Tuesday, December 8, 2020

امير - ڪمل ڪيولراماڻي،- ’پياسي‘

امير

ڪمل ڪيولراماڻي، ’پياسي‘



خبر ناهي ته سندس مائٽن کيس ’امير‘ جو نالوڇو ڏنو هو. هو مائٽن کي سڪيلڌو پٽ به ته ڪين هو، کيس هڪ ننڍي ڀيڻ به هئي، جنهن کي هو پيار مان ’بلبلي‘ ڪري پڪاريندو هو. بلبلي ۽ امير – ٻه ننڍڙا معصوم، ٻه ابهم، ۽ ٻئي  ڏاڍا ٻاجهارا ٻار هئا. ’بلبلي‘ اڃا ٿڃ – پياڪ هئي، ۽ امير جي عمر ٻارهن سال کن واه جو ٿيندي. سندس مٺڙو ڳالهائڻ ۽ مٺڙو ورتاءُ اهڙو ته هوندو هو، جو هو سڀني کي موهي ڇڏيندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن سندس اَبو اَما ڇڙٻ ڏيندا هئس، پر هو انهيءَ کي پنهنجيءَ مشڪ سان ٽاري ڇڏيندو هو. امير مون کي وڻندو هو، منهنجيءَ ونيءَ کي وڻندو هو، ۽ ائين ئي اسان جي گهر  ۽ پاڙي مان سڀڪنهن کي وڻندو هو. پاڙي جي ٻارن لاءِ امير ڄڻ ته رانديڪو هو. هرڪو پيو پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هوس. ڪي کيس ٽول مٺايون کارائيندا هئا، ته ڪي کيس پنهنجن مائٽن سان گڏ گهمڻ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪندا هئا. ڪي ته وري اهڙا به هوندا هئا، جي سندس حرڪتن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا هئا. امير چلولو به هو، پر سندس چلولائيءَ ۾ به واه جا هٻڪار هوندي هئي. مون سان ته ڏاڍو هري مري ويو هو. آفيس مان موٽندو هوس ته ڊوڙندو ڊوڙندو اچي ڄنگهن کي پڪڙيندو هو. مان به هنج ۾ کڻي گهر وٺي ايندو هوسانس، ۽ پوءِ هو پنهنجين حرڪتن جو ورنن ڪندو.


”چاچا، اڄ مون ڪرموءَ جي ڳچيءَ ۾ ماڪوڙي پڪڙي وڌي! ماڪوڙيءَ چڪ پئي پاتس ته ڪرموءَ ر ُنو پئي ۽ ان سان گڏ ٽپا به پئي ڏنائين. ان کي ائين ڪندو ڏسي ڏاڍو مزو پئي آيم. سندس روئڻ تي اما اچي ڳچيءَ مان ماڪوڙي ڪڍيس، ۽ پوءِ مان ڀڄي ويس!“ يا وري چوندو هو: ”هو جيڪو کيمن لنگڙو صوفن وارو آهي نه، اڄ مان ان جو هڪ صوف کڻي وٺي ڀڳس. کيمن لنگڙو به منهنجي پٺيان پيو. هو ته لنگڙو هو نه، پوءِ مون سان پڄي ڪيئن؟ مان ڪجهه پنڌ ڊڪي جڏهن صوف ٿي ڏيکاريومانس، ته پاڻ وڌيڪ خار ٿي لڳس، ۽ بڙ بڙائيندو وري منهنجي پٺيان ٿي پيو. آخر مان به ٿڪجي پيس، ۽ صوف سندس گاڏيءَ ۾ ڦٽو ڪري گهر موٽي آيس!“ وري ائين چوندي به نه هٻڪندو: ”چاچا، دادا مميءَ سان ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڪاوڙبو آهي. ڪلهه سندس ڪوڪيءَ کي امڙ ٿورو سرس گيهه لڳايو، ته آکڻ لڳس، ’هوند آهر ڪين هلندينءَ؟ اسين ڪهڙا رڄ مڙس آهيون جو هيئن گيهه – ڳرنديون روٽيون کائينداسين! ڪجهه پاسيرو هوندءِ، ته ڪٿي هٿ ٽنگڻو ڪين پوندءِ‘. چاچا، دادا ٿورو گيهه وڌيڪ کاڌو ته ڇا ٿي پيو؟ سڄو ڏينهن ته نوڪري ٿو ڪري، ... امڙ  کڻي مون کي اڻ مـَکيل لولي ڏئي ها!“  ۽ پوءِ ويهندو هو منهنجي منهن ۾ تڪڻ، ته مان کيس ان جو ڪهڙو ٿو جواب ڏيان. مان کيس جواب به ڪهڙو ڏيان. ڇا، کيس ائين چوان ته ’تون، تنهنجو دادا، تنهنجو چاچو، ۽ اسين سڀ نوڪريءَ وارا شخص، وچينءَ منزل ۾ اچي ٿا وڃون؛ جنهنڪري نه مزوري ڪري ٿا سگهون، ۽ نه موٽرن ۾ سير ڪري ٿا سگهون. اسان جي بدن جو هر هڪ عضوو مشين جو پرزو آهي. ڄنگهن ۽ ٻانهن جو ٿڪ ته  لهي وڃي، پر دماغي ٿڪ لهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي؛ ۽ آنديءَ  - نيديءَ وارا انسان ته هر مهيني خرچن جا چِٺا ٺاهي ٺاهي پنهنجي زندگي خرچ ڪري ٿا ڇڏين‘. سمجهيم ته منهنجو اهو چوڻ هن جي ڪچڙي دماغ تي برو اثر ڪندو، تڏهن ڳالهه کي کل ۾ ئي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم.

”امڙ توکي ڪيئن اڻ مکيل لولي ڏيندي، تون سندس ’امير‘ جو آهين! امير  ماڻهو ته وڏا ٿيندا آهن نه!“

”ڇا امير ماڻهو للائو ٿيندا آهن؟“

”نه، للائو نه، پر لاٽ صاحب ٿيندا آهن.“

”لاٽ صاحب ڇا کي چئبو آهي؟“

”جنهن وٽ نوڪر هجن، جيڪو گيهه – ٻـُڏل لوليون کائيندو هجي، جنهن وٽ موٽرون هجن.“

”پر، چاچا، مون کي جو سڀ امير ڪري چوندا آهن!“

”تو اڃا ننڍڙو امير آهين.“

”مان وڏو امير آهيان، چاچا، تمام وڏو!“ ۽ پوءِ ميز تي بيهي قد پڄائيندي چوندم:

”ڏس، چاچا، مان توکان به وڏو آهيان!“

سندس ا ُهي ٻول مون کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا.

”چاچا، ڏسجانءِ“، مـُٺ ڀڪوڙي، پوريءَ همٿ سان چوندو، ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا کائيندس، موٽر به رکندس! ڀلا ٻڌاءِ، چاچا، ته مان وڏو امير ڪينَ ٿيندس؟“ ۽ مان پيار مان پوءِ کيس هڪ مٺِي کڻي ڏيندو هوس.

هو پوءِ هليو ويندو هو ٻارن جي جـُهنڊ ۾. مان کيس ڏسندو ئي رهجي ويندو هوس. ٻار ڪهڙا نه پيارا ٿا ٿين! پنهنجي طوطيلي ٻوليءَ سان هنيانءُ ئي ٺاريو ڇڏين. واقعي ٻار هنئين جا هار آهن. ٻار خدا جي نعمت آهن. ٻارن کي خلقيندڙ به ايشور، ته پاليندڙ به ايشور؛ ۽ جڏهن ايشور سڀني ٻارن سان پهچي نه سگهي، ته ’ماتا‘ جي روپ ۾ هر ڪنهن جي پرگهور لهي!

ڪيترو نه مٺڙو ٻار هو ا ُ هو امير! ملوڪ هو ملوڪ ! ڍولائتو بدن، گول گول چهرو مٺڙو مٺڙو آواز؛ ڳالهائيندو هو ته ڄڻ دل پيئي ٺرندي هئي. سدائين پيو ٽڙندو ۽ ٽهڪندو هو. مون ته ڪڏهين به موڙهيل ڪين ڏٺومانس. ننڍو يا وڏو، ٻار يا ٻڍو – سڀني سان ملي هڪ ٿي ويندو. مان جي کيس ڪهاڻي ٻڌائيندي چوندس ’هڪڙو هو راجا‘، ته يڪدم وچ ۾ دخل ڏيندو: ”نه چاچا، اهو راجا نه هو، پر امير هو – امير راجا هو !“ ائين ڀانئبو هو ته ائين چئي هن ڪا کيپ کٽي آهي.

تنهن ڏينهن ٻارن جي ڪٽڪ مان ڪنهن پاڻ سان نئين ٽِڦِيتي سائيڪل آندي. امير سائيڪل ڏٺي. هن سائيڪل واري سان کڻي پڪي ياري ٻڌي. پوءِ ان تي سواري ڪري، ڄاڻي ٻجهي ٻارن جي جهنڊ مان پوش پوش ڪندو نڪري ويندو هو. هو چوندو هو ته ”سائيڪل منهنجي ريل گاڏي آهي، منهنجي موٽر آهي، منهنجو هوائي جهاز آهي!“ ۽ ائين چوندي هو سائيڪل کي تڪڙو تڪڙو هلائڻ شروع ڪندو هو. سندس دوست موهن صرف پٺيان ئي ويٺو هوندو هو. جيڪڏهن هن جي اڳيان ڪو ٻار اَچڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته امير ان کي رعب سان وٺي ٿيلهو ڏيندو هو، يا جي ڪو سائيڪل کي پٺيان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته امير ان کي به هڪ ٻه گـُٿو اکر چئي ويهندو هو. امير ائين سمجهندو هو ته سائيڪل موهن جي نه پر سندس ئي آهي.

سائيڪل تي چڙهڻ جي اجوري ۾،  امير موهن کي پنهنجيءَ خرچيءَ مان ٽول به وٺي کارائيندو هو. بعضي جي ممي کاڌي کائڻ لاءِ سڏ ڪندي هيس ته هو موهن کي به پنهنجي منهن نينڍ ڏيندو هو. ٻنهي جي ٻاراڻي دوستي آهستي آهستي وڌندي رهي. ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ هڪ بيجان چيز ٻن جاندار هستين کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي.  موهن امير جي سائيڪل هلائڻ مان ارهو ته ڪين هو. هونئن به ٻارن کي ڪهڙي سڌ ته نفاق ڇا ٿيندو آهي. هڪ پيار ڏنو ۽ ٻئي ان جي موٽ ڏني، ته اها ئي هڪٻئي جي ٻَڌي ٿي - ۽ جيستائين اُها ’ٻڌي‘ هلندي هئي، ’ڪٽِيءَ‘ جو نالو به ڪير ڪين وٺندو هو. موهن ۽ سائيڪل کي پائڻ کان پوءِ امير ٻين ٻارن کي ڇيڙڻ ۽ چيڙائڻ به شروع ڪري ڇڏيو. ’پري هٽ‘ چئي، جڏهن سائيڪل کي اڳيان وڌائي ويندو هو، ته کيس هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿيندي هئي، ۽ اها خوشي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڀانءِ ته هن ساري دنيا تي فتح پائي ڇڏي آهي. ائين ئي، هاڻ هو ڪنهن جي اهل ڪرڻ شروع ڪندو هو ته ڪنهن سان مخاطب  به ٿيندو هو؛ ڪنهن کي چهنڊڙي پائيندو هو ته ڪنهن کي ٺونٺ هڻي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مان به جي سڏ ڪري گهمڻ وٺي هلڻ لاءِ چوندو هوسانس ته يڪدم ’پري هٽ‘ چئي، سائيڪل تي چڙهي، اڳيان وڌي ويندو هو. پنهنجيءَ ممي، دادا ۽ بلبليءَ کي به هو سائيڪل جي روپ ۾ ئي ڏسندو هو – ڄڻ ته سائيڪل ئي هن لاءِ سڀڪجهه هئي. هڪ دفعي سائيڪل منهنجي اڳيان لنگهائيندي چئي ڏنائين: ”ڏس، چاچا، مان وڏو امير لڳان ٿو نه!“ سندس ائين چوڻ مان سندس خواهشن ۾ مون کي سندس زندگي ٽڙندي ٽهڪندي ڏسڻ ۾ آئي – ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا کائيندس، ۽ موٽر رکندس!“

هڪ دفعي جڏهن امير اڪيلي سر سائيڪل هلائي رهيو هو ته موهن سامهون اچڻ جي ڪوشش ڪيس. عادت انوسار امير کيس به چئي ڏنو، ”پري هٽ“؛ پر موهن لاپرواهه هو.

”پري هٽ، موهن! منهنجي موٽر سان ٽَڪر نه کائين!“ پر موهن ڪو ڌيان نه ڏنو. امير جيئن ئي سائيڪل جو هٿيو ڦيرائي سائيڪل جو طرف ٿي بدلايو ته سائيڪل اونڌي ٿي پيئي، ۽ امير سائيڪل تان ڪري پيو. امير ڪاوڙجي موهن کي چهنڊڙي پائي ڪڍي. ٻارن جي ’ٻڌيءَ‘، ’ڪٽِيءَ‘ جو روپ اختيار ڪيو....

”هيءَ سائيڪل منهنجي آهي، ۽ مان ئي ان جو مالڪ آهيان!ٰ“ موهن چيو.

”پري هٽ! توکي هيءَ سائيڪل هلائڻ به ته مون ئي سيکاري آهي!“

”نٿو هٽان! تون منهنجي سائيڪل کي هٿ نه لاءِ!“

”لائيندس! اِجهو، لايان ٿو.... ٻڌاءِ، ڇا ڪندين؟“

”هٿ لائيندين ته مان تنهنجي دادا کي دانهن ڏيندس!“

”دانهن ڏيندين ته ماريندو سانءِ!“

”وڏو آيو آهي مار ڏيڻ وارو! پڻهين کي چئو ته سائيڪل وٺي ڏيئي!“

”پڻهين جا پـُٽ!“

۽ پوءِ ٻئي ٻار اچي پاڻ ۾ وڙهيا. ويڙهه ۾ ٻنهي ٻارن کي ڌڪ لڳا. موهن امير جي مائٽن کي دانهن ڏني. شيو ڪرام کي امير جي اڙٻنگاين جي ڪا اها پهرين دانهن ڪا نه هئي. ڪرمونءَ ۽ کيمن لنگڙي به دانهون ڏنيون هيون؛ پر هر وقت، ماءُ جي گود پڪڙي، امير پيءُ جي ڪاوڙ کان بچي ويو هو. ليڪن اڄ ته گهر ۾ گهڙڻ سان ئي امير سائيڪل گهُرڻ جي رٽ لڳائي ڏني.

شيوڪرام پوريءَ پـُنيءَ وارو شخص هو. اڪائونٽنٽ جنرل جي آفيس ۾ مٿئين طبقي وارو ڪلارڪ هو. ڪل ڏيڍ سؤ روپين جي پگهار مان گهر جو ڪارخانو هلي، يا امير جي سائيڪل اچي؟ وچئين ڪلاس وارن لاءِ ٻاهريون ڏيک به ته ضروري آهي. وري گهر ۾ ڇا نٿو گهرجي؟ اڄ ٿڌڙي، هولي يا ڏياري آئي، ڀينرن کي ڏهه – پندرهن روپيا موڪلڻا پوندس؛ سڀاڻي آفيس جي ڪنهن عملدار جي بدلي ٿيندي، اُتي به پارٽيءَ لاءِ ڪجهه ڏِکڻا ڏيڻي پونديس؛ گهر ۾ به ڪجهه نه ڪجهه کـُٽو ئي پيو هجي.... پوءِ ڀلا سائيڪل لاءِ پيسا ڪٿان اچن؟ شيو ڪرام سوچيندو رهيو، ۽ ائين ئي سندس چهري جي رنگ ۾ تبديليون اينديون رهيون. مجبوريءَ هن جي جذبن ۾ هڪ اهڙو انقلاب آندو جو هو امير کي پنهنجو نورچشم نه پر هڪ بدمعاش، لـُچو ۽ بي مـَڃت سمجهڻ لڳو. انهيءَ ئي ڌ ُن ۾ هو پنهنجيءَ ممتا کي به وساري ويٺو، ۽ جيئن ئي امير پيءُ اڳيان اچي چيو ته ”دادا، مون کي سائيڪل کپي“، شيوڪرام سندس ڳل تي هڪ چماٽ وهائي ڪڍي.

امير کي چماٽ لڳي ته هن رنو ڪين. خاموش، پنهنجي ڳٽي کي مهٽيندو ،هو وڃي کٽ تي سمهيو. امير جي مميءَ به هيءَ سڀڪجهه ڏٺو، پر هن ڪجهه ڪڇيو ڪين. ڇا ڪـُڇي؟ هوءَ گهرجي حالتن کان به خود ئي واقف هئي. امير سمهي پيو، ۽ شيوڪرام گهر کان ٻاهر نڪري ويو. امير کي ننڊ اچي ويئي. هن جون اکيون بند هيون، پر تمنا بند ڪا نه هئي. هن کي سائيڪل ئي کپندي هئي، ۽ سائيڪل ۾ ئي هن کي سڀڪجهه ملي ٿي ويو.

رات جو دير سان شيوڪرام گهر موٽيو. امير جي ممي امير کي گود ۾ کنيو ويٺي هئي. مميءَ جو منهن لال هو. اکين ۾ آنسو هئس. شيوڪرام جي دل ڀِني. هو منجهي پيو. هن امير جي بدن کي هٿ لاٿو – مچ بخار جا چڙهي ويا هئس. ڊاڪٽر آيو. ۽ مان به آيس. ڊاڪٽر دوا ڏني، ۽ پَٽِي رکڻ جي هدايت ڪيائين. مون پَٽِي رکڻ شروع ڪئي.

رات جو دير سان امير جو بخار گهٽيو. مميءَ کيس دوا ڏني. امير ا ُٿي ويٺو، ۽ هن دوا جو پيالو هٿ ۾ ورتو. هن دوا جو پيالو وات تائين آندو، پر وري هٽائي ڇڏيائين. مميءَ کيس دوا پيارڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سندس هٿ کي ڇٻي ڏنائين. هن دوا پيئڻ نٿي چاهي. هن پنهنجي حالت سڌارڻ نٿي چاهي. مون به سمجهايو مانس. صرف ايترو چيائين، ”“چاچا، مون کي سائيڪل کپي، دوا نه کپي!“ سندس انهيءَ جملي شيوڪرام ۽ مميءَ جي اکين ۾ آنسو آڻي ڇڏيا... ۽ پوءِ امير دوا جو پيالو وٺي کڻي ڦٽو ڪيو. دوا هارجي پيئي، ۽ پيالو ڀڄي پيو.

پيالي جي انهن ٽُڪرين ۾ مون کي امير جي محڪمتا ڏسڻ ۾ آئي – ’مون کي سائيڪل کپي، دوا نه کپي!‘ امير جي زندگيءَ جي آس، طرف بدلايو. سندس ارادن جي ٻئي پاسي مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو، ڄڻ ته امير چوندو هجي – ’مون کي زندگي نه کپي، مون کي سائيڪل کپي! سائيڪل ئي منهنجي زندگي آهي، سائيڪل ئي منهنجي لاءِ سڀڪجهه آهي؛ سائيڪل هٿ ڪري مان موهن سان ٽڪر کائي سگهندس، مان کيس شهه ڏيندس؛ مان زندهه رهڻ چاهيان ٿو ته صرف سائيڪل لاءِ، هن زندگيءَ لاءِ نه – هن دوا پيئڻ لاءِ نه، ۽ نه وري دادا ۽ مميءَ، چاچا يا بلبليءَ لاءِ!‘

ڪجهه وقت کان پوءِ امير وري اک کولي. ”ممي، پاڻي، ”هن پڪاريو، مميءَ کيس پاڻي ڏنو. امير پاڻي پيتو. ممي امير کي دوا جو ٻيو وزن ڏنو. امير دوا پي ويو. اسان کي آٿت آيو. دوا پي، هن پيالو مون طرف وڌايو. خالي پيالي ۾ مون کي امير جي زندگي هاڻ ٻهڪندي ۽ مشڪندي نظر آئي. ’امير هينئر زنده رهڻ چاهيو – زندگيءَ لاءِ ۽ ان سان گڏ سائيڪل لاءِ. امير زنده رهندو، سندس خواهشون حقيقت جو پوش اوڍينديون، سندس اميدون ا ُماس جي اونداهيءَ کي چيري هينئر چندرما جي سهائيءَ ۾ چمڪنديون، ۽ ان سان گڏ سندس دادا، سندس ممي، بلبلي ۽ مان ....‘ مان ڪجهه وڌيڪ سوچي نه سگهيس.

امير هينئر پورن وقتن تي دوا پيئندو هو، هر ڪنهن جي چئي ۾ هو، ڪِري ڪندو هو – ڄڻ ته ڏنگاين ۽ اڙٻنگاين کان هن بلڪل ئي پاسو ڪري ڇڏيو. ائين ئي هو نوبنو ٿيندو ويو. هو نو بنو ته ٿيو، پر سندس جيوَن ۾ مون کي هاڻ ڪافي تبديلي نظر آئي. هاڻ هو نه ڪنهن کي چيڙائيندو هو، ۽ نه سائيڪل لاءِ ٻين سان وڙهندو هو؛ نه ڪنهن گاڏيءَ واري کي تنگ ڪندو هو، ۽ نه ڪنهن جي ڪنڌ ۾ ماڪوڙيون وجهندو هو. گهر ۾ سانت، ته ٻاهر به سانت. البت پڙهڻ تي وڌيڪ چاهه ڏيندو هو. سمجهيم ته هن پنهنجيءَ منزل جي راهه ڳولهي لڌي آهي. اهو سڀ ويچاريندي، مون کي امير جا اکر ياد اچي ويندا هئا: ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا کائيندس، موٽر رکندس!“

شيو ڪرام تنهن ڏينهن امير کي چماٽ هنئين. سندس انهيءَ چماٽ امير جي آئيندي کي ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪِرڻو بڻي. شيوڪرام خود به هڪ دفعي چئي ويٺو: ”منهنجو امير ضرور هڪ ڏينهن وڏو امير ٿيندو!“ ۽ ائين چوندي، سندس اکين مان آنسو ٽپڪندا، سندس ڳلن کان ٿيندا، سندس خميس ۾ غائب ٿي ويا. مميءَ هيءُ سڀ ڏٺو، ۽ ممتا وچان چئي ويٺي: ”ست وچن!“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment