Wednesday, December 2, 2020

هو ديوتا آهي.... ڪمل ڪيولراماڻي ”پياسي“

هو ديوتا آهي....

ڪمل ميوارام ڪيولراماڻي ”پياسي“



گهر ۾ مونکي سڀ ”نانئو“ ڪير سڏيندا آهن؛ پر هن پهرئين خط لکڻ سان ئي منهنجو نالو ”نانئو“ مان ڦيرائي ”نيلئو“ ڪري ڇڏيو. نانئو يا نيلئو_مان ته هاڻ هن جي ٿي چڪي هيس، ۽ هو منهنجو. هو منهنجو ته برابر هو، پر مون کيس ڏٺو نه هو_ نه مڱڻي ٿئي، ۽ نه ان کان اڳ.

اهو به اڃا تائين ياد اٿم ته هڪ دفعي ڀاڀي بيچين ٿي دادا وٽ آئي ۽ چيو هئائين؛ ”منهنجي نانئو هاڻ ته ڪافي وڏي ٿي ويئي آهي، هينئر هن کي ڪيئن به ڪري اڪلائڻ کپي“. ۽ دادا دل وٺندي چيو هوس؛ ”ان لاءِ تون بيفڪر رهه. سٺو ڇوڪرو به ته ڏسڻو آهي! هٿ پير ٻڌي، ڇوڪريءَ کي کوهه ۾ اڇلڻو ڪين آهي“.


ڀاڀي اونهو ساهه کڻي جواب ڏنو هو؛ ”سٺو خراب هن جي نصيب ۾. اسان جو ڪم اسان سان آهي، ۽ ان کانپوءِ ڀڳوان جي هٿ ۾“.

”اهو ته ٺيڪ آهي“، ۽ پوءِ دادا کيس ڪو جواب ڪين ڏنو.

منهنجي اکين اڳيان ڄڻ هڪ پاڇو لنگهي ويو. ڀاڀيءَ اهو ڏٺو يا نه، باقي هڪ اونهو ساهه کڻي پنهنجي ڪم سان هلي ويئي_شايد دل ۾ سوچيندي هجي؛ ”جيرو جلدي ڪم ٿي سگهي اوترو بهتر“.

مون ته سمجهيو ٿي ته ڀاڀيءَ وٽ ”بهتري“ ۽ ”نابهتريءَ“ ۾ ڄڻ ڪو فرق ئي ڪين هو. هن لاءِ نابهتري به بهتري ۾ سمائجي ٿي ويئي، ڪيئن به هجي، هنن جو ته ڪم هو صرف منهنجي شاديءَ سان_ ڇو ته مان هينئر تمام وڏي ٿي ويئي هيس، ۽ مائٽن جي مٿان هڪ ٻوجهه بنجي پيئي هيس.

ڳالهيون ڪجهه وقت لاءِ بند هيون، پر چڻنگ وري اوچتو ئي اوچتو دکي اٿي.

”گهر سٺو آهي، ڇوڪرو به لائق آهي_ گريجوئيٽ آهي. آفيسري عهدو اٿس، ٻه اڍائي سو ڪمائي ٿو، نانڪيءَ ماءُ! تنهنجي نانئو تمام سکي رهندي“.

”گرو مهراج شل سدائين سکي رکيس، سهاڳ جا سک پيئي ماڻي، پر ڇوڪري جي آڪهه وغيره....؟“

”آڪهه اها ئي اٿس جتي اسان جي ”هيتي“ اڳ ئي پيل آهي. ڇوڪرو تمام فهميدو ۽ آدرشي آهي. نانءُ روشن به واهه جو اٿس! ڇوڪرو پاڻ ليکڪ آهي.“

”ڀلا ڏيتي ليتي... ڪجهه ڏيڻو وٺڻو؟“

”ان جي تون ڪا به چنتا نه ڪر. ڇوڪرو ڏيتي ليتيءَ ۾ اعتبار رکندڙ ڪينهي.“

اهڙي نموني ڪي نه ڪي ڳالهيون پيئون نڪرنديون هيون. مون کي انهيءَ باري ۾ ڪجهه به ٻڌايو نه  پئي ويو. منهنجي ذهن ۾ ته صرف ”ڇوڪرو فهميدو آهي، ڇوڪرو آدرشي آهي، جا لفظ پيا وڄندا هئا. ائين ئي، روز روز جون نيون تصويرون منهنجي دماغ ۾ اينديون هيون، ۽ نت نيون الجهنون پيدا ٿينديون هيون. منهنجو من اڇلي اٿندو هو. منهنجي خيال ۾ وقتي ڪيڪڙاڪ به ٿيندا هئا. پر هڪ آٿت مون کي سدائين ملندي هئي_ ”آڪهه اها اٿس جتي اسانجي هيتي اڳ ئي پيل آهي“... ۽ هيتيءَ جو خيال ايندي ئي منهنجي ذهن ۾ سندس خوشيءَ، سک ۽ سهاڳ جي تصوير اڀري آئي_”راڻين وانگر راڄ ٿي ڪري هيتي!“ هيتي گهر جو  نڪ بڻجي ويٺي هئي. هيتي ۽ مولو، مولو ۽ هيتي_هڪ خوش باش زندگي، جنهن ۾ شراب واري مدهوشي ۽ عطر کان وڌ خوشبوءِ هئي. ”پر هيتي هيتي آهي، ۽ مان....؟“

تان جو مائٽن منهنجو مڱڻو ڪري ڇڏيو. زندگيءَ جو هڪ باب پورو ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيو، ائين ته زندگ تمام اٿاهه آهي، ۽ زندگي ۾ ڪيئن باب پيا ايندا ۽ ويندا، پر هن بابت شروع ٿيڻ سان مان به پاڻ کي پنهنجي گهر مان ڪڍي هڪ پرائي گهر ۾ داخل ڪري رهي هيس،  ۽ انهيءَ پراڻي گهر کي ئي هينئر پنهنجو سمجهڻو هوم_هڪ نئين فضا، هڪ نئون ماحول، ۽ ان وڌيڪ هڪ نئون جيون. انهيءَ نئين جيون جي مشابهت هڪ نئين اداڪار جي پهريون دفعو پڙدي تي اچڻ جيان هئي، جو انهيءَ فضا ۽ ماحول کي پنهنجو ڪري وڃي، ته اڳتي به سولائيءَ سان وڌي وڃي، نه ته.... ۽ ”نه ته“ مون کي هر وقت ڏڪائي ٿي ڇڏيو!

دادا جي ڪيتري وقت کان طبيعت نٿي رهي. حقي موڪل تي هينئر ڪيترن مهينن کان گهر ۾ آهي، دادا جو سڀاءُ به وچتر آهي. جي غصي ۾ اچي ويندو، ته اسين گهر جا سڀئي ڀاتي صبر سان پيا کيس ٻڌندا آهيون؛ پر جي انند ۾ آهي، ته اسان سان گڏ ويهي اسان کي پنهنجائپ ڏيندو آهي ۽ اسان جو هر انگل سهندو آهي.

”ڌيءُ!“ دادا مون کي سڏيو.

”دادا، چئو“

”مون پنهنجو اڌ فرض پورو ڪيو، ۽ باقي به پورو ڪندس. تنهنجي مٿان هينئکر نه صرف فرض جا ٻوجهه وڌم، پر ان سان گڏ جوابداري ۽ گرهست جي جيون جو بار پڻ.“

”جيءَ...“ مون ڀڻڪيو.

ساري جيون ۾ دادا جي مون کي اها پهرين صلاح هئي. مون ڪجهه وقت سوچيو_ “فرض، جوابداري ۽ گرهست!“ ۽ هنن سڀني جي خيال ۾ مان هاڻي ڇوڪريءَ مان بدلجي استري بڻجي چڪي هيس؛ ۽ منهنجي اڳيان هو فهميدو، آدرشي ۽ ليکڪ، ”ڇوڪرو“!_” پر ليکڪن جي ته دنيا ئي پنهنجي هوندي آهي! ليکڪ جيسين ڪنوارو هوندو ته پنهنجي فن کي پنهنجي پستني پيو سمجهندو؛  ۽ پوءِ......پوءِ ته ڪڏهن حد درجي احساسي بنجي ائين به چوندو:” تون ئي ته منهنجي ڪويتا آهين!“ انهيءَ ڪري ئي ته ليکڪ نه رڳو سٺو ڪلاڪار ٿي سگهندو آهي، پر سٺو پتي پڻ.“

رات ڏينهن منهنجي دماغ ۾ صرف هن جي خيال پيا ڦرندا هئا؛ ”مون ته کيس اڃا ڏٺو به ڪينهي_رنگ ڪهڙو اٿس، روش ڪيئن اٿس، ڊول ۽ چال ڪيئن اٿس: گنڀير آهي يا خوشمزاج؟...... ڪيئن به هجي، پر مون کي ته پاڻ کي هن جي ئي طبيعت ۽ خيالن تي هيرائڻوآهي نه!“

منهنجي مڱڻي کي مهينو گذريو ويو.

هڪ ڏينهن، چندر آفيس مان موٽندي مون کي هڪ لفافو هٿ ۾ ڏنو. لفافي جي ڪنڊ تي ”هن“ جو نالو لکيل هو! منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا. مان پنهنجين نبضن تان قبضو وڃائي ويٺيس. ڪرسيءَ جو سهارو وٺي، مون لفافو کولي چٺي پڙهي. لکيو هئائين:

”زندگي ءَ جي بار بار ڌڪن کائڻ کان هينئکر هڪ سهارو ملي ويو_ مون کي به ۽ توکي به، گاڏي  کي هينئر ٻيئي ڦيٿا مليا. هينئر گاڏي پيئي هلندي... اڳتي اڳتي_ پنهنجيءَ منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ. جيون هڪ نئون رخ بدلايو آهي. امنگن ۽ جذبن کي به هڪ قسم جي آٿت ملي آهي.....“

اڃا به گهڻو ڪجهه لکيو هئائين. رڳي هئي ڪويتا ۽ فيلسوفي. ڪجهه سمجهه ۾ايم ٿي  ۽ ڪجه نه....” ليڪن مان ان جو کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟“ انهيءَ ”ڪهڙو“ اکر تي سوچيندي،منهنجي دماغ تي هلڪڙا هٿوڙا لڳڻ شروع ٿي ويا. ڪجهه به منهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو. سمجهڻ ۽ نه سمجهڻ جو ويچار ڪندي، ”فرض“ ۽ ”جوابداري“ منهنجي اڳيان کڙا ٿي ويا، پورو هڪ هفتو سوچيندي سوچيندي مون آخر لکيو؛

” جواب ڏئي رهي آهيان؛ پر هٿ پيا ڏڪنم. هٿ ڇو ٿا ڏڪن، اها خبر مون کي به ڪانه ٿي  پوي،. شايد چٺي پهرين آهي، ۽ اها به توهان ڏانهن!“.... ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه لکيم، چٺي پوري ڪندي اهو به لکي ڇڏيم: ”خبر ڪانه ٿي پويم ته پا لکيو اٿم ۽ ڇا لکڻ چاهيم ٿي!“

۽ پوءِ هن جيڪوجواب موڪليو، ان ۾ وڌيڪ پنهنجائپ هئي_وڌيڪ ڄاڻ سڃاڻ جون ڳالهيون هيون. هن دفعي وٺي جهنم ۽ بهشت جو ذڪر ڇيڙيو هئائين، محبت، جذبات ۽ حساس تي به ڇيڙ پاڙ ڪئي هئائين، سندس خط، خط نه پر هڪ قسم جو مضمون بنجي پيو هو. موٽ ۾ چيم:

”مان ته هاڻ چاهيندي آهيان ته رڳو توهان جي چٺي پڙهندي رهان، ۽ توهان کي جواب ڏيندي رهان. پر توهان ته ٿيا ليکڪ! ڪاش، مان به ليکڪا هجان ها! وڏي چٺي لکڻ چاهيان ٿي، پر لکي نٿي سگهان،....“ انهيءِ ”ڪاش“ جي احساس سان گڏو گڏ مون کي سندس فوٽو ڏسڻ جي به چاهنا ٿي_کيس لکيم، ۽ هتي اچڻ لاءِ نينڍ به ڏنيم.

جواب ۾ نه رڳو هن فوٽو موڪلي ڏنو، پر ان سان گڏ پنهنجو مٺو مٺو پيار به.  مان خود به خود پاڻ کي هن ڏانهن ڇڪجندي نحسوس ڪرڻ لڳيس، مون کي هن جي جيون ۾ هاڻ خوشمزاجي، وپيار ۽ هڪ نئين قسم جي امبرت جو سواد اچڻ لڳو. مان اهو امريت پيئندي رهيس_ دل ئي دل نه پئي ڍاپيم! منهنجا اڳ وارا خيال هينئر ڦري نئون روپ وٺڻ لڳا. هن جي مدهوش ڪندڙ لفظن منهنجي جسم ۾ هڪ مٺي مٺي ڪنڪتائي پيدا ٿي ڪئي. ڪيترو ڪيترو وقت مان پاڻ کي هن جي خيالن ۾وڃائي وهندي هيس. اتر ڏنيم؛

”لکڻ ته گهڻو ئي چاهيندي آهيان، پر الائي ڇو هٿ پيو هٻڪندو اٿم! لکڻ جي طاقت حال ته گهٽ آهي؛ پوءِ شايد وڌي، ۽ آهستي آهستي شايد اها هٻڪ به دور ٿي وڃي...“ ۽ پوءِ گهڻو ئي لکيم،. اهو به درج ڪيم؛ ”الائي ڇو، چٺي بند ڪر تي دل ئي نٿي ٿئيم!“

چٺين ۾ ئي  مام هن جي تمام ويجهو اچي چڪي هيس. هينئر  منهنجي دل ۾ نه ڪو ارمان باقي رهيو هو، ۽ نه الجهن. سڀ جو سڀ هڪ ئي کن ۾ فرار ٿي ويا هئا_ نه معلوم ڪيڏانهن. تڏهن چيم؛ ”هر وقت توهان لاءِ پيئي ٿي سوچيان_ ۽ سوچيندي سوچيندي توهان کي پيار ڪرڻ به شروع ڪيو اٿم! پيار ڇو ٿي ڪريان_ اها ڪا خبرڪانه اٿم، پر اهو سو ڄاڻان ٿي ته مان پيار ان کي ٿي ڪريان، جو منهنجو ئي ساٿي آهي“.

نه معلوم ڇو، هڪ ازغيبي ڇڪ مون کي اهو سڀ ڪجهه لکڻ لاءِ مجبور ڪندي هئي. منهنجي ويچارن ۾ هڪ هلڪي هلڪي ڪشمڪشا هلندي ٿي رهي، جنهن ۾ مون ڪيترائي دفعا هن کي ڏٺو هو. جاڳندي ۽ خواب ۾، پنهنجي جيون جي تار کي هن جي زندگيءَ جي سرود تي تاڻي، ڪيترائي دفعا محبت جا نغما الاپيا هيم. ائين ڪرڻ ۾مون کي هڪ قسم جي راحت ايندي هئي، مان ساري دنيا وساري صرف هن کي ئي ياد ڪندي رهيس.

هوريان هوريان منهنجي دماغ تي هڪ عجيب نشو ڇانئجي رهيو هو. هونئن جو پاڻ کي تمام خود مختيار سمجهندي هيس، سو پوءِ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي ڪنهن ٻئي جي زبردست ۽ ان جي آڌار تي هلندڙ محسوس ڪرڻ لڳس_ منهنجي حياتي ه ته هن جي هٿ_وس هئي! انهيءَ عجيب احساس منهنجي دل جي هر هڪ تار پنهنجي ليکي مٺا، رسيلا ۽ انوکا گيت ڳائيندي ٿي رهي. مان هينئر صرف ائين چاهيندي هيس ته جلد جلد هن کان خط ايندا رهن، مان پڙهندي رهان ۽ جواب ڏيندي رهان! منهنجي اهڙي عجيب نموني جي تمنا روز بروز  منهنجي اڌمن  ۽ ارمانن کي ڇيڙيندي ٿي رهي، ۽ مون کي انهيءَ ڇيڙ ڇاڙ ۾ به عجيب رس اچڻ لڳو هو.

پورا ٻه هفتا ٿي ويا... هن وٽان ڪو جواب ئي ڪونه آيو_نه معلوم ڇو. منهنجي هينئن تي چنتا جا ڪوٽ ڪري پيا. هن جي خط نه اچڻ، منهنجي انتظاريءَ جي رفتار کي ايتريءَ حد تائين وڌائي ڇڏيو، جو مون لاءِ ڏينهن ۽ رات جي وچ ۾ ڪو ويڇو ئي ڪونه رهيو هو. شام جو جڏهن چندر آفيس مان موٽندو هو ته مان هن کان خط بابت ضرور پڇندي هيس_ ۽ جڏهن هو ”نه“ چوندو هو.... ته هڪ ٿڌي ساهه کڻڻ کانسواءِ مان ڪري ئي ڇا ٿي سگهيس! ۽ پوءِ رات جو دير دير تائين مانهن کي جواب ڏيڻ لاءِ خيالي آزيون نيزاريون پيئي ڪندي هيس، هن کي مڃائيندي هيس.

جڏهن دماغ سوچي سوچي ٿڪجي پيو، ته کيس لکيم:

”مونکي به ته دل آهي_هڪ عورت جي نفيس ۽ نازڪ دل...! ڪاش! ڀڳوان مون کي به توهان جهڙي دل ڏئي ها... پر هن وقت منهنجي دل اهڙي ته ڀريلآهي، جون لکان به پيئي، ته رئان به پيئي، سچ ته مرد ڪيترا نه سخت_دل ٿين ٿا! الائي ڀڳوان انهن جي دل به ڪيئن ٺاهي آهي؟“ کيس مڃائڻ جي خيال کان لکيم:” منهنجي دل، دماغ ۽ احساس تي قبضو ڪري، هاڻ هيئن سن ئي سن ۾ گذارڻ مان ڪهڙو سود سواد! منهنجي دل ۾ آشائون آهن، اميدون آهن....“ خير_پر جڏهن دادا سوال ڪندو هو، ”ڇا ڪا چٺي ڪانه آئي اٿئي ڇا؟“ تڏهين جواب ڏيندي هيس، ”ضرور ڪنهن ضروري ڪم ۾ هوندا“_ ۽ ائين چوندي، منهنجي دل ۾ نه معلوم الائي ڇا ٿيڻ شروع ٿيندو هو!

۽ پوءِ جڏهن هن جي چٺي آيم، ته مان گد_گد ٿيڻ جي بجاءِ الٽو فڪرات ۾ اچي ويس. لکيو هيائين:” عورت پرولي ٿيندي آهي؛ پر تون پرولي بڻجڻ جي هٿرادو ڪوشش نه ڪندي ڪر.....!“ ”ڀلا مون هن جي اڳيان ڪا ڇپي رکي به آهي ڇا؟ جڏهن پنهنجيءَ دل جو ڪتاب کولي، کيس هڪ هڪ ورق ويهي ڏيکاريو اٿم، تڏهن به هن ائين ڇو لکيو؟ ڇا مان سندس انهيءَ لکڻ جي نوع کي شاعري سمجهان يا ليکڪ جي خوشمزاجي؟ ڪي به هجي، ليکڪ اهڙا ڪٺور_دل ڪين ٿيندا آهن. جيڪي دنيا جي هر ڳالهه  کي سمجهي ٿا سگهن، ڇا عورت جي دل کي سمجهي نه سگهندا هوندا؟“ جڏهن سوچي ٿڪيس، تڏهن لکيم: ”توهان جي چٺيءَ مون کي سنڀالي قدم کڻڻ لاءِ ڄڻ ته چهنڊڙي پاتي. نه معلوم توهان مون کي اهڙو ڇو سمجهي رکيو آهي_ ۽ جيڪي ڪجهه لکيو اٿو، مون کي ته سمجهه ۾ ئي ڪين ٿو اچي....“

ترت جواب ڏنائين:” نيلو! مان پهرين تنهنجو جيون_ساٿي، پوءِ ليکڪ، ۽ پوءِ ئي آفيسر آهيان. مون زندگي کي تمام باريڪ بينيءَ سان ڏٺو ۽ جاچيو آهي. مان محسوس ڪريان ٿو ته تون هڪ نئين فضا ۾ اچي رهي آهين_ ۽ اهو به صرف منهنجي ئي آڌار تي _انهيءَ ڪري ئي ته مون کي پنهنجي رت جي هر هڪ قطري ۾ تولاءِ پيار آهي، حب آهي!“

منهنجي الجهن هينئر مون کان سو ڪوهه پري هٽي ويئي.پنهنجي مرادن جي منزل جو روشن_گهر هينئر صاف چٽو نظر اچي ويم. مان هاڻي سوچي سمجهي سگهيس ٿي ته منهنجو آئيندو به سنئون ۽ صاف آهي، جتي ڪابه لس ليٽ ٿي ڪانه ٿٻي سگهي، مون کان هينئر ٻيا سڀ وسرڻ لڳا. مان هن کي پيار ڪرڻو لڳيس_ گهڻو، تمام گهڻو.

دادا چوندو آهي، ”اڃا ته ڏٺو به ڪين اٿيئي ته به ايترو موهه!“_تڏهن دل ۾ چوندي آهيان: ” ڏٺو ڪين اٿم، هر وقت منهنجي دل ۾ ئي ته آهي!“

مون هينئر کيس ڪافي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ ۽ محسوس ڪري سگهان ٿي ته ”هو“ مون کي ڪيترو نه پيار ٿو ڪري ۽ مان......

مان ڊوڙي دادا جي ڪمري ۾ لنگهي ويس. دادا ليٽيو  پيو هو. مون کي اندر ايندو ڏسي سڏ ڪيائين_

”نانئو!“

”جيءُ.....“ مون ادب سان جواب ڏنو.

”چئه نانئو........“

منهنجو پيار هينئر ڇلڪي آيو، ۽ انهيءَ پيار ڀرئي لحضي ۾ چيم، ”دادا........ هو ديوتا آهي! هو.......... هو...............“ ۽ وڌيڪ وڌيڪ ڪجهه به چئي نه سگهيس.

دادا منهنجي ڳل تي هلڪي ٿڦڪي هنئي ۽ ممتا وچئون هن جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا..... ۽ مون جڏهن انهن ڳوڙهن کي اگهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته روڪي چيائين: ”منهنجي خوشيءَ کي نه هٽاءِ؛ ايشور توکي سکي رکي، ڌيءُ، جو زندگي جا گهڻا گهڻا سک ماڻين!“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment