Wednesday, December 2, 2020

الا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي - غلام رباني

الا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي....!

غلام رباني



ڇٽي خان جو ڳوٺ صدين کان انهيءَ ٽڪري جي دامن ۾ آباد هو، جنهن جي ڇيڙي تي نئون ٻڌل شهر، سٺي بندرگاهه ۽ ملڪ جي گادي ٿيڻ سبب، روز بروز وڌندو ويجهندو، چوطرف پکڙبو پئي ويو. ڳوٺ ڇا هو_ بس چاليهارو کن ڪکاين جهوپڙين جو هڪ ويڙهو هو. سموريون جهوپڙيون هڪ ئي رنگ ڍنگ تي ٺهيل هيون: ٽڪنڊن، چوڪنڊن ۽ گول مول پٿرن جون آسيريون ۽ ٽيڏيون ڀتيون، جن جي سوراخن ۽ ڳڙکن مان، هوا جي جهويل سان، نه رڳو مٽي پر ڪک، پن به آرپار ايندا ويندا هئا. ڇتيون سڀني کي ڪکايون هيون_ کجيءَ جا اڻ_گهڙيا ۽ اڻ_وڍيا ڦرها، ڪامن  ۽ پٽين جي جاءِ تي رکيل هئا، مٿانئن وري سڪل پن پکڙيل هئا، سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪ جاءِ هئي، جنهن کي ٽين جي ڇت پيل هئي؛


نه رڳو ٽين جي ڇت، پر ان جي ڀتين کي پوچي پڻ ڪيل هئي_ اها هئي ڳوٺ جي مسجد.

سو، انهن ڪکائن اجهن هيٺ ”ڇٽي خان“ جا رهاڪو پنهنجو سيارو سانوڻ ڪاٽيندا هئا. سندن ابا، ڏاڏا ۽ تن جا ابا ڏاڏا به، انهن ئي ڪکن ۾ پنهنجا ڏينهڙا گهاري ويا.

هونئن ته قديم زماني کان وٺي، ڇٽي خان جي رهاڪن جو گذر سفر مڇي مارڻ تي ٿيندو هو، پر جڏ هانڪر ڀر ۾ نئون شهر اڏيو هو، ته ڪي جوان شهر ۾ وڃي محنت مزوري ڪندا هئا؛ ڪن ته بيل_گاڏيون ۽ گڏهه_گاڏيون به خريد ڪيون هيون، جن تي هو بار ڍوئيندا هئا.

جوان مڙس پرهه ڦٽيءَ  سان پورهئي پٺيان ويندا هئا، باقي رهندا هئا ٻڍا، ٻار ۽ زالون.

پوڙها، صبح مرداني سان وڃي مسجد جو در وٺندا هئا. علو ٻانگي جي عادت هئي ته اسر ڏيئي اٿندو هو، ۽ اڃا اڀ تان تارا مٽيا ئي نه هوندا هئا، ته ٻانگ ڏيئي ڇڏيندو هو. هڪ هڪ ٿي، نمازي گڏ ٿيندا هئا، ۽ نماز پڙهڻ ويل سڄو صحن ماڻهن سان ڀرجي ويندو هو. نماز پڄاڻا، دور ۽ ذڪر جي هونگار ڏيڍ پهر ڏينهن چڙهي اچڻ تائين جاري هوندي هئي_ ۽ پوءِ پوڙهن جي محفل مچندي هئي حاجيءَ جي هٽ تي.

ٻارن لاءِ ته ڪا مشغولي مورڳائي ڪانه هئي_ ڏيڍ پهر ڏينهن ننڊ مان اٿندا. اسڪول وغيره ته ڳوٺ ۾ هو ئي ڪونه. ٻار سڄو ڏينهن گهٽين ۾ پيا ڦيريون پائيندا_ ابتيون سبتيون، بي معنيٰ، بي مطلب؛ يا وري ڦريو گهريو اچي حاجيءَ جي هٽ تي پوڙهڻ جون رهاڻيون ٻڌندا. بس علو ٻانگ ڪانڀ ڪڍي حاجيءَ جي هٽ تي ويٺو، ٻارن جو مڪو متو_ڳاهٽ پيا ٿيندا،.

علو به کڻي گيگ هڻندو هو؛هڪڙيون لاهيندو ٻيو چارهيندو. چي:”سائين، جوانيءَ ۾ اسان به ڪم ڪيا... سانوڻيءَ جو درياهه اڪيلي سر اڪريو اٿم! ميرل ماڇيءَ جي مينهن ٻڌجي ويئي، خبر پيم، پڳ جو ڀير ڏيئي، چورن جو پيرو کنيم، واٽ تي وڃي پڳو مان. اڪيلي سر، ستن جوانن سان، سر جي سٽ ڏيئي منهن_مقابل ٿيس...نيٺ مينهن موٽائي آڻي ڪلي سان ٻڌم!“

جوسو ڦل ته وري علوءَ کان به اتر گهرندو هو_ چي: ”سائين، ڪا ڳالهه آهي!.... هينئر پيري جهوري آهي، نه ته جوانيءَ ۾ گهٽ اسان به ڪونه هئاسين!.... سان اک اڙجي ويم. ست_ڪوهيءَ تي گهر هوس. آڌي ڏيئي اٿندو هوس... راتو رات ست_ڪوهي اڪري، وڃي ساڻس ملاقي ٿيندو هوس. روح_رهاڻ ڪري، کڻي جو کڙي ڪندو هوس، ته ڪڪڙن دس ئي نه هنيا هوندا جو ڳوٺ اچي ٺهڪو ڪندو هوس!.... صبح سان اهو ئي_همراهن گڏ، هر پاڃاري ڪلهي تي!.... چئه ته رات سڄيءَ ۾ اک ئي ڪين کلي هئم.....!“

ٻڍن جون اهي ٻٽاڪون ٻارن کي به نيٺ ٿڪائي وجهنديون هيون. ڪر موڙي اٿندا، هت هت نوس نوس ڪندا، ور وڪڙ هڻندا، وڃي وڏيءَ گهٽي جو ڇيڙو ڪندا_ ۽ پوءِ اتان وري موٽ کائيندا، ۽ سڌو اچي حاجيءَ جي هٽ تي دم پٽيندا.

رات ٿيندي، ته گهران رکو سکو ٽڪر هائي، ٽوليون ڪري نڪرندا ۽ گهٽين ۾ واڪا ڪندا ويندا:

”اچو ٻارو! راند جو سارو...“

”ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو!، پني اچي پادر کائو...!“

۽ پوءِ سندن سڏ تي ٻار، ڪئن جيان ٻر مان نڪرندا، کسڪندا ايندا... تان جو هو سڀ گڏ ٿي ويندا_ ۽ پوءِ ڳوٺ جي وڏي پڌر تي راند ڪندا. راند متي، ته ڌوڙ اڏامندي! جنهن ۾ چنڊ جي چانڊوڪي ڍڪجي ويندي. ”هو ٻلهاڙو!“ جي هوڪارن ۽ وانجهيءَ جي واڪن ۾ بازاري ڪتن جون ڀونڪون دٻجي وينديون. چنڊ ڌيري، ڌيري وڌندو ايندو. رات پر پکڙيندي رھندي... ۽ پوءِ جڏهن ڪتيون ڪر موڙينديون، ۽ ٽيئي ٽيڙو آڀا ٿي اڌ_آسمان تي ايندا، تڏهن سڀڪو سست ٿي پوندو ۽ تڪجي ٻر جي گهر ورندو،. ڪن جي دل اڃان نه ڍانپي هوندي، ته اهي وري موڙي ٻڌي، ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي وهندا_

”سفيد ديو ۽ حسنا پري“ جا قصا ۽ ڪهاڻيون کڻندا، پروليون ڏيندا، ۽ ڳجهارتون پيا ڏيندا وٺندا. هڪڙو چوندو: ”شينهن کي نماز پڙهائي ڏي!“ ... ”نٿو اچيئي؟ چڱو ترار کي پاڻي پياري ڏي....!“ ۽ ائين واڪو ٿي ويندو.

لڪمڙ ڀڄي لڪڙ کڄي؛ لڪڙ ۾ لارو، پي چڙهيو تارو، تاري هنيو منڊ، پي چڙهيو چنڊ؛ چنڊ ڪئي چانڊاڻ، پي چڙهي ماڇاڻ، ماڇاڻ لڌا آنا، پي چڙهيا ڪانا؛ ڪانن ڪئي هير، پي چڙهيا پنج پير، پنجن پيرن ڪئي گرڙي، پي چڙهي ڪاڻي ڪرڙي: ڪاڻي ڪرڙيءَ ڏني پٺ، پي چڙهي اٺ: اٺ کاڌي گوار، پي چڙهي ترار....!“

”ترار“ چوندو ۽ پڙاڏو پئجي ويندو؛ ”شابي! شابي گلڻ شابي! چڙهي چيلهه ڀڳي اٿئيس!“

سو، ”ڇٽي خان“ جي رهاڪن جي حياتي اجهو ائين موج ۽ مزي،سک ۽ سانت سان پئي گذري_ بنهه سک سانت سان_اصل انهيءَ ڍنڍ جيان، جنهن ۾ ڪڏهن ڪاوير ڪانه چڙهي، سير ڪين اهڙهي! هميشه وانگر، صبح سان ساڳيو سونو سج اوڀر کان اڀرندو هو، ۽لهڻ ويل چوڌاري سونن ڪرڻن جي ورکا ڪندي، هوريان هوريان جهيڻو ٿيندو، اکين اڳيان آڪاس جي نيري ساگر ۾ ٽٻي هڻي ويندو هو.... ۽ پوءِ رات جي راڻي پنهنجا ڪارا وار ڇوڙيندي هئي.

اها ئي رات، اهو ئي ڏينهن؛ اهو ئي چنڊ، اهي ئي تارا؛ اهو ئي اڀ ۽ اها ئي ڌرتي.... ۽ ائين سال لنگهي ويا،

ڀر ۾ ٻڌل نئون شهر هوريان هوريان وڌندو، ڇٽي خان جي ڳوٺ کي اوڏو پوندو آيو.... ۽ ائين ئي، ٻن چئن سالن ۾ ڇٽي خان جو ڳوٺ نئين شهر جي گود ۾ اچي ويو.

وڏو شهر سڄيءَ ٽڪريءَ تي پکڙجي ويو، ٽڪريءَ جي چپي چپي تي وڏا وڏا بنگلا اصل محلات ٺهي ويا، جن جي سفيدي جڏهن اس ۾ چمڪندي هئيته ائين پيو لڳندو هو، ڄڻ ڪو ڪنگن جو ولر، پر پکيڙي،ٽڪريءَ تي ٽڙي پکڙي ويٺو آهي... ۽ ”ڇٽي خان“ جون اس ۽ مينهن ۾ ڪاراٽيل ميرانجهڙيون جهوپڙيون، انهن ڪنگن مثل بنگلن جي جهرمٽ ۾، جهرڪينجي جهڳٽي جيان لڳنديون هيون.

پر پوءَ... ڪنگن جي ڪانگيري ۾ جهرڪين جو جهرمٽ ڪيستائين؟ _جهوپڙيءَ وارو، بنگلي ڌڻيءَ جو پاڙيسري ڪو سونهي!

وڏن پيٽن ۾ وڪڙ پيو... هلنديءَ وارن حرفت هلائي... ۽ هڪ ڏينهن هڪ وڏو ميونسپل عملدار، ”ڇٽي خان“ جي رهاڪن کي چتاءُ ڏيئي ويو ته ”اوهان کي لڏي وڃي ڪنهن  ٻئي هنڌ ويهڻ گهرجي، ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ گهرجي_ اوهان جون جهوپڙيونج ”ڪالوني ۾ زيب زينت تي داغ آهن.....!“

ڳوٺ ۾ ٻائيتال پئجي ويو. ٻار ٻڍا وائڙا ٿي ويا ته هيءَ آپدا ڪٿان ۽ ڪيئن ڪڙڪي_

”اسين ته صدين کان اتي رهندا پيا اچون: هي ڪالهه آيا.... اڄ اسان کي ٿا لڏائين_

ههڙو ڪو انڌير!“

”نه بابا، اباڻا ڪک اسان ڪونه ڇڏينداسون!“

”..... پر ڇڏيون به ڇو؟“

سڄو ڳوٺ اچي حاجيءَ جي هٽ تي گڏ ٿيو. آخر ڳالهه جو اڳ پڇ جاچي، سڀني صلاح بهاري ته درخواست لکائي ميونسپالٽيءَ جي وڏي صاحب کي ڏجي_ کيس سموري حقيقت کان واقف ڪجي.

”ميونسپالٽيءَ جي وڏي صاحب، وٽ درخواست به پهتي.

صاحب ڳوٺاڻن کي چيو ته ”بابا مان ميونسپل ميمبرن جي ميٽنگ ڪوٺايان ٿو_پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو“. ڳوٺاڻا، صاحب کي ٻڌائي ويا ته ”فيصلو ٻيصلو ڪونه.... ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي، ته ”اسان کان اباڻا ڪک ائين ڇڏيا ڪونه ٿيندا!“

ميونسپل جي ميٽنگ گڏ ٿي، صدر صاحب ميمبرن اڳيان درخواست پيش ڪندي چيو ته ”ڇٽي خان جي رهاڪن جو رخ مٽيل آهي. اهڙو ڪو طريقو ڳولهي لهجي، جو دنگو فساد به نه ٿئي ۽ ڳالهه جي ڳالهه به رهجي اچي.“

ميٽنگ ۾ خوب گرما گرم بحث ٿيو، ڪنهن ڪيئن ٿي ڳالهايو، ڪنهن ڪيئن ٿي ڳالهايو ؛ پر سڀني جو رايو اهو ئي هو ته ڳوٺاڻن کي لڏائجي_ ”انهيءَ ايراضي ۾ چار چڱيون جايون جڙي پونديون.... ماٺ ميٺ ۾ نه مڃين ته ڪم ڪجي پوليس حوالي“

هڪڙي نوجوان ميمبر_ جنهن کي اڃان اهو تجربو نه هو ته ميونسپل جو ڪم ڪيئن هلندو آهي، ۽ ڪالونين جي زيب زينت ڪيئن وڌائبي آهي، ۽ وڏي ماڻهوءَ مان تهائين وڏو ماڻهو ڪيئن ٿبو آهي_اها رٿ پيش ڪئي ته ”جيئن ته ڳوٺاڻن کي لڏائڻ اصل مقصد نه آهي، پر اصل مقصد اهو آهي ته ڪالونيءَ کي صاف ۽ سهڻو رکجي؛ تنهنڪري منهنجي رٿ آهي ته ”ميونسپل طرفان، انهن سڀني جهوپڙين کي هٽائي، ساڳيءَ ئي ايراضي تي، نوان ننڍڙا ۽ خوبصورت هڪ رنگا ڪوارٽر  ٺهرايا وڃن، ۽ انهن ۾ ڳوٺاڻن کي آباد ڪيو وڃي“

نوجوان ڳالهه پوري ئي مس ڪئي ته سڀني کلي ڏنو_

”ماٺ ڪري ويهه، ماٺ ڪري ويهه....“

”وڏو آيو آهي جهنگلين ۽ جاهلن جو همدرد...“

”بابا، تون اڃان ٻار آهين...!“

”سکي ويندو... سکي ويندو....“

آخر متفق فيصلو اهو ٿيو ته ڳوٺاڻن کي لڏائجي. هونئن نه لڏين ته ڪم پوليس جي حوالي ڪجي_ آخر پوليس جو ڪم، بالا عملدارن جا حڪم مڃڻ ئي ته آهي!

ڇٽي خان جي ڳوٺ وارن کي فيصلي جي خبر پئي، ته وسامي ويا. ”ههڙو ڪلور!“...هنن کي خواب خيال ۾ به ڪونه هو. مڙس پڙ هڻي بيٺا ته ”ائين اباڻا ڪک اسين به ڪونه ڇڏينداسين!“

۽ پوءِ ...  هڪ ڏينهن صبوح جو سويل، جڏهن اڃان حاجيءِ پنهنجي هٽ ۾ ٻهاري نه پاتي هئي، ۽ اڃا ڇڻڪار به نه ڪيو هو؛ جڏهن اڃا عملو ٻانگي کي صبح جي ٻانگ ڏني جهٽ به نه گذريو هو، ته ڳوٺ جي چئوطرف غلغلو ۽ گڙگاٽ پئجي ويو... ننڍو وڏو اکيون مهڙي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو، گهٽين جي موڙ وٽ ٻارن ٻڍن ۽ زالن جي ميڙاڪا ٿي ويا، علو مسجد مان نماز پڙهئي بنا تڪڙو تڪڙو ٻاهرنڪري آيو، حاجي هٽ جو در ٻيڪڙي هليو آيو. جوسو به اکيون مهٽيندو اچي بيٺو....

ڳوٺ جي چو طرف هٿيار_بند پوليس بيٺي هئي، ٿورو پرڀرو ”بلڊوزر“ ٽئڪٽر بيٺي دونهان ڪڍيا_سندس گڙ گڙ جي آواز پکين ۽ پرندن جي به ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي؛ ويچارا ڦرڙاٽ ڪندا آکيرن مان اڏامندا، ڀڄندا پئي ويا.

پوليس، ڳوٺاڻن کي ميونسپل ميٽنگ جو متفق فيصلو پڙهي ٻڌايو_ ۽ پوءِ بالا عملدارن جا حڪم..... ۽ تنهن بعد ”بلوڊوزر“ کي اشارو ٿيو، بلڊوزر جي مشين ۾ چرپر ٿي. سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا، جهوپڙيون ڏڪڻ لڳيون، ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا، عورتن اوڇنگارون ڏنيون. ٻارن سڏڪا ڀريا، بلڊوزر اڳتي وڌيو_اڃا به اڳتي وڌيو.... ۽ پوءِ هڪ ڏڪندڙ جهوپڙيءَ سان ٽڪريو... کر کڙ ڪندي، جهوپڙي اچي پٽ تي پيئي! انسان جو آباد آکيرو مٽيءَ ۽ پٿرن جو ڍير ٿي پيو_ ۽ پوءِ بلڊوزر وري اڳتي وڌيو... بلڊوزر اڳتي وڌندو رهيو، جهوپڙيون ڪرنديون رهيون.،... ۽ آخر بلڊوزر اچي آخرين جاءِ وٽ پهتو.... سندس فولادي پيرن ۾ ڄڻ ڏانوڻ پئجي ويا_اڳيان مسجد هئي! ڪنهن جاهلجي جهوپڙي ڪانه هئي..... ڪنهن جهنگليءَ جو آکيرو ڪو نه هو، جنهن ۾ مائن جي مرڪ ۽ معصومن جا ٽهڪ هجن_ اڳيان هڪ خالي جاءِ هئي... پر بلڊوزر جا پير اڳتي وڌي ڪونه سگهيا....!

۽ ڳچ ڳچ ڏينهن کانپوءِ.... ڇٽي خان جي ڳوٺ جي جاءِ تي، ميرانجهڙين جهوپڙي بجاءِ وڏا وڏا بنگلا، املهه محلات ڪر کنيو بيٺا هئا، حاجيءَ جي هٽ واري هنڌ تي هاڻي سيٺ ”عبدالسلام“ جو بنگلو هو، جنهن جي ڀر ۾ بيٺل مسجد جا منارا چمڪي رهيا هئا_ سيٺ عبدالسلام مسجد کي ٻه_ماڙ ڪري، نيئن سر ٺهرايو هو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment