٽل تي ڪارو جهنڊو چاڙهيو ويو، ۽ ڪاليج ۾ موڪل ڪئي ويئي شاگردن جي هڪ چڱي خاصي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ پرنسيپال صاحب هڪ مختصر تقرير ڪري، صالح جي گُڻن بابت ٻه اکر ڳالهايا. تقرير مختصر ان ڪري ڪيائين، جو صالح نه ته ڪنهن صوبائي يا مرڪزي محڪمي جي ڪنهن اعليٰ عملدار جو پٽ هو، جو پرنسيپال کي پِروموشن حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملڻ جي اميد هجي، ۽ نه وري ڪنهن بزنيس مئن جو پٽ هو، جنهن وٽان اڄڪلهه جي زماني ۾ ڪو ولائتي مال رعايتي اگهن تي ملي سگهي. صالح ويچارو ته هڪ ڳوٺاڻي هاريءَ جو پٽ هو. الائي ڪيئن، ڪجهه ڪوشش وسيلي ڪجهه قسمت سڻائي هجڻ سبب، هڪ دور دراز ڳوٺڙي مان نڪري اچي هڪ وڏي شهر ۾ پهتو هو، ۽ بي. اي جي ڊگري ملڪ جي وزير تعليم جي هٿن مان ملڻ جو شرف حاصل ڪيو هئائين- نه ته اڄ سندس ننڍپڻ جي يارن ما ڪي ڳوٺ جون ٻڪريون چاري رهيا هئا، ته ڪن کي هَرُ- پاڃاري ڪلهي هو. صالح جي پيءُ جو چوڻ هو ته ’صالح کي ڏاڏنهس مولويءَ ڇِڪَ ڪئي آهي- اُهو به عربي فارسيءَ جو هڪ چڱو خاصو عالم هو‘؛ ۽ چوندا هئا ته اُٺُ ڪتابن جو پڙهيو هئائين! ايڏي علم مان پرايو به واهه جو هئائين: ڪڏهن ڪنهن کي گار ڪين ڏنائين، ۽ يا عمر وضو ڪرڻ کان سواءِ آسمان ڏانهن ڪين نهاريو هئائين! انهيءَ پوئينءَ ڳالهه جي ساک ته اوستو حاجن به ڀريندو هو. چي: ”هڪڙي ڏهاڙي دوڪان تي ويٺي جُتي سبيم، ته ڪَنَ تي ڪونجن جي ڪوڪار جو آواز پيو. اُٿي اڱڻ ۾ آيس، ۽ جان کڻي نگاهه ڪريان، ته مار.... ولر ڪونجن جو قطاريو پيو وڃي! سامهون مولوي صاحب گس ڏيو پئي ويو، تنهن کي واڪو ڪري چيم: ’سائين مولوي صاحب، سبحان الله! هي ڪونجون ته ڏس ڪيئن قطاريون پيون وڃن!‘ مولوي صاحب تڙ تڪڙ ۾ اچي مَٽَ مان جَمن ڀري وضو ڪيو، ۽ اٿي آسمان ڏانهن نهاريائين... پر تيستائين ڪونجن وڃي روهه وسايو هو!“

صالح جي ماءٌ جو وري چوڻ هو ته صالح جو ايڏو علم پرايو هو، سو ان ڪري جو سندس ڄمڻ تي پاڻ نانگي شاهه جو پَڙَ باسيو هئائين، ۽ ڇَٺيءَ لهرائڻ مهل جڏهن مجاور پِير سائينءَ جي تربت تي پَڙُ وڌو ۽ چيائين ته ’مائي، گهُر، جيڪي گهرڻو اٿيئي‘، ته صالح- ماءٌ ٻئي ٻانهون ٻڌي چيو ته ’پيرسائين، منهنجو صالح جڏهن وڏو ٿئي، ته پڙهي پڄائي، ۽ تپدار ٿئي!‘ (اها ڳالهه ٻي آهي ته فائينل پاس ڪرڻ کان پوءِ ماءٌ جو زور ڀرڻ تي، صالح تپداريءَ جي چونڊ ۾ ويٺو، ۽ چونڊيو به ويو، پر پوءِ ڳوٺ جي وڏيريءَ جي پٽ انور جي صلاح تي وڃي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو، ۽ ماڻس جي منٿن ايلازن جي باوجود تپدار نه ٿيو.)

صالح جي همڪلاسيءَ، وڏيري جي پٽ، انور، جي دعوا هئي ته صالح جي گرئجوئيٽ ٿيڻ لاءِ شابس جو واحد حقدار انور پاڻ ئي هو؛ ڇو ته هن ئي صالح کي انگريزي پڙهڻ تي اَڀاريو هو، ۽ ميٽرڪ جي امتحان لاءِ جڏهن وٽس فارم جي فيءَ جا پيسا ڪونه هئا، تڏهن اهو انور ئي هو جنهن اهڙي ڏکئي وقت صالح سان ڀال ڀلايو هو. ان خيال کان، انور بيشڪ شابس جو حقدار هو- صالح کي الله سڌاريو، پر انور سڌاريو!

پر، پوءِ مولوي صاحب ۽ نانگي شاهه جي نوازيل ۽ انور جي سڌاريل صالح جو حشر هيئن ٿيندو، تنهن جو ڪنهن کي وهم گمان به ڪونه هو.  صالح جي ماءٌ کي ته خبر ٻڌڻ سان ڏندڻ پئجي ويا، ۽ پڻس کي تيسين اعتبار نٿي آيو، جيسين انور پاڻ اچي چيس ته ”اها خبر برابر ائين ئي مون پنهنجن ڪنن سان پنهنجي ريڊئي تي ٻڌي آهي.“ وڏيرن جي نوڪرياڻيءَ ته صالح- ماءٌ کي جامينءَ  سُنهاريءَ جو قسم کڻي ڳالهه ٻڌائي هئي ته’جنهن مهل ريڊئي اها خبر ٻڌائي پئي، تنهن مهل ريڊئي جا لڪڙا، جن ۾ تار ٻڌل هوندي آهي، ڀَليَ پارَ يعني اولهه طرف جهڪيل هئا!‘ مطلب ته ڳوٺ ۾ صالح جي مٽن مائٽن ۽ ننڍپڻ جي يارن توڙي شهر ۾ سندس ڪاليجي همڪلاسين ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ دوستن- سڀني کي ڏندين آڱريون هيون... سواءِ سعيد جي.

سعيد، صالح جو رُوم- ميٽ هو. ساندهه چار سال گڏ هڪ ڪمري ۾ گذاريا هئائون، سو سعيد کي صالح جي طبع جي ايتري ته خبر پئجي ويئي هئي، جو صالح پيرُ کڻندو هو، ته سعيد ٻڌائيندو هوس ته ’هي پير هن ارادي سان کنيو اٿيئي!‘ صالح سعيد لاءِ ڄڻ هڪ کليل ڪتاب هو.

سعيد کي تڏهن ئي پرون پيا هئا، جڏهن اڳئين ڏينهن تي صالح جو منهن لٿل ڏٺو هئائين، ۽ پڇيو هئائينس ته ”ڪر خبر، ڪو نوڪريءَ جو آسرو مليو؟“ ته صالح روئڻهارڪي آواز ۾ وراڻيو هو، ”نڪو، يارَ!“

گذريل سڄوئي مهينو صالح جو مهمان ٿي ماني کاڌي هئي، ۽ ان کان اڳئين مهيني جا پهريان پندرهن ڏينهن ڪلب جي مئنيجر کي اهو ڏٽو ڏيئي ماني کائيندو رهيو ته ’اڄ نه سڀاڻ ائڊوانس جا سٺ روپيا ڏيندس‘. پر پندرهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن مجبور ٿي مئنيجر سندس ماني بند ڪري ڇڏي، صالح کي پيٽ جي باهه اجهائڻ جو آخرين ذريعو ڪئنٽين نظر آئي. رات ڏينهن جو بسڪوٽن ۽ بَننَ سان پيٽ ڀري گذر ڪندو رهيو- پر اَن کان سواءِ ايمان ڪهڙو! اها ڪاري ڪوڏي ته هيس ڪانه، جو بس جو ڀاڙو ڀري، پري پري پنڌ وارين فيسن ۾ نوڪريءَ جي جاچ ڪري؛  ويتر پندرهن ڏينهن اَن اکئين نه ڏسڻ سبب ڪمزور ٿي ويو، سو گهڻي پنڌ ڪرڻ جي طاقت به نه رهيس- نتيجو اهو نڪتو ته نوڪريءَ جي جاچ پوريءَ طرح ڪري نٿي سگهيو. پهرينءَ تاريخ جڏهن ڪلب جي مئنيجر پندرهن ڏينهن جا مانيءَ جو بِلُ ۽ ڪئنٽين واري ٻين پندرهن ڏينهن جي بسڪوٽن ۽ چانهه جو بل کڻي اچي در تي ورتو، ته صالح هيانءَ تي پٿر رکي، لڄ کي پاسيرو ڪري، سعيد جي پرپٺ سندس ڪوٽ ۾ پيل پگهار جي نوٽن مان پورا پنجاهه روپيا کڻي قرضين کي ڏنا، ۽ سعيد جي اچڻ تي کيس حال کان واقف ڪيائين. سعيد نه فقط سندس انهيءَ ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪين ڪيو، پر پاڻ دلجاءِ ڏنائينس، ۽ سڄو مٿيون مهينو پنهنجو مهمان ڪري ماني کارائينس. هونئن ته سعيد ڪو تونگر ڪونه هو- سندس ماهياني ڪمائي به اهي سؤ سوا سؤ روپيا هئي، جنهن مان هو ڪاليج جون فيون به ڀريندو هو-  پر پاڻ صالح جو، ۽ صالح سندس سچو يار هو. آئيءَ ويل هڪٻئي سان ڀائرن وارا پير ڀريا  هئائون. انهن نحوست وارن ٻن مهينن کان چار مهينا اڳ ته صالح به سڃو ڪونه هو. آفيس مان ڏيڍ سؤ روپيا مهينو  ملندو هوس، جنهن مان ڪاليج جون فيون ۽ گذر سفر ٿي ويندو هوس- اٽلندو، غريبي حال هوندي به، چئن سالن جي عرصي ۾ چار سؤ روپيا جمع ڪيا هئائين، جي بي. اي. جي امتحان ويجهي پوڻ سبب جڏهن آفيس مان استعيفا ڏيئي ڇڏيائين، تڏهن سانگي سان خرچ ڪرڻ لڳو. سندس اندازو هو ته چئن سون مان چار مهينا نبري ويندا، تيتر بي. اي. جو نتيجو به نڪري ويندو، ۽ پوءِ ته هفتي کن اندر ضروري ڪا ٺاهوڪي نوڪري به ملي ويندي. اقتصاديات ۾ بي. اي. ڪرڻ- ۽ سو به وري ’آنرس‘ ۾ !

- ڪو چرچو ڪونه هو. ٿورائي ڏينهن ٿيا هئا ته ملڪ جي مالي وزير هڪ تقرير ۾ چيو هو ته ’شاگردن کي اقتصاديات ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ گهرجي، جو اقتصادي ماهرن جي سخت ڪمي آهي، ۽ انهن کان سواءِ ملڪ جو مالي ڪاروبار سهڻو هلڻ ناممڪن آهي.‘ پر، پوءِ جڏهن امتحان جو نيجو ظاهر ٿيو ۽ صالح پاس به ٿيو ۽کيس ٺُونٺ جيڏو سرٽيفڪيٽ پڻ عنايت ٿيو، ته صالح جو بخت جاڳڻ بجاءِ ڄڻ ته هميشه لاءِ سمهي پيو. ورندڙ ٻه مهينا صالح جنهن جسماني عذاب ۽ روحاني ڪوفت سان گذاريا، تنهن جي هڪ کيس خبر هئي ۽ ٻيو الله کي. سندس خيالي محلات جون ڀتيون ائين جهُرڻ لڳيون، ڄڻ ڪي سال اڳ ڪلر انهن جي پيڙهه کائي ڀتو ڀاڻ ڪري ڇڏي هئي. ٻيو ته ٺهيو، کيس هينئر اها ڪلارڪي به ڪانه ٿي ملي، جا ڇهه مهينا اڳ نان- گرئجوئيٽ هوندي به کيس حاصل هئي. جنهن آفيس ۾ ٿي ويو، ۽ جنهن کان به ٿي نوڪريءَ جي پڇا ڪيائين، تنهن منهن بڇڙو ڪري کڻي ٿي ٻئي پاسي ڪيو- ڄڻ ته صالح کيس ڪا گار ڏيئي ڪڍي هجي!

صالح ڪتابن ۾ انسان جي لازمي نيڪ فطرت بابت دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا نهايت سهڻا لکيل مضمون پڙهيا هئا، ۽ انهن ۾ پورو پورو اعتبار ته ڇا اصل ايمان رکيو هئائين. پر هينئر جڏهن مظلوميت جو مٿس پاڇو پيو ۽ بک بيروزگاري اچي وٽس خيما کوڙيا، ته نهايت ڏسڻا وائسڻا انسان، جن سان سندس چڱي خاطر کيس ڏسي، پاسيرو منهن ڪري هليا ويندا هئا- ۽ اهو ڏسي، ’انسان جي لازمي نيڪ فطرت‘ بابت سالن کان سانڍيل صالح جو ايمان، اَڪ جي ڪاٺيءَ جيان ٽڙڪو ڏيئي ٽُٽي پيو!

تنهن ڏينهن صبح جو جڏهن سعيد کيس چيو ته ”يار، في الحال کڻي ڳوٺ وڃ، ۽ ڪجهه تون اتان نوڪريءَ جو سڌ- سماءٌ رکندو ڪجانءِ، ۽ ڪجهه مان هتي تولاءِ ڪوشش ڪندو رهندس“، ته صالح سمجهي ويو ته سعيد جي دل ۾ اصل ڳالهه ڪهڙي هئي. سعيد کي انديشو هو ته متان صالح ٻيو مهينو به مٿس بار بنجي پوي- ۽ اها حقيقت هئي ته ان بار کڻڻ جو وِتُ سعيد ۾ هو به ڪونه.

نيٺ اهو نحس ڏينهن اچي ويو، جنهن ۾ صالح جي دل دماغ ۾ قسمت پلٽو کاڌو. هو هڪڙيءَ آفيس ۾ نوڪريءَ جي تلاش ۾ ويو. دروازي وٽ کيس هڪ همڪلاسي ۽ ڪي قدر دوست پڻ- گڏجي ويو. صالح سان گڏ ئي بي. اي پاس ڪئي هئائي-  فرق رڳو ايترو هو ته صالح اقتصاديات جو مضمون کنيو هو، ۽ هن سياسيات جو. اها ڳالهه ٻي هئي ته صالح جو پيءُ پرائي زمين آباد ڪندو هو...۽ سندس همڪلاسيءَ جي پيءُ کي ايڪيهه هزار ايڪڙ ٻني هئي، ۽ چار سال اڳ صوبي جو سال کن لاءِ ٻيلائي کاتي جو وزير پڻ رهي چڪو هو. انهن ئي ڏينهن ۾، ملڪ جي هڪ سرحدي رياست جي نواب کي اهڙي ته پُر تڪلف ڊنر کارائي هئائين ۽ بدڪن جو شڪار ڪرايو هئائين، جو هو سندس لنگوٽيو يار ٿي پيو هو. انهيءَ تي سرحدي رياست جي نواب هينئر جو تازو خبر ٻڌي ته سندس هن سنگتيءَ جي فرزند علم سياسيات ۾ بي. اي آنرس پاس ڪئي آهي، ته ڇوڪر کي ڏسڻ وائسڻ ۽ سندس لياقتن ڄاڻڻ کان سواءِ ئي، پنهنجي رياست ۾ نائب وزير مقرر ڪرڻ جي آڇ ڏياري موڪلي هئائين، جا نهايت شڪر ادائيءَ سان قبول ڪئي ويئي هئي.

اها پوئين ڳالهه صالح کي سندس همڪلاسيءَ وڏي فخر سان ٻڌائي، ۽ اهو پڻ چيائين ته مهينو کن آرام ڪرڻ بعد هو وڃي پنهنجي عهدي جي چارج وٺندو ... اهڙو اطلاع تار رستي نواب صاحب کي موڪلي آفيس مان ٻاهر ٿي نڪتو، ته صالح منهن پيو هوس. هو همراهه ته ڳالهه ڪري ويندو رهيو، پر صالح جتي بيٺو هو، اتي جو اتي پِنڊ پاهڻ جيان ڄميو رهيو. جذبن جو درياهه سندس من ۾ موجون هڻڻ لڳو... اکيون ٻرڻ لڳس، مٿو ڳورو ٿي پيس، چپ خشڪ ٿي ويس- بس، ائين ٿي لڳو، ڄڻ سندس سوچ جو سلسلو ختم ڪين ٿيو. هو وري وري ويچاريندو رهيو ... بي. اي پاس ڪرڻ بعد به هو ڪلارڪيءَ جو محتاج هو، ۽ ٻئي لاءِ نائـــب وزيريءَ جـــا فرمان نڪري چڪا هئا! هن  جي ذهن تي ماضي موٽڻ لڳو- ننڍپڻ جو زمانو... آرزو ۽ اميد... شاندار مستقبل جا خواب... محنت... اوجاڳن جون راتيون ... امتحانن مٿان امتحان ... ڪاميابي... ڪلارڪي... ڪاليجي حياتي ... اخلاق ۽ ڀل مانسائيءَ جا نوان عقيدا ... گرئجوئيشن جي ’سوني‘ ســـرٽيفڪيٽ جا سونهري خواب ... ۽ پوءِ هزار حسرتون!... مظلوميت جو پاڇو... مائٽن جو مسڪيني حال... يارن جون بيوفائيون ... بيروزگاري ... بک... در در جون ٺوڪرون ... ذلت ۽ نفرت جو ايــذاءُ ڏيـــندڙ احـــساس! صــالح ائــين مــحسوس ڪيو ته ويهه ورهيه جنهن آب حيات جي آس ۾ اُڃ سَٺِي هــئائـين، سو آب نه هو رُڃ هئي!

هن جي دل تي ڳالهه ويهي رهي ته بک هر ڪنهن اخلاقي جرات کي ختم ڪري ٿي ڇڏي، ۽ مظلوميت هر ذلت کي دعوت ٿي ڏئي. بک ۽ بيروزگاريءَ جي احساس سبب هو اول ته پاڻ کي حقير سمجهڻ لڳو، ۽ پوءِ ذليل پڻ. سندس هيانءُ ٻڏڻ لڳو، ۽ حواس بيوس ٿيڻ لڳا. هو طرح طرح سان عجيب نموني ۾ سوچڻ لڳو. ڪڏهين ڪو پُور ٿي پچايائين، ۽ ڪڏهن ڪو خيال ٿي بيهاريائين. ننڊ سندس نيڻن مان موڪلائي ويئي. رات جو جڏهن جِيت جڻيو به آرامي هوندو هو، ته بستري تي ليٽيل صالح اکيون ڦاڙي ڇِت ۾ گهوريندو رهندو هو، ۽ ڪِي جو ڪِي ويچاريندو رهندو هو. جا گهڙي سندس اک لڳندي هئي، تنهن گهڙيءَ هو عجيب غريب ڀوائتا خواب ڏسندو هو. ڪڏهن هو پاڻ کي رستي تي پنندي ڏسندو هو، ۽ ڪـڏهن پاڻ کـــي سوني تخت تي ويٺل پيو ڏسندو هو. ننڊ ۾ سندس اهو حــال هو، ۽ جاڳ ۾ هو پنهنجي منهن ڀڻ- ڀڻ ڪندو رهندو هو. ان حالت ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ، هڪ ڏينهن، اجهو ائين ئــي سوچيندي ويچاريندي، اوچتو کيس هڪ اوکو ۽ انوکو خيال آيو. پهريائين ته هو سڄو ڏڪي ويو، نرڙ تي پگهر اچي ويـس؛ پر پوءِ نيٺ اٿي کڙو ٿيو. پاڙيسريءَ کان هڪ فُل سوٽ ٿــوريءَ ديــر لاءِ اڌارو ورتائــين، ۽ پوءِ سعيد جي بئگ خالي ڪري، ان ۾ ڪجهه ڪپڙا ۽ بيو ضروري سامان وڌائين. ڪمري ۾ جيڪي به پنهنجون قيمتي شيون نظر آيس، سي سئيءَ سڳي کڻي وڃي بزار ۾ وڪيائين... سوا ٻه سؤ روپيا مليس. هوائي جهاز جو هڪ ٽڪيٽ خريد ڪيائين؛ هڪ تار جو فارم ڀريائين، ۽ اهو موڪلي، ’آرام‘ جو ارادو لاهي، ’فوراً‘ عهدي جي چارج وٺڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيو.

شام جا ڇهه وڄي رهيا هئا، جو هوائي جهاز وڃي سرحدي رياست جي مکيه شهر جي هوائي اڏي تي لٿو. صالح،  نهايت رعب تاب سان، بم جهلي ٻاهر نڪتو. پڙهيل ڪڙهيل ۽ اُٿيل ويٺل هو. پري کان ئي سهي ڪيائين ته سندس استقبال لاءِ آيل عملدار ڪٿي بيٺا ٿا واجهائين. هٿ جو اشارو ڪيائين، ۽ هو سڀئي ائين ڏانهس ڀڳا، جيئن چُچڪار تي هيريل ڪتن جو ولر. جهڪي سلام ڪيائون، ۽ سمورا آداب بجا آندائون. نئين نائب وزير صاحب هوائي اڏي تي سلامي ورتي، ۽ پوءِ هڪ کليل ڪار ۾ شهر ڏانهن روانو ٿيو.

شام جا پاڇا گهڻا ڊگها ٿي چڪا هئا. آسمان تي مينديءَ رتا ڪڪر پکڙيا بيٺا هئا. ماڻهن دوڪانن تي بتيون پئي ٻاريون. گهٽين جي چونڪن تي فانوس پئي لٽڪيا. نئين نائب وزير صاحب جي ڪار شاهي رستي تان پئي ويئي. ڪار جي اڳيان- پويان محافظ دستو پئي هليو. پاسي کان بيٺل ماڻهن جي انبوهه جهڪي جهڪي پئي سلام ڪيا. نواب صاحب جن، وڏي وزير سميت، رياست ۾ اندر شڪار لاءِ ويل هئا. نائب وزير جي رهڻ جو عارضي انتظام وڏي وزير صاحب جي موجوده رهائش گاهه ۾ ٿيندو، ڇو جو وڏو وزير صاحب پاڻ نئين ٺهيل مڪمل ايئرڪنڊيشن ڪيل بنگلي ۾ وڃڻ وارو آهي.

رات جو نائب وزير صاحب جي اعزاز ۾ هڪ نهايت شاهي ڊنر ڪئي ويئي، ججنهن ۾ شهر جي معزز شخصن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ٻئي ڏينهن صبح جو نائب وزير صاحب پنهنجيءَ آفيس ۾ ويو، ۽ هڪ اڌ ڪاغذ پٽ به اٿلائي ڏٺائين، پر ستت ئي رهائش گاهه تي واپس آيو، جو سفر جي ٿڪ سبب ڪم ڪرڻ جهڙو ڪين هو- هونئن به رياست جي ڪم ڪار سان واقفيت پيدا ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ته نه هئي! آفيس مان واپس آئي کيس ويرم ئي نه گذري هئي، جو هڪ قاصد اچي اطلاع ڏنو ته ’نواب صاحب جن شڪار تان واپس آيا آهن، ۽ نئين صاحب کي ياد فرمايو اٿن.‘ نائب وزير صاحب نواب صاحب سان ملاقات جي فوراً تياري ڪئي، ۽ انهيءَ ئي مهل موٽر کين محلات جي اندر آڻي ڪڍيو. نواب صاحب جن ديوان خاص ۾ ويٺل هئا، ۽ نائب وزير صاحب سان ملاقات به اتي ئي ڪرڻ پسند ڪيائون. نهايت قربائتي نموني ۾ پيش آيا: اٿي بيهي بغلگير ٿيا، ۽ نائب وزير صاحب کي ’فرزند‘ جي لفظ سان خطاب ڪيائون، ۽ فرمايائون ته کيس رياست جي انتظام سمجهڻ ۾ اميد ته ڪابه تڪليف ڪانه ٿيندي، ۽ رياست ۾ پنهنجي عهدي جا فرض ۽ ذميواريون سهڻي نموني سنڀالي اميد ته هو رعايا جون دعائون کٽندو ۽ نواب صاحب جو مڪمل اعتماد حاصل ڪندو.

رات جي ماني نئين نائب وزير ۽ نواب صاحب گڏجي کاڌي. ان کان پوءِ شراب ۽ رقص جي محفل ڄمي. نواب صاحب ور ور ڪري پئي وڏي وزير صاحب کي ياد فرمايو- چي؛ ”شڪار ته مون کان گهٽ ڪيو اٿس، ته به ايڏو آرام!“ راڳ روپ جي محفل جاري. جام مٿان جام پئي وريا، ۽ سازن جو واڄو پئي پيو ... هڪ وڏي پيٽ ۽ ٿلهي جسم وارو شخص، ننهن کان چوٽيءَ تائين ريشمي ڪپڙن ۾ ملبوس، اچي نواب صاحب جي ڀر ۾ ويٺو. نهايت گرمجوشيءَ سان نواب صاحب، نئين نائب وزير ڏي اشارو ڪندي، چيو: ”اسان جي عزيز دوست جي فرزند ۽ پنهنجي رياست جي نئين نائب وزير ميان يار محمد سان مصاحفو ته ڪريو!“ ۽ پوءِ ٻئي پاسي منهن ورائي چيائين: ”هي آهي اسان جي رياست جو وزيراعليٰ صاحب، مجتبيٰ حسين!“

”... يار محمد!“ وڏي وزير صاحب، هٿ وڌائيندي، نهايت تعجب ۾ ٿورو ڏاڍيان چيو: ”اوهان جو اسم شريف ... يار محمد؟“

”جِي...“ نئين نائب وزير صاحب اهڙي منجهيل آواز ۾ چيو، جو معلوم ٿيو ته کيس به پنهنجن لفظن تي ڀروسو ڪونه ٿو اچي.

”ناممڪن!“ وڏي وزير صاحب بي آراميءَ سان ساهه کڻندي، آهـستي ۽ هـٻڪـندي چـيو: ”مان پاڻ ميان يار مـحمد کــي سـندن والد محترم جي روبرو هفــتو اڳ آرڊر ڏيـئي آيو آهيان!“

- ۽ اهو ٻڌي، نئين نائب وزير صاحب جي نرڙ تي پگهر جا قطرا نڪري آيا. سندس هٿ ڏڪڻ لڳا، نگاهون هڪ هنڌ ڄمي ويئون، ۽ بت لوهي شيخ وانگر هڪ هنڌ سخت ٿي ويو. خود نواب صاحب هراسجي ويو. نئين نائب وزير جي اکين مان آنسو پئي ٽميا. هن نهايت ڏکويل آواز ۾ فقط ايترو چيو: ”مان مجرم نه آهيان ... مظلوم آهيان!“

- ۽ پوءِ، ٻئي ڏينهن، ريڊين ۽ اخبارن رستي سڄي ملڪ ۾ هوءِ هواءِ ٿي ويئي- ’گذريل رات، سرحدي رياست ۾، پوليس صالح نالي هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري، شاهي قيدخاني ۾ نظربند رکيو: نوجوان صالح تازو بي. اي پاس ڪئي هئي، ۽ چيو وڃي ٿو ته هو ڪافي عرصو بيروزگار رهيو هو، ۽ پنهنجو ذهني توازن قائم رکي نه سگهيو هو. هن نهايت ڊرامائي انداز ۾ پاڻ کي رياست جو نائب وزير ڪري پيش ڪيو، ۽ هڪ ڏينهن ۽ ٻه راتيون اهو عهدو ماڻيو، پر بعد ۾ راز فاش ٿيڻ سبب هو گرفتار ٿي پيو ... ۽ گرفتار ٿيڻ واريءَ رات ئي شاهي قيدخاني ۾ آپگهارت ڪيائين! پوليس وڌيڪ تحقيقات ڪري رهي آهي.‘

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment