Tuesday, December 1, 2020

لڙڪن جي لڙي - جڳديش ايس لڇاڻي

لڙڪن جي لڙي

جڳديش ايس لڇاڻي



(۱)

موهن اچي ڪري، گويا شيلوءَ جي ڪٽنب- رُوپي ڏيئي جي جهڪي ٿيندڙ روشنيءَ کي هڪ دفعو وري روشن ڪيو. ڪيترا سبب هئا، جنهن ڪري شيلوءَ اڃان ماءُ بڻجڻ نه پئي چاهيو. . . . . ان ڪري نه ته هن کي شاديءَ ڪئي فقط ٻه سال ٿيا هئا، ۽ نه ان ڪري ته ماءُ بڻجڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه وقت لاءِ هن کي ماستري ڇڏڻي ٿي پئي- پر . . . . . ڪهڙو فائدو هاڻي اِنهيءَ سڀ سوچڻ مان؟ هاڻي اچي ڪري، موهن گويا هن جي جيون جي ڌارا کي ئي اُلٽي ڇڏيو . . . .


جڏهن موهن ڄائو، تڏهن شيلوءَ ٽڪ ٽڪي لڳائي ان ڏانهن نهاريو . . . گويا هوءَ ائين سوچي رهي هئي ته کيس پيار ڏئي يا نفرت! پر نه معلوم سندس هردي جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪل ماءُ جي پيار اچي ڪري ان جي آشنڪا جي پل ٽوڙي ان ۾ اهڙو ته جوش پيدا ڪيو، جو هن هر هر موهن کي چمي ڪري پنهنجي ڇاتيءَ سان پئي لڳايو. هنجي اکين مان لڙڪن جون لڙيون وهڻ لڳيون. پر هن جي انهيءَ ڀاونا گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. اڪثر جڏهن هوءَ اُن جي ۽ پنهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪندي هئي، ته هن کي موهن تي ڏاڍو غصو ايندو هو. پر جڏهن موهن کلندو، ڪڏندو هن جي سامهون ايندو هو، ته هڪ ئي نظر سان سندس سڄي نفرت ۽ غصو ڪافور ٿي ويندو هو.

جيئن جيئن موهن وڏو ٿيڻ لڳو، تيئن تيئن هن شيلوءَ لاءِ ئي نه، پر سڄي پاڙي لاءِ مصيبت کڙي ڪري ڇڏي؛ پاڙي جا ٻار ته کانئس ڊڄندا هئا، پر انهن جا مائٽ به کيس ڪجهه چئي نه سگهندا هئا . . . . .

هڪ دفعي هڪ ٻڍي پنهنجي پلاند ۾ شيشي جا ٽڪر کڻي آئي، ۽ اهي شيلوءَ کي ڏيکاريندي چيائين، ”ڏس ڌيءَ! هي گلاس مون اڃا ڪلهه ئي ته بزار مان گهرايو هو، ۽ تنهنجي لاڏلي هينئر ئي هن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو!“ ٻڍيءَ جي پويان ايندي ئي موهن وراڻيو، ”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه، امان! پاڻ ئي چيائين ته هيءُ ”نه ڀڄڻ وارو ڪانچ“ آهي! پوءِ مون آزمايو، ته ڀڄي پيو! هاڻي تون ئي ٻڌاءِ امان، ته هوءَ ڪـُوڙو ڪانچ وٺي ئي ڇو آئي؟“ شيلوءَ دل ئي دل ۾ مشڪيو، ۽ پاڙي واريءَ کي ٻئي گلاس آڻي ڏيڻ جو آٿت ڏيئي، روانو ڪيو.

ٻڍيءَ کي وئي اڃان منٽ به نه ٿيا هئا، ته آلن ڪپڙن سميت اندر اچي هڪ نوجوان دوشيزه چيو، ”ڏس مائي! تنهنجي سپوت منهنجو دلو ڀڃي وڌو. چئي رهيو هو ته ”جڏهن سڀني جڳهن تي پاڻيءَ جا پائيپ پيا وهن، ته پوءِ هيءَ بيوقوفي ڇا لاءِ؟“ شيلوءَ آيل دوشيزه کان معافي ورتي، ۽ دلي جا پئسا ڏيئي، هن کي جلدي گهر پهچي، ڪپڙن بدلائڻ لاءِ وينتي ڪئي.

هن جي وڃڻ کان پوءِ، شيلو موهن جي اوسيڙي ۾ دروازي ڏانهن نهاري رهي هئي، ته ايتري ۾ هڪ اڌڙوٽ عورت پاڻ سان گڏ چئن پنجن سالن جي ٻار کي وٺي اندر داخل ٿي. ٻار جا سڀ ڪپڙا آلا هئا. اندر اچي هن پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو، ”ڏس ڀيڻ! پنهنجي پٽ جا لڇڻ! هن ويچاري کي تلاءَ ۾ ڌڪو ڏنائين. اها ته ايشور جي ڪرپا هئي، جو هڪ لانگهائوءَ جلدي اچي هن کي بچايو. جي هن کي ڪجهه ٿي پوي ها، ته . . . . . .؟“

شيلو ان جو جواب ڏئي ئي ڏئي، تنهن وچ ۾ موهن اچي ڪري چيو، ”ڀلا تون ئي سوچ امان، جيڪڏهن ڪوئي ترڻ نٿو ڄاڻي ته ملڪ ۾ ٻوڏ اچڻ وقت يا ٻيڙيءَ جي ٻڏي وڃڻ وقت پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪندو! مان چاهيان ٿو ته ملڪ جو هڪ هڪ ٻار ترڻ سکي. هن بيوقوف کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي. ان ڪري مون هن کي سبق سيکارڻ لاءِ پنهنجو هٿ هلايو!“

”هن جي جان هلي وڃي ها ته؟“ شيلوءَ گرجندي سوال ڪيو.

”ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ نه ترڻ ڄاڻڻ وارو هميشه ٻڏندو ئي آهي. ان کي ٻڏڻ ئي کپي!“ اهو چئي، هو لاپرواهيءَ سان ٻاهر نڪري ويو.

شيلوءَ، ڇوڪر کي کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ ڏيئي، ۽ ان آيل اَڌڙوٽ عورت کان معافي وٺي، پنهنجي جند آجي ڪئي.

اهڙيءَ طرح روز شيلوءَ کي اهڙن ڪيترن مسئلن مان پار لنگهڻو پوندو هو. هوءَ سوچي ئي نه سگهندي هئي ته هن کي آخر ڇا ڪرڻ گهرجي! هن جا سوچيل سڀيئي رستا بيڪار ثابت ٿيا. ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ مارڻ جو موهن تي ڪو به اثر نه ٿيو. ڪيترا دفعا شيلوءَ هن کي ماني نه ڏني، ته هو بنا کائڻ جي ئي سمهي پيو، ۽ صبح جو اٿي بنا ڪجهه کاڌي پيتي پنهنجي شرارتن جي ڊيوٽيءَ تي هليو ويندو هو. ان مان شيلوءَ جي پريشان جيون ۾ پريشاني اڃان به وڌي ويندي هئي.

ماءُ ۽ پيءُ وٽان موهن کي ڪنهن جو به پيار حاصل نه ٿيو هو . . . . ملي هيس نفرت سان ڀريل ترسڪار ۽ ترسڪار سان ڀريل نفرت . . . . شايد ان ڪري ئي هو ايترو نٺر ٿي پيو هو . . . .

(۲)

سنان ڪرائي، شيلوءَ  موهن کي پائوڊر لڳايو ۽ چيائين، ”وڃ، جلدي وڃي ڪپڙا پاءِ.“

موهن بنا ڪجهه چوڻ جي اٿيو، ۽ نڪر، هافشرٽ، جوراب ۽ بوٽ کڻي شيلوءَ جي ڀرسان کڻي رکيائين، ۽ هن ڏانهن منتظر نگاهن سان نهارڻ لڳو.

ٿورو وقت نفرت جي نوع ۾ شيلوءَ ان ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ خارن ۾ چيائين، ”اگهاڙو ڇو بيٺو آهين؟ ڪپڙا نه پائيندين؟“

”تون کڻي پاءِ،“ پيار ڀرئي نوع ۾ موهن وراڻيو.

”هيڏو سارو گڏهه ٿي ويو آهين، ۽ اڃا ڪپڙن پائڻ جو عقل به نه سکيو آهين!“ شيلوءَ شوخ ٿيندي چيو.

”تو گڏهه ڇو ڄڻيو، امان؟“ موهن سهج ڀاوَ ۾ سوال ڪيو.

اهو ٻڌي شيلوءَ کان کل نڪري ويئي، ۽ موهن کي ٻانهن کان ڇڪي ڪرسيءَ تي ويهاريندي، چيائين، ”چڱو بابا، توئي کٽيو ۽ مون ئي هارايو. چڱو هاڻي پاءِ ڪپڙا.“

ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳي، پنهنجيون سنهيون ۽ معصوم ٻانهون ماءُ جي گلي ۾ وجهي، موهن ڌيمي آواز ۾ چيو، ”منهنجي مٺي امان، تون ڪيتري نه سٺي آهين! ها، امان، تون اڃان به وڌيڪ سٺي هجين ها!“

شيلوءَ موهن ڏانهن نهاريو، هو شرارت سان مشڪي رهيو هو. جئن ئي شيلوءَ هن کي ساڄي پير جو جوراب پائڻ ٿي چاهيو، ته هن ساڄي پير جي بدران کاٻو پير کڻي اڳيان وڌايس. شيلوءَ خفي ٿي، اهو جوراب کڻي سڄي پير ۾ پاتس، ۽ موهن بناوتي غصو ڏيکاريندي چيو، ”او امان! تون ڪيتري نه جهنگلي آهين. ڇا ڀلا کاٻي پير جو جوراب به ساڄي پير ۾ پائبو آهي؟“

شيلو خفي ٿي اٿڻ لڳي، ته موهن ماءُ جي ساڙهيءَ جو پلاند پڪڙي هن کي ويهاريندي چيو، ”چڱو، معاف ڪر امان، اڄ کان وٺي وري شرارت نه ڪندس- منهنجي سٺي امان!“

شيلو ويهي رهي، ۽ هن کي ڪپڙا پاتائين. موهن پنهنجيون معصوم ٻانهون ماءُ جي گلي ۾ وجهندي، ڀريل آواز ۾ چيو، ”تون مون کي پسند نه ٿي ڪرين نه، امان؟ تون مون کي پيار ڇو نه ٿي ڪرين، امان؟“

شيلوءَ وري خفي ٿي، موهن طرف نهاريو، پر هن جي منهن تي شرارت نه هئي. هن جي اکين مان ڳوڙهن جي ڌارا ويهي رهي هئي . . . . هوءَ ڪجهه چوندي چوندي رڪجي ويئي. ڳوڙهن سان ڀريل اکيون کڻي موهن هن ڏانهن نهاريو، ۽ وري پنهنجون سنهڙيون ۽ معصوم ٻانهون ماءُ جي گلي ۾ وجهي ۽ هن جي ڇاتيءَ سان چنبڙي روئڻ لڳو. ڪجهه وقت لاءِ شيلو پڻ خفي ٿي، پر وري هن کي زور سان ڇاتيءَ سان لڳائي پاڻ به روئڻ لڳي.

ٿوري وقت کان پوءِ، شيلوءَ موهن جا ڳوڙها اُگهيا ۽ پڇيائين ”ڇوڙي، اڄ وري توکي هي پيار ۽ سمجهه ڪٿان اچي ويئي؟ تو ڪيئن سمجهيو ته مان توکي نٿي چاهيان؟ پيار نٿي ڪريان؟“

موهن شيلوءَ جي اکين ۾ اکيون ملائيندي وراڻيو، ”ڪالهه رات جڏهن تنهنجو بابا سان جهڳڙو ٿيو، ته مان اکيون ٻوٽي سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هوس. تو ڪين چيو هو ته ”جي هي ڇوڪر نه ڄمي ها، ته ڪڏهوڪو مان هتان هلي وڃان ها. اَلائجي ڪيئن هيءُ بدنصيب اچي منهنجي پڙ پيو آهي!“ جي منهنجي هلي وڃڻ ۾ تنهنجي مصيبت دور ٿئي، ته امان، مان هينئر هليو ويندس، پري، تمام پري . . . . . ايترو پري، جو تنهنجي سڏ ڪرڻ تي به ڪڏهن نه موٽندس!“

هن دفعي شيلوءَ جو سڄو شرير چور چور ٿيڻ لڳو. گويا ائين معلوم ٿي رهيو هو ته سندس رت جسم اندر ئي ڄمي برف ٿي ويندو.

موهن وري ٻيو تير ڇوڙيو: ”سچ ٻڌاءِ امان، آخر هوءَ ڪهڙي عورت آهي جنهن بابوءَ کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسايو آهي، ۽ توکان کسي ورتو اٿس؟“

اهو ٻڌي، شيلوءَ جو وات ڦاٽي ويو. پر هوءَ هن کي ڇا ٻڌائي. چيائين، ”چڱو وڃي راند ڪر. جڏهن کاڌو تيار ٿي ويندو، ته ڪوٺيندي سانءِ. وري جهيڙو جهٽو نه ڪج!“

”چڱو“ چڱئي، موهن ٿڌو ساهه ڀري، ٻاهر نڪري ويو.

در وٽ وڃي، موهن بيهي رهيو. ڇو ته هن اندر ڪنهن جي وڙهڻ جو آواز ٻڌو. هن کي سمجهڻ ۾ دير نه لڳي ته اندر ڪير وڙهي رهيا آهن. پڻس غصي ۾ چئي رهيو هو: ”هن کي چڱيءَ طرح سمجهائي ڇڏي. جيڪڏهن هو هر روز اهڙيون شرارتون ڪندو رهندو، ته مان کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيندس.“

ماڻس غصي ۾ وراڻيو: ”پر هن جي برن لڇڻن لاءِ جوابدار ڪير آهي؟ مان هن کي ماري ماري ٿڪجي پيئي آهيان. آخر هن جي جان ته نٿي وٺي سگهان.“

”چڱو، هاڻي مان ڏسندس ته هو ڪيئن اهي شرارتون بند نه ٿو ڪري!“ اهو چئي، موهن جو پيءُ ٻاهر نڪري ويو.

موهن چپ چاپ در جي پوئتان لڪي بيهي رهيو. جڏهن سندس پيءُ هليو ويو، ته هن ڌيري ڌيري ڪمري ۾ پرويش ڪيو. هن ڏٺو ته سندس ماءُ جي اکين مان لڙڪن جون لڙيون وهي رهيون هيون. هن ماءُ جي اڳيان ويندي چيو، ”مون کي معاف ڪر امان! مان اڳتي ائين ڪڏهن نه ڪندس.“ پر شيلوءَ ان جو ڪو به جواب نه ڏنو. ۽ هوءَ ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي.

موهن ٻيو بهانو ڳوليو. هن ماءُ جي ڀرسان وڃي ڪري چيو، ”امان، مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. ڪجهه کائڻ لاءِ ته ڏي!“ پر هن دفعي به شيلوءَ ڪو به جواب نه ڏنو. رڳو هڪ دفعو نفرت سان هن ڏانهن نهاري ٻاهر نڪري ويئي. موهن ٿورو وقت بيهي رهيو. . . . . . ڪجهه سوچڻ لڳو، ۽ پوءِ نه معلوم ڇا سوچي، ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

(۳)

ان رات شيلوءَ به روٽي نه کاڌي. هن کي ننڊ به نه آئي. موهن جو پيءُ ته ڪيتري وقت کان گهر ۾ سمهڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. ان ڪري هوءَ سڄي رات بستري تي پاسا بدلائيندي رهي. سوچيندي رهي پنهنجي باري ۾ . . . . . موهن جي باري ۾ . . .

. . . . . . . . ۽ رات گذرندي رهي.

. . . . . . . . هوءَ لڙڪ وهائيندي رهي.

. . . . . . . . هن جي اکين مان آنسون نڪرندا رهيا.

اهڙيءَ طرح سوچيندي سوچيندي رات به گذري وئي. جڏهن هن پنهنجي سامهون مڙس کي ڏٺو، ته هن جو ڇرڪ نڪري ويو. گويا ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ڪو خوفناڪ سپنو ڏٺو هجيس. جڏهن سندس پتيءَ هن جي منهن ۾ ڪو به تفاوت نه ڏٺو، ته هن خفي ٿي چيو، ”ايتري روشني ٿي ويئي آهي ۽ اڃان تون بجلي ٻاري پلنگ تي ويٺي آهين.“

”هان!“ هن ڇرڪ ڀري پنهنجي چوطرف نهاريو.

هوءَ ڪجهه جواب ڏئي ئي ڏئي، تنهن کان اڳ سندس مڙس پوئتي نهاري، ڪنهن اجنبي شخص کي اشارو ڪيو.

اشارو ڏسي، هڪ اجنبي شخص ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڪنهن شيءِ کي ٻنهي ٻانهن ۾ کڻي اندر داخل ٿيو، ۽ ان کي شيلوءَ جي ڀرسان رکي ڇڏيائين.

شيلوءَ عجب ۾ پئجي چيو، ”هي ڇا آهي؟“

هن جي مڙس پنهنجو ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. هن جي اکين ۾ آنسون نه هئا ته به سندس منهن تي غمگينيءَ جا آثار چٽا نظر اچي رهيا هئا.

شيلوءَ وري ڪاوڙجي پڇيو، ”هي ڇا آهي؟ ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“

هن دفعي مڙس مون- ورت ٽوڙيو ۽ ڏڪندي چيائين، ”موهن جو لاش! اڄ صبح هن کي پوليس تلاءَ مان لڙهندو ڪڍيو.“

شيلوءَ جي منهن مان هڪ زوردار رڙ نڪري ويئي- ”هاءِ! منهنجا ٻچڙا تو هي ڇا ڪري ڇڏيو!“ چوندي هوءَ اُن جي مٿان ڪري پيئي . . . . . . . . . . . .

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment