Monday, December 7, 2020

شمع ٻاريندي شب - ثميره زرين

شمع ٻاريندي شب...

ثميره زرين



هن آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏٺو، پکڙيل وار، سُڄيل اکيون، ڳلن، تي ڳوڙهن جا نشان.. هوءَ ويران اکين سان پنهنجي عڪس کي بنا ڪنهن جذبي جي گهورڻ لڳي- ائين، ڄڻ پاڻ کي نه پر ڪنهن ٻئي جي تصوير کي ڏسندي هجي ڏسندي، وري هن جي ويران اکين ۾ لڙڪ تري آيا، هن بيدليءَ  سان پنهنجا وار کوليا، ۽ ڦڻي هٿ ۾ کڻي، وري رکي ڇڏي.

هن دريءَ کان ٻاهر آسمان ڏانهن نهاريو، جتي شفق جي سُرخ آڳ کي رات جي سياهي آهستي آهستي ڍڪي رهي هئي.


دروازي مان زبيده کيس چيو: ”ادا احمد موڪلائڻ آيو اٿئي.“

هن پوتيءَ جي پلؤ سان ڳوڙها اُگهيا، ۽ چپن تي مرڪ به آندائين... ته احمِد اندر لنگهي آيو.

احمد کي ڏسي، هن جون اکيون وري ڪاري بادل جيان پاڻيءَ سان ڀرجي ويئون. احمد کي ڪجهه خفگي وٺي ويئي. کيس مٿاڇري تسلي ڏيندي چيائين: ”چري! روئين ڇوٿي، خدا مڙيوئي خير ڪندو.“

هن جي اداس صورت ۽ ويران اکيون ڏسي، سندس دل جي ڪنهن ڪُنڊ مان هن لاءِ همدردي جاڳي اُٿي. ’ويچاري...!‘ هن سوچيو، هن وٽ سندس سندس جذبن جي موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ، سواءِ ’ويچاري‘ لفظ جي ٻيو هو ئي ڇا!

گاڏيءَ جو وقت ٿي ويو هو. ٻاهران احمد – ماءُ کيس سڏ ڪيو: ”بانو، گاڏيءَ جو وقت ٿي ويو آهي؛ اچ، ماني پچاءِ-.“ اڄ سندس آواز مان غم- گاڏڙ خوشي ظاهر ٿي رهي هئي- هوءَ خوش هئي، جو احمد هيترن سالن پڄاڻان وٽس آيو هو؛ ۽ ڏک هئس، جو هُو وري وڃي رهيو هو... ۽ پوءِ به الائي ڇا ٿئي- اپيل منظور ٿئي يا احمد جيل موڪليو وڃي...!

موڪلائڻ وقت سڀني جون اکيون سانوڻ جي برسات جيان وسي رهيون هيون؛ ۽ اُنهن وسندڙ اکين کي ڏسي، احمد جي اکين ۾ به آلاڻ اچي ويئي- هنن جي ڏک جي ڪري نه، بلڪ پنهنجي تاريڪ آئيندي جو تصور ڪري. هو ڳوڙهن ۽ دعائن ۾ تحفو کڻي هليو ويو. سندس ماءُ وري جهورنگارڻ لڳي، ۽ بانوءَ جا آنسو سرديءَ جي برسات جيان چپ چپ وسندا رهيا.

اَماس جون راتيون هيون؛ مٿي، آسمان تي ستارا جهلمل ڪري رهيا هئا. آلين اکين سان، هوءَ آسمان کي گهُورڻ لڳي. چمڪندڙ ستارن جيان، هن جي دل ۾ چمڪندڙ تمنا هئي. مگر هينئر وٽس ڇا هو...! هن به ڪي خواب ڏٺا هئا، هن به تصور ۾ ڪو محل اڏيو هو... ۽ خواب ڪير نٿو ڏسي؟ دليون ۽ دماغ ته اميريءَ- غريبيءَ جي فرق کان آجا هئا؛ اميرن جون دليون محل، ۽  غريبن جون دليون جهوپڙيون؛ اميرن جا آنسو موتي، ۽ غريبن جا ڳوڙها پاڻي هئا- ائين ته ڪونه هو دليون ته سڀني جون مول هيون. آنسو ته سڀني جا موتي هئا. پوءِ، هن به ڪو خواب ڏٺو ته ڇا ٿيو؟ ها، هن به ڪو خواب ڏٺو هو؛ ۽ اُنهيءَ نفيس نازڪ خواب کي، جنهن کي هوءَ تمنائن جي رنگ سان، ننڍپڻ کان ئي، انڊلٺ جيان سنواريندي آئي هئي، ان کي امينه ٽوڙي ڇڏيو هو... هوءَ، سندس خواب جو ڀيانڪ تعير بڻجي، هن جي اڳيان اچي بيٺي هئي.

هونئن ته بانو احمد جي سؤٽ  ئي هئي، مگر احمد پنهنجي زندگيءَ جو جيڪو تصور ڪيو هو، اَن ۾ هن بانوءَ کي خاندان جي سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ خوش ۽ چنچل ڏٺو هو. ۽ اها خوشي ۽ چنچلتا، سواءِ دولتمنديءَ جي قائم رکڻ ممڪن نه هئي. انهيءَ خيال کي سامهو رکي، گاسليٽ جي بتيءَ تي راتين جو پڙهي ۽ ڏينهن جو پيءُ جي دوڪان تي ڪم ڪري، احمد تعليم حاصل ڪئي هئي- پوءِ بانوءَ کي پنهنجو ڪيو هئائين. ان وقت خاندان ۾ ڪيترين جون دليون رشڪ جي باهه ۾ جلي اُٿيون هيون، ته بانوءَ کي ڪهڙو نه لائق گهوٽ ملي ويو! خاندان ۾ جتي ٻين کي انگريزيءَ جا ٻه چار حرف مس ايندا هئا، اُتي احمد پنهنجين ڪوششن سان تعلقي جو صاحب بڻيو ويٺو هو.

غريبيءَ کان پوءِ حاصل ٿيل دولتمنديءَ سان گڏوگڏ، هن جو پهريون پيار به ڪامياب ٿيو هو. هو، ان ڪري، پاڻ کي دنيا جي خوشي نصيب انسانن مان سمجهندو هو. بانوءَ، جنهن جي خوبصورتي ڪنهن ماهر سنگتراش جي ڪمال جو نمونو هئي، سا هن جي اُميدن جو مرڪز هئي. هنن جي زندگي مسرت جي جهولي  لُڏندي هئي هڪ دفعي بانوءَ کي رڳو موسمي بخار ٿي پيو، جنهن  ۾ هوءَ ڪجهه بي آرام ٿي- ته احمد جي نيڻن مان ننڊ حرام ٿي ويئي هئي  ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ هو خوش ٿي ويئي هئي، مگر اهي ٻه چار ڏينهن احمد ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ هن تي ڏکن ۽ ڳڻتين جا پهاڙ ڪري پيا هئا. هن جي ماءُ وري بانوءَ کي ماءٌ- پهرئين آچر تي ڪنهن آخوندياڻيءَ کان نظر جو ڪارو ڌاڳو پڙهائي آڻي پاتو هو. تڏهن سندسن ڳوريءَ ٻانهن ڏانهن ڏسي، احمد مرڪي چيو هو: ”بانو، هيءٌ ڇا پاتو اٿئي؟“ ”...ڇا؟“ ”هيءَ...“ او..!... هيءٌ نظر جو ڌاڳو؟ ... اما پاتو آهي. ”۽ ڪنهن جي انهيءَ نظر جي ڌاڳي کي نظر: لڳي وڃي ته...!“

۽ پوءِ، ٻنهي جا ٽهڪ خاموش فضا ۾ گونجي اُٿيا هئا.

.... ۽ پوءِ، ڏسندي، ڏسندي احمد جون نگاهون، مُڙي، امينه جي نيڻن ۾ اٽڪي ويئون هيون.

اِها خبر جڏهن خوشبوءَ جيان اندر حويليءَ جي گهرن تائين پهتي، تڏهن ڪيتريون ئي معنيَ ڀريون! اکيون بانوءَ مٿان پوڻ لڳيون؛ جن مان گهڻين ۾ حاسدانه خوشيءَ جي جهلڪ هئي، ۽ بلڪل ٿوريون نگاهون بانوءَ جي حسين جوانيءَ تي رحم ۾ ڀرجي بانوءَ ڏانهن کجي وينديون هيون- بانو، جيڪا زندگيءَ جو داءٌ، کٽندي هارائي ويٺي هئي. ليڪن، احمد جي پيار ۾ مست بانوءَ اُنهن معنيٰ خيز نگاهن ۽ سُس پُس کي ذهن ۾ ئي ڪونه آندو. ’منهنجو سمورو پيار احمد لاءِ آهي، ۽ هن جي محبت مون لاءِ؛ اسان جي وچ ۾ ٻيو ڪو اچي ئي ڪونه سگهندو‘- کيس اِهو بانور هو. پر، جڏهن احمد جي بدلي ٻيءَ جڳهه ٿي، هو کيس ڇڏيو هليو ويو، ۽ امينه سندس ڪڍ اوڏانهن هلي ويئي، تڏهن هن جو اکيون کُليون. ليڪن پوءِ به، هن اُن جو سڄو جوابدار امينه کي سمجهيو- ڄڻ ته احمد هڪ معصوم ٻار هو.

امينه سندن ئي پاڙي ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ رهندي هئي. بظاهر سندن خاندان شريف هوندو هو؛ ليڪن سندن ٽهڪن مان سُهاڳڻين کي پنهنجن سڏڪن جو آواز ايندو هو؛ ۽ سندن ڳلن جي سرخيءَ ۾ کين پنهنجن اُمنگن جي خون جو رنگ نظر ايندو هو. اُنهيءَ خاندان جي امينه، بانوءَ  جي به مُرڪ کسي کيس لڙڪن لڙيون ڏنيون هيون.

اُهو احمد، جيڪو پهريائين امينه ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندو هو. اڄ هڪوار ان ڏانهن ڏسندي هن جون نگاهون هاڻي بانوءَ ڏانهن مُڙڻ کان ٿي پڙِ ڪڍي بيٺيون هيون. جيستائين هن بانوءَ کي حاصل نه ڪيو هو، تيستائين کيس انهيءَ گل جي تمنا رهي، ۽ ڪنهن ٻيءَ صورت جو قصور به نٿي ڪيائين؛ پر جڏهن بانو سندس تمنائن جي جهوليءَ ۾ ڪِري، تڏهن ان جي خوشبوءَ سنگهي هن ڀَونري جي دل ڀرجي ويئي، ۽ هو ٻئي پاسي هليو ويو. امينه جو ڪردار سڄي پاڙي ۾ ڪنهن کان ڳجهو ڪين هو، تڏهن به احمد جي اکين تي پٽي اچي ويئي هئي.

امينه جڏهن احمد کي پنهنجن زنجيرن ۾ پوريءَ طرح جڪڙي ڇڏيو، تڏهن بانوءَ جي دل روئي اُٿي. بهار جي مند، هن کي سڏي وري هلي ويئي هئي، ۽ هوءَ اُنهيءَ گذريل بهار کي پڪاريندي رهجي ويئي.

بانوءَ کيس سمجهائي ٿڪي، ليلائي ٿڪي، پر احمد تي ڪوبه اثر نه ٿيو. هن تي ته کين شراب جو نشو چڙهي ويو هو، جنهن سندس هوش حواس کي ڄمائي ڇڏيو هو. پوءِ احمد جي بدلي ٿي. هو اوڏانهن هليو ويو، ۽ سندس ڪڍ امينه به اوڏانهن هلي ويئي، ان کان پوءِ ڪيتريون موڪلون آيون ۽ گذري ويئون، ليڪن بانوءَ جو رُٺل راڻو ڪاڪ- ڪنڌيءَ نه آيو. سندس ماءُ پيءُ، جن کي پنهنجي هڪڙي پٽ احمد ۾ هزارين اميدون هيون، تن کي هو نا اميديءَ جو ناسور ڏيئي ويو- وري نه واپس آيو، ۽ نه گهر ڪجهه پيسو ڏوڪڙ ئي موڪليائين.

پٽ جي ڏک ۾ رحيم جا ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا. سندس پٽ ايڏو ته لائق بڻيو هو، جو سڄي خاندان ۾ رحيم جو ڳاٽ اوچو هوندو هو. هينئر اُهو ئي احمد، ڪيڏو نه نالائق بڻجي پيو هو! هونئن ته هوَ اڄ به مختيارڪار بڻيو ويٺو هو، ليڪن خالي مختيارڪاريءَ جي احساس سان ته زندگيءَ جو سک حاصل نه ٿيڻو هو. کيس ته اڄ به جسم تي اُهي ئي ڪورا ڪپڙا هوندا هئا، ۽ نصيب ۾ اها ئي دال- ماني هئي. هينئر منجهس اُها همت ڪين هئي، جو اڃا آڪهه جا بار کڻي سگهي. احمد کيس پيريءَ ۾ مدد ڏيڻ جي بجاءِ، پنهنجي ڏک سان ئي اڌ بيمار ڪري ڇڏيو هو. ٻن ڌيئرن، زال ۽ پاڻ سان گڏ جڏهن کيس بانوءَ جو پيٽ به پالڻو پوندو هو، تڏهن هن کي احمد تي ڏاڍا خار اچي ويندا هئا- جڏهن اهڙا نمونا وٺڻا هئس، ته بانوءَ کي ڇو ذليل ڪيائين؟ خواهه مخواهه هن کي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي راهه ۾ رولڻ،... ڪيڏي نه نالائقي هئي! جيڪڏهن کيس امينه سان پيچ اٽڪائڻو هو، ته پهرين سڌو سنئون ان سان شادي ڇو نه ڪيائين؟ پيريءَ ۾ کيس مدد ڏيڻ جي بجاءِ، هو بانوءَ جي کاڌي جو بار به مٿس وجهي، نڪري ڀڳو هو. ’نالائق ڪٿي جو!‘ رحيم ڪاوڙ ۾ اچي کيس بدشد ڳالهائيندو هو. وڌندڙ گرانيءَ جي ڀُوت اَنسانن کان، سواءِ بک جي تدارڪ جي، ٻيو سڀڪجهه وسارائي ڇڏيو هو.

روز روز جي گَهپي ڏسي، نيٺ بانو پنهنجي پيءُ جي گهر هلي ويئي. سندس ماءُ ڊپٽي صاحب جي گهر ماني پچائيندي هئي. ماڻهو رحمدل هئا، تنهن ڪـري اجورو چڱو ڏيندا هئس؛ مگر تڏهن به سندس سکڻن هـڏن جي هيءٌ ڪمائي، هـن بُـحراني زمـانـي ۾، چـئن ڀاتـين جـي بار کـڻڻ کـان قاصر هئي.

بانوءَ جي پيءَ کي گهڻن ڏينهن کان بلڊ پريشر ٿي پيو هو، جيڪو پوريءَ دوا نه ڪرڻ سبب روز بروز وڌندو ٿي ويو. سندس ماءُ ان لاءِ دوا جو اڌورو بندوبست ڪري ٿَڪي، پر هن کي ذرو به فائدو ڪين پيو. ڏکن به صرف هن جوئي گهر ڏٺو شايد! سندس هڪ جوان پٽ مليريا جي معمولي بخار ۾ مري ويو هو، ٻئي کي ٽي. بي. ٿي پيئي هئي- جنهن ڏي اڃا نه موت ٿي آيو، ۽ نه وري صحت- ۽ مڙس کي بلڊپريشر جي بيماري! هڪ بانو ئي هئي، جنهن جي سک کي ڏسي کيس ڪجهه آرام هو؛ ۽ هوءَ گهر گهر پورهيو ڪري، پنهنجي بيمار پٽ ۽ مڙس لاءِ کاڌو مهيا ڪندي هئي.

جڏهن احمد بانوءَ کي ڇڏي امينه ڏانهن هليو ويو، ۽ بانو وٽس ناڪان نامراد موٽي آئي، تڏهن هن جون ويران ۽ خشڪ اکيون وري آليون  ٿي ويئون هيون..... خدا ڪٿي هو؟ ڪنهن هن کي ڏس نٿي ڏنو، نه ته جيڪر هوءَ وڃي انهيءَ خالق جو دامن پڪڙي چوي: ’هيءَ منهنجي قسمت هڪ دفعو وري ته ڏس!... هن ۾ سياهيءَ رنگ ايڏو ڇو پلٽيو اٿئي؟.... مون کي منهنجي حصي جي بهار ڇو نه ڏني اٿئي؟... تو جهڙي ماهر نقاش جي هٿان، منهنجيءَ تصوير تي اهو محروميءَ جو رنگ ڪيئن هارجي پيو!... ۽ پوءِ، تو اهو ناقص نقش، بيڪار سمجهڻ بجاءِ، دنيا جي نگارخاني ۾ ڪئين موڪلي ڇڏيو؟... منهنجي قسمت هڪ دفعو وري ته ڏس!... تون پنهنجن شاهڪارن جي تڪيمل ۾ ايتريون خاميون ڪيئن ٿو ڇڏي ڏين؟... تون ڪهڙو نه عجيب نقاش آهين- ڪهڙو نه عجيب!؟ سندس اکيون، وسي وسي، وري خشڪ ٿي وينديون هيون؛ ۽ هوءَ وري نئين سر قسمت کي همت سان شڪست ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندي هئي. ليڪن... هر دفعي کيس قسمت وٽان- قدرت وٽان ڇا ملندو هو....!

ورهاڱي جي دور ۾، جڏهن بک جي بلا شهرن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهي پيئي، تڏهن هنن کي نهنجو خانداني نالو ۽ ناموس سنڀالڻ به ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. چور بازاريءَ جي ڄاڻن ته پنهنجين عمارتن جون ڀتيون به سونيون ڪري ڇڏيون هيون، مگي ڪيترن ئي گهرن جون مٽيءَ جون ديوارون به ڪِري پيون. اُنهن گهرن مان هر هڪ خوشحال ۽ سُکيو ستابو گهر هن جو به هو، جنهن جون ديوارون جهُڪي آيون هيون؛ ۽ ان جي پناهه ۾ رهندڙ زندگيون، حيران پريشان، ڪڏهن اُنهن ڍرڪندڙ ڀتين ڏانهن ۽ ڪڏهن نيري آسمان ڏانهن پئيون تڪينديون هيون، جتي اڃا سندس پرهه ڦٽيءَ جي روشنيءَ جو پتو به ڪين هو. روز نئون سج هنن لاءِ بک جو مسئلو کڻي ايندو هو، جنهن کي هو ڏيئن- ٻريءَ- مهل تائين، هڏن جو رت ست ڏيئي، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ڪيترو نه مشڪل هو اهو مسئلو، جنهن کي دنيا جا وڏا وڏا عالم ۽ مفڪر به سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندي سلجهائي نه سگهيا هئا! هر سال ڀرپور فصل لهندا هئا؛ هر سال بک وڌندي رهندي هئي.... تڏهن هو سوچيندا هئا.-ڪاش، پاڻي ئي انسان جي زندگيءَ لاءِ ڪافي هجي ها!

جڏهن هن سچائيءَ مان ڪجهه نه پاتو- جڏهن سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ هنن چئن ڀاتين جو پيٽ دال- مانيءَ سان به نه ڀري سگهي- تڏهن هن بي ايمانيءَ جو سهارو ورتو. ڊپٽي صاحب جي گهر هوءَ، عرق پيئڻ جي بهاني سان، ناسي رنگ جي شيشيءَ ۾ پاڻيءَ ڍڪ وجهي ويندي هئي. عرق جي بهاني، اهو پاڻيءَ پي، موٽڻ مهل اُنهيءَ شيشيءَ ۾ گيهه ڀري ايندي هئي؛ ۽ جيڪا ماني ملندي هيس، ان کان وڌيڪ جيتري کاڌي جي چيز پڄي سگهندي هيس، برقعي ۾ لڪائي کڻي ايندي هئي.

هڪ دفعي ته کي مالڪياڻيءَ ڏسي به ورتو. ان وقت سندس چهرو خوف کان ائين ٿي ويو هو، جهڙو سرءٌ جو پِيلو پن! پر پوءِ ملڪاڻيءَ کي، سندس خوف ڏسي، مٿس رحم اچي ويو. هن سوچيو هو- بُک ڪهڙي نه بُري چيز آهي، جنهن جي تيز وهڪري ۾ انسان جو اخلاق ڪک- پن جيان لڙهي ٿو وڃي!‘ بانوءَ جي ماءُ جي غيرت ۽ شرافت ڪنهن کان لڪل ڪين هئي... ليڪن هن جي انهيءَ ڪردار تي گندگي ڪنهن اُڇلي هئي...؟ مالڪياڻيءَ کيس ڪجهه نه چيو؛ ۽ هوءَ ٿڙڪندڙ قدمن سان گهر هلي ويئي هئي. سياري جي سخت سرديءَ ۾ به هن جي پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو هو-، آهستي آهستي، هن جي دل مان ايترو خوف به نڪري ويو.

هن بي ايماني ڪئي، تڏهن به هن جي آڪهه سک سان نه پلجي سگهي. رزاق وٽ رزق جي ڪمي هئي، يا شايد غريبن جا پيٽ ايڏا وڏا هئا جو ڪنهن به صورت ۾ ڀرجي نٿي سگهيا.

ڪجهه ته مڙيو ئي هو- نه ته ائين ڇو ٿئي ها.....!

بانوءَ جو پيءُ، سڀ کان مايوس ٿي، نيٺ هڪ پِير تي وڃي پيو؛ ۽ وپنهنجي لاءِ صحت يا موت جي دعا گهرندو رهيو. بانوءَ جي ماءُ کان ماني پڄندي هئي، اها کيس صبح شام اتي ڏيئي ايندي هئي. هو ٻاڏائيندو رهيو... ڪيڏيون مندون لنگهي وييون، پر نه کيس صحت ملي، ۽ نه موت. پهرين هن زندگيءَ سان پيار ڪيو هو؛ پر جڏهن زندگيءَ هڪ سختگير مالڪ جيان کيس ذري ذري تي تڪليفون ڏنيون، تڏهن هن موت کي پيار ڪرڻ شروع ڪيو..... پر موت به ته وٽس نه ايندو هو! هن جيڪي چاهيو، سو کيس مليوئي نٿي- ائين ڇو هو؟... سندس ڪابه تمنا پوري نٿي ٿي!- هن جي جذبي ۾ صداقت ڪين هئي ڇا...؟

هو، پنهنجي عاجز زندگيءَ کان تنگ ٿي، بار بار خودڪشيءَ جو خيال ڪري چڪو هو- جنهن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ هڪڙو نوڙيءَ ٽڪر ئي ڪافي هو. کيس هِيري جي ڪڻي ته کائڻي ڪانه هئي، جو موت هن لاءِ مهانگو ٿئي. مگر، هر دفعي مولوين جا وعظ ياد اچي کيس روڪي ڇڏيندا هئا ته خودڪُشي هڪ عظيم گناهه آهي، جنهن کي خدا هرگز معاف نٿو ڪري؛ کيس ڪڏهن به جنت نه ملندي، ۽ سدائين کيس جهنم ۾ جلڻو پوندو! هو ڊڄي ويندو هو- ’جڏهن خود زندگيءَ جي آڳ جهنم جيان جلائي رهي آهي، تڏهن موت کان پوءِ به جيڪڏهن انهيءَ آڳ ۾ جلڻو پيو، ته.....؟ سندس روح ڪنبي ويندو هو. اها زندگي ڪيتري نه سخت هئي- ۽ ڪيتري نه گران! اهائي زندگي اڃا هڪ ڀيانڪ بلا جيان کيس چنبڙي پيئي هئي.

عيد جي موڪلن تي سهاڳڻين جا گهوٽ جڏهن پرديس کان سوکڙيون وٺي ايندا هئا، جڏهن سهاڳڻيون پنهنجن هٿن ۾ مهندي رچائينديون هيون، جڏهن سندن ڏند ۽ چَپ مِسيءَ ۽ مساڳ سان رنگيل رهندا هئا، ۽ جڏهن سندس وارن ۽ ڪپڙن مان خوشبوءَ جون هٻڪارون فضا ۾ پکڙجي وينديون هيون، تڏهن بانوءَ جي ويران اکين ۾ آنسن جا چراغ جلي اٿيندا هئا. ڪيئي عيدون آيون ۽ گذري ويئون، پر نه بانوءَ جو رٺل راڻو آيو، ۽ نه هن جي زندگيءَ ۾ بهار آئي. هوءَ پنهنجي گهر جي ننڍڙيءَ دريءَ مان انهيءَ رستي کي منتظر اکين سان پيئي تڪيندي هئي، جتان هن جو راڻو دور ديس هليو ويو هو.... پر سندس ڏوهه ڪهڙو هو، جنهن جي اها سزا هئي- اهو سوچيندي سوچيندي، هن جون اکيون ڳوڙها ڳاڙڻ لڳنديون هيون.

هڪ ڏينهن جڏهن هن ٻڌو ته احمد امينه سان نڪاح ڪيو آهي، تڏهن سندس رهي سهي اميد به ختم ٿي ويئي. احمد جا ماءُ پيءُ غم ۽ غصي کان ڪڏهن رنا ٿي، ته ڪڏهن کيس پاراتا ٿي ڏنائون- احمد کين پيريءَ ۾ خوار خراب ڪري لائُون به لڌيون، ته ڪنهن سان!

بانو....! جنهن جي شاديءَ تي ڪيترين سهاڳڻين کي مٿس رشڪ آيو هو، پر هينئر اهي ئي سندس قسمت تي افسوس ڪرڻ لڳيون. بانو، جنهن جهڙي دلربائي سڄي خاندان مان ڪنهن ۾ ڪين هئي، اُنهيءَ، امينه جي سانوريءَ رنگت، معمولي منهن مهانڊي ۽ چلوليءَ چال کان شڪست ڪيئن کاڌي!... ’رُوپ روئي، ڀاڳ کائي‘- سچ ته بانوءَ جو روپ روئي رهيو هو، ۽ امينه جي قسمت مُرڪي رهي هئي. بانو ’چراغ خانه‘ هئي ۽ امينه ’شمع محفل‘- ٻيو ته سبب ئي ڪونه هو.

بانو اڪثر سوچيندي هئي ته سندس پاڪيزگي ئي انهيءَ شڪست جو سبب بني هئي. جيڪڏهن هوءَ به امينه جيان هجي ها، ته اڄ شايد هيئن روئڻو نه پويس ها. نيڪ سيرتيءَ مان کيس ڇا مليو هو؟ خوبصورتيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيو هو؟... هن جي دل چوندي هئي ته جيڪر هوءَ انهن معتبر عالمن ۽ مفڪرن جو گربيان پڪڙي چوي- جيڪي عورت کي گلن جهڙي خوبصورت ۽ خوشبوءَ جهڙي پاڪيزه پسڻ چاهيندا آهن- ته اوهين جو عورت کي پنهنجي مرد جي محبت تي ثابت قدم رهڻ جي تلقين ڪندا آهيو، ... ته پوءِ ڇو احمد منهنجي گلن جهڙي سونهن ۽ پاڪيزگيءَ جي سڳنڌ ڇڏي، ڪَنڊن کي چاهڻ لڳو آهي؟ ٻڌايو ... ڇا اوهين عورتن کي به اهڙي اختيار جي اجازت ڏيئي سگهو ٿا؟ ٻيءَ حالت ۾ اوهان جي پنهنجو پاڻ متعلق ڇا فتوا ٿيندي؟... اوهين به ته مرد آهيو... لطافت تي ڪثافت کي ترجيح ڏيڻ وارا- ليڪن، ... اها ڪوڙي تلقين ڇا لاءِ؟... اهي اجايا وعظ ڇو..؟

بهار ايندي هئي، ۽ گذري ويندي هئي؛ پر احمد کي نه اچڻو هو، نه آيو، بانوءَ جي ويران زندگي ويران ئي رهي. جڏهن هوءَ سڄي سڄي رات ستارن کي تڪيندي پرهه ڪري ڇڏيندي هئي، ته هن جي ماءُ جي دل خوف جا ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. ڪاش، احمد ڏسي سگهي ها ته سندس پيار ۾ پاڳل بانوءَ جا ڪهڙا حال هئا! هار سينگار کان بي نياز، غم غلطان بانوءَ کي حويليءَ جون عورتون ڏسنديون هيون، ته سندن دلين مان سيسراٽ اُڀري ويندا هئا. اُف، دل به ڪهڙي نه عجيب چيز آهي- هينئر هوءَ وري ڪهڙيءَ روايتي محبت کي زندهه ڪري رهي هئي...!

هڪ سال ٻيو به گذري ويو. احمد امينه سان گڏ مزي جي زندگي گذاري رهيو هو ۽ بانو... اڃا به اُنهيءَ ويران رستي تي پنهنجي رُٺل راڻي جي انتظار ۾ اکيون وڇائي ويٺي هئي.

اوچتو خبر ملي- احمد رشوت وٺندي پڪڙجي پيو! پڪڙيو به وري سڳ سوڌو، سو پاڻ بچائڻ جو ڪو حيلو ئي ڪونه هليس. نوڪري هلي وئيس، مٿس ڪيس داخل ڪيائون ماءُ پيءُ جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي! رُٺو ئي رهي، پر خوش هجي- هنن جي به اهائي تمنا هئي. پوڙهو رحيم،...پٽ جي مدد لاءِ هيڏانهن هوڏانهن گهڻو ئي ڀٽڪيو، پر بيسود.

ڪورٽ ۾ ڪيس لاءِ حيدرآباد ويندي، احمد رستي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ ماءُ وٽ لهي پيو، واپس ويندي سڀني کي روئندو ڏسي، هڪ لمحي لاءِ کيس پنهنجي سنگدليءَ جو احساس ٿيو.

بانوءَ کي چوڻ لڳو: ”هينئر ڏسان... جڏهن تنهنجون دعائون مون کي جيل کان ڇڏائين!“ ڪيڏي نه اُڇاترائي هئي سندس آواز ۾- ڄڻڪ زبردستيءَ ڳالهائيندو هجي!

”منهنجون دعائون ته آهن ئي اوهان لاءِ...“ ائين چوندي، بانوءَ کان ٿڌو ساهه ڀرجي ويو.

احمد موٽي ويو. مايوسيءَ کان گهٻرائجي، هن وري اَنهيءَ زخمي اميد جو دامن پڪڙيو. جيڪا سندس تمنائن جي خون ۾ رنڱي پيئي هئي. انهي ۾ به خدا جي ڪا حڪمت هوندي... متان قدرت منهنجي قسمت بنائڻ لاءِ هو کيڏ کيڏيو هجي‘- هن سوچيو. مسلسل روئڻ ڪري سندس اکيون جلي رهيون هيون. هيءَ به ڪهڙو نه عجيب آڳ هئي، جنهن تي پاڻيءَ به تيل جو ڪم ڪيو ٿي! احمد، اچي، وري سندس زخمن ۾ نئون روڳ ڀري ويو هو.

بانوءَ ته احمد کي صرف گهر ويٺي ٿي دعائون ڪيون، پر امينه پنهنجي احمد کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هوءَ وڪيلن ۽ ججن کي في به ڪهڙي نه نرالي ڏيندي هئي...! ليڪن، احمد زندان جي زنجيرن کان بچي نه سگهيو، ۽ کيس اڍائي سالن جي سزا اچي ويئي.

اڍائي سال...! احمد جي ماءُ پيءُ جا ستل سُور وري جاڳي اُٿيا. پٽ جي ساڻن بيپرواهي ايتري ڏکوئيندڙ نه هئي، جيتري هن کي تڪليف رسڻ جي کين تڪليف ٿي. کين محسوس ٿي رهيو هو ته احمد جي رسايل تڪليف کان خود احمد جو ڏکوئجڻ هنن لاءِ روح فرسا هو. پوڙهي پيءُ وسؤن ڪين گهٽايو. پٽ کي بچائڻ لاءِ هن ڪيئن پانپرا ڪيا، گهڻيئي هٿ هنيا، پر قانون جي قضا کي هو روڪي نه سگهيو. ماءُ ويچاريءَ... جڏهن ڪنهن کان قيدين جي حالت جو ٻڌندي هئي، تڏهن کيس ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪو سندس جگر چٻاڙي رهيو هجي. امينه ڪڏهن ڪڏهن احمد سان ملڻ لاءِ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايندي هئي. واري سان، مٺائي ۽ ٻيون کاڌي جون پسنديه چيزون هوءَ کيس ڏيئي ويندي هئي. امينه سان ملي احمد جا ڏک ڪافور ٿي ويندا هئا، ۽ سوچيندو هو- ’بانوءَ جون سَکڻيون دعائون ڪهڙي ڪم جون... هينئر ته امينه جي همت ۽ محبت ئي ڪم اچي رهي آهي!‘ ان وقت هن کان وسري ويندو هو ته اُهي ونگ جيڪي بانوءَ کي هن وٽ جيل ۾ اچڻ کان روڪيندا هئا، سي سندس ئي وڌل هئا- جن کي محسوس ڪندي، بانوءَ ۽ بانوءَ جهڙين ڪيترين جون همتون ڳوڙها بڻجي وهي وينديون هيون.

احمد کي جيل ۾ رهندي ٻه سال گذري ويا. بانوءَ جي اداسيءَ ۽ سندس پوري جذبي سان احمد کي دعائون ڪرڻ کي ڏسي، پاڙي واريون ته مٿس حيران هونديون هيون، پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ماءُ کي به هن جي پاگل محبت تي روئڻ اچي ويندو هو. بانو، پنهنجي خوبصورتيءَ سان گڏ، ڪهڙي نه تاريڪ قسمت کڻي آئي هئي! جنهن کيس پراڻيءَ جتيءَ جيان اُڇلي ڦٽو ڪيو هو، اُن کي هوءَ ڪيتري نه شدت سان ياد ڪري رهي هئي-! کيس اداس ڏسي، هڪ دفعي ماڻس کيس ڏک مان چيو: ”الا، ڪهڙو نه نڀاڳو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تنهنجو پلؤ احمد سان اٽڪيو! ڪمبخت اسان کي سورن ڏيڻ لاءِ ڄائو هو... ننڍي ئي موت نه نهوڙيس!“ بانوءَ ڳوڙهن ڀريون اکيون مٿي کڻي چيو؛ ”امان، آءٌ ٻڍاپي ۾ تنهنجي مٿان بار پئي آهيان، تڏهن ٿي اهي پاراتا ڏينم. ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن کي پٽڻا ڏيڻ کان مون کي نه ڏين ته جيڪر آءٌ مري وڃان...!‘ سيني جو سمورو سوز سندس نڙيءَ ۾ اچي گڏ ٿيو هو گهڙي کن ماڻس کيس گم سم ڏسندي رهي. پوءِ ٻئي گلي ملي روئڻ لڳيون...’هن جي دل هينئر پنهنجي وس ڪٿي آهي!‘ ماڻس سوچيو.

مند ته بهار جي هئي، پر هوا سرءٌ جهڙي ٿي لڳِي. رحيم در جي ٻاهران ويٺي حقو پيتو. غفور ڊوڙندو آيو- ”چاچا، ... او چاچا! ادا احمد کي سڀاڻي جيل مان آزاد ڪندا!‘

”هان! ...سچ؟... يا الله، تنهنجا لک لک شڪر!“ انتهائي خوشيءَ رحيم جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا ٻئي ڏينهن سوير ئي هو غفور کي ساڻ ڪري، پٽ کي وٺڻ لاءِ سينٽرل جيل پهچي ويو. ڳچ جيترا گلن جا هار وٺي، ڏاڍي انتظار مان وڃي وڏي دروازي وٽ بيهي رهيو. ڪجهه دير بعد سپاهي احمد کي ٻاهر وٺي آيا. کيس ڏسي، رحيم جون اکيون آليون ٿي ويون.

هي ڪهڙو حال ٿي ويو احمد جو...! منهن جا هڏا پئي ڏٺس، رنگ ئي ڦري ويو هوس: اها شڪل شباهت، جنهن امينه کي مٿس هر کائي وڌو هو، سا هاڻي ڪٿي هئي- جيل هن جو حُليوئي بدلائي ڇڏيو هو. رحيم جوش مان وڃي کيس ڀاڪر پاتو. احمد ائين محسوس ڪيو، ڄڻ هو هڪ جيل مان آزاد ٿي ٻئي ڏانهن منتقل ڪيو ويو هجي. اميته اڃا نه آئي هئي، ۽ اُن کان اڳ ۾ رحيم اچي ويو هو.. ان ڪري هيتري وقت کان پوءِ آزاد ٿيڻ جي احمد کي ذرو به خوشي ڪانه ٿي هئي. پيءُ کيس گهر وٺي آيو. ماءُ احمد سان روئي ملي، ته احمد رُکائيءَ سان پاڻ کي هن جي ڀاڪر مان آزاد ڪيو. ماڻس به ائين ئي محسوس ڪيو. ’او خدا... احمد اصل ائين ٿي ويو!‘ هن جي دل ڄڻ رت روئڻ لڳي.

بانوءَ جي دل ۾ وري نين اميدن جنم ورتو ليڪن، جنهن جي موجودگيءَ هن اداس گهر ۾ رونق آڻي ڇڏي هئي، اُهو ڪنهن اڏامندڙ پکيءَ جيان پڃري ۾ اُتاولو ويٺو هو، ته ڪڏهن بند خلاص ٿين ته هو پنهنجي پراڻي نشيمن ڏانهن وڃي. رحيم جي مرضي هئي ته هو نوڪري به هتي ئي ڪري-جيڪو نصيب هوندو اهو ملندو، ٻئي ڪٿي وڃڻ جو ضرور ڪونهي. احمد اهڙي قسم جا ليڪچر ٻڌي، صرف ’هان‘ ’هون‘ پيو ڪندو هو.

کيس آئي اڃا ٻه چار ڏينهن مس ٿيا هئا. رحيم جيئن دوڪان تي وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪتو، ته ٽپاليءَ کيس تار آڻي ڏني. پهرين ته هو تار کڻي احمد کي پڙهائڻ ٿي ويو؛ پر ڪنهن خيال سندس قدم روڪي ڇڏيا، ۽ هو تار جو ڪاغذ مٺ ۾ لڪائي دوڪان تي هليو ويو، جتي هن غفور کان تار پڙهائي.

”ڪٿان آئي آهي... ڇا لکيل آهي؟“ هن اتاولائيءَ مان پڇيو.

اکيون مٽڪائيندي، مشڪي، غفور آهستي چيو: ”چاچا، امينه جي تار آهي، احمد ڏي موڪلي اٿس.“

”لکيو ڇا اٿس؟“

”ته مان سخت بيمار آهيان، جلد اچ-.“

”هون!...“ ۽ هن تار پرزا پرزا ڪري اڇلي ڇڏي.

”پٽ غفور، ڏس... هن جو ذڪر اصل نه ڪجاءِ!“

”نه، چاچا، مان ائين ڪيئن ڪندس، اوهان دلجاءِ ڪريو-.“ غفور کيس يقين ڏياريو. پوءِ رحيم جي ٽپاليءَ تي نظر رهڻ لڳي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ وري امينه جو خط آيو، جيڪو هن چُلهه جي نذر ڪري ڇڏيو- ۽ اهڙيءَ طرح هن ڪيترائي خط ضايع ڪري ڇڏيا.

امينه جو ڪوبه خط احمد کي نٿي پهتو... مگر ڪيستائين؟ هڪ ڏينهن رحيم کي دوڪان تي البت دير ٿي ويئي. سندس غير موجودگيءَ ۾ ٽپاليءَ احمد کي خط ڏيئي ويو. پڙهي، احمد انهيءَ دم ڪراچي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. رحيم ٻنپهرن جو جڏهن گهر آيو، ته هن ڏٺو احمد جي ماءُ ۽ بانو چپ چپ ويٺيون چانور سوئي رهيون هيون. کيس ڪجهه کٽڪو پئجي ويو-

”ڇو، خير ته آهي؟ مٺ ماٺ لڳي پيئي آهي!“ رحيم زال کان پڇائين.

”اسان جي لاءِ وري ڪهڙا خير...“ هن مايوس آواز ۾ چيو ”پر به آهي ڇا؟-“ ”اهي وري ڇا.. احمد ڪراچيءَ ٿو وڃي! امينه جو خط آيو اٿس...“ هن ناراضگيءَ مان وراڻيو.

رحيم جون اميدون هڪ دفعو وري خاڪ ۾ ملي ويئون.

کين ائين اداس ۽ گم سم ڏسي، احمد رخصت ٿيڻ وقت: ”امان، نوڪريءَ جي ڪم لاءِ ضروري وڃڻو اٿم، نه ته جيڪر نه وڃان... بس، هفتي ڏيڍ ۾ سامان کڻي هليو ٿو اچان!“

”ها پٽ، اسان کي اڳي وانگر رولي نه وڃجانءِ!...“ ماءٌ، پٽ جي اکرن تي ڀني پيئي.

”نه، امان، آءٌ اوهان جي قدمن جي خاڪ... هاڻي آءٌ دل جان سان اوهان جي خدمت ڪندس!“

... پوءِ احمد، سڄي گهر جي خوشين ۽ اميدن کي پالنا ڪري، هليو ويو. سندس انهن لفظن ۾ ڪيتري صداقت هئي، تنهن جي ڄاڻ ڪنهن کي هئي؟ پر احمد ڪو ٻار ته ڪين هو، جنهن کي زبردستيءَ رهائي سگهجي هئا... جيڪي وڃڻ وايون ڪن، تن کي روڪي ئي ڪير ٿي سگهيو؟... احمد ويو، وري نه آيو- هو نه ايندو، سو ڪنهن نٿي ڄاتو...!

هڪ دفعو وري بانوءَ جي اميدن جا چراغ پنهنجي ئي جوش ۾ جلي وسامي ويا. هن دفعي احمد ساڻس اهڙي ته بيرخيءَ جي هلت هلي، جنهن هن جي دل ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي هئي. جڏهن هوءَ ڪم ڪار سان سندس ڀرسان لگهندي هئي، ته احمد جي چهري تير گهُنڊ پئجي ويندو هو. ائين نظر ايندو هو، ڄڻ هو پنهنجي هن قيد جو سمورو ذميواري بانوءَ کي سمجهندو هجي- جنهن کيس امينه کان الڳ ڪري، پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ قيد ڪري رکيو هو.

زندگي وري اڳي وانگر اداس ٿي ويئي. بانوءَ جو پيءُ جڏهن موت جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو، ته پاڻ کي پِير تان کڻائي گهر آيو. ڪيتريءَ دير کان پوءِ ئي سهي،... نيٺ خدا سندس ٻُڌي هئي- صحت نه سهي، موت ته کيس ملي رهيو هو! مرڻ وقت هو ٽٽل ڦٽل اکرن ۾ احمد کي ياد ڪرڻ لڳو. مگر، احمد اهڙي آسان اميد ته ڪين هئي، جيڪا جلد پوري ٿي سگهي- هن اميد کي کي پوري ٿيڻ لاءِ ته هڪ عمر درڪار هئي! جڏهن بيهوشيءَ جي حالت ۾ کائنس احمد جي وائي نه وسري، تڏهن ماڻهن کي ڪوڙ ڳالهائڻو پيو ته احمد آيو آهي. پورهي جو روح ڄڻ اِنهن ئي لفظن جو منتظر هو.. احمد جي موٽي اچڻ جو ٻڌي، سندس بيقرار ۽ بيچين پکيئڙو، آسمان جي نِيراڻ ڏانهن، سُک جي تلاش ۾، پرواز ڪري ويو. هر ڏک کي پنهنجو رنگ هو، پنهنجو انداز هو... الائي ڇو، هيترن ڌڪن کائڻ کان پوءِ به سندس احساس کي موت نه اچي سگهيو هو! بانوءَ جي ماءُ غريب پورهيت هئي سندس جوانيءَ جي بهار گذرئي به مدت ٿي چڪي هئي. مذهب تي کيس ڪجهه نٿي چيو، مگر مولوين کيس عدت جا ڏينهن گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو. ڪو بک مري يا جيئي تنهن سان مولوين جو ڪهڙو ڪم؟... هو انسان جي بک دور ڪرڻ جا ذميوار ٿورئي هئا! اهي ڏينهن هنن ڪيئن گذاريا، سا سندن دل کي ئي خبر هئي. ڏکيا يا سکيا- ڏينهن ته مڙيئي گذرڻ لاءِ هئا، ۽ گذري ويا... اها ته ڳالهه ئي ٻي هئي ته سندن هر صبح، ڏکن جا نوان نوان خزانا کڻي ايندو هو.

روز روز جي وڌندڙ گرانيءَ ۾ هوءَ پنهنجن ڪمزور هڏهن مان گهر ۾ رُکي ٽڪر ڏيڻ کان به لاچار هئي... پر ويچاري ڪري ئي ڇا ٿي سگهي؟ ماءَ  کي ائين اداس ۽ پريشان، ۽ پيٽ- پورت لاءِ دربدر ڀٽڪندو ڏسي، بانوءَ جي دل روئي اٿندي هئي- ’اوه، احمد، تو هيءٌ ڇا ڪيو؟... ڪيڏو نه ڏک ڏنئه-!‘

بانوءَ جي جوانيءَ کي ڏسي، ماڻس جون فڪر ۾ ٻڏل نگاهون هيٺ جهڪي وينديون هيون. گذريل ٽن ڏينهن جي فاقن هن جي اکين جي اها طاقت زائل ڪري ڇڏي هئي، جنهن سان کيس بانوءَ جي پُور جوانيءَ ۽ حسن نظر ايندو هو. لڳاتار ڏکن ۽ بکن، آخر خانداني ننگ ناموس جو احساس به گهٽ ڪري ڇڏيو... ۽ هڪ ڏينهن، ڪيترا گهر جاچي، نيٺ هوءَ هڪ عمر رسيدي واپاريءَ جي گهر بانوءَ جي نوڪريءَ جو بندوبست ڪري آئي، جيڪو پنهنجيءَ زال ۽ ڌيءَ سان گڏ ڀر واريءَ گهٽيءَ ۾ رهندو هو.

ڊنل ڊنل قدمن سان، پنهنجيءَ غيرت کي دم دلاسو ڏيندي، بانو واپاريءَ جي گهر نوڪريءَ تي وڃڻ لڳي. هو صوم صلوات جو پابند هو، ۽ نهايت شريف ٿي ڏٺو. سندس ڊگهيءَ ڏاڙهي ۽ پيشانيءَ تي نماز جي نشان، بانوءَ جي دل مان هن جو خوف زائل ڪري ڇڏيو- هوءَ کيس پيءُ  سمان سمجهڻ لڳي.

بانو، حويليءَ جي زالن جي طعنن تنڪن کان بيپرواهه ٿي، نوڪري ڪندي رهي. گهر جي حالت هاڻي ڪي قدر سڌرڻ لڳي هئي. پنج چار مهينا سانت سان گذري ويا. هڪ ڀيري، گرمين جا ڏينهن هئا؛ بانوءَ جي ماءُ ڊپٽيءَ جي گهران ماني پچائيءَ آڻي؛ ماني رکي. هوءَ بانوءَ کي وٺي اچڻ لاءِ اُٿي؛ اڃا برقعي ۾ هٿ مس وڌائين، ته بانو تڪڙي تڪڙي اندر گهڙي آئي... سڌي وڃي کٽ تي ڪِري- تڪڙا ساهه پئي کنيائين. ماڻس، گهٻرائجي، ٻانهن ۾ هٿ وجهي، پڇيس: ”ڇو، بانو، بخار اچي ويئه ڇا؟“ بانوءَ نفرت آميز غصي ۾ چيو: ”امان، سڀاڻي کان نوڪريءَ تي ڪانه ويندس...“ ماءُ جي اکين ۾ پهرين حيراني۽ پوءِ غصي ۽ ڏک جي مليل ڪيفيت ڇائنجي ويئي. سندس شاڪي نگاهون مٿي آسمان ڏانهن کڄي ويون- ’اوه، ايڏي اونداهه!... هيءَ اڪيلو روح، ۽ هي حيات جون اونداهيون راهون ڪيئن اڳتي وڌجي، ڪيئن پنڌ پڄي!‘

هيءَ بيدردي دنيا،... ۽ ڪنهن اڪيلي انسان جي جيئري جان! ڪڏهن زندهه رهڻ لاءِ انسان کي پنهنجيءَ انسانيت جي قرباني به ڏيڻي ٿي پوي. صدين جي سلسلن ۾، مجبورين جون راهون به ڄڻ مقرر ٿي وييون آهن.- خودڪشي، يا ذلالت، بانوءَ جي ماءُ تي مجبورين جي حد ٿي چڪي هئي؛ ليڪن هوءَ اڃا زنده هئي... کيس ٻين جي ناجائز ناتن ملائڻ جو پيشو اخيار ڪرڻو پيو. ائين ڪندي، سندس دل ٻوساٽجي ويندي هئي، ۽ هوءَ چاهيندي هئي ته جيڪر انهيءَ ذليل زندگيءَ کي ٻرندڙ مچ ۾ اڇلائي جلائي ڇڏي، جنهن جي حفاظت ڪندي اخلاق ۽ عزت جون ڌڄيون به اُڏامي ويئون هيون... ۽ هن سڄيءَ دنيا کي چوُچڙي لڳائي ڇڏي، جنهن ۾ هن کي بکئي پيٽ لاءِ عزت جو رُکو ٽڪر به نصيب نٿي ٿي سگهيو!

احمد جڏهن بانوءَ ڏانهن هيترن سالن کان پوءِ به واٽ نه واري، تڏهن پنهنجي زندگيءَ جي ڏيئي جي جهيڻي لاٽ ڏسي، بانوءَ جي ماءُ کي انهيءَ فڪر اچي ورايو ته کانئس پوءِ هن جي زندگي ڪيئن گذرندي! ’ڇو نه هن کي احمد کان آزاد ڪرائي، ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏيان!‘...يڪا يڪ اهو خيال هن جي دل ۾ آيو. ان کي عملي جامو پهرائڻ جيتوڻيڪ ڏکيو هو، ڇو ته سندن خاندان ۾ ڪنهن به زال ٻيو مڙس نه ڪيو هو. سندس زندگي ڪيئن ٿي گذري، اهو ته سندس قسمت تي ئي منحصر هو- فلحال، سڀني رڪاوٽن کي خيال ۾ نه آڻي، هن اها ڳالهه بانوءَ سان ڪرڻ جو خيال ڪيو. هن بانوءَ کي سندس تاريڪ ۽ بي سهاري آئيندي جو تصور ڏياري اِها رِٿ ٻڌائي، ته هوءَ بيتاب ٿي ويئي، ۽ چوڻ لڳي:“ تنهن کان مون کي گهُٽو ڏيئي ماري ڇڏ، پر مان هرگز نه ڪنديس!..“ هو پيشمان ٿي ويئي، ۽ کيس وري ڪجهه چوڻ جي همت نه ٿي سگهي.

بانو اڃا زندگيءَ جي گلستان ڏانهن اوسيڙي ڀريون اکيون کڻي رهي هئي... مگر سندس تمنائن جي گلن کِڙڻ لاءِ اها بهار ڪٿي هئي، جنهن جي انتظار ۾ هن خزان جا دلسوز جُهوٽا سَٺا هئا!

جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ احمد لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا ته بند ٿي ويا هئا، پر کيس ڪا سٺي خانگي نوڪري به نه ملي سگهي. پورو پنو ڪمائيندو هو، جنهن مان هو- جنهن مان هو ڇڪي تاڻي پيٽ پالڻ لڳو. امينه جڏهن ڪمزور جسم ۽ ميرن ڪپڙن ۾ گذارڻ واري احمد کي ڏسندي هئي، تڏهن هن جي دل بدمزي ٿي ويندي هئي. احمد وٽ هاڻي رهيو به ڇا هو- نه دولت، نه صورت!... ۽ هڪ ڏينهن نيٺ هوءَ سندس ڇنل ٽُٽل آکيري مان اڏامي ويئي.

اها خبر احمد جي مائٽن کي پيئي، ته سڀني کي خوش ٿي. سڀڪو سمجهڻ لڳو ته اهو سڀ. بانوءَ جي آهُن جو اثر آهي حويليءَ جون زالون کيس مبارڪ ڏيندي چونديون هيون، ’بانو، خدا نيٺ تنهنجي ٻُڌي، هينئر احمد تنهنجو آهي-‘ مگر، هيءَ خلاف اميد خبر ٻڌي، بانو ذرو به خوش نه ٿي. هوءَ دير دير تائين آسمان جي تارن کي تڪيندي تڪيندي سوچيندي هئي. ’آخر امينه ئي ٿڪجي احمد کي ڇڏي هلي ويئي، پر احمد کيس ڇڏي مون وٽ نه آيو!... تڏهن ڏوهه رڳو امينه جو نه هو!‘

احمد، پشيمانيءَ جي خفت کان، هنن کي منهن ڏيکاري نه سگهيو. کيس پنهنجي سرد مهريءَ ياد اچي، اکيون مٿي کڻڻ نٿي ڏنيون. انهيءَ احساس کي مٽائڻ لاءِ هو ڪٿي ٻئي هنڌ هليو ويو.

امينه جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن مهينن پڄاڻا به احمد گهر جو رخ نه ڪيو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ هن مان آسرو لاهي ويٺا. ’هن نالائق مان ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي... سوئر جو ڦر!‘ رحيم ڪاوڙ ۾ اچي هن کي گار ڏيندو هو- جيڪا اڌ کيس ئي لڳي ايندي هئي.

سخت سياري جا ڏينهن هئا. صبح کان وٺي برسات پيئي هئي، ته به اڃا آسمان صاف نه ٿيو هو. رکي رکي وڄ جي چمڪاٽ پراڻن گهرڙن جي مڪينن کي ڏڪائي ٿي ڇڏيو. بانو ڪوٺڙيءَ ۾ ٽن ڏينهن کان بخار ۾ بيهوش پيئي هئي. پاسي جي سور کيس گذريل ٽن راتين کان هڪ گهڙي به آرام نه ڏنو هو. پوڙهي ماءٌ، ڀرسان ويٺي ڇيڻن جي باهه تي تيل گرم ڪري رهي هئي. بانوءَ جي قسمت تي سوچيندي، هن جي بينور اکين مان ڳوڙها ڪري رهيا هئا. امينه احمد کي ڇڏي ويئي هئي، تنهن کي به سال کن ٿي ويو هو. جنهن ڏينهن بانوءَ کي بخار شروع ٿيو هو، ان ڏينهن هن، ڇت جي ڏنگين ڦڏين ڪاٺين کي گهوريندي، کيس چيو هو:

”امان، هو نيٺ ته ايندو نه؟“

”ها، ڌيءَ ڇو نه ايندو- ضرور ايندو.“ ماءُ کيس دلداري ڏئي چيو.

”اما، جڏهن اچي ته کيس چئجانءِ- بانو توکي ڏاڍيون دعائون ڪندي هئي...!“

”دل نه لوڙهه، ڌيءَ! جڏهن اچي ته تون پاڻ کيس چئجانءِ-.“ ماءُ پنهنجا آنسو اوندهه ۾ لڪائيندي چيو. ’اوه، منهنجي بدنصيب ڌيءَ!...تو ڪهڙا ڪنڊا پوکيا هئا، جو خوشيءَ جو هڪ گل به حاصل نه ٿي سگهيئه!... منهنجي پياري ڌيءَ، تون پنهنجيءَ سونهن سان گڏ ايڏي تاريڪ قسمت ڪيئن کڻي آئينءَ...؟‘

ٻاهر هوائون تيز ٿي ويون هيون. هوءَ بخار ۾ بيهوش بانوءَ کي جاڻ ۽ تيل جي مالش ڪرڻ لڳي. کيس ڊبل نمونيا ٿي پيئي هئي... ۽ دوا لاءِ وٽن ڪوڏي به ڪانه هئي. کيس ائين تڪليف ۾ تڙپندي ڏسي، هٻڪي هٻڪي، ماءُ کيس چيو: ”ڌيءَ، اها مُنڊي نه  ڏين ته گروي رکي تولاءِ دوا وٺي اچان.“

”نه، اما، آءٌ ڪا مري ٿوروئي ٿي وڃان!...“ ماءُ کي خبر هئي ته اها مڱڻي جي مُنڊي هن جي لاءِ صبح جي تاري کان گهٽ ڪين هئي. گذريل فاقن ۾ جڏهن سندن ٻيا سڀ زيور ختم ٿي ويا هئا، ته بانوءَ ٽي ڏينهن بُکي رهي به هيءَ منڊي وڪڻڻ نه ڏني هئي. پاڙي اوڙي ۾ خاموشي لڳي پيئي هئي؛ صرف گهٽي ۾ نيسارن مان پاڻيءَ ڪِرڻ جو آواز ٿي آيو. رکي رکي وڄ پئي چمڪاٽ ڪيا. ڪجهه دير بانوءَ کي مالش ڪري، هوءَ ڏيئي جي وٽَ جَهڪي ڪري، سندس ڀرسان کَٽ تي ليٽي پيئي. ٿَڪ سبب هن جون اکيون جلد بند ٿي وييون- کيس ننڊ اچي ويئي. چڱو وقت گذري ويو. برسات وري تيزيءَ سان وسڻ لڳي هئي. ان وقت ٻاهر گهٽيءَ ۾ هڪ ٽانگو اچي بيٺو، ۽ زور زور سان هارن وڄڻ لڳو؛ ليڪن، سجاڳ هوندي به ڪوئي ٻاهر نه نڪتو. برسات کان ششدر ٿي، هڪ ماڻهو، سامان لاهي پاسيرو رکي، هڪ دروازي کي زور سان کڙڪائڻ لڳو. مس دروازو کُليو. هو جهٽ اندر گهڙي ويو. سڄيءَ حويليءَ ۾ هلچل ۽ سجاڳي اچي ويئي. برسات جي تيزي سڀ کان وسري ويئي. ٻئي ديس کان آيل سهڻين چيزن کي سڏڻ لاءِ هرڪو مٿان اچي پيو.

چُلهه ۾ پيل باهه مٿان رک ڄمي ويئي هئي. بانو جي ماءُ اوسيڙي ڀري ننڊ سُتي پيئي هئي، ته سندس ڪوٺڙيءَ جي در تي زور سان ڌڪ هڻندي غفور رڙ ڪئي: ”ماسي،... او ماسي، در ته کول!“ غفور جي آواز مان بي انتها خوشي ڦُٽي رهي هئي ٿاٻڙندي وڃي در کولي هن جيڪي ڏٺو، تنهن کيس وائڙو ڪري ڇڏيو. اکيون مهٽي، وري ڏٺائين... سامهون، قيمتي ڪپڙن ۾ ملبوس احمد، ڪجهه سامان جا پئڪيٽ هٿن ۾ کنيو، غفور سان گڏ بيٺو مُرڪي رهيو هو-

”ها. چاچي، مان احمد آهيان.“ حمد جُهڪي سندس پيرن تي هٿ رکيا. ”... بانو ڪٿي آهي؟“

گهڙي کن احمد کي غورسان ڏسندي، يڪا يڪ هوءَ تيزيءَ سان بانوءَ جي کٽ ڏانهن وڌي- ”بانو... او بانو! احمد آيو اٿئي!...اُٿ، ڏس ته ... بانو!“ هن خوشيءَ ڀري آواز سان ڪيترائي سڏ ڪيا؛ پر بانوءَ ڪو به جواب نه ڏنو. ڪمبل پري ڪري، هوءَ کيس ڌونڌاڙڻ لڳي... ليڪن سندس برف جهڙي سردي جسم سان هٿ لڳندي ئي هن کان چيخ نڪري ويئي.

”بانو...! هڪ دلدوز رڙ ڪري، هوءَ بيهوش ٿي ڪِري پيئي.

احمد دروازي وٽ گم سم بيٺو رهجي ويو. غفور اڳتي وڌي ڏٺو- بانوءَ جي مُرجهايل چهري تي تلخ مُرڪ ڇانيل هئي. هوءَ ڄڻ مٺيءَ ننڊ ۾ ستي پيئي هئي. غفور جي مايوس نگاهن احمد ڏي نهاريو... احمد جي هٿن مان سامان جا پئڪيٽ ڪِري هيٺ پکڙجي ويا...

ٻاهر، آسمان جي گهُور انڌيرن ۾، بجلي چمڪي وري گم ٿي ويئي.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment