Friday, December 4, 2020

ييس، سر - رضيه سجاد ظهير

ييس، سر!

رضيه سجاد ظهير

سنڌيڪار: ڀيشم



ٽپال هڪ اهڙي ته مزيدار شي آهي جو صبح شام ان جو انتظار ڪرڻ ڄڻ زندگيءَ جو هڪ ضروري جزو بڻجي ويو آهي. ۽ وري مني آرڊر؟ مني آرڊر لاءِ ڇا چوان؟ ڪهڙو به کڻي بدصورت ٽپالي مني آرڊر کڻي ايندو هجي، مگر اُهو اُنهيءَ وقت اهڙو ته حسين نظر ايندو آهي جو سندس اڳيان ڪوه قاف جون پريون به پاڻي ڀريندي پيون شرمائين. ليڪن، زهره لاءِ ڇهن ستن مهينن لاءِ ڄڻ هڪ مصيبت پيدا ٿي وئي هئي: هيءُ جو نئون ٽپالي سندس ٽپال کڻي ايندو هو، تنهن کان ته زهره کي ڄڻ هڪ قسم جي چڙ ٿي وئي هئي.


ائين چئجي ته هو بدصورت هو، -نه. هو شڪل جو ٺاهوڪو هو. سانورو رنگ، ڊگهو قد، پورو پنو جسم؛ عينڪ پائيندوهو، جنهن مان هن جون ذهين اکيون پاڻ وڌيڪ ذهين ڏسڻ ۾ اينديون هيون. ايستائين ته سڀڪجهه ٺيڪ هو؛ مگر جنهن ڪم جي بسم الله ئي غلط ٿي، سو اڳتي ڪيئن ٺيڪ هلندو؟ پنجن سالن کان وٺي جيڪو پنڊت سندس ٽپال کڻي ايندو هو، تنهن جي اوچتو ڪنهن ٻئي پاسي بدلي ٿي وئي. زهره سان هو ڪافي هري مري ويو هو. جڏهن به پنڊت پنهنجي ڳوٺ گهمڻ ويندو هو ته زهره لاءِ ’امرس‘ ضرور آڻيندو هو، ۽ زهره وري هن کي سندس زال لاءِ بلاؤزر سبي ڏيندي هئي، جنهن تي بعد ۾ پنڊت جي اعتراض ڪري چوندو هو: ”ڌيءَ، هيءُ ته شهر وارن وانگر ’ٽيٽ‘ ٿي ويو آهي، ذرا هن کي ڍلو ته ڪري ڏجانءِ“. جڏهن به هو زهره کي ’ڌيءَ‘ چوندو هو، ته زهره ڏاڍي خوش ٿيندي هئي؛ ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي وڌندڙ عمر ۽ اڇن وارن جو احساس ڪي قدر گهٽ ٿي ويندو هو. اهوئي سبب هو جو جڏهن هڪڙي ڏينهن هوءَ منجهند جو تاس کيڏي رهي هئي، ۽ اوچتو هڪ نئون ٽپالي اچي سندس سامهون بيٺو، ته هوءَ وائڙي ٿي ويئي. نئون ٽپالي ٻاهران ئي کڙ کڙ ڪندو پئي آيو، ۽ جڏهن زهره جي سامهون پهتو ته هڪدم فوجين وانگر ٻئي کڙيون ملائي، فوجي نموني سلام ڪندي، سخت آواز ۾ چيائين:

”ييس سَر، مني آرڊر!“

زهره کي ائين لڳو ڄڻ سارو ڪمرو ڦري رهيو آهي. ڪٿي هو مٺو آواز، - ”ڌيءَ، هان وٺ، تنهنجو مني آرڊر“- ۽ ڪٿي هيءَرڙ! باهه جي ڄڀيءَ جيان، جلدي سوال سندس زبان تي آيو:

”پنڊت جي ڪيڏانهن ويو؟“

”هو ٽرانسفر ٿي ويو، سر!“

زهره جي دل ائين چاهيو ته پنهنجو مٿو زور سان نئين ٽپاليءَ جي مٿي سان ٽڪرائي. ’وڏو آيو آهي انگريزي دان!‘ هن جي دل چاهيو ته هوءَ هن کي چوي ته ’گڏهه، عورتن کي ”سَر“ (Sir) نه، بلڪ ”ميڊم“ چئبو آهي، انگريزن جا پُڇ!‘ هن بيزار ٿي، مني آرڊر فارم ورتو، ۽ صحيح واري جڳهه ڳولڻ لڳي. ٽپاليءَ هڪ هنڌ آڱر رکندي چيو:

”هتي سگنيچر ڪريو، سر.“

- ڄڻ زهره اڄ تائين ڪنهن مني آرڊر تي صحيح ئي ڪانه ڪئي هئي، بالڪل جاهل هئي! ۽ جيستائين زهره صحيح پوري ڪري ئي ڪري، تيستائين هو خودبخود چوڻ لڳو:

”سَر، اڳي مان ملٽريءَ ۾ هوس ۽ هينئر پوسٽ جي ڊپارٽمنٽ ۾ آيو آهيان!“

زهره جي دل چاهيو ته فارم کڻي سندس منهن تي هڻي، ۽ چويس:

’آيو آهين ته ڇا ڪريان – نچان؟‘ ليڪن هن خيال ڪيو ته جيڪڏهن فارم ڦٽو ڪنديس ته پنجاهه روپيا ڪيئن ملندا. خون جو ڍڪ پيئندي هن صحيح ڪئي، ۽ ٻٽونءَ ۾ روپيا رکندي، اَٺ آنا ڪڍي هن جي تريءَ تي رکيائين. هو اَٺ آنا وٺي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هڪ وڏي مسڪراهٽ زهره ڏانهن اڇلائيندي چيائين:

”سَر، اوهان ’گُڊ‘ آهيو! اڄڪلهه ته ڪو ٻياني به ڪونه ٿو ڏئي. اوهان ته گرلز ڪاليج ۾ ماسٽر آهيو نه؟“

زهره سڙي خاڪ ٿي وئي؛ ليڪن چيائين ڪجهه نه. ٽپاليءَ کيسي مان ريشمي رومال ڪڍيو. رومال ۾ هڪ سستي قسم جو عطر پيل هو، جنهن مان خوشبوءَ پئي آئي. اُنهيءَ سان پنهنجو پگهر اُگهيائين. زهره اڃا به وڌيڪ سڙي ويئي. هن کي مردن جي ريشمي رومال رکڻ ۽ عطر لڳائڻ کان نفرت هئي. سمجهي ويئي ته ضرور آواره آهي. ٽپاليءَ رومال کيسي ۾ وجهي، وري کُڙيون ملائي، هن کي سلام ڪيو، ۽ ’گُڊ مارننگ‘ چوندو ٻاهر هليو ويو. زهره، سڙندي سڙندي پڄرندي، اندر وڃي روپيا بيگ ۾ رکڻ لڳي.

خير، ڳالهه هڪ دفعي جي هجي ها ته پرواهه نه هئي؛ مگر هن خيال ڪيو ته هن سان ته روز روز واسطو پوندو! پنڊت کي ياد ڪندي، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا: ’ڪهڙو نه سٺو آدمي هو! خدا اُنهيءَ آفيسر جي پاڙ پٽي، جنهن هُن کي بدلي ڪري هن جهنگليءَ کي مقرر ڪيو آهي! صرف هيءُ ئي پاڙو رهيل هو، هن کي مقرر ڪرڻ لاءِ؟ .... هون!‘

جيڪا ڳالهه زهره سوچي هئي، سائي ٺيڪ نڪتي. اُنهيءَ واقعي کان پوءِ ته عجيب عجيب ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. امتحان جا ڏينهن ويجها هئا، ۽ هن هڪڙي ڏينهن اطمينان سان پنهنجي آخري ڪلاس کي ويٺي پاڙهيو ته منشيءَ هن ڏانهن هڪ چِٽ موڪلي، جنهن ۾ لکيل هو: ”اوهان جو مني آرڊر آيو آهي، اچي وٺي وڃو“.

پهرين ته هوءَ مني آرڊر جو نالو ٻڌي ڇرڪي وئي، مگر وري ائين سوچيندي ته هن پاڙي جو ٽپالي ٻيوآهي ۽ ڪاليج به گهر کان گهڻو پري آهي، هوءَ جلدي جلدي وک کڻندي دفتر ڏانهن وڃڻ لڳي. اڃا دروازي وٽ مس پهتي، ته هڪدم بيهي رهي. اندران آواز اچي رهيو هو:

”ييس سَر، هيءَ ته ڏاڍي ڊفِيڪلٽِي آهي، سر! اسان وٽ جيڪڏهن ائين ٿئي ته هڪدم هڙتال ٿي وڃي!“

”اڙي ڀائي، هتي ته پڙهيل لکيل ۽ عالي خاندان جا ماڻهو ڪم ڪندا آهن، ۽ اُنهن کي پنهنجن فرضن جي پوريءَ ريت ڄاڻ آهي.“ منشيءَ جو آواز آيو.

”انهيءَ ۾ فرض جي وري ڪهڙي ڳالهه آهي، سَر؟ ڊيوٽي اِز ڊيوٽي: مگر پگهار ته پوري وقت تي ملڻ گهرجي، سَر؛ ورنه فيملي جوڇا ٿيندو!“

اوچتو خاموشي ڇائنجي ويئي. زهره دروازي مان ليئو پائي ڏٺو ته منشي ماسترن جي پگهارن جي رجسٽر ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو. ٽپاليءَ هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو، ۽ ٽنگون پساري، هڪ ٽيبل کي اڳتي سوري، اُنهيءَ تي هٿ سان طبلو وڄائيندي چوڻ لڳو:

”ليمي جي کٽاڻ آ،

زورن جو بخار آ،

اچ ته او منهنجا پرين،

تنهنجو انتظار آ...“

زهره جلي ويئي. ليڪن مني آرڊر ڪيئن ڇڏي؟ دروازي جي پاسي مان بيهي، آهستي چيائين:

”منشي صاحب، ڇا منهنجو مني آرڊر آيو آهي؟“

جيتوڻيڪ زهره چيو ته بالڪل آهستي هو، مگر هُن ٻڌي ورتو. جيستائين منشي ڪجهه چوي يا ڪري، هو ٺڪاءُ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿيو، ۽ ٻئي کڙيون ملائي، دروازي ڏانهن منهن ڪري، سلام ڪيائين:

”ييس سَر، مني آرڊر!“

منشي صاحب فارم وٺي، اڳتي وڌائي، زهره کي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ جيستائين زهره صحيح ڪري ئي ڪري، تيستائين هو چوڻ لڳو:

”ييس، سر! مان اوهان جي گهر ويو هوس، مگر خبر پيئي ته اوهان اوورَ ٽائيم ڪم ڪري رهيا آهيو، انهيءَ ڪري هيڏانهن کڻي آيس.“

زهره جلڻ لڳي. هوءَ هڪ معزز ليڪچرار هئي، نه ڪنهن مِل جي مزدورڻ، جيڪا اوور ٽائيم ڪم ڪري رهي هئي. ’بيوقوف ڪٿان جو .... اوور ٽائيم جو چاچو!‘ هوءَ سڙندي پڄرندي ڪلاس طرف وڃڻ لڳي.

پوءِ ته هميشہ ائين ئي ٿيڻ لڳو. زهره سمهي پئي هوندي هئي ته هو اچي موجود ٿيندو هو- ”ييس سر، مني آرڊر!“

هن پنهنجي هڪ گهاٽيءَ سهيليءَ کي سڏايو. گرمين جا ڏينهن هئا. خوب گپ شپ لڳي پيئي هئي، ته هو اچي موجود ٿيو-

”ييس سر، مني آرڊر!“

صرف ايستائين بس هجي ها ته ڪا ڳالهه به هئي، مگر هو هميشہ مني آرڊر ڏيندي زهره جي معلومات ۾ اضافو ڪندو رهندو هو:

”انڊونيشيا جو ڪَيپِيٽل (گاديءَ جو هنڌ) تمام بيُوٽيفُل آهي.“

”برما جي جهنگل ۾ تمام وڏا وڏا سِنيڪس (نانگ) ٿيندا آهن.“

”امريڪن جيڪڏهن ٿوري ئي پنڌ تي ڪنهن بگيءَ تي ويندا آهن، ته بگيءَ واري کي ٽِپ ڏيندا آهن.“

”فوج ۾ راشن خوب ملندو هو، مگر حياتي هميشہ ڊينجر ۾ هوندي هئي؛ پر ڇا ڪجي، فيملي لاءِ رِسڪ (خطرو) ته کڻڻو ئي پوندو آهي!“

۽ وري ڪڏهن ڪڏهن تازا احوال ٻڌائڻ شروع ڪندو هو:

”پوسٽ ۾ مون کي پنهنجي برد ر-اِن – لا رکايو آهي- وائف جي ڀاءُ. هو فلاڻي پي.ڪي. ايس. پي. ايم. جو فلاڻو ٿئي. هونءَ ته، سر، ملٽري کان پوءِ سال کن ته مون کي جاب (ڪم) ئي نه پئي مليو. فيملي جي ڪري ڏاڍي ڊفيڪلٽي ٿي ٿئي .....“

- اهڙيون ئي ٻيون ڳالهيون.

زهره تمام ڪڪ ٿي پيئي. هن سوچيو ته هن کان ڇوٽڪاري پائڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي- بدلي. ’هن پاڙي مان هن جي ڪنهن ٻئي پاڙي ڏانهس بدلي ڪرائجي، ۽ انهيءَ لاءِ سڀاڻي ئي هيڊ پوسٽ آفيس وڃڻ گهرجي. سڀاڻي ئي!‘

ليڪن، صبح جو اٿي هن اخبار ڏٺي ته سڀ ڳالهيون ڇومنتر وانگر سندس مغز مان اڏامي ويئون. ڪيترن ڏينهن کان شاگردن جي جيڪا هڙتال هلي رهي هئي، انهيءَ نازڪ صورت اختيار ڪئي هئي. پوليس رات يونيورسٽيءَ ۾ به آئي هئي. ڪجهه گرفتاريون به ٿيون هيون. پوليس ۽ شاگردن جي وچ ۾ جهڳڙو به ٿيو هو. شام ٿيندي ئي، پوليس جون گشتي موٽرون اعلان ڪندي وڃڻ لڳيون ته ’ٽن ڏينهن لاءِ شهر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو آهي، ۽ ڪوبه گهر کان ٻاهر نه نڪري.‘

زهره جي ٻٽونءَ ۾ ڪل اٺ آنا هئا. سڀاڻي ئي ٽن مهينن جي پگهار ملڻ واري هئي؛ مگر هينئر اُنهيءَ جو ته خيال ڪرڻ ئي اجايو هو. هونءَ جيڪڏهين حالتون ٺيڪ هجن ها ته هوءَ ڪنهن کان قرض به وٺي سگهي ها؛ مگر هينئر نه هوءَ پاڻ ٻاهر نڪري پئي سگهي، ۽ نه وري ڪنهن کي سڏائي پئي سگهي. پاڙي وارن دوڪاندارن اعلان ٻڌندي ئي هر هڪ شي جو اگهه چوڻو ڪري ڇڏيو هو، ۽ ان سان گڏ ائين به اعلان ڪيو هئائون ته اڌار ڪنهن کي به ڏيڻ ۾ نه ايندي. مهيني جي شروعات هئي، ۽ گهر ۾ هر شيءِ ختم ٿي ويئي هئي.

سوچيندي سوچيندي هن جو ساهه منجهڻ لڳو، ليڪن ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيس. منجهند جو ٻارن کي کارائي پياري سمهاريائين ۽ پاڻ وڃي ڪتاب پڙهڻ لڳي، ته اوچتو دروازي تي کڙڪو ٿيو. هن جي دل ڌڪ – ڌڪ ڪرڻ لڳي: ’جيڪڏهن ڪو مهمان هوندو ته ٽي ڏينهن ٽڪيءَ پوندو- پوءِ ڇا ٿيندو!‘ خود پنهنجو حساب ئي ٺيڪ نه پئي بيٺو، ته مهمان جو ڇا ٿيندو؟

دروازي وٽ وڃي ڏٺائين ته ڪو بيٺو ته ضرور هو، مگر ڪير هو، سو سمجهه ۾ نه آيس. ايتري ۾ ٻاهرئين ماڻهوءَ کي به احساس ٿيو ته ڪوضرور دروازي وٽ بيٺو آهي، سو آهستي چيائين:

”ييس سَر، مني آرڊر!“

زهره وائڙي ٿي ويئي. هن کي وشواس ئي نه پئي آيو. هڪدم دروازو کوليائين ته ٽپالي اندر هليو آيو. هٿ ۾ دوا جي شيشي هيس. کيسي مان سستي قسم جو عطر پيل رومال ڪڍي، پگهر اُگهندي چيو:

”اوهان جو مني آرڊر آيو هو: مان چيو ڊليوَر ڪندس؛ سپرنٽينڊنٽ صاحب چيو ته ڀلي ڪر، مگر پنهنجي جوابداريءَ تي ڪر، اسين ٻڌل نه آهيون؛ وڃڻو اٿئي ته پنهنجي رِسڪ تي کڻي وڃ.مان چيومانس، ’سَر، هنن کي پي (Pay) ٽائيم تي نه ملندي آهي؛ فيملي جي ڪري ڪافي ڊفِيڪلٽِي ٿي ٿئي.‘ سو، سَر، مون دوا جي شيشي کيسي ۾ رکي ۽ ڊاڪٽر جي بهاني اِسٽارٽ ٿيم. هونءَ به منهنجي زال جو ڀاءُ .... ڇا ڪجي، سر، فيملي جي ڪري اهڙو فراڊ ڪرڻو ئي پوندو آهي!“

لکنو ۾ ٽپال هفتو ملهايو پئي ويو. هفتي لاءِ اهو اعلان عام هو ته جنهن کي وڻي هيڊ پوسٽ آفيس ۾ اچي پُڇي ڪري، ۽ جيڪا شڪايت وڻيس سا ڪري. پهرئين ڏينهن ئي اڃا آفيس مس کلي هئي ته هڪڙي عورت، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي، سپرنٽينڊنٽ جي ميز ڏانهن وڃڻ لڳي.

”معاف ڪجو، اوهين اڃا پهتائي مس آهيو ته مان اوهان کي تڪليف ڏيڻ لاءِ آئي آهيان: ساڍي ڏهين بجي ڪاليج کلندو آهي، ۽ وري شام جو هڪ ضروري ميٽنگ آهي، ۽ ڪم وري تمام ضروري هو.“

سپرنٽينڊنٽ صاحب اخلاق سان مشڪندي چيو:

”تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي، چئو؟“

عورت پتل جي ڄاريءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيندي چيو:

”ڳالهه هيءَ آهي ته ..... مان هيءَ درخواست ڪرڻ آئي آهيان ته اسان جي پاڙي جو جيڪو نئون ٽپالي آهي نه – منهنجو مطلب آهي هو مني آرڊر وارو ٽپالي، سو... هوءَ هٻڪي بيهي رهي.

”چئو، چئو. اوهان کي جيڪا شڪايت ڪرڻي هجي، ڀلي شوق سان ڪريو. اسين ته پبلڪ جون تڪليفون ڄاڻڻ لاءِ ئي هيءُ هفتو منائي رهيا آهيون. اوهين بيڊپا ٿي چئو.“

عورت جي هٿ مان ڄاري ڇڏائجي وئي-

”شڪايت؟ نه، مان ته پاڻ ائين چوڻ آئي آهيان ته ٿي سگهيوَ ته هن جي بدلي اسان جي پاڙي مان ڪڏهن به نه ڪجو- ڪڏهن به نه. ڇو جو ٽپالي ته اسان کي گهڻائي ملندا، مگر .... انسان ....“ عورت ڪائونٽر تان ڪتاب کڻڻ شروع ڪيا.

سپرنٽينڊنٽ چوڻ لڳو:

”غنيمت آهي جو ڪنهن کي ساراهه ڪرڻ جي همت ته ٿي- صرف شڪايت ئي نه!“ عورت جيئن ئي وڏي دروازي مان ٻاهر نڪري رهي هئي ته اوچتو ساڄي طرف کان آواز آيو:

”گڊ مارننگ، سر! اوهين هتي آيا هئا، سر!“

عورت ڪتاب کٻي هٿ ۾ رکندي، سڄو هٿ اڳتي وڌايو:

”گڊ مارننگ، گُڊ پوسٽ مين! گُڊ مين .... گُڊ .... گُڊ ...“ هن جو آواز ڀرجي آيو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۲-۱۹۵۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment