Tuesday, December 8, 2020

خوابن جو مسافر - ذوالفقار راشدي

خوابن جو مسافر

ذوالفقار راشدي



ننڍپڻ جي يادن مان خوبصورت يادون منهنجا خواب آهن. ٻالجتيءَ کان خوبصورت خواب ڏسندو ٿو اچان. خوابن جو مريض آهيان مان. جڏهين گـُگهه انڌيرين راتين ۾ آسمان تي تارا ٽمڪندا هئا ۽ ماحول جادوئي بڻجي ويندو هو، ناني آکاڻي ٻڌائيندي هئي – ڀول راڻي پريءَ جي آکاڻي.

-                   ”ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه هو. بادشاهه پاڻ الله آهي، پر هو زماني جو بادشاهه هو ان کي هئا ست پٽ. هڪ ڏينهن بادشاهه ستن ئي جون شهزادن کي چيو ته ست ئي ڄڻا تير – ڪمان کڻي تير اڇلايو. جنهن گهر ۾ جنهن جو تير ڪِريو، ان کي اتان شادي ڪرائيندس. گل منير شهزادي جو تير وڃي هڪ ڍير ۾ کـُتو. سڀني شهزادن، گل منير شهزادي تي چٿرون ڪيون. غمگين شهزادي جيئن ڍير مان تير ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، تيئن هڪ ڀولڙي ٻاهر نڪري آئي، ۽ لڳي شهزادي گل منير جي پٺيان. شهزادو ويچارو ڀولڙي وٺي گهر آيو، ۽ گوندر ۾ گذارڻ لڳو. ٿورن ڏينهن پڄاڻاشهزادي کي معلوم ٿيو ته ڀول راڻي پري آهي، جيڪا ڀولائون ويس مٽايو وتي.  هڪ ڏينهن جيئن ڀول راڻي ڀولائون ويس ٻاهر رکي حمام ۾ وهنجڻ ويئي، تيئن شهزادي وجهه وٺي اهو ويس کڻي باهه ۾ اڇلايو. ڀول راڻيءَ کي جو ان تان مٺيان لڳي، ته وئي ڀڙڪو ڏنائين. جيڏانهن جي هئي، تيڏانهن هلي ويئي. شهزادي جو ماني پاڻي وهه ٿي ويو.......“ مون کي شهزادي سان سخت همدردي ٿي ويندي هئي. ناني اڳتي ٻڍائيندي هئي: ”پوءِ شهزادو جهنگ جبل لتاڙيندو، بحر بر جهاڳيندو، برن پٽن ۾ بکون ڪاٽيندو، بر منهن ڏيئي هلندو رهيو. ورهين جي جاکوڙ بعد وڃي ڀول راڻيءَ جي ديس پهتو. ڀول راڻي وري راضي ٿي. شهزادي کي پنهنجي وارن جي سينڱ ڏنائين. شهزادو موٽي پنهنجي ملڪ آيو، ۽ جڏهين به سينڱ کي ساهُه ڏيندو هو ته ڀول راڻي ستر سهيلين سميت هڪدم اچي حاضر ٿيندي هئي.“


مون کي شهزادي تي بيحد رشڪ ايندو هو. ڪيڏو نه خوش قسمت هو اهو شهزادو، جنهن کي پنهنجن ڪشٽن ڪشالن جو ههڙو حسين ڦل مليو! ڪاش، مان به شهزادو گل منير هجان ها، منهنجي به ڪا ڀول راڻي هجي ها، منهنجوبه تير ڪنهن اهڙي ڍير ۾وڃي کـُپي ها، مان به ڪنهن جي لاءِ ڪوه قافن جا سينا لتاڙيان ها، مون کي به ڪا ڀول راڻي پنهنجن وارن جي سينڱ ڏئي ها، منهنجين محفلن ۾ به ستر سهيلين سان ڪا ملڪو تي حسن وري پري رقص ڪري ها!

ساري رات مان خواب ڏسندو هوس. ڏسندو هوس ته ڪوهن تائين ساوڪ ئي ساوڪ ا ُڀري آئي آهي. نهايت سليقي ۽ ترتيب سان، ڪنهن جادوگر ان مخملي ساوڪ جي سيني تي جا بجا لال، گلابي، ڀورن ۽ ميٽوڙي رنگت وارن گلن جا ٻوٽا جـَڙي ڇڏيا آهن. راتيون چانڊوڪيون آهن، ۽ آسمان تان چنڊ جي هر ڪـِرڻي سان نور جا فرشتا ڌرتيءَ تي نازل ٿي رهيا آهن. ڪائنات جو گوشو گوشو سرور سان ٽـُٻ ۽ خمار سان پـُر آهي. منهنجي هٿ ۾ ڪنهن پريءَ جي وارن جي سينڱ آهي. ساهه ڏيڻ سان ستر سهيلين سميت، ستارن جي تخت تي ويهي، ڪا راڻي آئي. رقص ڪرڻ لڳي. ڪائنات جو ذرو ذرو رقص ڪرڻ لڳو. گلن جي رڳ ريشي مان موسيقيءَ جي امرت – ڌارا وهڻ لڳي. منهنجي دل خوشيءَ جي درياهه ۾ اربيلن نينگرن وانگر ترڻ ۽ تڙڳڻ لڳي. پريءَ رقص پورو ڪيو. لالائي مائل نيم وا نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريائين. مرڪڻ لڳي. هوءَ مرڪِي، ته ستر سهيليون به مرڪڻ لڳيون. چوڌاري گلن جون ٽاريون جهومڻ لڳيون. هوائن جا جهوٽا آيا. بهارن ۾ تازگي ڀرجي ويئي، گل به مرڪڻ لڳا. منهن منهن ۾ ڏيئي، مـُکڙيون ڪـَنَ – ڳالهيون ڪرڻ لڳيون.

”تون ڪير آهين، راڻي؟“

”تنهنجي ڀول راڻي، شهزادا!“

”سچ!“ مون خوشيءَ کان چيٽ ڪئي.

- ”ابا، او ابا، ڇا آهي؟“ ناني پڇندي هئي. مان جاڳي پوندو هوس. ”چريا، خوابن کان ڊڄبو آهي! آيت الڪرسي پڙهي سمهي رهه.“

جيئن عمر ۾ اضافو ٿيندو ويو، تيئن خوابن ڏسڻ جو مرض وڌندو ويو.هڪ رات بابا جي ڪچهريءَ ۾ ڪنهن گل ڦل راڻيءَ جو قصو ٻڌايو. گل ڦل راڻي جڏهن کلندي هئي، ته ٽهڪ سان گل ڪرندو هو. رات جو دير تائين مان غور ڪندو رهيس- گل ڦل راڻيءَ جو عاشق شهزادو ڪيترو نه خوش قسمت هو! ان رات مون ڏٺو، مان هڪ طائوسي تخت تي ويٺو آهيان؛ مون کي شهزادن وانگر زربفت ۽ ڪيمخواب زيب تن آهي؛ فرض تي قيمتي قالين وڇايل آهن؛ ديوارن تي ڪيترين حسين پرين جون تصويرون چٽيل آهن؛ ڇت ۾ رنگبرنگي شيشي جا فانوس لٽڪيل آهن، ۽ قوس و قزح جي رنگتن جهڙو رنگبرنگي نور منجهانئن ٽميو پئي. مان ڄڻ ڪنهن الف ليلوي ملڪه جي محل ۾ وڃي نڪتو هوس. منهنجي اڳيان هڪ پري، ڪنول جي گلن جو تاج پهري، هٿ ٻڌي اچي بيٺي.

”پري، تنهنجو نالو ڇا هي؟“

”گل ڦل راڻي، شهزادا!“

”مگر تنهنجي منهن ۾ مرڪ ڪانهي، تنهنجي منهن مان گل نٿا ڇڻن، پوءِ ڪيئن مڃجي ته تون گل ڦل راڻي آهين!“

”مان خزائن جي ستايل آهيان، شهزادا! تون بهار جي هوائن وانگر منهنجيءَ بغل ۾ ڪتڪتائي ڪر، ته هڪدم منهنجي منهن مان گل وسڻ لڳندا.“ مون ساڄي هٿ جي اشهد آڱر سان هن مر مرين بـُت جي بغل ۾ ڪتڪتائي ڪئي. هوءَ بي اختيار ٽهڪ ڏيڻ لڳي. گلن جي بارش ٿيڻ لڳي. چوڌاري گل پکڙجي ويا، ۽ خوشبوئن مون کي محيط ڪري ڇڏيو. مان گلن جي ڍير ۾ ڪلهن تائين پورجي ويس....

- ”سائين  ُاُٿي، او نينگر ا ُٿي، اسڪول جي مهل ٿي ويئي اٿئي ! اکيون مهٽيندو بستر تي اٿي ويٺس. نڪو محلات هو، نه گل ڦل راڻي؛ نه گلن جا ڍير، نه خوشبو جا درياهه! سج جي روشنيءَ اکين کي ورتو پئي. اڃا به منهنجي آڱر ڪنهن مرمرين جسم جي حرارت ۽ گداز محسوس ڪري رهي هئي. خواب جي لذتن ۽ ڪيفيتن کان مدهوش، ڪتاب کڻي اسڪول پهتس. ٽن ڪلاڪن جي دستوري حبس بيجا بعد گهنڊ لڳو. ڪتاب ڪـَڇَ ۾ ڪري، اسڪول جي حاطي کان ٻاهر نڪتس.

”اڙي، هيءَ ڪير آهي؟... گل ڦل راڻي!“

”ٽڪي پن، پيسي اڌ پن!“ هوءَ ڇولا وڪڻي رهي هئي. ٻار چوڌاري جهرمٽ ڪري بيٺا هئا. هن جو لباس راڻين جهڙو ڪين هو، باقي هئي ته هوبهو گل ڦل راڻي!

”تنهنجو نالوڇا آهي، ڇوڪري؟“

”گـُلان. ڇو، تون نالو ڇو ٿو پڇين مون کان، ڇوڪرا؟“ هن کي مٺيان لڳي. مان حيرت ۾ پئجي ويس.

”گلان؟..... نه نه، گل ڦل راڻي!..... نه نه، گلان؟“

”ڇولا وٺندين؟“

”ڏي ڀلا.“

”آني جا ڏيانءِ؟“ هن مرڪي چيو.

مون کي فوراً خبط جاڳيو ته هوءَ زور زور سان ٽهڪ ڏئي. مون تي هڪ لاشعوري ڪيفيت طاري ٿي ويئي. منهنجي آڱر هن جي بغل ۾ ڪتڪتائي ڪرڻ لڳي. هن ڏاڍا ڀرپور ٽهڪ ڏنا – هو بهو گل ڦل راڻيءَ وانگر.  کـِل کان ٻيڻي ٽيڻي ٿي ويئي؛ مگر هن جي وات مان گل نه ڇڻيا! ڇولن جو ٿالهه هٿ مان ڪِري هارجي پيو. هوءَ روئڻ لڳي.

”مون کي اما ماريندي، ڇوڪرا! خدا ڪري تون مري وڃين! اَن ... اَن هان....“

تعجب آهي، گل ڦل راڻيءَ کي چند آنن جي نقصان تان ڪير ماريندو! مگر هوءَ ته واقعي روئي رهي هئي. هن جي وات مان گلن جي بارش ته ڪا نه ٿي، ويتر هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا – شايد خزائن کيس تمام گهڻو ستايو هو. مون اسڪول جي فيءَ مان، جهجڪندي، هن کي هڪ روپيو ڏنو. شايد هوءَ نه وٺي، شايد ان کي بيعزتي سمجهي – ڀلا راڻيون، جن وٽ سون روپي جون کاڻيون، انهن کي هڪ روپئي جي ڪهڙي پرواهه؟ مگر هن ته وڏيءَ خوشيءَ سان روپيو ورتو، ۽ ان کي ائين ڏسڻ لڳي، ڄڻ ڪا الهڙ ناري پنهنجي شباب جو جائزو وٺندي هجي. مون کان پڇيائين، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

”شهزادو.، مون ڪنهن ٻيءَ دنيا مان جواب ڏنو. ”۽ تون گل ڦل راڻي آهين نه؟“

”اڙي چريا، مان ته گلان آهيان گلان!“

”نه نه، تون گل ڦل راڻي آهين؛ مان توکي گل ڦل راڻي ڪوٺيندس!“

”چڱو، شهزادا، مان وڃان؟ امڙ ماريندي.“ ۽ هوءَ ڊوڪڙيون ڀريندي هلي ويئي. مون وري نه ڏٺي. شايد اهو به هڪ خواب هو.

آءٌ بدستور خواب ڏسندو رهيس. خوابن ڏسندي جواني آئي. خوابن ئي خوابن ۾، خواب ڏسڻ جو جنون وڌندو ويو. هڪ رات خواب ڏٺم. سادي سودي لباس واري هڪ ڇوڪري هئي. اکين ۾ اکيون وجهي مرڪي رهي هئي، ۽ ڳائي رهي هئي –

صدقو انهن تان، الا، جيڪي ياد به ڪن.

- جيڪي ياد به ڪن....

گهوري انهن تان،الا، جيڪي ياد به ڪن!

جيڪي ياد به ڪن، وساري ڪين ڇڏين.

- صدقي انهن تان، الا....

مان مسحور ٿي ويس. پڇيومانس، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

”شهزادي!“

”تون به پري آهين؟“

”نه، مٺڙا، مان آدمزادي آهيان.“

”مگر مون ته هميشه پرين جون آکاڻيون ٻڌيون آهن. پرين سان محبت ڪئي آهي. مون پرين جا خواب ڏٺا آهن. ڪنهن خيالي ملڪه زرنگار جا پُور پچايا آهن. مان تو آدمزاديءَ سان ڪيئن محبت ڪندس!“

”پرين سان محبت ڪرڻ چرچو ڪونهي. پريون ڪوه ڪاف جي پريان ستن سمنڊن پار آهن!“

”مگر مان انهن کي ڳولي لهندس؛ سمنڊن جا سينا لتاڙيندس، جبل جهنگ ووڙيندس.“

”مگر اهي خسيس ڳالهين تان رُسي وينديون آهن، پيارا!“

مان انهن کي پرچائيندس، وري وري پرچائيندس، خدا کان هزار زندگيون پني وٺندس، ۽ انهن کي پرچائڻ ۾ گذاري ڇڏيندس.“

”ليڪن پريون ته هرجائي ٿينديون آهن، خبر اٿئي!“

”گلن تي ڀونئر ڀيرا ڪري، ته قصور گلن جو ڪونهي، شهزادي!“

”ليڪن پرين کي ديوَ به کڻي ويندا آهن، تو نه ٻڌو آهي ڇا، سڄڻ؟“

منهنجي دل خوف کان لرزڻ لڳي. واقعي، مون ڪيترا ڀيرا ٻڌو هو ته ڪڏهن جبل جيڏا ديوَ گلفام پرين کي اغوا ڪري زبردستي کڻي ويندا هئا، ۽ ڪڏهن راجا اِندر ڪاوڙجي انهن کي قيد ڪندو هو، يا پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيندو هو؛ مگر عاشق شهزادا سر تريءَ تي رکي پنهنجين اغوا ٿيل محبوبائن کي ڳولي ڪڍندا هئا؛ ڪيترين پرين تي رحم ڪري، راجا اِندر انهن کي سندن محبوبن سان ملڻ جي موڪل ڏيندو هو. مون پـُر اميد لهجي ۾ چيو:

”مگر مان پنهنجي پري ته راجا اندر کان پِني وٺندس!“

”غلط فهمين ۾ نه پئو، سائين! اِندر جي آکاڙي ۾ گهڻي کان گهڻين، پيارين پيارين، حسين جميل پرين جي ضرورت آهي. راجا اِندر حاتم سخي ڪو نه آهي. هونئن به بادشاهه پنهنجن محلاتن جو حسن خيرات نه ڪندا وتندا آهن!“

”مگر تون به شهزادي آهين، بادشاهه پنهنجي محلات جي سونهن ڪيئن منهنجي حوالي ڪندو؟“

”اڙي، بس، ڳالهه به ايتري! مـَنَ، مان تو رڳو نالي جي شهزادي آهيان – يا کيتن جي شهزادي ..... ۽ کيتن جا شهنشاهه وڏيءَ دل وارا ٿيندا آهن!“ هوءَ کلڻ لڳي.

”پر تو وٽ ته ستر سهيليون به ڪين آهن، جيڪي منهنجين محفلن ۾ رقص ڪن، منهنجي روح کي ريجهائين!“

”مون وٽ دردن ۽ دکن دور ڪرڻ جا ستر نسخا آهن. تون منهنجي ويجهو ٿي ويهه ته توکي ٻڌايان.“

”ٻڌاءِ، شهزادي!“

”مگر هڪ شرط آهي.“

”مون کي تنهنجوهر شرط منظور آهي. چئه، ڇا ٿي چوين؟“

”تون خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي، چريا!“

ڇرڪ نڪري ويم. اک کُلي ته پاڻ کي ڪن خوبروئن جي جهرمٽ ۾ ڏٺم. انهن مان هڪ من – موهڻي ڳائي رهي هئي:

راڻا، او دل جا راڻا، موٽي مان وٽ آ: او سهڻا، ساهه سيباڻا،

موٽي مان وٽ آ!

موٽي مان وٽ آ، توکي آڻيندو الله: راڻا، او دل جا راڻا،

موٽي مان وٽ آ!

”نه نه، مان موٽي نه ايندس! هوءَ مون کي خوابن جي طرف سڏي ٿي؛ مان هاڻي خواب نه ڏسندس؛ خواب مون کي اذيت پهچائين ٿا، ملال بخشين ٿا؛ خواب مون کي هردم ويڳاڻو رکن ٿا‘.... مگر، نه معلوم، منهنجو اهو فيصلو به خواب جي حالت ۾ هجي – ڇو ته منهنجي زندگي آهي ئي خواب.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

 


No comments:

Post a Comment