Friday, December 4, 2020

ذليل انسان - نبي بخش دائودپوٽو

ذليل انسان

نبي بخش دائودپوٽو



هوٽل تي وڃڻ اڄڪلهه هڪ رواجي ڳالهه ٿي پيئي آهي. سوين وچولي درجي جا ڪلارڪ ۽ منشي، ڪيترا پورهيت ۽ مزور، هوٽل تي نظر ايندا. امير به هوٽل تي وڃن، پر البت ٺاٺ باٺ واريءَ تي.

اسان جي به اها هير ٿي ويئي آهي. منجهند جو آفيس ۾ رسيس ٿئي ئي مس، ته ٺڪ سڌو هوٽل تي. وري پيون به رڳي چانهه. ٻنپهرن تائين آفيس ۾ ڪم ڪندي ڪندي اکيون ٻاهر نڪري اينديون اٿئون، سو ڪجهه بک ۽ ڪجهه ٿڪاوٽ جي ڪري هوٽل تي وڃڻو ئي پوي ٿو. هوٽل تي هونئن ته گهڻيون شيون ملنديون، پر پنهنجي صرف چانهه سان لڳي – سستي جو آ، ۽ وري گرم ۽ مٺي! بک کي ته ڄڻ اڏايو ڇڏي. تنهن ڏينهن هوٽل تي وڃي رهيا هئاسين – مان، انور ۽ رشيد. غني آفيس ڪونه آيو هو؛ چي ’ڪجهه ناچاڪائي اٿم‘. هوٽل تي پهتاسين، ۽ نيم موجب وڃي ڪُنڊ وَسائي سين. ڪنڊ ۾ نڪو ڏسي نڪو وائسي، تنهنڪري بي الڪي چانهه پي سگهندا آهيون. انور ٻيءَ ٽيبل تان اخبار کڻي آيو. بيئرر اڃا اسان تي نازل ڪو نه ٿيو هو، تنهنڪري اخبار جاچڻ لڳاسين. اخبار ۾ به ڏاڍيون ڪي خبرون هيون:


- ”اڄ وڏو وزير ٽن مهينن جي دوري تي وڃي رهيو آهي. اتان اناج جي حالت جاچي، اچي ملڪ ۾ پيل ڏڪار لاءِ ڪجهه قدم کڻندو“؛

- ”فلاڻي سيٺ جي ڪو شاهينگ ڳنڍ ڪپي ويو“؛

- ”گورنر اڄ ٻِيڙين جي ڪارخاني جو بنياد وڌو“؛

- ”فلاڻي مزور خودڪشي ڪئي، ۽ خودڪشيءَ جي سبب جاچڻ لاءِ پوليس سندس مائٽن کي لاڪپ ڪيو آهي“؛ وغيره وغيره.

سڄيءَ اخبار تي مٿاڇري نظر ڊوڙائيسين، پر ملڪ ۾ پيل ڏڪار جي ڪا خبر نه آيل هئي! نه وري اهو پئي معلوم ٿيو ته گهڻا مئا، گهڻا بچيا ... ۽ اگر مئا، ته ڪير؟ مون کي عجب لڳو ته الاجي ملڪ ۾ ڏڪار هو يا نه، يا سڀ ماڻهو ڪوڙا هئا جو ڏڪر ڏڪر ٿي پڪاريائون: يا ته بک وگهي مرڻ هڪ رواجي ڳالهه هئي ۽ ڪافي پراڻي ٿي چڪي هئي، تنهنڪري اخبار ۾ اچڻ جهڙي نه هئي! پتوئي نٿي پيو. ماڻهن جي واتان پئي ٻڌوسين ته اميد تي جيئڻ وارا نااميد ٿي رهيا آهن. اسان جهڙن جو وچولو طبقو ته اڳي ئي ڪجهه اَنّ ۽ ڪجهه چانهه تي گذر ڪري رهيو هو. اميرن جي سا خبر نه آهي.

اوچتو رشيد هڪ خبر ٻڌائي: چي، ”هڪ مائي پنهنجو ننڍو ٻار ماري، پاڻ الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي آهي. پوليس سندس ڳولا زناني مارڪيٽ ۾ شروع ڪئي آهي. اميد ته جلد پتو پئجي ويندو.“

ٻار جي موت جو ٻڌي، انور ڄڻ ڇرڪ ڀريو، چي، ”ٻار کي ماريو اٿس؟ - ابهم کي! ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه، - عورت ۽ وحشي! پالي نٿي سگهيس شايد.ڪهڙي خبر، اهو ٻار وڏي هوندي وڏو ماڻهو ٿئي ها!“ مون کان رهيو نه ٿيو. چيم، ”جهڙو تون ٿيو آهين! ڪلارڪ آهين، شايد فائيلن جي قبر مليئي!“ انور چپ ٿي ويو، ۽ رشيد وچ ۾ ٽپي پيو. چي، ”ڇڏ يار، ڇا تاريخ ڦري ويئي ڪيئن؟ هٽلر ڪير هو، مسولني ڪير ۽ رضا شاه پهلوي ڪير؟ اُهي به ته غريب هئا – پوءِ ڪيئن وڌيا؟ اسين پوءِ ڇو نٿا وڌي سگهون؟ پر ڪنهن جي ڀاڳ سان ريس ڪهڙي!“ رشيد ٻه منٽ خاموش رهيو.وري چيائين: ”خير، ڇڏيو ان ڳالهه کي، اچو ته مان توهان کي ڪجهه گشت جو احوال ٻڌايان.“ رشيد شروع ڪيو:

”گشت جي موسم هجي. آءٌ، وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب – سڀ وياسين گشت تي.گشت هو خرچ جي حساب ڪتاب جي چڪاس بابت. گشت آهي مست، جنهن کي لڳي سوڦري. گشت جو جيڪو فائدو نه وٺي، سو ته ڪلارڪ، ڪلارڪ جو پُٽ ئي نه چئبو. وڃي لٿاسين. وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب ته وڃي رهيا بنگلن ۾، ۽ مون کي رهايائون اتي جي هيڊ ڪلارڪ صاحب وٽ.

”هيڊ ڪلارڪ مون کي پنهنجي گهر مان هڪ ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني. اها ڪوٺي هيڊ ڪلارڪ اڪثر ڪري اوطاق طور ڪم آڻيندو هو. آيو، ويو – مڙيوئي ڪوٺيءَ ۾پيئي ڪچهري لڳندي هئي. ڪوٺيءَ کي ٻه در هئا – هڪ گهر طرف اندر، ۽ ٻيو ٻاهر رستي طرف. گهر وارو دروازو ٻاهران بند هو، تنهنڪري ڪوبه ماڻهو هر وقت ڪوٺيءَ ۾ اچي ٿي سگهيو.

”هيڊ ڪلارڪ پاڻ هو پنجاهه کن جو، پر ڏسڻ ۾ ڪافي پوڙهو ٿي آيو. اکين تي ٿلها کوپا چڙهيل هئس. ڏسڻ جو سادو، پر اندر جو جهڙو ڪارو. قسم ۽ قرآن کڻي ته ’آءٌ رشوت نه وٺان‘. رشوت نه وٺي، ته سؤ ٽيهن روپين مان ههڙي وقت ۾ هوند پورت ڪيئن ڪري!

”هن منهنجي چڱي خدمت ڪئي. ٽي ويلا ماني، شام جو چانهه، ۽ رات جو کير به نصيب ٿيڻ لڳم. تنهن کان سواءِ ٻي هر چيز جو خيال رکيو ٿي ويو: پنج منٽ گذريا نه آهن ته ٺڪ پان، سگريٽ، يا ٻيو ڪجهه. صبح ۽ شام جووڏي صاحب ۽ ننڍي صاحب ڏي وڃڻ لاءِ سائيڪل به هٿ ڪري ڏنائينم. پنهنجي وڏي پٽ کي چئي ڇڏيو هئائين ته هر وقت منهنجي حاضريءَ ۾ رهي. هونئن ته اسين ڪلارڪ مولائي ماڻهو ٿيون – مٿي تي ٽوپي رکون ئي ڪين، عزت لهي ته ڄڻ نه لٿي – پر هتي آءٌ هيڊ ڪلارڪ تي رعب ڄمائڻ لڳو هوس، ۽ خاص خاص چيزن جي فرمائش ڪندو هوس؛ ۽ منهنجون فرمائشون لاچار پوريون ڪيون وينديون هيون.

”هيءُ پوڙهو هيڊ ڪلارڪ اهڙو، جو وَٺَ ئي نه ڏي! ڏاڍو ڇيڇاڙيومانس. چي، ’رشوت وٺڻ حرام آهي. آءٌ بالڪل نه وٺان – رتيءَ برابر به سوئر!‘ رشوت نه وٺي ته پنهنجا ٻار ٻچا ڪيئن پاليندو هوندو؟ پگهار مورڳو هڪ سو ٽيهه، ۽ مٿان وري اسان جهڙن مولاين جون مهمانيون: پڪ اندر ئي اندر ڳجهو چور هوندو. اگر مهماني نه جهلي ها ته ڏنڊا ڪونه هڻونس ها- وڌ ۾ وڌ بدلي. بدليءَ تي البت سامان جي ڀڄ – ڀور ٿئيس ها، يا خرچ اچيس ها، پر جاگيرون ڪونه لٽجنس ها. ماڻهن ۾ هُلايو هئائين ته ’پوڙهو آهيان؛ ڳوٺ آهي اباڻو وطن، مرجي اتي ته چڱو‘. واه جا چڱائي – مري ها، ٽڪا وٺي ها! ٻاهر نمازي، اندر جو پليت! چي، ’اشراف آهيان‘- واه جا اشرافت! آخر تائين ڪونه سليائين ته ڪو رشوت وٺي! وڏو اندر جو چور، لچو ۽ بدمعاش هوندو؛ ڳجها کاٽ هڻندو هوندو. پر استاد بيهه، - پاڻ به اهڙيءَ طرح پڳاسون جو واه واه – ياد ڪندو!

”گهڻا ڏينهن سير سواد وٺڻ ڪري، ڪم اينگهجي پيو. جيتوڻيڪ ڪم نالي ماتر ڪندا هئاسين، پر هيل ته اها به پَٽي؛ سو هفتو کن رهي پياسين. آءٌ ته ڦنڊي پيو هوس.نه ڪم نه ڪار،مزي سان پئي ماني ملي. ٻاهر ڏڪر ته ڏڪر ئي سهي: ڪڻڪ ڪيتري به سير هجي، پاڻ کي ملِي ٿي. ۽ اسان جو ڪم هو کائڻ – بس.

”ڳچ وقت رهڻ ڪري مون کي سندس گهر جي ڪجهه حالت معلوم ٿي.گهر جي جاءِ خاص نه هيس. اندر وري گند: ڪٿي ڇيڻا پيا هوندا، ته ڪٿي ٻهاري – مڙيو ئي گذرپئي ڪيائون. گهر ۾ ڪل اَٺ ڀاتي هئس: ٽي ننڍا پٽ، چئن، اٺن ۽ ڏهن سالن جا؛ ٻه ڌيئر، هڪ ٻارهن جي ۽ ٻي پندرهن کن جي؛ هڪ پاڻ، هڪ جوڻس ۽ هڪ نهڻس. ٻڌم ته جوان پٽس تازو وبا جي مرض ۾ مري ويو هو.هڪ دفعي گهر وارو اندريون دروازو صرف ٻيڪڙيو پيو هو؛ مون سعيو ڪري کولي ڇڏيو، ۽ گهرجي حالت جاچيمانس. زالس هميشہ بستري داخل هوندي هئي – سڄي سائي – الائي سلهه جو مرض هوس يا ڇا. نهڻس ننڍي نيٽي هئي، پر البت ناچاڪ لڳندي هئي.باقي ڌيئرس جهڙا گل! نئين جواني، ... ڏسڻ سان اکيون پئي ٺريون- جيڪر ويٺو ڏسجين!

”مون کي جيڪو عجب لڳوسو هن ڳالهه جو: ڪيڏي نه رشوت وٺندو هوندو – مهيني ۾ پنج سؤ ته واه جو ٿيندڙ هوندس – پر گهَر جي توڙي پنهنجي حالت سا ئي بُري! گهر ۾ توڙي پاڻ کي خاص ڪري ڪپڙو به ڪونه هوس؛ ڌيئر ته اڌ – اگهاڙيون ويٺيون هونديون هئس. پهرين ته مون سمجهيو ته فاحش هونديون؛ پر اهڙي ثابتي نه مليم. ڪيئن به هجي، ڇا اڌ – اگهاڙيون، فاحش نه هونديون؟ ٻڌو هوم ته گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو پورهيو به ڪنديون هيون. زالس اڳي ئي سائي، ويتر پوڙهو دوا درمل تي پيسا خرچيس ڪونه، سو مردو ٿيندي ٿي ويئي. ٻار ڏسينس ته ڳريا پيا هئس. ههڙو چڱو چوکو مون هچا کي پئي کارايائون، سو گهر ۾ ته پاڻ چڱو کائيندا هوندا. پر منحوسَ جا ٻار، - ڪيترو به چڱو کارائين، ظاهر ڪٿي ٿو ٿئي! پاڻ ڏسينس ته نه ڦڙ تي نه چالاڪي. آفيس ۾ ڇا ڪم ڪندو هوندو؟ اهڙن ماڻهن تي مون کي ڏاڍا خار لڳندا آهن.

”هڪ ڏينهن سندس اَٺن سالن وارو پٽ ٻاهر رڙندو آيو. وڏيءَ ڀيڻس ماريو هوس.وڏو ڀاڻس ڳليءَ ۾ بيٺو هو. راند به نه پئي ڪيائين. ننڍي ڀاءُ کي روئندو ڏسي، پرچائڻ لڳس.  ’ڇاهي ڪمون، ڪهڙي ڇوڪري ماريئه؟‘ ڪمونءَ وراڻيس ته ’اديءَ ماريو اٿم. ڏاڍي بک لڳي هئم، ماني گهُريمانس ته ماريائين. ئي پيئي: ”ڪيڏڙو ٿيو آهين، رڳو مڪڙ وانگر پيو کائين ... ڪڻڪ ڏس ته وڃي زر لڳي آهي! مرين به نٿو؟“‘ ڪهڙي نه ڏائڻ هيس ڀيڻس! مانيءَ ڳڀو ڏئيس ها، ته سڀ بک ڪونه مرن ها. ڪڻڪ ته ملڪ ۾ جام هئي، البت پيسو ٿورو هو: سو پڻس ڪري وڌيڪ رشوت وٺي ها!

”وڏو ڇوڪر به منهنجي حاضريءَ ۾لڳوپيو هوندو هو. هڪ ڏينهن پڇيومانس ته ’اسڪول نه وڃين ڇا؟‘ چي، ’ويندو هوس، هاڻي نٿو وڃان. في نه ڀري هيم؛ ابا کان گهريم، ماريائين. چيائين ته ”وڃي جهنم ۾ پؤ، نه پڙهه“.‘ ننڍو ڇوڪر اڃا ننڍو ٿيندنِ، پر اهو به منحوس – سڄو ڏينهن پيو ’رِين رِين‘ ڪندو!

”ڪهڙي به گهر جي حالت هين، پر سڀ منحوس پوڙهي جي ڪري. مري ها ته معصوم ڳڻتيءَ کان ڇٽي پون ها. دل جو ڏاڍو ڪنجوس. ڪڏهن پٽن کي گهمائڻ به نه وٺي ويو. ڪيڏي نه رشوت وٺندو هوندو، پر اها سڀ وڃي الائي ڪيڏي ٿي!

”پر استاد، پاڻ به اهڙن منحوسن سان چڱيءَ طرح پڄون! اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ٽي سو روپيا گهريامانس – هڪ سو پنهنجي لاءِ، ۽ ٻه سو صاحبن لاءِ. نه ته بدلِي! ذري گهٽ روئي ويٺو – جهڙي هچا! چي، ’پيسو هجيم ها ته ههڙي حال ۾ ڏسوم ها‘، وغيره وغيره. اگر پيسو نه هوس ته ڀلا مون کي کارايائين ڪٿان ٿي – سو به چڱو چوکو؟ ڪوڙو هو، ذليل! مون چيس ٽي سوروپيا ضرور وٺندس – شيئر. ڪٿان به آڻ: وڃي چوري ڪر، يا وڃي وڌيڪ رشوت وٺ. روئي ويٺو! پر آءٌ ڪٿي ڇڏڻ وارو هوس؟ نيٺ ٻئي ڏينهن سو روپيا آڻي ڏنائين، سي به چيائين ته ڳهه گروي رکي آيو آهيان؛ باقي چيائين ٻئي دفعي. پر ڪيئن به ڪيائين، وڃي پوي جهنم ۾؛ اسان کي پيسن سان ڪم، سو مليا. ڪراچيءَ اچي خوب پيتوسي کاڌوسي. ٻئي دفعي پنج سو جو چَڪ هڻندومانس!“

رشيد بس ڪئي. اسين اٿياسين. رشيد بل ڏنو، ۽ اسين آفيس ڏانهن روانا ٿياسين. رستي تي چرچا گهٻا ٿيا، پر الاجي ڇو سڀ ڦڪا ٿي لڳا. آءٌ پنهنجي آفيس پهتس. دل ڪم تي نه لڳيم، موڪلائي آيس.

دل ڳري ڳري پئي معلوم ٿي ... دماغ پريشان. ٻيو دفعو چانهه پيتم، پر بيسود. خيالن ۾ هڪ برباد ٿيندڙ خاندان هو، ۽ هڪ ويران ٿيندڙ گهر: ’نياڻيون، انگ – اگهاڙيون، ۽ معصوم ڪمسن – ڇا اهي ائين ئي رهندا؟ هيڊ ڪلارڪ رشوت ڇو نٿو کائي؟ پنهنجي خاندان کي بچائي ڇو نٿو؟ ... ڇو؟‘

خيال ڦري رهيا هئا. ’انسان‘ ياد آيم: ’انسانَ به ته اهڙيءَ حالت ۾ آهن‘ آخر اهي لچايون ڏاڍايون ڪيستائين؟ ... وقت اچي رهيو آهي، جڏهن اسين سڀ انسان – هاري ناري، مزور ۽ ڪاسبي، پورهيت ۽ مظلوم – گڏجي اٿنداسين: پاڻ کي بدلائينداسين، ۽ سڀني ”رشيد“ جهڙن کي به بدلائينداسين‘.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۲-۱۹۵۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment