Friday, December 4, 2020

هڪ پيسي خاطر - ابراهيم جليس

هڪ پيسي خاطر

ابراهيم جليس

سنڌيڪار: محمد دائود بلوچ



اعظم شهر کان پري هڪ نئين آباد ٿيل ڳوٺ ۾ رهندو هو، جو شهر کان اٽڪل اٺ ميل پري هو. شهر کان ڳوٺ تائين ڀاڙو صرف اڍائي آنا هو – يعني صرف ڏهه پيسا. ڏهه پيسا ظاهر  ته هڪ بالڪل معمولي رقم آهي، مگر دنيا جي هن بازار ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏهه پيسا ته ڇا، پر هڪ پيسو به قارون جي خزاني کان زيادهه اهميّت رکندو آهي.


هڪ ڏينهن جو واقعو آهي، اعظم ڪي ضروري شيون خريد ڪرڻ لاءِ شهر ۾ آيو. هن جي کيسي ۾ چاليهه روپيا هئا. هو هڪ دڪان تي چڙهيو، تڏهن دڪاندار هن تي بالڪل زور رکيو ته هو ولايتي شيون خريد نه ڪري: پاڪستاني شيون خريدي، پاڪستاني هنرمندن کي همتائي، ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت پيش ڪري. اعظم دوڪاندار جي ائين چوڻ تي خوش ٿيو. ولايتي شيون ڇڏي، هن پاڪستاني شيون خريد ڪيون – ان لاءِ ته پاڪستاني هنرمندن جي همت افزائي ٿئي.

پيسن ڏيڻ لاءِ جيئن اعظم کيسي ۾ هٿ وڌو، ته کيس معلوم ٿيو ته ڪنهن ماهر هنرمند پاڪستانيءَ سندس کيسي مان اهڙي ته ڪاريگريءَ سان پنهنجو ڪم پورو ڪيو هو، جو هن کي خبر به نه پيئي. هن کيسي مان هٿ ڪڍندي ۽ شيون واپس ڪندي چيو، ”سيٺ صاحب، مون پاڪستاني هرمندن تي هينئر ئي ايمان آندو. ان لاءِ مون کي هي شيون ثبوت طور گهر کڻي وڃڻ جي ضرورت نه رهي. پاڪستان جي دستڪاريءَ جو نمونو ايندڙ وقت ۾ نهايت سٺو ٿيندو. اڄ اسان جا هنرمند ڪينچي يا بليڊ بنائي نٿا سگهن ته ڇا ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ ڪينچي يا بليڊ هلائڻ ۾ ته نهايت قابليت رکن ٿا!“

دوڪان مان نڪرڻ وقت اعظم، چاليهن رپين تي فاتحه پڙهي، ڪوٽ جي مٿئين کيسي ۾ هٿ وڌو، ته صرف نوَ پيسا نڪتا. اعظم ڏاڍو پريشان ٿيو ته هاڻي گهر ڪيئن وڃان: بس جو ڀاڙو ڏهه پيسا آهي، ۽ هن جي کيسي ۾ صرف نوَ پيسا آهن، ۽ گهر اٺ ميل پري اهي. هتي شهر ۾ ڪير به سندس دوست يا واقف ڪونه هو. هن جا دوست ۽ واقفڪار ته ان ڳوٺ ۾ ئي رهندا هئا، جتي هو رهندو هو. هن سوچيو ته ڪجهه وقت شهر جي رستن تي چڪر هڻڻ گهرجي، من ڪو دوست ملي وڃي ته هو ان کان هڪ پيسو قرض طور وٺي؛ پر نه معلوم هن جي دوستن ۽ واقفڪارن کي ڇا ٿي ويو، جو هڪ به ڪمبخت شهر ۾ ڪونه آيو! ’هو، عورتن جا مريد، شام ٿيندي ئي زالن جي ڪڇ ۾ سمهيو رهن!‘

گهمندي گهمندي، هڪ وڏي اسٽور جي سامهون هن کي سليمه نظر آئي. اها سليمه، جا ٿورا سال اڳ هن جي محبوبه هئي. پر جيئن ته سليمه هڪ سرمائيدار گهراڻي جي ڇوڪري هئي، ۽ اعظم هڪ فاقا ڪڍندڙ نوجوان، تنهنڪري هنن جي شادي ٿي نه سگهي. ان هوندي به ’من تو شدم، تو من شدي‘ وانگر هنن جي حالت هئي – ايتريقدر ته هنن جي محبت هئي، جو ٻنهي جي حالت هڪٻئي کان ڳجهي نه هئي. ان ڪري، اعظم سوچيو ته ’هڪ پيسو سليمه کان گهري وٺان: سليمه هينئن سمجهندي ته هن کي هڪ پيسي جي ضرورت نه آهي، بلڪ هو ان بهاني سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو؛ ان هوندي به هوءَ پنج يا ڏهه رپيا ڏيئي ڇڏيندي‘.

اعظم تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو، سليمه ڏانهن وڌيو.

ان وقت سليمه فٽ پاٿ جي ڪناري سان پنهنجي ڪار جي ڀرسان بيٺي هئي – شايد ڊرائيور جو انتظار ڪري رهي هئي. اعظم ڪار جي ڀرسان پهچي چيو:

”هيلو، مائي ڊيئر، السلام عليڪم‘ ٻڌاءِ، ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آئي آهين؟“

سليمه هن ڏانهن ڏٺو، ۽ دوڪاندار ڏانهن ڏسندي چيو:

”اعظم، خدا جي واسطي هينئر مون سان نه مل. هتي دوڪان ۾ منهنجو خاوند بيٺو آهي. هو اجهو ٿو اچي. جلدي وڃ، وري ڪنهن وقت ملنداسين.“

اعظم چيو، ”فڪر نه ڪر، مان تنهنجي خاوند جي اچڻ کان اڳ ئي هليو ويندس: مگر هن وقت مون کي هڪ پيسي جي ضرورت آهي ....“

سليمه وڌيڪ گهٻرائجي دوڪان ڏانهن ڏٺو ۽ چيو: ”اف، هيءُ مسخري ڪرڻ جو وقت نه آهي، اعظم! منهنجو خاوند بلڪل شڪي ۽ وهمي ماڻهو آهي. ڏس، ڏس، هو اچي رهيو آهي!“ اعظم گهٻرائجي پري ٿي ويو. جڏهن سليمه ۽ ان جي خاوند جي ڪار هن وٽان مٽي ويئي، ته هن مسڪرائيندي چيو: ”شڪي خاوند جي ڊڄندڙ زال، سليمه! تو سمجهيو ته شايد مون ان طرح ملاقات جي وقت کي وڌائڻ ٿي گهريو، مگر تون نٿي ڄاڻين ته هيءَ مسخري بالڪل ڪانه هئي: سچ پچ ته هڪ پيسي ئي مون کي مجبور ڪيو هو!“

اعظم هڪ پيسي جي تلاش ۾ چڪر هڻڻ لڳو. گهمندي گهمندي ڏهه لڳي ويا. هڪ وڏي هوٽل جي ڀرسان هڪ دوست کيس ملي ويو، جنهن اعظم کي چيو: ”مسٽر، توهين ڪٿي گشت ڪري رهيا آهيو؟ اچو، ڪجهه کائو.“ اعظم جي جواب ڏيڻ کان اڳ کيس هٿ کان وٺي هوٽل ۾ وٺي ويو. اعظم کي بک به ڏاڍي هئي. هنن ڪجهه کاڌو. بل چوڏهن روپيا نڪتو. سندس دوست بل ڏنو، ۽ نوڪر کي ڏهه آنا بخشش ڏني.

اعظم هن کان هڪ پيسو گهرڻ پنهنجي خوديءَ جي خلاف سمجهيو، ان ڪري اعظم اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي.

سندس دوست کيس موٽر ۾ ويهاري، صدر بازار ۾ ڇڏي، پنهنجي گهر هليو ويو. ان وقت يارهن لڳي رهيا هئا. ڳوٺ ڏانهن آخرين بس تيار بيٺي هئي. هن خيال ڪيو، ’بس ۾ ڳوٺ وڃڻ گهرجي. هر روز پورو ڀاڙو ڏيئي بس ۾ چڙهندو آهيان، اڄ جيڪڏهن هڪ پيسو گهٽ آهي ته ان لاءِ ڪنڊڪٽر اعتراض ڪونه اٿاريندو.‘

اعظم بس ۾ سوار ٿيو. ان وقت ڪنڊڪٽر ۽ هڪ مسافر جو اڳ ۾ ئي تڪرار لڳو پيو هو. اعظم دل ۾ چيو، ’اول بسم الله غلط!‘ هو دل ۾ ’الله الله‘ جي تسبيح ڦيرڻ لڳو. ڪنڊڪٽر ٽڪٽون ڏيندو رهيو. ان وقت هڪ ماڻهوءَ اعظم کي چيو: ”بابو صاحب، توهان وٽ هڪ پيسو هوندو؟ منهنجي ڀاڙي مان هڪ پيسو کُٽي پيو آهي“. اعظم ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو، ته ڪنڊڪٽر ويجهو آيو ۽ ٽڪيٽ لاءِ پيسا گهرڻ لڳو. اعظم هن کي نو پيسا ڏنا، ۽ چيو ”يار، هينئر مون وٽ نو پيسا آهن، باقي پيسو صبحاڻي ڏيندس“. ڪنڊڪٽر ڊرائيور کي سڏي چيو، ”علي شير، گاڏي روڪ!“ ۽ اعظم کي مخاطب ٿي چيائين: ”نه سائين، هيءَ بس آهي، ڪنهن واڻئي جو دڪان ڪونه آهي جو هتي به اوڌر ڪريون – يا ته پورا ڏهه پيسا ڏي، يا لهي وڃ!“

اعظم ڏٺو ته سڀ ماڻهو سندس پوشاڪ ڏسي رهياهئا. ڪي ته مرڪي رهيا هئا. اعظم يڪدم اٿي بيٺو، ۽ بس بيهڻ تائين هو ماڻهن جون مختلف ڳالهيون ٻڌندو رهيو—

”سوٽ بوٽ ڏسوس، ۽ کيسي ۾ هڪ پيسو به نه آهي!“ هڪڙي چيو.

”ٻئي چيو: ”اڙي يار ڪنڊڪٽر، هڪ پيسي ۾ ڇا آهي، ويچارو بيروزگار معلوم ٿو ٿئي، کڻي هل، رات جو ٽائيم آهي.“

”ڪڏهن تو وٽ به اهڙو وقت ايندو، ميان!“

”ها ڀائي، کڻي هل ....“

”تنهنجو مالڪ ائين هڪ هڪ پيسو ڪري دولت گڏ ڪري رهيو آهي ڇا؟“

”آه! .....پاڪستان جي رهواسين جي مالي حالت!“

”ادا توهين نه لهو! هڪ پيسو ڇا آهي، مان توهان جي ٽڪيٽ وٺان ٿو.“

ليڪن اعظم، بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي، بس مان لهي ويو. بس هلي ويئي، ته اعظم سوچيو ته هن ڏاڍو سٺو ڪيو جو بس ۾ نه چڙهيو: جيڪڏهن ستون ماڻهو سندس ٽڪيٽ وٺي ها، يا کيس پيسو ڏئي ها، ته منو ڪلاڪ هن جو بس ۾ ويهڻ تمام مشڪل ٿي پوي ها. هن کي اٺ ميل پنڌ ڪرڻ منظور هو، مگر مسافرن جي نگاهن جو مرڪز بنجڻ منظور نه هو.

هلندي هلندي، اعظم جي نظر هڪ پينو فقير تي پيئي، جو هڪ هنڌ ويهي صدا هڻي رهيو هو. ”انڌي محتاج کي هڪ پيسو ڏيئي وڃ، بابا!“

’هڪ پئسو!‘ اعظم سوچيو. هن ۽ اعظم جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت هو؟ ٻنهي جو سوال هڪ پيسي لاءِ هو؛ بلڪ ساريءَ دنيا جو سوال پيسي لاءِ آهي. ’ساري دنيا پينو آهي، ۽ ساريءَ دنيا کي پيسي جي ضرورت آهي: دنيا جي دولت هڪ هڪ پيسو ڪري گڏ ڪئي وڃي ٿي. ڪاش، هيءَ دنيا پيسي جي ڦيري تي پيدا نه ٿئي ها!‘

هو فقير وٽان اچي لنگهيو. فقير جي اڳيان هڪ ڪمبل جو ٽڪرو وڇايل هو، جنهن تي ٻه ٽي آنا، ۽ ڪجهه پيسا پيل هئا. اعظم جي دل ۾ ان وقت هڪ خراب خيال آيو. هن سوچيو، ’فقير جي اڳيان هڪ پيسو کڻي وٺان، ۽ پوءِ صبحاڻي کيس ان جي عوض ٻه ٽي آنا ڏيندس‘. اهو خيال ڪري، اعظم فقير جي ويجهو ويو. هن يڪدم هڪ پيسو کڻن ٿي گهريو، ته فقير يڪدم سندس هٿ جهلي وڏي واڪي پڪاريو: ”چور! .... چور! پڪڙيو ... پڪڙيو!“ اعظم گهٻرائجي ويو. هن يڪدم پنهنجي هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ مگر فقير هن کي تمام مضبوط ڪري جهليو هو. شور ٿيڻ تي سامهون واري دڪان تان پنج ڇهه ٿلها متارا ماڻهو مڙي آيا. سڀني حيران ٿي اعظم ڏانهن ڏٺو. هن کي ڪمپليٽ سوٽ ڏسي، هو بيهي ويا.

اعظم ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي پوزيشن صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ چوڻ لڳو: ”توهان ڏٺو؟ ... هي انڌو نه آهي! مان ته رڳو هيءُ معلوم ڪرڻ لاءِ هتي آيس ته هيءُ انڌو آهي يا نه. ائين مان هڪ پيسي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن منهنجو هٿ جهلي ورتو. هاڻي توهين ٻڌايو ته مان ڪيتري قدر سچو آهيان!“

اعظم جي ڳالهه تي هو اعتبار ڪري ويا؛ ڇو ته هو سٺن ڪپڙن ۾ ملبوس هو – ورنه هو هن کي تمام گهڻو مارين ها.

”سائين، هي پنڻ لاءِ انڌا بنجي وڃن ٿا!“ هڪ چيو.

ٻئي وري فلسفي انداز ۾ چيو: ”غريب ماڻهو انڌائيءَ جي حالت ۾ به انڌا نٿا ٿين، مسٽر! انڌا صرف امير ماڻهو ٿين ٿا: جيڪڏهن اکيون هئڻ جي حالت ۾ انڌا نه ٿين، ته پوءِ ڇو ان طرح هزارين، لکين ۽ ڪروڙين انسان پنن، بيروزگار ٿين، ۽ بيموت مرندا رهن؛ ۽ اوهين ڇو هن انڌي جي هڪ پيسي کڻڻ لاءِ مجبور ٿيو ها!“

پوئين جملي تي اعظم جي دل ۾ ڄڻ تير لڳو. هن ٻين ڏانهن رحم ۽ مدد – طلب نگاهن سان ڏٺو. ”هلو، هلو ... ڀائو، توهين ڀلي وڃو.“

اعظم موقعو غنيمت سمجهي، السلام عليڪم چئي، تيز تيز قدم کڻي، اڳتي وڌيو. اڳتي، جمشيد روڊ کان ان ڳوٺ تائين، رستو خطرناڪ هو. چور ۽ غنڊا ان رستي ۾ راهه – ويندن کي ڦريندا هئا. ٿورائي ڏينهن ٿيا ته غنڊن هڪ راهه ويندڙ کي ماري وڌو – صرف هڪ پيسي خاطر!

’پيسو به وڏي ذلّت آهي- ڪيترو مجبور ڪيو هڪ پيسي!‘ اوچتو اعظم کي خيال آيو ته هو ڇو پنڌ وڃي؛ رڪشا يا گهوڙي گاڏيءَ تي چڙهي گهر وڃي، ۽ گهر وڃي هو ڀاڙو ڏيئي سگهي ٿو. هڪ پيسي هن کي ڪيتري تڪليف ڏني اهي، جو هڪ معمولي ڳالهه به هن جي سمجهه ۾ نه آئي: هو خواه مخواهه بس ۾ شرمندو ٿيو، ۽ پينوءَ جي پيسي ۾ هٿ وڌائين!

هن يڪدم هڪ ويندڙ موٽر – رڪشا کي بيهڻ لاءِ چيو، ۽ ان ۾ چڙهي اطمينان سان ويٺو. هوسوچي رهيو هو ته هاڻي رستي جي اوندهه ۽ خطرناڪ حالت ۾ هواڪيلو نه آهي.

جمشيد روڊ ختم ٿيو. اوندهه ۽ خطرناڪ رستو شروع ٿيو. گهڻي مفاصلي کان پوءِ موٽر – رڪشا بيهي ويئي. اعظم سمجهيو، شايد رڪشا ۾ ڪا خرابي ٿي آهي؛ مگر جڏهن رڪشا واري پنهنجي کيسي مان هڪ وڏو ڪپ ڪڍيو، تڏهن اعظم سمجهي ويو ته رڪشا خراب نه ٿي آهي، پر ڊرائيور جي نيت خراب ٿي آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته اڄڪلهه موٽر سائيڪل ڊرائيور به، سياسي رهنمائن وانگر، رهبر جي بجاءِ رهزن ٿيندا آهن! رڪشا – ڊرائيور هن جي منهن جي سامهون بالڪل قريب چاقوءَ کي چمڪائيندي چيو: ”کيسي ۾ جو ڪجهه آهي ڪڍو، ور نه –“ اعظم ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”تون منهنجي تلاشي وٺي سگهين ٿو.“ تلاشي وٺڻ بعد اهي نو پيسا اعظم جي کيسي مان نڪتا، جي ڏهه پيسا نه ٿيڻ ڪري اعظم کي ايتري شرمندگي کڻڻي پيئي هئي. رڪشا ڊرائيور اهي پيسا پري اوندهه ۾ اڇليندي چيو:

”اخ .... ٿَو! پُٽ نو پيسا کڻي رڪشا ۾ سوار ٿيڻ ويٺو آهي! .... مگر اسين جو وصول ڪريون ٿا، اهو ضرور وصول ڪنداسين!“ هن اعظم جي ويسٽ ايند واچ ۽ پارڪر پين کڻي، گرجندڙ آواز ۾ چيو:

”ڀڄي وڃ هاڻي! .... جيڪڏهن گوڙ ڪندين، ته هيءُ ڪپ تنهنجي سيني مان ٻاهر هوندو!“ اعظم جو گلو بند هو. گوڙ ڪيئن ڪري؟ چپ چاپ اڳتي وڌي ويو.

ڊرائيور رڪشا تي گم ٿي ويو. اوندهه هئڻ ڪري، اعظم ان جو نمبر به نوٽ ڪري نه سگهيو. آڌيءَ رات گهر پهچي، اعظم پنهنجي زال سان سارو حال ڪيو. هن وري عقلمند ٿي رعب ڄمائڻ جي خاطر چيو:

”ڇا آهي، روپيا ويا ته ڇا ٿيو، جان ته بچي! مگر مون تو کي ڪيترا دفعا چيو آهي ته گهر مان ’بسم الله‘ پڙهي پوءِ ٻاهر وڃ، مگر تون ته مون کي بيوقوف سمجهين ٿو!“

اعظم ان جي عقلمنديءَ کان خوش نه ٿيو. چوڻ لڳو: ”ڀلا هيءَ بيوقوفي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ان حادثي جو بسم الله سان به ڪو تعلق ٿي سگهي ٿو! .... ان پيسي تي هزار لعنت! خبر نه آهي ته انسان ڪڏهن پيسي جي چڪر مان آزاد ٿيندو!“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۲-۱۹۵۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment