Monday, December 7, 2020

مانيءَ ڳڀو - جمال رند

مانيءَ ڳڀو

[فئنٽسي]

جمال رند



گهران نڪري، اچي اوطاق تي ويٺس. نم هيٺان ڪرسي وجهي، پنهنجو نئون سوچيل افسانو ويهي لکڻ لڳس. لکڻ ۾ ئي هوس، ته ڀرسان ڪنهن شي جي ڪِرڻ جو آواز ڪَنين پيم. مٿي نهاريم،... ڏار تي ويٺل هڪڙي ڪانوَ پئي ڪان- ڪان ڪئي. نهاري، وري لکڻ ۾ مشغول ٿي ويس.

”اڙي، بُک لڳيوَ ته ماني- ماني ڪريو، هونئن ته کنگهو ئي ڪونه ٿا!“


اوچتو ئي اهو سنهڙو سُريلو آواز ٻڌي، وائڙو ٿي ويس. آسي پاسي نظر ڪيم- بنهه پيرن وٽ، ڪو تازي اُڦراٽي جو ٽُڪر پيو هو! سڄو ئي گيهه ۾ چِلُ هو. جڏهن ڏسي ورتومانس، ته ڇاپاڪي واري ڇَپَ هڻي، پهرين ته صفا چُپ ٿي ويو؛ ۽ پوءِ، ڪنهن ڌَڪيل شي وانگر، ليٿيڙڻ لڳو. ڪانوَ اڃا به پئي ڪان- ڪان ڪئي. آءٌ عجب ۾ ئي هوس، ته هو وري ڳالهائڻ لڳو:

”عجب نه کاءُ ... مون توکي سڏيو!“

سوچيم، ڳالهائي ته برابر اهو ئي پيو! چيومانس، ”چئه ڀلا، ڇو سڏ ڪيئه؟“

”مٿي نه جيڪو ڪانءُ ويٺو آهي، ... پهرين ته انهيءَ کي اُڏاءِ. آءٌ انهيءَ جي چُهنب مان ڪِريو آهيان- ڏاڍو ڌڪ آيو اٿم!“

مون ڪانگ کي هڪل ڪئي.

مانيءَ ڳڀي چيو: ”ڌڪ به لڳو اٿم، پر هاڻي ڪِرڻ جو سو ڏاڍو ڏک پيو ٿئيم؛ ڀانيان ته ڪانگ جي چهنب ۾ ئي...“.

”سو وري ڪيئن؟“ مون وچ ۾ پڇيومانس: ”اڳهرو جو چيئه ته انهيءَ ڪانوَ کي اُڏاءِ!... پاڻ ڪانوَ جهڙي گدخور کان بچيو آهين، ڏک ڇو ٿيڻ کپي؟“

هن هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو؛ ۽ پوءِ نماڻي نوع ۾ چوڻ لڳو: ”اها ڊگهي ڳالهه آهي، ... توکي ايترو وقت ئي ڪونه هوندو.“

”تون ٻڌاءِ ته سهي، وقت کي پهچي رهنداسين.“

”پر تون ته ڪجهه لکي رهيو هئين.“

”ڏس، لَنوائي نه!- آءٌ هڪ افسانو لکي رهيو هوس- تون پنهنجي ڳالهه ڪر، آءٌ قلم رکي ٿو ڇڏيان.“ ائين چئي، اُٿي، مون کيس پٽ تان کڻي، پنهنجي سامهون ٽيبل تي آڻي رکيو.

”نيٺ نه مُڙئين! چڱو، ڪن ڏيئي ٻڌ. هي به هڪ افسانو آهي- نئين کان نئون، ۽ پراڻي کان پراڻو. دراصل اهو افسانو منهنجي ڏکن ڀري زندگيءَ جي حقيقت آهي؛ ۽ ٻين تو جهڙن انسانن جي زندگيءَ جا تجربا. مون کان سواءِ، انسان جي زندگي به ڪهڙي ڪارج جي؟ انسان ته آهي ئي مون جهڙن ٽُڪرن تي پليل جانور! ... مون انسان کي جانور ڪوٺيو. توکي ڪاوڙ ته ڪانه لڳِي؟ .. ڪاوڙ لڳيئي، ته کڻي چُپ ڪريان! چيو به تو پاڻ، نه ته آءٌ ٿورو ئي ڳالهه ٻڌائڻ پيو گهران!...“

دل ۾ چيم- ’ٻيلي، ڪري ته ڪُپت ٿو‘؛ پر هن جو سنهڙو آواز ڏاڍو پئي وڻيم، سندس اندر ۾ به ڪي پوسراڻيون ٿي معلوم ٿيون، سو خوشامد ڪري چيومانس: ”ڪاوڙ ڇو لڳندي ... تون ڪوڙ ٿوروئي ٿو هڻين! جيڪا ڳالهه آهي، سا ڪري وڃ.“

انهيءَ تي ٿورو مُرڪي ڏنائين. چوڻ لڳو: ”اهو ته تون ڏسي رهيو آهين ته آءٌ ڪڻڪ جي مانيءَ جو هڪ ٽُڪر آهيان. مون کي ڪنهن پالي نپائي هن شڪل ۾ آندو، انهيءَ وچ ۾ مون تي ڇا ڇا ٿي گذريو، ۽ پوءِ آءٌ انهيءَ ڪانوَ جي وَر ڪيئن چڙهيس- اهو سڄو معاملو آءٌ توکي ٻڌائيندس ... پر ٻڌجانءِ ڌيان سان! اهي ئي منهنجا تجربا آهن، ۽ اها ئي منهنجي زندگي...“

”ٺيڪ“ مون وڌيڪ اشتياق ڏيکاريندي چيو.

”مون کي ياد آهي-“ هن ڳالهه شروع ڪئي: ”اڄ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سال اڳ، آءٌ داڻن جي شڪل ۾ هوس. گُنديءَ ۾ بند. سالُو ڪُڙميءَ جي ٿلهي تي پيو هوس. ڪافي وڏي برادري هئي اسان جي. گُنديءَ ۾ اسين هڪٻئي جي مٿان سٿيا پيا هئاسين. سالوءَ جي زال گُنديءَ جو ليڙو توڙي چاپڙ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان بند ڪيو هو- ڇو ته اسان سڀني کي ٻج لاءِ رکيو ويو هو. سُرو به کائي وڃي ها، جي سالوءَ جي زال ٻه چار دفعا اسان کي گُنديءَ مان ڪڍي ٿلهي تي اُس ۾ نه پکيڙي ها. ٻيو جو کڻي اسان سان نم جا پن گڏيائين، سو اسان جو ئي دم پيو گهُٽجي! ڪَوڙاڻ کان سُرو به ڪوهان ڏُور- اسان مان هڪ به داڻو سُري جو شڪار نه ٿيو. اسين سڀ پنهنجي برادريءَ ۾ خوش هئاسون.

”هڪ ڏينهن، ٻاهران وڏا وڏا آواز اچڻ لڳا- اهي گوڙ جا ڌڌڪا هئا، ٿوريءَ ويرم کان پوءِ اچي وڏ- ڦُڙي مينهن جو سٽڪو ٿيو- اهڙو، جو سالوءَ جي زال چاپڙ مٿان تڏي ٽڪر به ڏنو، پر ڳڙن جي سَٽ سَٽان هڻي گُنديءَ کي ڀڃي وڌو. اسين به ريلو ڪري وڃي ٿلهي تي پکڙجي پياسين- جيئن رڍن جا ڦَر شام جي وقت گوندي مان نڪرندا آهن. سالوءَ جو سڄو ڪٽنب اچي اسان مٿا ڪڙڪيو. پوتين ۽ جهولين ۾ کڻي، مينهن کان بچائي، وڃي اندر رکيائون. جڏهن مينهن بند ٿيو، تِڙڪو نڪتو، ۽ اڱڻ ڦُڪرو ٿيو، ته اسان سڀني کي کڻي، سُڪڻ لاءِ، وري اچي ٻاهر اڱڻ تي پٿاريائون. اسين ڏاڍا پيا خوش ٿيون- ڄڻ ته ڪا وڏي آزادي ملي هجيئون! هفتي- اڌ ۾ سالوءَ جي زال نئين گُندي ٺاهي ورتي، ۽ اسان کي وري به کڻي انهيءَ ۾ بند ڪيائون. مينهن واري ڏينهن ... اسان کي ته ڪا تڪليف ڪانه آئي. پر ڏٺوسين پئي ته سالوءَ جي گهر ۾ ٿرٿلو پئجي ويو هو- ڄڻ ته سڄي گهر جو ساهه ئي اسان ۾ هو!

”انهيءَ نئينءَ گنديءَ واري گهر ۾ اسان تي الائي ڪيترا صبح ۽ ڪيتريون راتيون گذري ويئون- اندر ته اوندهه ئي اوندهه هئي، پر هڪڙي شام مون کان ڪڏهن به نه وسرندي. اها شام، مون کي ياد آهي، آهستي آهستي اونداهيءَ ۾ بدلجي رهي هئي. پکي پکڻ، پنهنجي گذر- گشت کان آجا ٿي، وڃي آهيري ڀيڙا ٿيا هئا. اسين سڀ، گُنديءَ مان نڪري، ٿلهي تي راهه جي شڪل ۾ پيا هئاسين. وڻن جي جهڳٽن ۾ ويٺل پکين چُون- چُون چان- چان جا سُريلا آواز پئي ڪيا- ڄڻ ته اهي اسان کي ڏسي پئي خوش ٿيا. ها، بلڪل انهيءَ وقت ... سالوءَ جي ننڍڙي نينگر، بانبوڙا ڏيندي، پنهنجي ڀڳل ٽٽل ٻوليءَ ۾ ’ماني- ماني‘ پئي ڪئي. ماني هجي ته مليس! ... رات کان وٺي تَوَڻ ئي ڪانه هئي- اَنُّ هجي ته ٿئي!... ننڍڙي ٻار ويٺي رنو. ايتري ۾ سالو آيو. هٿ ۾ ڪو تعويذ هوس، سو زال کي ڏيندي چيائين: ’هن کي ڌُوپ- واس ڏيئي، پوءِ هن ڪوريءَ کُنجيءَ ۾ ٽانڊي تي رکي، ٻيجي کي ان جو دونهون ڏئي. مائيءَ اسان کي تعويذ جو واس ڏنو. پوءِ گهڙي کن رکي، سالو پاڻ اچي اسان جي مٿان تعويذ وارو پاڻي ڇنڊڻ لڳو. ٻئي ڏينهن اسان کي ٻنيءَ ۾ ڇَٽڻو هوس. معصوم اڃا تائين پئي ماني- ماني ڪئي. مٿان رات اچي ٿي هئي. سالو به ائين چئي ويندو رهيو ته ’ٻج کي بي سُڀو نه ڪبو... سڀاڻي ڪٿان اَنُّ لپ وٺي ايندس، هينئر ڪَنن کي ٺُپري سمهاري ڇڏيو.‘ مون کي ايترو افسوس ٿيو... سچ پچ، ان وقت جيڪڏهن آءٌ هن صورت ۾ هجان ها، ته ٽپ ڏيئي وڃي معصوم جي هٿن ۾ پوان ها!

”ٻئي ڏينهن، پرهه ساڻ، اسان کي ڳوڻين ۾ بند ڪري، گاڏيءَ ۾ رکي، اچي ٻنيءَ تي لاٿائون. سالوءَ کي ڪا خوشي هئي! ... رڳو پئي ٽِڙيو ۽ مُشڪيو- ڄڻ ته ڪو گَنج هٿ آيو هجيس! بسم الله ڪري، جهول ڀري، اسان کي ٻارن ۾ ڇٽڻ لڳو. جوڙن جي ڪئي هئائين ونگار، سو سج بيٺي ئي ٻني کِڙي ويئي. وري ان جي ٻئي ڏينهن، پاڻ ۽ پٽس سوڍي، گڏجي، ٻنا به ڪڍي ڇڏيا. ٻه ٽي ڏينهن پکين به اسان کي ڏاڍو ستايو؛ سالوءَ جي هَڪل هاهُڙ پئي اسان کي بچايو، نه ته جيڪر انگورن ۾ ئي پَٽجي وڃون ها.

”آهستي آهستي، ڏينهن گذرڻ سان، اسان جي سِينن مان ڦِڪي رنگ جا سَلا اڀرندا، ۽ ٻاهرينءَ دنيا جي هوا کائڻ سان، رنگ ڦيرائيندا رهيا. هفتي اڌ ۾، سڀ ڦِڪا ڦِڪا سَلا ساوا چهچ ٿي پيا. اسان جي برادريءَ سان هرهڪ سَلي، پنهنجي مالڪ جي بُک ٽارڻ لاءِ ۽ سندس تتيءَ ٿڌيءَ جي محنت جي اُجوري لاءِ، پنهنجي وسؤن ڪين گهٽايو- وقت جي رفتار ۽ پاڻيءَ جي پيچ سان، اسين وياسين قد ۾ گهيل ڪندا- اسان مان هرڪو ٻُوڙو مڙس جي چڱي موچاري ڀاڪر جي برابر هو. هن اسان جي تات سنڀال ائين ٿي ڪئي. جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پهر وٺي پٽ کي پالي. اسين ته ڄڻ هن جو روح هئاسين- بلڪ هن جي سڄي ڪٽنب جو جياپو ئي اسان تي هو!...“

مانيءَ جي ڳڀي کان ٿڌو ساهه ڀرجي ويو، ۽ هو ماٺ ٿي ويو.

”تون چُپ ڇو ٿي وئين... ٻڌاءِ، پوءِ ڇا ٿيو؟“

”اڳتي نه پڇ ته مون ڇا ڏٺو!...“ گهگهي آواز سان هو چوڻ لڳو: ”پيسجي اٽو ٿيس، ۽ اڄ ماني به ٿي ويس، پر اُهو سُور اڃا نٿو وسريم!“

”آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، مون کي به ته ٻڌاءِ!“

”ڇا ٻڌايانءِ...!“ گهڙي کن ترسي، پوءِ چوڻ لڳو: ”سالوءَ جو پاڻيءَ جو وارو هو. پاڻيءَ تي پُڇڙيءَ وارن جو ڪو اڳي ئي جهيڙو هو. سالوءَ جي مُجيري چيو ته: ’اڄ اسين ٻارهين بجي بدران ڏهين بجي پاڻي ورائينداسين، ڇوته آبدار پاڻيءَ جو وارو ائين ٻڌي ڏنو آهي.‘ اڙي ها، ... اتي هڪڙو ٿلهو متارو نئون ماڻهو به، اچي پڌاريو هو- وڏيون مُڇون، وڏو پٽڪو، گهوڙي تي چڙهي آيو هو- وڏيرو- وڏيرو ٿي چيائونس. انهيءَ وڏيري، سالوءَ ۽ پٽس سوڍي کي ورتو، ۽ ٻيا به اَٺ- نو همراهه ساڻ ڪري، وڃي پاڻي لوڙاهيو پُڇڙي ۾ پاڻي لٿو ته جوان پنج ست اچي سهڙيا. اڃا ڳنڍو هيٺ تي لوڙهيائون مس،. ته سوڍي هڪل ڪين- ”متان پاڻي لوڙهيو اٿوَ.. حساب ڪتاب ڪري، پوءِ پاڻي هيٺ نيو!‘ هُتان به هڪل سان هڪل ٿي.. ۽ جهليندي ئي سوڍي کي جو ٻه- هٿڙيءَ ڪري ولوءَ ڪهاڙي هنئي، ته سِري وڃي پرتي ڪِريس! پوءِ ته هئي ڪهاڙين جي راند .. نيٺ ٻيا سڀ ڀڄي ويا، ۽ سالُو به ڌڪجي اتي ئي پئجي رهيو. پُڇڙيءَ وارا پاڻي لوڙهي ويندا رهيا. پاڻي ته پاڻيءَ جي ماڳ، سالوءَ پنهنجو ڪونڌر پٽ ڪُهائي وڌو! جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن سالوءَ جيڪي رڙيون ڪيون، سي اڄ به مون کان نٿيون وسرن. ٿوريءَ دير کانپوءِ سندس لَڏو به اچي اتي سهڙيو... جهنگ ۾ ڪهرام مچي ويو. آخر سالوءَ کي سمجهائي، لاش کڻائي، سڀئي گهر روانا ٿي ويا. سوڍي جي ماءُ جو پار ڪڍي روئڻ، ۽ سالوءَ جي دردناڪ اوڇنگارن، اسان جي دل ۾ ڏاڍا وڍ وڌا... ائين پيا چاهيون ته جيڪر انهيءَ وڏيري جي مُنڍي موت کي ڏيئي. سوڍي جي ساهه کي ورائي اچي سالوءَ جي حوالي ڪريون- پر، اسين ڪڻڪ جا ٻُوڙا، ائين ڪٿي ٿي ڪري سگهياسين؟ ڪاش، اسين ڄمون ئي نه ها...!“

مانيءَ جو ڳڀو، ايترو چئي، خاموش ٿي ويو. سندس درد انگيز داستان ٻڌندي، منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو. اسين ٻئي ڪجهه وقت خاموش هئاسين. پوءِ وري هن پاڻيهي چوڻ شروع ڪيو:

”پورن اٺن ڏينهن کان پوءِ... ساڳيو سالُو، هٿ ۾ لٺ کنيو، ٽلڪندو ٽلڪندو اچي اسان وٽ نڪتو. اهو اڳوڻو دم خم موڪلائي ويو هوس؛ منهن ۾ ايترا ته گهُنج پئجي ويا هئس ڄڻ ته مٿس ڪڏهن خوشيءَ جو پاڇولو ڪونه پيو هو. اَڏُن ۽ نانڪن جي ٻَنن تي سوڍي جا پيرا ڏسي، ور ور ڪري پئي رُنائين. جڏهن اوچتو ڪو هوا جو جهُوٽو ٿي آيو، ته اسان اوچو ڳاٽ ڪري لهرائيو نٿي؛ رڳو انهيءَ ڪري، ته متان اسان کي لُڏندو لُمندو اوچي نه ڏسي، پٽس جا اهي لفظ ياد پونس، جيڪي هو اسان جي وچ ۾ بيهي سالوءَ کي چوندو هو- ’بابا، ڏس ته سهي ... مون کي ڪڻڪ اُرهه ٿي تي اچي!‘ چئن ايڪڙن ۾ پکڙيل فصل مان سالُو نيٺ روئندو گهر ڏانهن ويو.

”پٽ جي هڻ- هڻان ۾ شايد ٻيون سڀ ڳالهيون وسريو وڃن ... جڏهن اسين اَڀُون ٿياسين، ته هو اسان کي ڏِسي خوش ٿيندو هو. نيٺ لابارو لاهي، ڪُٽي سٽي، ٿورن ڪڏن کان سواءِ، اسان کي راهه ٺاهي کڻي ڇڏيائين. بٽئيءَ جو ڏينهن آيو، ۽ سالو به ساجهر پنج- ڏهه ڳوڻيون کڻي اچي کَري ڀيڙو ٿيو. ايتري ۾، انهيءَ ڏينهن نه جيڪو نئون ماڻهو آيو هو، سو وري به گهوڙي تي چڙهي آيو. ڏاڍي پئي ڄمت رکيائين- ڄڻ ته فصل ئي پاڻ هٿن سان پوکيو هئائين! اوريون پريون بَنديون کڻي، ڌڻي بنجي، اچي کٽ مٿي چڙهي ويٺو. الائي ڪهڙا ڪهڙا بِلا چاڙهي، سڄِي ٻار جي ٻار کڻي پنهنجن ڳوڻين ۾ ڀرتي ڪرايائين. سالوءَ ويچاري ڏاڍيون ليلاٽيون ڪيون، ڄڻ ته پِني پيو. نالا، پلاندَ، ... چويس پيو: ’رئيس، خدا جي واسطي ائين نه ڪريو!!... ڪَتيءَ جو حساب ڪَتيءَ تي رکو... اوهان جو انجام، اهو ... منهنجن ٻچن تي ڪهل ڪريو!... اوهين به اولادي آهيو...‘ پر هن جي دل ۾ رحم جي رتي به ڪانه هئي. آخر ۾ رهيل ڪَڏا سالوءَ کي نصيب ٿيا... باقي ٿيو پلو. شام جو جڏهن هن ڪَڏن جي ڳوڻ ڀري، آخري حسرت ڀري نظر اسان تي وڌي، تڏهن اسان کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هو نظر ئي نظر ۾ ائين چوندو هجي ته ’اي ڪڻڪ جا داڻؤ! اوهان کي ياد هوندو ته مون ان ڏينهن پنهنجي ننڍڙي معصوم کي بُکيو سمهاري ڇڏيو... مون سوڍي جهڙو جوان پٽ اوهان جي مٿان صدقو ڪري ڇڏيو... سياري توڙي اونهاري، پيرين پُٺيءَ اگهاڙي، راتين جو لُنڊيون لتاڙي، مون اوهان جي حفاظت ڪئي ... پوءِ به اهي ڪَڏا ... ۽ بس...!‘ بس، ان وقت جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ دل ۾ پيا چئون ته جيڪر اسان کي باهه لڳي وڃي، ۽ سڙي رک ٿي وڃون. پر ائين ڪونه ٿيو. اڃا سالوءَ ڪَڏن جي ڳوڻ پئي کنئي، ته ساڳيو ننڍڙو نينگر اچي چنبڙيس چوڻ لڳس: ’ابا، ابا، ان ڏي، ڀڳڙا وڃي وٺان، بک لڳي آهي-‘. سالو روئڻهارڪو ٿي ويو. ڪَڏن جي ڳوڻ ڏانهن اشارو ڪري، هيترو چئي، پٽ کي ساڻ وٺي، ويندو رهيو- ’پٽ، هي پِير جو ٽويو آهي ... وڏيرو ڳالهائيندو! هل ته گهر ٿا هلي شي وٺون-‘.

”اسان کي کڻي اچي ڀانڊي ڀيڙو ڪيائون. آخر انهيءَ ڳوڻ جو وارو به آيو، جنهن جي اٽي مان آءٌ بنيس. ان ڏينهن رئيس کي ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻو هو، سو مانيءَ لاءِ پئي تڪڙ ڪيائين. ان لاءِ، گهڻو گيهه وجهي، اُڦراٽو پچايائون. دٻڪيءَ ۾ وجهي، مکڻ جو چاڻو مٿانئس رکي، جيئن ئي ننڍي نينگر رنڌڻي مان ٻاهر ٿي نڪتي، مون قدرت کي آخري حجت جو سوال ڪيو- ’تو وٽ به انڌير آهي ... ڪمائي هڪڙي جي، کائين ٻيا! انهيءَ کان ڪاري ڪُتي جي پيٽ ۾ وجهينم، باقي هن حرامخور جو لقمو نه بڻاءِ...!‘ جيئن ٿي نينگر اڳتي وڌي، منهنجي دل تهان ئي وڌيڪ ٿي سڙي ۽ کامِي ... وڏيري هٿ به وڌايو... بس، اها ئي گهڙي هئي ... اوچتو ئي اوچتو، هڪڙي ڪانوَ مٿان اچي پَر کنڊيڙيا- هڻندي ئي جهپو، کڻي وٺي اُڏريم! وچ تي ٻيا ڪانوَ به اچي ڀائيوار ٿيس، ۽ مون کي ڇِني ڳڀي جي صورت کڻي ڏنائون. ڪجهه ٽُڪر هيٺ ڪِريا، سي ڪُتن کي نصيب ٿيا. وڏيرو صاحب، منهن بلڪڙو ڪري، ڳچ تائين ڪانگن ڏانهن نهاريندو رهيو. پنهنجو تر لقمو ائين کَسبو ڏسي، سڙيو پوسريو ته گهڻو ئي هوندو، پر هاڻي ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ ... اهو ساڳيو ڪانءَ- جنهن کي تو اڏائي ڇڏيو- هن تنهنجي وڻ تي اچي ويٺو هو، ۽ مون کي پٽن جِي ٿي ڪيائين، ته آءٌ سندس چهنب مان ڇڏائجي اچي تنهنجن پيرن ۾ پيس. ڏاڍو ڌڪ آيو اٿم. لڱ لڱ پيو سور ڪريم!... ڏاڍي خوشي ٿينديم، جيڪڏهن تون مون کي ڇَنڊي ڦُڪي، سالوءَ جي ننڍڙي کي ڳولي، مون کي ان جي هٿن تائين پهچائي ڇڏين!... هو هينئر به منهنجي لاءِ روئندو هوندو!...“

منهنجو وار وار ڪانڊارجي ويو. مانيءَ ڳڀي لاءِ واجهائيندڙ بيشمار معصومن جون ٻاڪارون، بيڪ وقت منهنجن ڪنن ۾ گونجي وييون... هزارن سالن کان بُکن ۾ پاهه ٿيندڙ انسانن جو هڪ طويل سلسلو منهنجين نگاهن مان گذري ويو. بي اختيار، منهنجي زبان مان نڪري ويو... ”يقين رک، اي مانيءَ جا ڳڀا، آءٌ پنهنجو اهو فرض پوريءَ طرح ادا ڪندس. مون کي معلوم آهي، تون هڪڙي سالوءَ جي نينگر کي ئي نٿو کپين، پر اهڙا لکين سالُو ۽ انهن جا بکاريل ٻارڙا، نماڻن نيڻن سان تولاءِ واجهائيندا ٿا رهن ... اڄ کان پوءِ، آءٌ توسان انجام ٿو ڪريان، ته توکي هزارين ورهين کان پنهنجي اپائيندڙن کان پري رکڻ ۾ جيڪي مڪر ۽ فريب جون جابر طاقتون استعمال ٿينديون پئي رهيون آهن. تن کي ننگي ڪرڻ لاءِ آءٌ پنهنجي زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ تائين جدوجهد ڪندو رهندس!“

مانيءَ ڳڀي جي چپن تي اطمينان جي مُرڪ ڇانئجي ويئي، ۽ چيائين: ”مبارڪ، منهنجا محسن!... شل تون ڪامياب ٿين!“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment