Friday, December 4, 2020

وڏيري گهر - ابن حيات پنهور

وڏيري گهر

ابن حيات پنهور



”سائين، وس ڪيا اٿم، مڃي ئي نه؛ چي ’منهنجو هت گذر ئي نه ٿيندو‘. آخر هيٺ-مٿانهيون ڏيندي، مس وڃي پيرن تي بيهاريومانس. چيومانس؛ ’تون ڪو نه پرڻيو آهين، جڳ ٿو پرڻجي. پنهنجي اُجهائي خلق نه کلاءِ! الله کان اولاد انهيءَ لاءِ نه گهربو آهي ته پٺيان ٻنڀو ئي پوريو پيو هجي. ٻاهر جي سڄي کان گهر جو اڌ به چڱو. ائين ته ڪير ڪونه چوندو ته فلاڻي جو پٽ پراون درن تي رلي مئو‘. ٻڌايومانس، ’وڏيري وٽ اچ، مان به منٿ ڪندوسانس. الله ڪو وساريو آهي! سهنجي ٿي پوندي‘. پوءِ ته هائو ڪيائين. چيائين، ’هل ته تنهنجي پٺيان ٿو اچان‘.“

”جمن، وڏو آڙيڪاپ آهين! .....“ جمن اڃا ڳالهايو ئي پئي ته وڏيري وچ ۾ مرڪندي چيو.

”سلاماليڪم،“ شفن اچي پيرن تي هٿ رکيا.


”شفن، مبارڪون هجنئي!“ وڏيري چيو.

”سائين، خير مبارڪون، الله پنهنجون ڏئيوَ“. ائين چئي، کٽ جي پيرانديءَ کان پيل منجيءَ تي ٿي ويٺو.

”شفن، ڏي خبر، ڪيئن وڃي ايڏانهن اَٽڪئين؟“

”سائين، لکيي جا ليک آهن.“

”هاڻ ضرور انهن سان ڀڃي ٻارڻي پوندءِ!“

”ها سائين، جن وار وڇائي ڏنا، تن سان ويڇا ڪهڙا.“

”ڇورا، ڏسجئين متان سڀاڻي ......“

”نه سائين، خدا رکي، اهڙا ڪينهن.“

”هائو، تڏهن به- ’پنهنجي گهوٽ ته نشو ٿئيئي‘. جنڊو – پاڙو ته نه لکي ڏنو اٿئي؟“

”نه سائين.“

”پوءِ ڇو ٿو اباڻا ڪک ڇڏي هڏا رلائين؟“

”سائين، چوندا آهن – ’ننگ پيا، رنگ ويا‘. اڳي ته هوس ڇڙو ڇانڊ، ’جت پڪي تت کاڌي‘؛ هاڻي ته گذر جي به ڪرڻي آهي.“

”خدا جا بندا، جيڪو هاٿيءَ کي مڻ ۽ ڪيڙيءَ کي ڪڻ ٿو ڏئي، سو تو کي به اوس ڏيندو. اها ڳالهه نه ڪر، چئو کڻي ته پنهنجي وس نه آهيان!“ وڏيري نڪ کي موڙو ڏيندي ۽ ڪنڌ ڦيرائيندي چيو.

جمن وچ ۾ پئي ورندي ڏني:

”سائين، سچ ٿو چوي، ڇا ڪري، اڪيلو سر، ڪيڏانهن جي ڪندو؟“

”ميان، خدا ڏيڻ واروآهي، سرونڊير به پيا پيٽ پالين.“

”ڪٿي سائين، پنهنجي هلٽ وارا به پيا عذاب کائين، سر ونڊير کي ڇا حاصل ٿيندو.“ جمن چيو، ”ڪَتي ڳهندو، مس وڃي ٻه ڳوڻيون اَن جون ملنديس، جن مان نڪي کڙ نڪي تيل.“

”حيدرآباد ۾ تڏهن سؤ – هزار ڪمائيندو؟“

”سائين، ٻيو نه، ته به اڙيءَ اهنجيءَ ساهرا پيا هٿ ونڊائيندس. هن غريب وٽ ڇا رکيو آهي – نه ڍڳو نه ڍور ...“ جمن ڳالهه کي وٽ ڏنو: ”اوهين نه جيڪر وڙ ڪيوس، پنهنجو ماڻهو اٿوَ ..... هن جي ابي ڏاڏي به ته اوهان وٽ جوڳ اڙهي!“

”اسان کي ساڳيون اکيون آهن؛ ڍڳو ڍور کپيس ته هينئر به حاضر اٿس.“

”سائين، پوک هن کان ڪانه ٿيندي: نينگري اهڙي پرڻيو آهي جو نڪي لائيءَ – لاباري جِي، نڪي ڀريءَ – ڀاڪر جِي – شهري ماڻهو؛ باقي پاڻ واري کري تي نه ڪو هٽڙو ڪڍائي ڏيوس! ... هينئر ڦٽيءَ – ڦريءَ جي مهل آهي، پيو گذر ڪندو. چار اکرڙا ڄاڻي، تيل – تماڪ پيو ڏيندو وٺندو.“

وڏيرو ٻه منٽ ماٺٿي ويو. ويرم رکي، شفن ڏانهن نهاري چوڻ لڳو:

”شفن، ڇا صلاح اٿئي؟“

”سائين، مکڻ پئي مٿو سڙندو؟ ڏاڍيون دعائون ڪندو سانوَ!“ شفن هٿ ٻڌي ورندي ڏني.

”چڱو، پرينهن آءٌ کري تي ايندس،“ وڏيرو اٿڻ لڳو:”اچجانءِ ته اتي ويچارينداسون، خدا چڱي ڪندو، ها، مانيءَ جي مهل آهي، ائين نه وڃجئين!“

وڏيري پٺ ڏني ته جمن چوڻ لڳو: ’ابا، ڏٺئي! ’همت مردان، مدد خدا‘. وڏيرو پنهنجو مَٽ ٿئي – جهڙو گيهه جو گهڙو! وسؤن اڙئي کي نه ورائيندو.“

”چاچا،“ شفن وراڻيو، ”الله به ڏسِي ٿو ڏئي.“

”ها ابا، تڏهن ته لولو اگهاڻل آهي! چڱو، اٿي چيلهه ڊگهي ڪر: آءٌ گهوڙي کي پاڻي پياريو، ٽڪر ڀور کنيو ٿو اچان.“

شفن هٿ منهن ڌوئي، اوطاق جي صفي ۾ پيل پراڻي کٽولي تي ٻانهن سيرانديءَ ڏيئي ليٽي پيو. اڃا اک ئي ڪانه لڳيس ته جمن سڏ ڪيس: ”شفن، سنئون ٿيءُ ....“

ماني کائي، ٻنهي ويهي حال ونڊيو. سج پوئين پهر تي هو ته شفن موڪلائي روانو ٿيو.

”ڇا ٿي ڀائين!“ شفن زال کان پڇيو.

”جيڪا تنهنجي مرضي،“ جوڻس ورندي ڏني.

”وڏيرو ڏاڍو لائقن ڀريو آهي.ڪٿي نه اٽڪائي وڌئين، ته پنهنجو وقت چڱو پيو گذرندو.“

”الله شل ائين ڪري!“ جوڻس دلي مان پاڻي اوتيندي چيو.

”پڪ ڄاڻ! چا ٻڌايانءِ، وڏيرو ته نه آهي نه – تاڃيءَ پيٽي پٽ! مون ته اڃا ڳالهه ئي ڪانه ڪئي، رڳو جمن ٻڌايس ... الله به ڀل اهڙن کي اَڏي.“ شفن مرڪندي ۽ پاڻي پيئندي چيو.

ٻئي ڏينهن سوير ئي شفن مانيءَ ڳڀو کائي، سٽون سٽيندو، اچي کري ڀيڙو ٿيو.هاري ناري، ڪمدار ڪاراوا، اڳي ئي وڏيري جي واٽ نهاري رهيا هئا. ڳچ ڳچ دير کان پوءِ وڏيروبه اچي خير سان لٿو. سڀئي اٿي کڙا ٿيا.

”سائين، الله آندو اٿوَ!“ ”سوير ڀرو ته اچو ها!“ ”ڏينهن تتي نڪري پيا آهيو!“ مجمعي مان ٻن چئن ماڻهن چيو.

”گهوڙو ته ڪيئن پيو رڦي!“ هڪڙي هاريءَ گهوڙي کي گهمائيندي چيو.

”سوير ڀرو اچون ها، پر گهر ۾ چاڪائي ڪانه هئي. پهريائين ته آيس ئي نٿي؛ اڃا وري جو نڪتس ته جيرام در جهليو بيٺو هو، ڇڏي ئي نه: ’ڇهه آنا نفعي جا وٺو، موڪل ڏيو ته کري تي هٽ ڪڍان‘! جيئن تيئن ڪري جند ڇڏايم. واڻيو ماڻهو، موڪل سو ڏيانس ها، باقي هاري ناري ڦري ناس ڪري ها.“ وڏيري ڪوٽ لاهيندي ڳالهه ڪئي.

”شفن، چڱو جو آئين.“ شفن ڏانهن نهاريندي وڏيري چيو. ”جمن اڃا ٿو اچي – بدبخت کي جيترو تاڪيد ڪر، اوتري دير ڪري!“

”ڪمدار! منهنجي مرضي آهي ته هت کڻي هَٽ کولائجي – هاري ناري سڀ کي سهنج ٿيندو- ڪيئن ٿو ڀائين؟“ وڏيري ڪمدار کان پڇيو.

”واه سائين، ڏاڍي لءِ ٿي ويندي!“ ڪمدار چيو، ”رکندؤ ڇا؟“

”صلاح ڏي.“

”في الحال کڻي وکر وانو ...“

”خرچ گهڻو ايندو؟“

”چار پنج سؤ کوڙ ٿيندا؛ رڳو سهيڙڻ وارو سو هجي....“

ساعت رکي، وڏيري، کيسي مان قلم ۽ پنو ڪڍي، چٺي لکڻ شروع ڪئي.

”شفن، هيءَ چٺي وٺ، جمن کي ڏجئين. سڀاڻي ٻئي ڄڻا، گاڏي ڪاهي، هو تومل وٽ وڃجو، پاڻهي اوهان کي سامان وٺي ڏيندو ۽ سمجهائيندو.“

شفن چٺي وٺي، پيرن تي هٿ رکي، لک لک دعائون ڪندو، الله جا لطف ڳائيندو، ڳوٺ روانو ٿيو.

شفن واٽ تي ئي هو ته جمن گڏجي ويس. چٺي ڪڍي ڏنائينس، ۽ چيائين، ”وڏيري تنهنجي پڇا پئي ڪئي.“

”ابا، وڏيري جي جاءِ تي چاڪائي ڪانه هئي. چاچهنءَ سان ڳالهه ڪيم، سا ته اوڏيءَ مهل تيارٿي. چي، ’جنهنجو نمڪ ٿا کائون، تنهن جو خير ته گهرون!‘  ڏٺم ته ڳالهه واجبي ٿي ڪري، سو چيومانس، ’جي وڃين ٿي ته نينگريءَ شفن جي گهر واريءَ کي به وٺيو وڃ‘. ٻار ته ٿيا اوڏانهن روانا، پوءِته پاڙي مان ٽڪر پچرايو اجهو هينئر کايو پيو اچان.“

”وڏيرو ناراض ته ڪونه هو؟“ جمن اڳڀرو هلي، سڏ ڪري پڇيس.

”نه، چاچا، ڀلا، سڀاڻي ايندين يا نه؟“ شفن کانئس پڇيو.

”ڌڻي خير ڪري ... دعا ڪر، چرڪو سگهو اچي نڪرندس.“

”سلاماليڪم،“ جمن سلام ورايو.

”جمن، ڏاڍيدير ڪيئي؟“ وڏيري پڇيو.

”سائين، مس واندو ٿيو آهيان!“ جمن اک ڀڃندي جواب ڏنو.

”هلئون؟“ وڏيري هڪدم پڇيو.

”ها، ڀلي هلو.“

”چڱو، گهوڙي تي سنج وجهه.“

وڏيري گهوڙي تي لانگ ورائيندي جمن کي چيو: ”خاطري آهي نه؟“

”ڀوتار، تڏهن ڪيئن ٿو ڀائين!“ جمن ورندي ڏني.

وڏيرو گهوڙو هڪلي اچي ڳوٺ پهتو. دروازي تي اچي سڏ ڪيائين:

”جنان!“

”سائين، آيس.“ جنان اچڻ سان ڇانگرا ڪري چوڻ لڳي،”سائين، مٺائي!“

”هيڏانهن ته ڏس، پگهر ته سڪڻ ڏي!“ وڏيري قميص مٿي کڻندي چيو.

”صدقي وڃان، دشمنن کي ڏينهن لڳي ها ته پوءِ .... شل ٿي ويو آهين!“ ائين چئي، جنان مٿي تان رئو لاهي هوا ڪرڻ لڳي.

”ڪيئن، آهي حال ۾؟“ وڏيري اک ڀڃندي کانئس پڇيو.

”اجها ڏسجئين کڻي، ... لالڙي آ لالڙي!“ جنان چيو: ”خدا جا به رنگ آهن، ڦاٿي ته ڪٿي آ! ڇا ڄاڻي ويچاري، - وات مان ٿو کير وهيس، مهينو به مس سامائي ٿيو هوندس. تو کي ته دعائون پيئي ڪري. چي، ’چاچي، الله وڏيري کي وڌائي، اسان غريبن کي هٽ ٿو ڪڍرائي ڏئي‘!“

وڏيري کلي ڏنو: ”چڱو، رات ته رهائينس.“

”رات ڪانه رهندي؛ وس ڪيا اٿم تڏهن ته آئي آهي!“ جنان چيو.

”چڱو ڀلا، گهڙيءَ کان پوءِ، - ساڳيءَ جاءِ تي ... آءٌ هلان ٿو.“

جنان وڏيري کان ٿي واپس موٽي آئي.

”چاچي، هت ته الله خير ڪيو آ، هاڻي اٿي ته هلئون، اوير ٿي ٿئي.“ نينگريءَ چيس.

”ها اما، الله جون لک ڀلايون. چاچهن ويچاري کي به الائي ڪنهن ٻُڌايو، منهنجو ته ساهه ئي مٺ ۾ اچي ويو! سوير وڏيري سڏ ڪيو: چيائين، ’نينگري قسمت سان آئي آهي، رات ٽڪي، پنهنجوگهر اٿس، سڀاڻي ٿي وڃجو‘.“

”ڏس، چاچي، گهر هيڪلو آهي، مڙس کان به موڪلايو ڪينهيم: الله خير ڪري، وري ٻيءَ ساعت.“نينگريءَ چيو.

”چڱو اما، جيڪا تنهنجي مرضي.“ جنان کيس ورندي ڏني.

گهڙي کن رکي، موڪلائي، جڏهن ٻاهر نڪتيون، تڏهن جنان چيس، ”امڙ، وڏيري کان موڪلائينديون هلون، متان دل ۾ ڪري.“  جنان وٺي اچي کيس انهيءَ جاءِ تي پهتي.

اندر لنگهڻ سان جڏهن نينگريءَ جي وڏيري تي نگاهه پيئي، ڄڻ ساهه ئي بت مان ڇڏائي ويس. وڏيرو هڪ پلنگ تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺوهو. نينگري پلنگ ڀرسان هڪ کٽ تي ڪنڌهيٺ ڪري ويهي رهي.

”جنان، ڇو تڪڙ ڪئي اٿوَ، رات رهي پئو!“

”سائين، اوهان کان ڪهڙو حجاب آهي،“ جنان چيو، ”ويچاري بنا موڪل آئي آهي، متان مڙسس نه رنج ٿئي.“

”شفن ته اسان جو پنهنجو ماڻهو آهي، اسان کان ارهو ٿيندو؟“ ائين چوندي، وڏيري ٽپائيءَ مٿان پيل شيشي مان گلاس ۾ اوتيندي ٻه ٽي ڍڪ ڀريا ۽ سگريٽ دکايو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ وڏيري جنان کي اشارو ڏنو. جنان اڃا دروازو ئي مس مَٽِي، ته وڏيري کڻي در ٻيڪڙيو ...

ٻئي ڏينهن، شفن چپ چاپ ڳوٺ ڇڏي، شهر ڏانهن لڏي ويو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۲-۱۹۵۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment