Tuesday, December 8, 2020

ڇا، اهو خواب هو؟ - موپسان

ڇا، اهو خواب هو؟

موپسان              

سنڌيڪار: علي بخش ميمڻ



مون هن سان محبت ڪئي.

محبت! ڪوئي محبت ڇو ٿو ڪري؟ ڇو؟ آخر ڇا لاءِ اسين محبت ڪريون ٿا؟ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي! صرف هڪ انسان، صرف هڪڙي صورت، هن جهان ۾ پَسڻ! هڪ خيال، اهو ئي دل ۽ دماغ ۾ سمايل! هڪ خواهش، هڪ آرزو ۽ صرف هڪ تمنا جي تسلي! هڪ هستيءَ جو ذڪر، هڪ چيز لاءِ جدوجهد! هڪ نالو، صرف اهو نالو هر وقت هي چپ چـُمن! نالو، جو سواءِ ڪنهن ڪوشش جي، خودبخود دل ۽ دماغ مان چشمي جي پاڻيءَ وانگر چڙهندو ۽ اڀرندو نظر اچي؛ اهو نالو جو هر وقت اچاريو ۽ پچاريو وڃي، هر ساعت ۽ هر گهڙيءَ عبادت سمجهي حفظ ڪيو وڃي!.... ڪاش، ڪوئي مون کي ٻڌائي!


مان اوهان کي هڪ داستان ٻڌايان ٿو، ڇو جو محبت جوداستان صرف هڪ ئي آهي – هر هنڌ ۽ هر وقت ساڳيو.

مان هـُن سان مليس، هن سان محبت ڪيم، ۽ بس. ساروئي سال ان جي محبت جي سهاري جيئندو رهيس. هن جي آغوش ۾، هن جي ڪپڙن ۾، هن جي لفظن ۾ ويڙهيل سهيڙيل، جذب ۽ غرق، هن دنيا مافيها کان بيخبر، دک ۽ سک کان بي نياز، موت ۽ زندگيءَ کان غافل، - پيو رهيس، سندس صحبت ۾ سرشار ۽ مگن!

هڪڙي ڏينهن هوءَ آئي -  ساري پاڻيءَ ۾ پـُسيل. سردي سندس رڳ رڳ ۾ گهڙي ويئي هئي. برسات ۾ ٿڌ جو اهو اثر ٿيو جو ٻئي ڏينهن هن کي کنگهه ٿي، ۽ اهو سارو ئي هفتو تڪليف ۾ مبتلا رهِي. مون کيس اسپتال ۾ آندو. ان کانپوءِ مون کي خبر نه آهي. مان اوهان کي ٻڌائي نه سگهندس – صرف ايترو ياد اٿم ته ڊاڪٽر پئي آيا، نسخا پئي لکيائون، دوائون پئي آيون، ۽ ڪن عورتن  اهي دوائون پئي هن کي پياريون. هن جا هٿ گرم هئا. هن جو مٿو باهه جي کوري جيان جلي رهيو هو. هن جون اکيون بلب وانگر چلڪيدار مگر غمگين هيون. جڏهن مون سان هن گفتگو پئي ڪئي، تڏهن سندس اکين ۾ ڳوڙها تري ٿي آيا. هن ڪجهه چيو ٿي، مگر مون ڪجهه نه ٻڌو. اهي داستان مون وساري ڇڏيا آهن. مون کي ڪجهه به ياد نه آهي. هوءَ مري ويئي. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو..... نرس دانهن ڪئي ۽ مان سمجهي ويس – سڀڪجهه سمجهي ويس. مون کي وڌيڪ خبر نه آهي. صرف هڪ مولوي ڏٺم، جنهن چيو: ”اوهان جي گهر واري....“ ۽ مان ائين سمجهڻ لڳس ڄڻ هو اهي اکر چئي هن جي بيعزتي ڪري رهيو هو؛ ڇو جو هوءَ مئل هئي، ۽ ڪنهن کي به اهو اختيار نه هو ته ان کي اڃا به مون ڪمبخت سان ملحق ڪري. مون هن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ٻيو آيو، جو هن کان وڌيڪ مهربان ۽ مشفق پئي نظر آيو. هن اڃا ڪجهه چيو به ڪو نه، ته منهنجين اکين مان ڳوڙها ڪِري پيا. هن مون سان ڪفن دفن بابت صلاح مصلحت ڪرڻ پئي چاهي، مگر مان ڪجهه به سمجهي نه سگهيس. حواس باخته ۽ غائب دماغ هوس. مون کي صرف ايتري يادگيري آهي ته اهڙي حسين جسم کي هنن مٽيءَ جي حوالي ڪيو – تاريڪ ۽ خاموش غار ۾! او خدا، او الله .....! هن کي دفن ڪيو  ويو، سو به ان اونداهي ۽ اڪيلي غار ۾! گهڻيئي عورتون ۽ مرد همدردي ظاهر ڪرڻ آيا، مگر آءٌ ڀڄي ويس. گهٽين ۾، رستن تي ڊڪندو ۽ ڊوڙندو رهيس. ٻئي ڏينهن مسافريءَ تي سنبريس – اهڙي مسافري، جنهن جو ڪو به پتو ۽ نشان ڪو نه هو ته ڪٿي ۽ ڪڏهن ختم ٿيندي. ڪالهه واپس موٽيس، ۽ جڏهن ان ڪمري جي نزديڪ آيس ۽ انهن سڀني شين جي ويجهو آيس – ڪمرو، بسترو، فرنيچر ۽ اهو سڀڪجهه جو ڪنهن جي موت کان پوءِ به زنده رهي ٿو – ته مون کي الائي ڇا ٿي ويو. اهو غم جنهن کي دفن ڪرڻ لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍيا هئم، تازي زخم جي عذاب وانگر لـَس نـَس مان اڀري ۽ ڦاٽي نڪتو. مان ترسي نه سگهيس، ۽ نه وري اهي ديوارون جن هن کي پناهه ڏني هئي ۽ جن تي اڃا تائين هن جي وجود جا ڪيترا نشان موجود هئا، تن کي ڏسڻ جي همٿ ساري سگهيس. يڪدم پنهنجي ٽوپي سنڀالي ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيم؛ مگر دروازي وٽ پهچندي ئي قد آدم آئيني تي نظر پيئي، جو هـُن وڏي هال ۾ پاڻ کي روزانو پيرن کان وٺي سر تائين ڏسڻ لاءِ رکايو هو – صرف ان لاءِ ته هوءَ ٻاهر وڃڻ کان اڳ هڪ نظر پنهنجي لباس ۽ چهري تي اڇلائي سگهي – فقط ان لاءِ ته هوءَ ٻين جي سامهون اچڻ کان اڳ ڏسي ته هن جي حسن ۽ شان ۾ ڪمي ته ڪا نه رهجي ويئي آهي! مون کي ڄڻ ته بريڪ لڳي ويو. ان آرسيءَ جي سامهون بيٺو رهيس، جنهن تي هـُن جو ڪئين دفعا پرتوو پيو هو – ايترا دفعا، جو ضرور هن سندس حسن مان ڪجهه نه ڪجهه پاڻ وٽ محفوظ رکيو هوندو. مان بيٺو رهيس، ڏڪندو ۽ ٿڙڪندو، اکيون شيشي مٿان کتل، ايڏي وڏي ڀرپور ۽ خالي شيشي مٿان، جنهن ۾ هوءَ ساري سمايل هئي – ايتري، جيتري منهنجي اکين ۾. مان ائين محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ ان شيشي سان منهنجي دل جون ٽٽل تارون ڳنڍجي رهيون هيون. مون ان کي ڇـُهيو. اهو برف جيان ٿڌو هو. اف، ماضيءَ جي ياد! غمگين آرسي، خوفناڪ ۽ ڀوائتي آرسي، تون ڪيئن اسان کي آڻيو ماضيءَ ۾ وجهين! خوش نصيب آهي اهو انسان، جنهن جي دل سڀڪجهه وساري سگهڻ جي طاقت رکندي هجي – اهو ڪجهه جو هن جي دل مٿان سوار ٿئي، اهو سڀڪجهه جو هن جي اکين اڳيان گذريو هجي، ۽ اهو به جو هن جي نظر ۾ سمائجي ويل هجي – نه صرف اهو، پر هر چيز جا هن جي محبت جي گواهه هجي!

مان نڪري ويس؛ سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ، مرضيءَ ۽ خواهش جي خلاف، مقام ڏانهن هليو ويس. مون هن جي قبر لڌي. اڇو کير جهڙو پٿر، ٿورا گلن جا پن، ۽ ڪجهه الفاظ جي ان پٿر مٿان اڪريل هئا: ”اُها هتي آهي، خاموش ۽ لاچار، جنهن پنهنجي مڙس سان محبت ڪئي – اهڙي محبت، جنهن جي موٽ صرف محبت ئي ٿي سگهي ٿي.“ سڏڪا ڀريم؛ سواءِ ڪنهن هوش حواس جي، پيشاني سندس سر مٿان ڌريم، ۽ ويٺو رهيس. ڪيترو وقت ويٺو هوس، سا خبر مون کي به ڪا نه پيئي؛ مگر جڏهن ڏٺم ته اوندهه وڃي ئي روشنائيءَ مٿان غالب پوندي، تڏهن اچي ان خوف ورايم ته ڄاڻ مقام جي متوليءَ مون کي پنهنجي محبوب کان جدا ڪيو. ان خيال ايندي ئي مون کي ڊپ اچي ورايو، ڇو جو مون چاهيو پئي ته اها آخري رات هن جي قبر مٿان ويهي گذاريان. پاڻ کي بچائڻ لاءِ، ان خاموش شهر ۾ نڪري پيس. گهمندو رهيس. هي اسان جي شهر جي ڀيٽ ۾ ڪيترو نه ننڍڙو ۽ نزاڪتدار هو! اسين چاهيون ٿا ته وڏا شهر هجن، پڪا ۽ ڪشادا رستا، ايتريون ڪوٺيون ۽ ڪمرا هجن جو اسان جون چار پيڙهيون رهي سگهن، ۽ انهن ئي چشمن مان پاڻي پيئن، ان ئي زمين مان خوراڪ حاصل ڪن، ۽ انهن ئي وڻن مان ميوو کائين.... مگر، انهن مـُئلن جون پيڙهيون؟ افسوس، ڪجهه به ڪو نه! زمين انهن کي واپس وٺي، پاڻ سان گڏ انهن کي به پاڻ جهڙو بڻايو ڇڏي، ۽ بس.

مقام جي آخرين حصي ۾ پهچڻ تي مون اوچتو ڇرڪ ڀريو؛ ۽ سمجهيم ته مان تمام جهوني حصي ۾ اچي پهتو آهيان، جتي جيڪي گهڻو وقت اڳ مري چڪا هئا، سي وري پنهنجين اصلوڪين صورتن ۾ تبديل ٿي ويا هئا. اهي وڻ ۽ ٻوٽا به ڏٺم، جن جو گذران انساني ماس ۽ هڏن تي هو – جتي سڀاڻي ٻين کي دفن ڪيو ويندو، ته جيئن انهن گلن ۽ ٻوٽن کي انهن جي ماس مان کاڌ خوراڪ حاصل ٿئي. ٻين جي نظرن کان محفوظ ٿيڻ لاءِ مون پاڻ کي هڪ وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪايو. مان انهن ٽارين ۽ شاخن کي چنبڙي پيس، جيئن ڪو ٻڏندڙ ماڻهو ڀڳل تختن ۽ سڙهن کي سوگهو ڪندو آهي.

جڏهن ڀيانڪ اوندهه واسو ڪيو، تڏهن مون پنهنجي پناهه واري جاءِ ڇڏي، هوريان هوريان، پير پير ۾ ڏيندي، آهستي آهستي ان مـُڙدن جي ميدان ۾ هلڻ شروع ڪيو. ڏاڍو ر ُليس، گهميس، مگر مون کي اها قبر نه هٿ اچڻي هئي، نه آئي. تڏهن به آءٌ پنهنجيون ٻانهون کولي هن کي آغوش ۾ وٺڻ لاءِ ڊڪندو ڊوڙندو رهيس. هر هڪ قبر ڏسندو رهيس – هٿن سان، گوڏن سان، پيرن سان، هر چيز سان – مگر اها قبر هٿ نه اچي سگهي. انڌي انسان وانگر هٿوراڙيون ڏيندو رهيس. ڪيتريون شيون – پٿر، هڏا، سڪل گـُل، سڀڪجهه جو ان شهر جو سينگار هو، سو منهنجن هٿن محسوس ڪيو، مگر جنهن چيز جي تلاش هيم، سا ڪا نه ملي. ڪهڙي نه بيچين هئي اها رات!..... مان هن کي وري ڳولي نه سگهيس! چنڊ غائب هو. تارا پيِلا ٿي ويا هئا. خوفناڪ ڪاري رات! مان ڊڄي ويس، ڏاڍو ڏڪي ويس، انهن سوڙهن پيچرن ۽ قبرن جي قطارن ۾! قبرون – ساڄي قبرون، کاٻي قبرون، هر هنڌ ۽ هر پاسي قبرون .... قبرون ئي قبرون!

شڪسته حال ٿي هڪ قبر مٿان ويهي رهيس. وڌيڪ هلڻ منهنجي طاقت کان ٻاهر هو. دل جي دڪ – دڪ صاف، نبض جو آواز تمام ويجهو، ۽ سر ڌرتيءَ جي گولي وانگر گهمندو محسوس ٿيم. ڪهڙي نه عجيب ڌرتي هئي، جت لاش ئي لاش پوکيل هئا! مون وڌيڪ ڪجهه به ٿي نه سگهيو. آءٌ هاڻي دانهن ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. نه صرف دانهن ڪرڻ لاءِ، پر موت لاءِ تيار ٿي ويس. اوچتو، ازغيبي، ائين ڀاسڻ ۾ آيو ڄڻ جنهن قبر مٿان آءٌ ويٺو هوس ان جو پٿر چرڻ پرڻ لڳو هجي. سچ پچ، اهو پٿر مٿي ٿيندو پئي ويو! آءٌ ڊپ جو ماريو، يڪدم وڃي ڀر واريءَ قبر تي ويٺس. هائو، اهو ئي پٿر جنهن تي مان ويٺو هوس، مٿي چڙهندو ويو، ۽ هڪ اگهاڙو ماڻهو، جو پٺيءَ جي زور سان پٿر کي پري ڪري رهيو هو، اندران ظاهر ٿيو. مون صاف ڏٺو – جيتوڻيڪ رات ڪاري ۽ اونداهي هئي، مون چٽيءَ طرح ان پٿر تي لکيل فقرا پڙهيا: ”هتي آهي حاجي خان قريشي، جو پنجاهه سالن جي عمر ۾ هن دارفانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو. هو پنهنجي ڪٽنب کي ڏاڍو ڀانئيندو هو، ۽ پاڙيسرين ۽ دوستن سان هميشه عزت ۽ اخلاص سان پيش ايندو هو. هن جو ڪو به دشمن ڪو نه هو.“ ان لاش اهو سڀڪجهه پڙهيو – سڀڪجهه، جو ان پٿر مٿان ڪاريگريءَ سان ا ُڪريل هو. مون ڏٺو ته هن هڪ ڊگهو چهنبدار پٿر هٿ ۾ کنيو، ۽ انهن اکرن کي مٽائڻ لڳو – جيئن ننڍڙا ٻار سليٽ تان غلط لفظ ڊاهيندا آهن. هن انهن سڀني اکرن کي ڊاهي ڇڏيو؛ ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجيءَ آڱر جي هڏيءَ سان پٿر مٿان لکڻ لڳو: ”هتي آهي حاجي خان ڪوري، جو پنجاهه ورهين جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان گذر ڪري ويو؛ جنهن پنهنجي پيءُ کي ان لاءِ زهر ڏنو، ته جيئن سندس ملڪيت کيس جلد هٿ اچي؛ هن پنهنجن ٻارن سان ڪڏهن به مـُرڪي نه ڳالهايو؛ هميشه پنهنجن پاڙيسرين کي ستائيندو رهيو؛ هر ڪنهن دوست کي ٺڳيائين؛ هرڪو سندس وجود مان بيزار هو.“

لاش جڏهن پنهنجو ڪارنامو لکي ختم ڪيو، تڏهن انهن اکرن ڏانهن هڪ غمگين نظر اڇلائي، ان پٿر مٿان ڪِري پيو. اوچتو منهنجون نظرون مٿي کڄي ويون.... منهنجي عجب جي حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته سڀ قبرون کليون پيون آهن ۽ هر هڪ قبر جو مالڪ ٻاهر نڪر ي آيو آهي: هو سڀيئي انهن سفيد ڪُوڙن کي جي سندن موت کان پوءِ مٿن مڙهيا ويا هئا، ڊاهي ۽ گم ڪري رهيا هئا! ۽ مون ڏٺو ته انهن مان هر هڪ، خوفناڪ ۽ هٿرادو حقيقتن کي ڊاهي ۽ مٽائي رهيو هو. مون ڏٺو ته هو ڪجهه لکي رهيا هئا. مون پڙهيو ته هو سڀ پنهنجن پاڙيسرين جا خوفناڪ دشمن هئا. هنن جي لکيتن مان معلوم ٿيم ته هو سڀ بي ايمان، بيوفا، ڪوڙا، حاسد، وطن دشمن، نشئي، زاني ۽ دغاباز هئا. وفادار دوست، ايماندار واپاري، عصمت ماب ۽عزت ماب – سڀني پنهنجي حياتيءَ ۾ ٺڳيون، دوکا، چوريون ۽ زوريون ڪيون: ڪو به اهڙو گناهه نه هو جيڪو انهن زاهدن ۽ شريفن پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪيو هو. اهي سڀ هڪ ئي وقت پنهنجي زندگيءَ جا شاهڪار چٽي رهيا هئا. هو پنهنجي زندگيءَ جي حقيقت، واحد ۽ آخرين حقيقت، پنهنجي هميشه رهڻ واري مڪان مٿان لکي رهيا هئا – جيئن هت اسين پنهنجن بنگلن ۽ محلاتن تي لکندا آهيون ”قصرِ ناز“، ”ايوانِ رفعت“، ”دارالسرور“، وغيره. ڪهڙو نه خوفناڪ هو انهن جو سچ!

مون کي سـُجهي آيو ته ضررو ’هـُن‘ به ڪجهه نه ڪجهه لکيو هوندو.... پنهنجي زندگيءَ جو سچ! مون ۾ همت ۽ جرات اچي ويئي. مون ۾ ڄڻ ته تازو خون ڊوڙڻ لڳو. يڪدم انهن اڌ کـُليل قبرن، لاشن ۽ هڏن وچان اٿي ڊوڙڻ لڳس. مان هـُن ڏانهن وڃي رهيو هوس، انهيءَ ئي محبت ۽ پيار سان. مون کي خاطري بلڪه يقين هو ته مان هن کي يڪدم سڃاڻي ويندس. منهنجو يقين آخر يقين ئي نڪتو. مان هن کي پري کان ئي سڃاڻي ويس. سندس صورت ڏسڻ کانسواءِ ئي کيس سڃاڻي ويس. اهو پٿر به ڏٺم، جنهن تي ٿورو وقت اڳ مون هي ڪتبو پڙهيو هو: ”اها هتي آهي، خاموش ۽ لاچار، جنهن پنهنجي مڙس سان محبت ڪئي، اهڙي محبت جنهن جي موٽ صرف محبت ئي ٿي سگهي ٿي.“ پر هاڻ مون ڇا ڏٺو؟.... ”- اها هتي آهي، خاموش ۽ لاچار، جيڪا هڪ ڏينهن پنهنجي وفادار مڙس کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي، برسات وسائيندي، پنهنجي جهوني عاشق سان ملڻ ويئي، رستي ۾ ٿڌ لڳڻ ڪري بيمار ٿي، ۽ مري ويئي“!

ٻئي ڏينهن مقام جي رکوالن مون کي ان قبر ڀرسان بيهوش ۽ بيسـُرت لڌو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment