Friday, December 4, 2020

درد، جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو - ڪيرت ٻاٻاڻي

درد، جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو

ڪيرت ٻاٻاڻي



هو ماسترن واري ڪمري ۾ داخل ٿيو ته کيس هڪ ميرو، ڦاٽل ۽ مروٽيل سروٽيل ڪاغذ جو ٽڪرو مليو. پني کي سنواري، ان تي پينسل سان لکيل ڪچا ۽ اَڏا ابتا اکر پڙهيائين – هڪ دفعو، ٻه دفعا، ٽي دفعا – ور ور ڪري چٺيءَ ٽڪر پڙهيائين. ڪجهه هيئن لکيل هو:

”پياري نرملا،

”مان تو کي ڪيترو نه ڀانيان ٿو! تو کي گهڻوئي ٿو ياد ڪريان، پر تو ته شايد مون کي ڀُلائي ڇڏيو آهي. مان تو کي رسيس جي وقت ڳوليندو آهيان، پر تون ڪٿي به نه لڀندي آهين. اڄ مون سان ضرور ملجانءِ. – تنهنجو، هريش“

ٻارهن سالن جي هن معصوم ٻالڪ جو معصوم خط پڙهي، هو هڪ طرف تپرس ۾ پيو ته ٻئي طرف مونجهاري ۾ ويڙهجي ويو. اهو خط کيس انهيءَ مراد سان مليوهو ته هو ان جو نيڪال ڪري؛ ڇوڪري کي تنبيهه ڪري، جنهن جي سر تي پريم جو ديوتا سوير ئي سوار ٿيو هو. اهڙي خط جو هو ڪهڙونيڪال ڪري، اُن سوچ ۾ هو ٻڏي ويو.هن کي پهريون خيال اهو اُتري آيو ته ڇوڪري ۽ خط کي اسڪول جي هيڊ ماستر جي حوالي ڪري، جئن هوئي پنهنجي هٿن سان انهيءَ معاملي کي فيصل ڪري؛ پر اوچتو سندس خيال کي ڇٻي اچي وئي. اسڪولي جيوَن جو هڪ واقعو بجليءَ جي چمڪاٽ جيان سندس اکين اڳيان ڦري آيو. هوبهو اهڙو واقعو – منوهر ۽ گوپي، گوپي ۽ منوهر!


گوپي ۽ منوهر سندس هم – ڪلاسي هئا. گوپي ڪلاس جي شيرڻي ليکي ويندي هئي. ڪنهن ڇوڪري کي ساهس نه ٿيندو هو جو سندس سامهون بيهي سگهي. هن سان چرچو ۽ کِل ڪرڻ ته ڏور رهيو، پر ساڻس چپ چورڻ جي همت به ڪن جزوين کي ٿيندي هئي. هرڪو هن کان ذري گهٽ ڪنبدو ۽ ڪَن هڻندو هو.هوءَ اهڙي رعب سان هلندي هئي، جو لاٽ جي پٽ کي به آخر ۾ نه آڻيندي هئي. ڀرسان ڪير لنگهي ويندو هوس، ته مجال آهي جو اک کڻي به نهاريس! رستي تي اڙٻنگ ڇوڪرا ڪيترا به چرچا ۽ مسخريون ڪري سندس ڌيان نه ڇڪائي سگهندا هئا؛ ۽ جي اتفاق سان ڪنهن ڏانهن ڪَوڙي نظر کڻي اڇليندي هئي ته اهو ڇوڪرو رڍ وانگر ٻين جي پٺيان لڪي هلڻ شروع ڪندو هو. جيڪڏهين ڪنهن ڇوڪري جي ڀرسان لنگهندي هئي، ته هو پنهنجي پاسي ۾ سچ پچ شيرڻيءَ کي محسوس ڪري ڊنل هرڻيءَ وانگر چار وکون پٺتي هٽي ويندو هو. رستي تان ويندي، اکيون ۽ لوندڙيون ’هوشيار‘ جي حالت ۾ ائين سڌيون ڪري هلندي هئي، جئن قواعد ۾ سپاهي: مجال جو اک کڻي ڇنڀي يا ڪنهن تي پاسيري نظر اڇلائي! ڪنهن رستي يا گهٽيءَ مان گذرندي هئي ته ڪيترائي شائق سندس انهيءَ شهاڻي رعب جو نماءُ ڏسڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندا هئا.

هوڏانهن منوهر گوپيءَ جي اُبتي ڪاپي هو. نالو منوهر هوس، پر اسڪول جا سنگتي کيس ’پوپري‘ ڪري پڪاريند اهئا. ڪنهن ڇوڪريءَ جو نالو سندس اڳيان وٺجي ته سندس ڳلن تي رت مڙي ايندو هو ۽ ڪَنَ جون پاپڙيون به سرخ ٿي وينديون هيس. ڇوڪرين کان ڏهه ڪوهه ڏور ڀڄندو هو. جي ڪا ڇوڪري ڀرسان لنگهندي هيس ته پاسيرو ٿي ويندو هو، يا ڪجهه قدم پٺتي هٽي ويندو هو. گهر ۾ ڪا ڇوڪري ايندي هين ته پاڻ ڪونه ڪو بهانو ڪري ٻاهر کسڪي ويندو هو. ڪلاس ۾پڻ ڇوڪرين جي بينچن کان گهڻو گهڻو پٺتي وڃي ويهندو هو. ڇوڪرا کيس تنگ ڪرڻ لاءِ پويون بينچون والاري ڇڏيندا هئا، ته هو اَپدا هيٺ اچي ويندو هو. پنهنجي بينچ تي هميشہ اکيون هيٺ ڪري ويهندو هو. رستي تان هلندي، پري کان ڪا ڇوڪري ڏسندو هو ته نظرون ڌرتيءَ ۾ کُپائي ڇڏيندو هو.مجال آهي جو ڪنهن وقت اکيون مٿي ڪري ڪنهن ڇوڪريءَ جي چهري ۾ چتائي سگهي! سامهون ايندڙ ڇوڪري جيسين گهڻو پري نه هلي ويندي هئي، تيسين پنهنجون اکيون سڌيون ڪري نه سگهندو هو.

-  ۽ گوپيءَ ۽ منوهر جو پاڻ ۾ پريم هو! اهڙي ڳالهه کيس منوهر ٻڌائي هئي. منوهر سندس پاڙيسري هو، سندس متر هو، ۽ سندس دل – گهُريو دوست پڻ. اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي، جا منوهر کانئس ڇپائي رکي هجي. پهريون دفعو جڏهين منوهر ساڻس اها ڳالهه ڪئي ته کيس ويسهه ۾ نه آئي ۽ هو وسميه ۾ پئجي ويو هو. هن سوچيو هو: ’منوهر ۽ پريم! ... گوپي ۽ پريم! ... منوهر ۽ گوپي! .... منوهر ۽ گوپي ۽ پريم!‘ ڳالهه اعتبار کان ٻاهر هئي؛ پر جنهن سچائيءَ سان منوهر اها ڳالهه چئي هئي، تنهن ۾ شڪ جي گنجائش نٿي رهي.

منوهر رام جي گهر ويندو هو. رام نه صرف سندس دوست ۽ هم – ڪلاسي هو،بلڪ پاڙيسري پڻ. ۽ گوپي، رام جي ڀيڻ جي ساهيڙيءَ جي ناتي، نت نيم رام جي گهر ايندي هئي. منوهر پهريان ڪجهه ڏينهن رام جي گهر ايندي ڇرڪيو، پوءِ شرمايو، ۽ آخر ۾ اکيون هيٺ ڪري ويهندو هو. هو آهستي آهستي گوپيءَ کي ترڇين نظرن سان جاچيندو ٿي رهيو. گوپي، جا ڪلاس ۾ سڀني لاءِ شيرڻي هئي، سا کيس هت بالڪل اڌ ڀت لڳندي هئي. کيس اعتبار ۾ نٿي آيو ته گوپيءَ جو پڻ ههڙو روپ ٿي سگهي ٿو! هوءَ اسڪول واري گوپي نه پر بلڪل عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ گوپي هئي، جا رام جي گهر ۾ هرڻيءَ وانگر ٺينگ ٽپا پيئي ڏيندي هئي، ۽ کل ۽ ٽهڪڙو پئي وسائيندي هئي.اهڙو انوکو ۽ نرالو گوپيءَ جو روپ، منوهر کي پهرين اسنڀؤ لڳندو هو، پوءِ تپرس ۾ وجهندڙ لڳو، ۽ آخر عجيب ڪشش ڏيندڙ ڀاسيو. گوپي منوهر ڏانهن نهاريندي هئي، مشڪندي هئي، بعضي بعضي ناز سان نگاهون اڇلائيندي هئي، - ۽ ويچاري منوهر جي سانيتڪيءَ دل جي دنيا ۾ خوفناڪ زلزلو مچائي، ان جي ڀتين کي بنياد کان ڌوڏي ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيندي هئي.

۽ منوهر؟ ٿوري وقت ۾ منوهر جي ڪايا پلٽجي ويئي. منوهر ساڳيو منوهر نه رهيو. هو هڪ وچتر ڪردار بڻجي پيو. کيس جيترو گوپيءَ جي نراليت تي تعجب لڳندو هو، اوترو ئي پنهنجي بدليل شخصيت تي. ڪڏهين ڪڏهين کيس اعتبار ۾ نه ايندو هو ته ٻاهر وارو منوهر ۽ هيءُ منوهر ڪو ساڳيون شخصيتون آهن! کيس انهن ٻن شخصيتن ۾ ڪو سنٻنڌ نظر نه ايندو هو، ڪو ميل – ميلاپ سمجهه ۾ نه ايندو هو. رام جي گهر هو پنهنجو پاڻ کي سمجهي نه سگهندو هو.

منوهر نت نيم رام جي گهر ويندو هو، ۽ گوپي پڻ وس پڄندي ڀيرو نه ڀڃندي هئي. ٻئي ڄڻا پوري وقت تي هڪٻئي جو انتظار ڪندا هئا، ۽ عين ساڳئي وقت اُتي موجود هوندا هئا. هڪٻئي کي ڏسندي، هو شرمائجي ويند اهئا. هڪٻئي سان نظرون ٽڪرجڻ تي هنن جي چپن تي مسڪراهٽون ماکي هاري ڇڏينديون هيون، ۽ ترڇين نظرن سان هڪٻئي کي ڏسي، اکين جو ڍؤ ڪندا هئا؛ پر هڪٻئي سان ڳالهائيندي هچڪندا هئا. جيترو وقت هو اُتي موجود هوندا هئا، اوترو وقت هنن جي دلين جي ڌڙڪ ۽ اکين جي لڪڇپ جاري هوندي هئي. ڪيترا مهينا هو،نديءَ جي ٻن ڪنارن وانگر، هڪٻئي جي سامهون يڪايڪ هلندي به هڪٻئي ۾ ملي نه سگهيا هئا. هو پنهنجي سيني ۾ اٿاهه پريم جو درياءُ سمائي، خاموشيءَ جي مُهر لڳائي، خوابن جي دنيا ۾ دور دور هلندا ٿي ويا. هڪٻئي جي بلڪل ويجهو هوندي به دور هئا؛ ۽ هڪٻئي کان دور هوندي به ويجهائي محسوس ڪندا رهيا.

هڪڙي ڏينهن  منوهر هن وٽ ڊوڙندو آيو هو. سندس من ۾ وياڪلتا، ۽ چهري تي پريشاني هئي. ائين ٿي ڏٺو ته سندس دل ڪنهن ڳري بوجي هيٺ دٻجي رهي هئي. دل جو بار لاهڻ لاءِ هو بي صبر ۽ اتاولو ٿي رهيو هو. هن هر هر ڪرسيءَ تي ويهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر من اندر ايتري ته لوڇ ۽ بي آرامي هيس جو ڪٿي به ٽڪاءُ نٿي آيس. هر هر اُٿ – ويهه ٿي ڪيائين. جڏهين پنهنجي من جي سموري آترويلا جو ورنن هن سان ڪيائين، تڏهين من هلڪو ٿيس ۽ آرام آيس. پهريون ئي دفعو پنهنجي پريم جو راز پنهنجي سيني مان ڪڍندي، هڪ طرف دل جي ڌڪ – ڌڪ ٿي محسوس ڪيائين، ته ٻئي طرف پريم جو بوجو هلڪو ٿيندو ٿي محسوس ڪيائين. منوهر جي دل جي ڪيفيت ڪجهه عجيب هئي. هو ايترو وقت پريم تي خاموشيءَ جي مهر لڳائي، پريشان ٿي رهيو هو. سندس دل جا اُڌما کيس وياڪل ڪري رهيا هئا. سندس دل جي ڌڙڪ کيس تڙڦائي رهي هئي. هن پنهنجي دل جو راز ڪنهن وٽ کولي رکڻ ٿي گهريو. هن پنهنجي پريم جي پشپن کي ڪنهن جي اڳيان ڀيٽ رکڻ ٿي گهريو. هن چاهيو ٿي ته پنهنجي دل جا بند ٽوڙي، سيلاب بڻجي، ڪنهن جي دل پريم ساگر ۾ ٻوڙي ڇڏي. هن جي دل، اَجهل بڻجي، پريم جي پالوٽ ڪرڻ ٿي گهري. هن پنهنجي دل کي کولي گوپيءَ جي اڳيان رکڻ ٿي گهريو – جئن هن وٽان پريم جي موٽ پائي، هو دل کي تسڪين ڏئي ۽ آنند جي ساگر مان سرڪيون ڀري.

هڪ ڏينهن، ٽاڪ منجهند جو، اونهاري جي تتل ڏينهن جئن اسڪول بند ٿيو، تئن ٻار نچندا ٽپندا ٻاهر نڪتا. سج آسمان مان پگهاريل باهه پئي وسائي. ڌرتيءَ نهائينءَ وانگر گرم هوا جون ڦوڪون پئي ڏنيون. منوهر بي اختيار ڪنهن جي پٺيان ڌيري ڌيري هلندو رهيو. هو، بيخيال، ڪنهن جي جستجو ۾ هو. سندس من ۾ جوشيلي ساگر وانگر ڇولين جو ايترو ته زور هو، جو کيس خبر نٿي پيئي ته اهي من ۾ اٿندڙ ڇوليون کيس ڪيڏانهن گهلي رهيون هيون. اسڪول جو رستو طي ٿيو. شهر جو شاهي رستو پورو ٿيو. گهٽين پٺيان گهٽيون آيون ۽ وينديون رهيون. گوپي اڳيان، ۽ منوهر پٺيان. گرميءَ جي تابش ڪري گوپيءَ جي ڳلن تي باهه جهڙي لالائي ڦهلجي ويئي هئي. سندس سارو جسم تپت ۾ ڄڻ پڄري رهيو هو. منوهر مٿان سج جي گرم ترورن خوب حملو پئي ڪيو، ۽ سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. سندس پيشانيءَ تان پگهر جون شفاف بوندون گسڪي، گرم ڌرتيءَ سان ملي، بخار بڻجي ٿي ويون. پر منوهر جي دل جي حالت ڪجهه عجيب هئي. ٻاهر هيڏي گرميءَ هوندي به سندس جسم ۾ هلڪو سياٽ ٿي اڀريو. سندس دل جي ڌڙڪ ايتري تيز هئي، جو ڀرسان لنگهندڙ کي، گهڙيال جي ٽڪ – ٽڪ وانگر، دل جي ڌڪ – ڌڪ جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ اچي. هو پاڻ کان بيخبر، گوپيءَ کان بيخبر، هن جي پٺيان هلندو پئي ويو.

گوپي هينئر پنهنجي گهر کي ويجهي پوندي ٿي ويئي. منوهر پنهنجي دل جي رفتار سان قدم جي رفتار پڻ وڌائي. جئن هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙيا، ته سنسناٽ لڳي پيئي هئي. منوهر تڪڙي وک وڌائي بجليءَ جي جهٽڪي جيان گوپيءَ جي اڳيان اچي بيٺو. کين خبر نه رهي ته ڪي خونخوار اکيون سندن مٿان ڦري رهيون آهن. هو ڇا چوي؟ کن لاءِ ٻئي پنڊ پهڻ وانگر ڄمي ويا. منوهر جي ڏڪندڙ بدن ۽ لرزندڙ زبان مان هڪ حرف به نه نڪتو. هن هڪ پني ٽڪر وڌائي گوپيءَ جي هٿ ۾ ڏنو، جنهن تي ٻه سادا جملا لکيل هئا: ’مان تو کي ڪيترو نه چاهيان ٿو! تون مون سان اڪيلائيءَ ۾ ملندينءَ؟‘ گوپي سراپجي وئي. سندس اکين مان باهه ٿي نڪتي. سندس چپ سرءَ جي سڪل پنن وانگر ٿي ڦڙڪيا. هن شوخ نگاهن سان منوهر کي ڏٺو – جئين شيرڻي پنهنجي شڪار کي ڏسندي آهي. جڏهين گوپيءَ گهر اندر پير پاتو ته مٿس باهه ٻري آئي.ڪي جو ڪي کيس ٻڌڻو پيو. هن ڪابه ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. سندس نيڻن مان مشڪل سان ٻه گرم آنسو نڪري هيٺ ڪريا.

۽ منوهر! گهايل پرندي وانگر، پنهنجي کنڀڙاٽين کي لڏائيندو، لمائيندو، نيم – بيهوشيءَ جي حالت ۾ پنهنجي گهر ۾ اچي کٽ تي ڪريو. ڪافي وقت سڌ ٻڌ وڃائي پيو هو. ڪن ڪلاڪن کان پوءِ هو جڏهين سامت ۾ آيو، ته ائين ٿي لڳو ته ڪنهن سندس دل کي چيڀاٽي وڌو آهي. سندس چهري تي اهڙا آثار ٿي ڏٺا، ڄڻ ڪن ڪلاڪن جي اندر هن جي چهري جي مکڙي مرجهائجي وئي هجي.

ٻئي صبح جو منوهر کي هيڊماستر جي ڪوٺيءَ ۾ سڏ ٿيو. جڏهين هو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتو، تڏهين سندس چپن ۽ نراڙ تان رت وهي رهيو هو. سندس چهرو ڪوئلي وانگر ڪاراٽجي ويو هو، ۽ سندس ڀُوري بدن مان ڄڻ ڪنهن رت چوسي ورتو هو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.

پاڻ ان وقت منوهر جي انتظار ۾ اسڪول جي پوئين ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو؛ ڇاڪاڻ ته کين پرون ته اڳ ۾ ئي پئجي ويا هئا. منوهر اونڌي ڪنڌ اچي سندس ڪلهن تي ڪريو، ۽ ننڍڙي ٻار وانگر سڏڪا ڀري رئڻ لڳو. پاڻ گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي، منوهر کي، ڪلهي جو سهارو ڏيئي، اسڪول جي احاطي کان ٻاهر آندائين، ۽ کيس سائيڪل تي ويهاري گهر پهچايائين. ان ئي ڏينهن منوهر بستري داخل ٿيو. گهر ۾ ٻڌايائين ته سائيڪل تان ڪريو آهي، پر ڳالهه ته وڄ وانگر پکڙجي ويئي. منوهر کي بخار آيو، جو وڌي مدي جو بخار ٿيو. مدي جي بخار ۾ هو ايترو وڦلندو ۽ رڙيون ڪندو هو، جو مائٽن جي ڳلن تان آنسو ئي نه سڪندا هئا. ڏيڍ مهيني جي پيڙا کان پوءِ هو بستري تان اٿيو؛ پر منوهر ساڳيو منوهر نه رهيو. اُن ڏينهن کان پوءِ هو وري اسڪول ۾ نه آيو. هو ڪنهن سان ملڻ نه چاهيندو هو. هو ماڻهن جي ويجهائي پسند نه ڪندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ معلوم نه آهي ته ڪيڏانهن الوپ ٿي ويندوهو. هن جي منهن تان مرڪ غائب هوندي هئي. ڪڏهين سندس منهن تي مشڪ ڏسبي هئي، ته سندس چهرو بلڪل عجيب لڳندو هو. ڪڏهين ڪڏهين ان کان پوءِ به منوهر ساڻس ملندو هو ته سندس اکين مان جهر جهر نِير وهي ايندو هو. هو منوهر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، همٿائيندو ۽ دلاسا ڏيندو هو، پر منوهر خاموش ويٺو رهندو هو، ۽ پوءِ اوچتو اُٿي هليوويندو هو.

- ۽ گوپي؟ ان ڏينهن کان پوءِ وري ڪنهن گوپيءَ کي نه ڏٺو. هن وري اسڪول ۾ پير نه ڌريو. ائين چيو ويندو هو ته کيس ناناڻي گهر موڪليو ويو هو. ائين به ٻڌبو هو ته ان ڏينهن کان گوپيءَ ڪنهن سان کِلي نه ڳالهايو هو. سندس شوخي ختم ٿي چڪي هئي. هوءَ ڪنهن اونهي درد جي هيٺ کوهِي گهمندي هئي. هن گهڻو ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. هوءَ اڪيلائي پسند ڪندي هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، بيسُرت، ڪنهن اونهي پُور ۾ پيئي هوندي هئي. ڪڏهين ڪڏهين سندس اکين مان ڳوڙهن جي ڌارا ڦُٽي نڪرندي هئي. ۽ ائين به ٻڌبو هو ته کيس زوريءَ شادي ڪرائي ويئي هئي، ۽ ٿوري وقت ۾ هوءَ .......

يڪايڪ اسڪول جي گهنڊ پنهنجي سيني تي لڳندڙ ٺڪاون کان اهڙي ته زوردار چيخ ڪئي، جو هن کان ڇرڪ نڪري ويو. رسيس ختم ٿي چڪي هئي. هو ڪرسي ڇڏي بي اختيار ڪلاس طرف وڌيو. ڪيئن ۽ ڪيڏيءَ مهل هو ڪلاس ۾ گهڙيو، تنهن جي سمڪ کيس نه رهي. هو ننڊ ۾هلندڙ شخص جيان پئي ڀاسيو. ڪلاس اندر داخل ٿيڻ سان هن زور سان چلايو – ”منوهر!“  سڀني ڇوڪرن کان ڇرڪ نڪري ويو. هنن ماستر جو اهڙو عجب روپ اڳ ۾ ڪڏهين ڪونه ڏٺو هو. هو منجهي پيا.

ڪجهه پلڪن کان پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. هاڻي کيس معلوم ٿيو ته هو ڪٿي آهي، ۽ ڇا ڪري ويٺو آهي. هن محسوس ڪيو ته دل جي پيڙا هيٺ هو سڌ ٻڌ وڃائي ويٺو هو، ۽ پنهنجي دل جي اندر درد کي نه سمائي سگهيو هو. هن پنهنجي هٿ وارو ڪاغذ هٿ ۾ ئي مروٽي سروٽي دريءَ کان ٻاهر اڇلايو، ۽ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري، هڪ اونهو ۽ ٿڌو ساهه ڀري، ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۲-۱۹۵۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment