Monday, December 7, 2020

بيوفا ڪير - رشيده حجاب

بيوفا ڪير

رشيده حجاب



سڄو هال تاڙين جي شورر سان گونجي ويو. هڪ سال جي ننڍڙيءَ فوزيءَ ڦوڪ ڏيئي موم بتي وسائي ڇڏي.

”شاباس! شاباس!“ ساجده هن جي چهري تي بوسن جي بارش ڪري ڇڏي.

”ويري گُڊ!“

”واه واه!“

”ماشاالله!“

”ڏاڍي ذهين بي بي آهي!“


هُن جي چپن تي اُداس ۽ طنزيه مُرڪ نچي اُٿي. هُن ائين ئي چيو: ”هجي به ڇونه؟ آخر ڌيءَ ڪنهن جي آهي!“

هُن جا طنز ڀريا لفظ ساجده جي دل ۾ زهريلن تيرن وانگر پيوست ٿي ويا. سندس اکين ۾ غم ۽ مايوسي ڀرجي آئي، ۽ سندس چپن تي اداسيءَ ۽ شڪايت جا پاڇا ٿڙڪڻ لڳا. ڄڻ هوءَ پنهنجي خاموش زبان سان چئي رهي هئي: ’تون ائين ڇو ٿو چوين ... ڇا لاءِ؟ ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور؟ مان اڳ گهٽ زخمي آهيان، جو تون ائين منهنجن زخمن تي لوڻ ٿو ٻرڪين! مون کي تڪليف ڏيئي، ڇا توکي تسڪين ملي ٿي؟... ٻڌاءِ! ... ٻڌاءِ!‘

ساجده جي ان خاموش شڪايت کان ڄڻ هو مرعوب ٿي ويو، ۽ ٻئي طرف هليو ويو. هوءَ، گُم سُم بيٺي رهي- ۽ جڏهن فوزيءَ سندس گلي ۾ اچي پنهنجون ٻانهون وڌيون، تڏهن هوءَ ڇرڪي ويئي.

مهمان سڀ هن کي پياني تي نغما ٻڌائڻ لاءِ چئي رهيا هئا، ۽ هو ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ساجده کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته هو پيانو تمام سٺو وڄائيندو آهي؛ مگر ان وقت سندس دل ڌڙڪڻ لڳي، ۽ سندس نظرون ڄڻ التجا ڪري رهيون هيون: ’نجمي، انهن سُرن کي نه ڇيڙجانءِ... انهن سُرن سان تنهنجي ۽ منهنجي ماضيءَ جون تلخ يادگيريون وابسته آهن! ڪٿي اها چڻنگ وري شعلو بڻجي نه ڀڙڪي اٿي، جنهن کي مون هزارين مڻ رَکَ جي هيٺان دٻائي ڇڏيو آهي! اڄ منهنجي بي بيءَ جي پهرين سالگرهه آهي... خدا جي واسطي، اڄ ته مون کي خوش رهڻ ڏي- مٿئين دل سان ئي سهي! تنهنجن نغمن ٻڌڻ سان شايد ضبط جو دامن وس ۾ نه رهي، ... ۽ پوءِ ... پوءِ!‘

مهمانن جو اصرار وڌندو رهيو ... ۽ پوءِ هن جون ڊگهيون آڱريون پياني جي سيني تي تيزيءَ سان هلڻ لڳيون. پياني جو آواز آهستي آهستي بلند ٿيندو ٿي ويو. هو پيانو وڄائي رهيو هو. ٻڌڻ وارا ساڪن، دم روڪي ويٺا هئا، هن جي نغمن ۾ وياڪلتا هئي، غم هو، ناڪاميون ۽ نامراديون هيون؛ هن پنهنجي دل جو درد نغمن ۾ پلٽي ڇڏيو هو... ۽ هوءَ ائين سمجهي رهي هئي، ڄڻ سنگيت هن جي آڱرين ۾ سمائجي ويو هجي. نغمو ختم ٿي ويو. هڪ دفعو وري هال تاڙين جي شور سان گونجي ويو. هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

ڪا ڇوڪري هن کان پڇي رهي هئي: ”مسٽر نجمي، درد جو هي انمول خزانو توهان ڪٿان حاصل ڪيو آهي؟“

”درد ... اُداسي ... افسردگي... غم... هي سڀ منهنجي تنهائيءَ جا رفيق آهن!“ هو شرابين جي انداز ۾ چوڻ لڳو: ”هي سڀ مون پاڻ حاصل نه ڪيا آهن، هي پاڻ مون وٽ آيا آهن... ها، بلڪل پاڻ آيا آهن! جڏهن سڀ مون کان منهن موڙي هَليا ويا، تڏهن ... هي مون وٽ هليا آيا- منهنجا سچا همدرد ... منهنجا ساٿي...!“

هوءَ ڇوڪري ۽ ٻيا مهمان کلڻ لڳا. شاهد کلي چيو: ”معلوم ٿو ٿئي، نجمي، اڄ هڪ ٻه جام وڌيڪ چاڙهي ويو آهين! هل، هلي آرام ڪر، صبح جو هليو وڃجانءِ.“ شاهد هن کي سهارو ڏيئي، ،پلنگ تي سمهاري ويو؛ ... ۽ هو پاڻ کي واقعي شرابي سمجهڻ لڳو.

مهمان رخصت ٿي ويا. شاهد ساجده کي وٺي ڪمري ۾ هليو ويو.

هو ڦاٽل اکين سان چنڊ کي گهُورَڻ لڳو. رات پُرنم ٿي ويئي هئي. پوين تاريخن جو چنڊ آهستي آهستي اُڀري رهيو هو، ۽ ڪمزور چانڊوڪي ڄڻ هن جي دل وانگر خاموش سڏڪا ڀري رهي هئي. هو ان ڪمزور چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي شوخ ۽ شاداب چانڊوڪي ڳولي رهيو هو. ڪٿي هئي هن جي چانڊوڪي؟- هن جي ساجده، هن جي ’ساجي!‘

”ساجي، تون ڪٿي آهين؟“

”نجمي، او نجمي، مان هتي آهيان! ڇا آهي؟“

”ڇا آهي!... اهو ته تون ٻڌاءِ نه؟“

”ڀلا ٻڌايانءِ؟ ٻڌايانءِ، ته ڇا ڏيندين؟“

”چاڪليٽ!“

”ته پوءِ چاڪليٽ ئي آهن- هيڏي ڪر!“

ننڍڙو سفيد هٿ وڌيو.

”هان وٺ! وٺي ته تنهنجي لاءِ ئي آيو آهيان، پر توکي خبر ڪيئن پيئي؟“

”بس، نجومت هلايم!“

”نجومت؟“

”ها ها، نجومت!“

”جيڪڏهن توکي نجومت ايندي آهي، ته ڀلا ٻڌاءِ، مان ڇا ٿو سوچيان؟“

”واه، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“

”وڏي ڳالهه نه آهي، ته پوءِ ٻڌاءِ نه!“

”ٻڌايانءِ؟“

”ها، ٻڌاءِ!“

”- ’اما ۽ چاچيءَ کان لڪي باغ ۾ هلون، ۽ انب پٽيون!‘ ڪيئن، نجمي!“

”اڙي ساجي، تون ته صفا ولي ٿي ويئي آهين!“

”۽ اما جي چوڻ موجب، هاڻي سياڻي به ٿي ويئي آهيان!“

...۽ پوءِ معصوم ٽهڪ گونجڻ لڳا.

”نجمي، او نجمي، ڳالهائين ڇو نٿو؟“

”چپ!“

”اڙي بابا، ڪُڇ ته سهي، آهي ڇا؟“

”نه، مان توسان نه ڳالهائيندس! تون ڪالهه ڇونه آئي هئين؟ ڪيڪ به سُڪي ويا، ۽ چاڪليٽ مون پاڙي جي ٻارن کي ڏيئي ڇڏيا!“

”بس، ڳالهه به ايتري!“ هن وڏو ٽهڪ ڏنو. ’بابا، اما نه پيئي ڇڏي- چي، ’تون هيڏي وڏي ڍڳي ٿي آهين، ڇوڪرن سان ڪا ٺهين ٿي؟ سڄو ڏينهن نجميءَ سان پيئي رُلين!‘“

”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا! ڪالهه ته جيئن تيئن ڪري گذاري ڇڏيم، اڄ هلي آيس. پر، نجمي، هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي: جڏهن مان شاهد سان راند ڪندي آهيان، ته اما ڪجهه به نه چوندي آهي- هٿؤن چوندي آهي ته ’شاهد سان راند ڪندي ڪر!‘ ... ڇو ڀلا؟“

”شاهد هن جي ڀاءُ جو پٽ آهي نه!“

”پوءِ تون به ته بابا جي ڀاءُ جو پٽ آهين نه!“ ساجده برجستو جواب ڏنو.

”الائي ڇو...؟“ نجميءَ جو معصوم ذهن جواب ڏيئي نه سگهيو، پر هن جي اداسي گهَري ٿيندي ويئي.

”ڇڏ، نجمي، انهن ڳالهين کي- اچ راند ڪريون!“

هو بيدليءَ سان اٿيو، هن جي دل ۾ ڪا ڳالهه هئي، جنهن کي هو فقط محسوس ڪري سگهيو ٿي، سمجهي نٿي سگهيو.

هن جي ماءُ ۽ چاچيءَ جي ڪشيدگيءَ ويئي وڌندي... ۽ پوءِ هن جو وسيع بنگلو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو. باغ جي وچ ۾ ڪنڊن جي ڀت اچي ويئي. هن جي ماءُ هر شيءَ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. مگر ... هُن جي دل کي تقسيم ڪرڻ هن جي ماءُ جي وس ۾ ڪٿي هو؟

ساجده ۽ نجمي- ٻئي، ننڍپڻ جون حدون ڇڏي، انهن حدن کي پهچي چڪا، جتي هنن جو هڪٻئي کي ڏسڻ به مشڪوڪ هو.

هوءَ اڪثر سوچيندي هئي: ’هن جي ماءُ ۽ چاچيءَ جا جاهلانه جهيڙا، ڇا هن جي زندگيءَ مان مسرت چوسي وٺندا؟‘ مگر هن کي پاڻ وٽان ڪوبه جواب ڪونه ملندو هو، ۽ هوءَ عجيب ڪشمڪش ۾ متبلا ٿي ويندي هئي. اتي هن کي تسلي ڏيڻ وارو هن جو ننڍپڻ جو ساٿي نجمي به ڪونه هوندو هو.

نجميءَ ڪاليج جي مضمونن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. هوءَ خوشيءَ کان بيتاب ٿي ويئي. اهو سڀ هن جي دلي دعائن جو ئي ته اثر هو! پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڪنهن کي خوشي نه ٿيندي؟ نجميءَ جي ڪاميابي به ڄڻ هن جي پنهنجي ئي ڪاميابي هئي.

هوءَ ان رات دير تائين پنهنجيءَ مخصوص جاءِ تي گلاب جي ٻوٽن جي قريب ويٺي رهي، ۽ پوءِ، آهستي، ٻوٽن ۾ ڪو پاڇو ٿڙڪيو-

”ساجي...“ ڪنهن آهستي سڏ ڪيو.

”اجها، نجمي، مان هتي آهيان...“

”اڄ مون کي پهريون انعام مليو.“

”مبارڪ هجيوَ... مون کي نگار ٻڌايو هو.“

”مبارڪ جي مستحق ته تون آهين، ساجي!“

”مان! مان ڪيئن؟“

”اهو سڀ تنهنجي ئي دعائن جو ته اثر آهي!“

- ۽ هوءَ بيحد شرمائجي ويئي.

”هيءَ ڏس، ڪهڙي خوبصورت ٻيڙي آهي!“

ساجيءَ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏٺو. چانديءَ جي خوبصورت ٻيڙي هئي، جنهن تي دلڪش نقش هئا.

”ڏاڍي سٺي آهي... هان، وٺ!“

”وٺڻ ڇا جو؟“

”هي ڇا ٿي چوين، ساجي! ياد اٿيئي، مان تنهنجي لاءِ ننڍپڻ ۾ اهڙيون ڪيتريون شيون وٺي ايندو هوس- تڏهن نه تون وٺڻ کان انڪار نه ڪندي هئينءَ! اڄ انڪار ڇو!“

”نجمي، مون کي ائين نه چؤ! مان... مان... چڱو، مون کي ڏي...“

هوءَ تيزيءَ سان بنگلي جي طرف هلي ويئي، ۽ هو سايي ۾ اکيون ڦاڙي، هن جي پري پري ويندڙ پاڇي کي ڏسي رهيو هو.

- ڪيترا نه معصوم هئا هنن جا جذبات!

هڪ ڏينهن نجميءَ ٻُڌو، هنن جي نوڪرياڻيءَ کي ساجده جي ماءُ چئي رهي هئي: ”هاڻي دعا ڪر، مائي، منهنجيءَ ساجده جا به هٿ پِيلا ٿين خير سان!“

نوڪرياڻيءَ دعا ڪندي چيو: ”ها، بيگم صاحب، الله ڪري ساجده بيبي خير سان ڪنوار بڻجي! پر، بيبي، توهين دير ڇو ٿا ڪريو! خدا جي فضل سان ڇوڪرو توهان وٽ پنهنجو ئي آهي؛ ڪنهن ڏينهن مولويءَ کي گهرائي، نڪاح پڙهائي ڇڏيو. ماشاالله، اها ئي عمر شاديءَ جي آهي. ابي نجميءَ به بي. اي ته پاس ڪئي آهي، باقي دير ڇا جي؟ بسم...“

”ڇا؟ نجمي!“ هن جي چاچيءَ اهڙي زور سان رڙ ڪئي، ڄڻ ڇت ٿي ڦاٽي. ”مان ان نجميءَ نکڻي کي ڏينديس پنهنجي ڌيءُ؟ آهي اڃا پاڻ پيءُ جو محتاج، باقي منهنجيءَ لاڏن جي پاليل ڌيءَ کي پاليندو؟ اهڙا بي. اي پاس ته گهڻائي پيا رُلن. مان ته پنهنجي ڌيءَ ڪنهن ولايت- پاس کي ڏيندس!“

”پر، بيبي، پهرين حق ته نجميءَ جو آهي- وڏي چاچي جو پٽ آهي.“ نوڪرياڻيءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.

”حق! حق ڇا جو؟“ هن دفعي هن جو آواز سمجهڻ کان ئي ٻاهر هو. ”ساجده ڪا ڄمندي ئي نجميءَ جي نالي ٿورو ئي ٿيل هئي؟ ۽ مان وري ڪا پنهنجي ڌيءَ جي دشمن آهيان ڇا؟ نجميءَ جي ماءُ مون کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو هو، جو منهنجي ٻچڙيءَ کي سهندي؟ مون ته خير هشياري ڪري، ساجده جي پيءُ کي چئي، پنهنجو حصو ڪرائي ڇڏيو، پر منهنجي ڌيءَ جي وات ۾ ته زبان ئي ڪانهي- هوءَ ڇا ان افلاطون سان پڄندي؟ منهنجي ڌيءَ کي جلائي جلائي ماري ڇڏي هوءَ!“

نوڪرياڻي ته ويچاري چپ ڪري کسڪي ويئي. هن جو سينو زخمن کان چُور ٿي ويو. چاچيءَ جو هڪ هڪ اکر زهريلو تِير هو، جو هن جي دل جي آرپار ٿيندو ٿي ويو. هو سوچڻ لڳو: ’چاچي ويچاري به سچي آهي... زندگي افسانن تي بسر ٿي نٿي سگهي؛ ۽ نه خالي خولي محبت جي سهاري، جبل جيڏي حياتي ڳاري سگهجي ٿي. اسين افسانن ۾ چاهي ڪجهه به لکون- محبت ابدي چيز آهي، لافاني آهي، فلاڻ آهي، ڍينگ آهي- ليڪن حقيقت بهرحال حقيقت آهي. بک ۾ ڪڏهن محبت جو خيال به نٿو اچي سگهي. بک مٽائڻ لاءِ کاڌي جي ضرورت آهي، محبت جي نه. کاڌو پيسن سان ملي سگهي ٿو؛ محبت سان ڪير کاڌو ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ جسم ڍڪڻ لاءِ ڪپڙن جي ضرورت آهي؛ محبت سان ته جسم ڍڪجي نٿو سگهي. پوءِ، مان ڪهڙي منهن سان ساجده کي حاصل ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهيان! ساجده زندگيءَ جي گهُرجن کي محبت سان ته پورو نه ڪندي، ۽ نه هن جي زندگي افسانن جي خيالي محلن ۾ گذري سگهندي...‘ ۽ پوءِ هن جي چهري تي هڪ ئي وقت اُداس ۽ طنزيه مُرڪ نچڻ لڳي. ’ولايت پاس! ساجده کي صرف ان خوش نصيب جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪو ولايت پاس هوندو- ٻين اکرن ۾، ساجده جي قيمت ولايت مان آندل ڪا ڊگري هوندي!‘ هن آهستي چپن ۾ ڀُڻڪيو: ’چاچي، ساجده جو سودو ايترو سستو نه ڪر ... هوءَ انهن ڊگرين کان بلند آهي- تمام بلند!‘

دروازي جي اوٽ ۾ بيٺل ساجده، سوچي رهي هئي... ’ڪهڙي نه همدرد آهي منهنجي ماءُ! هن جو خيال آهي ته زندگي صرف بنگلن ۾ رهِي ۽ موٽرن ۾ گهمي ئي خوشيءَ سان گذاري سگهجي ٿي! ... خوش رهڻ لاءِ انهن بد رنگ شين کان زياده ڪنهن ٻيءَ چيز جي ضرورت آهي: دولت ته فاني شي آهي، زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن لافاني شي جي ضرورت آهي... امان، مون کي دول جي ضرورت نه آهي- تون ته چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿي ته مون کي ڪنهن جي ضرورت آهي.... پوءِ تون ڄاڻي به اڻڄاڻ ڇو ٿي بڻجين؟ ڇا، تون چاهين ٿي ته مان بيحيا بڻجي توکي سڀ ڪجهه پنهنجيءَ زبان سان چوان؟... پر نه، امان، مان ائين نه ڪنديس... مان ته آهيان ئي بيزبان- بيزبان جانور! توکي جيئن وڻي تيئن ڪر، مان ڪجهه نه چوندس... ڪجهه نه چونديس!‘

دل جي زبان اکيون- هن جي اکين روئي ڏنو. جيڪي ڪجهه هن چوڻ چاهيو ٿي، اهو سڀ ڪجهه هن جا گرم گرم ڳوڙها چئي رهيا هئا... مگر، ڳوڙهن جي زبان عجيب- سمجهي ڪير؟

ان رات جو هو دير تائين پيانو وڄائيندو رهيو. هن جو جسم روح کان خالي هو- هن جو تمام روح ڄڻ هن جي آڱرين ۾ سمائجي ويو هو. نغمن جو سوز وڌندو رهيو. چنڊ، هن سان گڏ روئڻ لاءِ، آسمان تان لهي، هن جي دريءَ ۾ اچي بيٺو؛ ۽ روئي، شفقت آميز لهجي ۾ چوڻ لڳو: ’تون روئين ڇو نٿو؟ تنهنجا ڳوڙها تنهنجين اکين جي ڪُنڊن ۾ ڄمي ڇو پيا آهن؟ هنن کي تون وهڻ ڇو نٿو ڏين؟ تنهنجون آهون تنهنجو سينو جلائي رهيون آهن. هنن کي پنهنجن لبن جي ديوار ٽوڙڻ ڏي، ته هنن جي سوزش ٻيا به محسوس ڪري سگهن!... تون انهن نغمن کي بند ڪمري ۾ ويهي نه ڇيڙ- دنيا کي ٻڌاءِ... دنيا کي ٻڌاءِ!... مان توکي هن طرح اندروني اندر تڙپندو ڏسي نٿو سگهان- نٿو برداشت ڪري سگهان! منهنجين ٻڍين اکين تو جهڙو آتش فشان ڪونه ڏٺو آهي. اڙي، مجنون ۽ فرهاد به ته ائين اندر ئي اندر ڪونه سڙندا هئا، پوءِ تون...‘ هو چرين وانگر رڙيون ڪرڻ لڳو- ”تون شيطان آهين! تون مون کي پنهنجي تفريح ٿو بڻائڻ چاهين!... هليو وڃ هتان!“ هن زور سان دري بند ڪري ڇڏي، ۽ بي اختيار پياني تي جهُڪي پيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساجده ٻڌو ته نجمي پنجن سالن لاءِ آمريڪا هليو ويو. اهو ٻڌي، هوءَ بي اختيار کلڻ لڳي. ماڻس جي چهري تي ناگواريءَ جا آثار پيدا ٿيا. هن جي کل جيئن بي اختياريءَ سان آئي هئي، تيئن هلي ويئي؛ ۽ ڪنهن نامعلوم احساس کان هن جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو.

شاهد آمريڪا کان واپس آيو. ساجده جي ماءُ سندس شاديءَ جون تياريون ڪرڻ لڳي. ان وقت الائي ڪيئن، هن جي گونگي پيءُ جي وات ۾ زبان اچي ويئي- ورنه هن جي سياهه و سفيد جي مالڪ ته بيگم صاحبه هئي، هو ڪجهه ڪُڇندو ئي ڪونه هو. شايد نجميءَ ۽ ساجيءَ جون خاموش بيقراريون هينئر زبان بڻجي آيون هيون-

”ساجده جي شادي نجميءَ سان ٿيندي!“

”۽ مان چوان ٿي ته شاهد سان ٿيندي!“

”نه، هرگز نه! نه... نه...!“

”آخر ڇو نه ٿيندي؟ شاهد ۾ آخر ڪهڙي گهٽتائي آهي؟ تنهن کانسواءِ، مان پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ کي زبان ڏيئي چڪي آهيان. مان زبان ڏيئي ڦِرڻ واري نه آهيان!“ ۽ پوءِ چال بدلائي، روئڻهارڪي لهجي ۾ ماترائڻ لڳي: ”مان ڪا پنهنجي نياڻيءَ جي دشمن ٿورو ئي آهيان! ... اهڙو چڱو رشتو ڇڏڻ بيوقوفي آهي. ڪهڙو نه لائق ڇوڪرو آهي! هرڪو ولايت وڃي ڪا مڊم ضرور گهليو اچي، مگر هن اشراف ائين نه ڪيو، ۽ هو تنهنجو فرشتو ڀائٽيو!... وري ڪيڏانهن ٿو وات وڃي...“ وٺي زور زور سان روئڻ شروع ڪري ڏنائين. گونگي پيءُ جي زبان وري ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. عاجز ٿي، چوڻ لڳو:

”چڱو، جيئن وڻيئي تيئن ڪر، پر خدا جي واسطي روءُ نه...!“

هن جي ماءُ، ڳُجهڙي انداز ۾ مُرڪندي، هلي ويئي. هوءَ آسمان جي وسعتن ۾ پنهنجي نجميءَ کي ڳوليندي رهي. ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئس، بُت بڻجي ويئي- مرمر جو بُت!

پوءِ هڪ ڏينهن شاهد هن جي دروازي تي گهوٽ بڻجي آيو. هوءَ چپ چاپ ويٺي هرهڪ کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهي هئي. بظاهر سڀ ڪجهه، ليڪن دراصل هن کي ڪجهه نظر نه اچي رهيو هو. هوءَ ٻڌي سڀ ڪجهه رهي هئي، ليڪن هن جي سمجهه  ۾ ڪا ڳالهه نه اچي رهي هئي. هن جي ظالم ماءُ- جنهن تي هن جي ڳوڙهن ڪو اثر نه ڪيو هو- هن جي خاموشيءَ کان الائي ڇو ڊڄي ويئي. آهستي آهستي اچي سندس ڪن ۾ چوڻ لڳي: ”امڙ، آءٌ لاچار هيس، مون پنهنجي ڀاءُ کي زبان ڏيئي ڇڏي هئي!“ هن چوڻ چاهيو: ”امان، ان ۾ تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونه آهي: دنيا ۾ سڀ انسان لاچار آهن، اسين سڀ مجبور آهيون- تون پنهنجيءَ ڏنل زبان کان مجبور آهين، بابا توکان مجبور آهي، آءٌ نجميءَ کان مجبور آهيان- اسين سڀ مجبور آهيون، لاچار آهيون...!‘ پر هن جو آواز نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيو.

عورتون سهاڳ جا گيت ڳائي رهيون هيون. دُهل جِي ڌم- ڌم هن کي ملڪ الموت جو آواز محسوس ٿي رهيو هو. هوءَ هڪ مُردو هئي، جنهن کي هن جي ماءُ، ٺاهي سينگاري، چِتا ۾ سڙڻ لاءِ موڪلي رهي هئي. اتي هن جي دل ۾ هڪ خواهش پيدا ٿيڻ لڳي- ڪاش، شاهد جو گهر هن جي چتا بڻجي وڃي! ... پر هن جي ڪهڙي خواهش پوري ٿي هئي؟ کيس وهنجاريو ويو، نوان ڪپڙا ڍڪايا ويا، سون مِين جا زيور پهرايا ويا... خاموش تماشائي بنجي، هوءَ حيرت سان سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي. اوچتو سندس نظر پنهنجن مينديءَ رَتن هٿن تي پئجي ويئي. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. کيس ائين معلوم ٿيو ڄڻ هن ڪنهن تيز خنجر سان نجميءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هجي... ۽ پوءِ، ان جي گرم گرم رت کي ميندي بنائي پنهنجن هٿن ۾ رچايو هجي! هن جا دٻيل جذبا وري جاڳي اٿيا. هن جي ماءُ سندس مٿي تي سهرو ٻڌي رهي هئي... ’نه اما، ائين نه ڪر...!‘ هن رڙ ڪئي... ليڪن اها رڙ صرف هن جي نڙيءَ ۾ ئي رهي- ٻاهر نڪرڻ جي ان کي اجازت ئي ڪٿي هئي؟

شاهد جي گهر ۾ اچي هن کي سڀ ڪجهه مليو، پر تڏهن به هوءَ نامراد هئي- ڄڻ ته هن کي دنيا ۾ ڪجهه به ڪونه مليو هو. هن انهيءَ ساجده جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو، جيڪا نجميءَ جي هئي، ۽ جنهن نجميءَ سان رانديون ڪندي پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو؛ هينئر اها ساجده زنده هئي، جيڪا شاهد جي بيگم هئي، ۽ فوزيءَ جي ماءُ هئي.

۽ اڄ، جڏهن هن جي فوزيءَ جي پهرين سالگرهه هئي، ته ڪٿان نجمي به اچي نڪتو هو. هينئر به هن جو چهرو اڳي کان زياده افسرده ٿي ويو هو. هن جي نغمن ۾ بيحد سوز هو، ۽ افسانن ۾ بي انتها درد.

چنڊ لڪي ويو. رات جي تاريڪي به دور ٿي ويئي هئي. هو ٻاهر نڪتو. ساجده بينچ تي ويٺي هئي. فوزي هيٺ نرم ڇٻر تي کيڏي رهي هئي. ساجده جي اندر واري ’ساجي‘ ڪَرَ موڙڻ لڳي. مگر... ’ساجيءَ‘ تي ’ساجده‘ غالب اچي ويئي-

”توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه، نجم صاحب!“ ساجده خشڪ لهجي ۾ پڇيو.

”نجم صاحب...!“ هن طنزيه ٽهڪ ڏنو. ”نئين زندگي مبارڪ! ساجده، واقعي تو شاهد کي چونڊي، عقلمنديءَ جو ثبوت ڏنو.“ يڪايڪ هن کي سخت غصو اچي ويو... هن هڪ چماٽ ساجده جي ڳل تي هڻي ڪڍي- ”تون بيوفا آهين!“ وڏا وڏا قدم کڻندو، هو تيزيءَ سان دروازي کان نڪري ويو.

ساجده پنهنجو هٿ نجميءَ جي ڏنل تحفي تي رکندي ڀڻڪيو- ’بيوفا!...ڪير؟‘.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment