Tuesday, December 8, 2020

جواب - موهن ڪلپنا

جواب

موهن ڪلپنا



واٽ تي ننڍي پڦيءَ چيو: ”ڪيئن ڀائي، مليئه ڪا نوڪري؟،“

”نه.“

”ڪوشش ڪندو آهين؟“

”ڪندو آهيان.“

”پوءِ به نوڪري نٿي مليئي؟“

”نٿي ملي.“

”توکان پوءِ جن ميٽرڪ پاس ڪئي آهي تن کي ته ملن پيون، توکي ڇو نه؟“

......... مان چپ.

”تون سچيءَ دل سان ڪوشش نه ڪندو آهين!“

.......... چپ.


”توکي ته وات ۾ گرهه کپي!“

......... چپ.

ٻئي ڏينهن ڏاڏيءَ چيو: ”رات رڪمڻيءَ ٿي ڳالهه ڪئي ته تنهنجو منهن لٿو پيو هو!“

”ڪالهه ساڻس چرچا ڪو نه ڪيا هئم.“

”ڀلا، اڄ تنهنجي شڪل روئڻ جهڙي ڇو آهي؟“

”منهنجي شڪل ئي اهڙي آهي.“

”ماني کائيندو آهين؟“

”ڪالهه هڪ دفعو کاڌي هيم.“

”توکي ڏسي روئڻ ٿو اچيم!“

......... چپ.

ڪجهه ڏينهن پوءِ، وڏيءَ پڦيءَ چيو:

”نرمل !“

”هون.“

”ٻڌائيندين ته توکي نوڪري ڇو نٿي ملي؟“

”توهين ٻڌايو.“

”ان ڪري، جو تون ا ُهو نٿو ڪرين جيڪو هڪ ميٽرڪ پاس ڪيل کي ڪرڻ کپي.“

”دادي!“

”چئه.“

”ڪالهه رڪمڻيءَ ٿي چيو ته مون کان پوءِ جن ميٽرڪ پاس ڪئي آهي، تن کي ته نوڪريون ملن پيو.“

”صحيح آهي.“

”۽ جن مون سان اڳ پاس ڪئي آهي؟“

”تن کي به ملن پيون.“

”۽ جن مون کان اڳ پاس ڪئي آهي؟“

”تن کي به“

”گهڻائيءَ کي يا ٿورائيءَ کي؟“

......... هوءَ چپ.

”توهين ٿورائيءَ کي ڏسو ٿا!“

......... چپ.

”جيڪو جبل چڙهي وڃي ٿو، ان کي ڏسو ٿا!“

......... چپ

”جيڪي ڪِرن ٿا، تن کي نٿا ڏسو!“

.........چپ.

”ڏسو ٿا، پر نظر انداز ڪريو ٿا!“

......... چپ.

”توهين ٿورائيءَ کي ڏسو ٿا، ۽ گهڻائيءَ کي نظر انداز ڪريو ٿا!“

......... چپ.

”توهين ٿورائيءَ کي ڏسو ٿا اها سـُٺي ڳالهه آهي؛“

......... چپ.

”مگر مڪمل طور سٺي نه.“

”ڪيئن؟“

”توهين انهن ٿورن کي وساري ٿا ڇڏيو، جيڪي نوڪريءَ نه ملڻ ڪري آپگهات ڪن ٿا!“

......... چپ.

”جن مون کان اڳ ميٽرڪ پاس ڪئي آهي، تن مان ڪيترن ئي آپگهات ڪيو آهي.“

......... چپ.

”جن مون سان گڏ ڪئي، تن مان به.“

......... چپ.

”جن مون کان پوءِ ڪئي، تن مان به.“

......... چپ.

”توهان جي ماروٽ پارپتيءَ پنهنجي پٽ جي ماني بند ڪئي، ڇو ته هو ميٽرڪ پاس هوندي به بيروزگار هو. ياد اَٿوَ ته ٽرين جي پٽن تي سمهي آپگهات ڪرڻ کان اڳ لکيل چٺيءَ ۾ هن اها ڳالهه صاف لکي هئي!“

......... چپ.

”سڀ ٽوڪيندا هئس.“

......... چپ.

”مون کي به ٽوڪيو ٿا!“

”نرمل........“

مون کي وات ۾ گرهه کپي!“

نرمل....!“

”ڇاڪاڻ جو سچيءَ دل سان ڪوشش نٿو ڪريان!“

”نرمل، چپ ڪر!“

”ڇو ته گهر ۾ سڀني کي بک مرندي ڏسي کلان ٿو!“

”بس، نرمل!“

”ڇو ته روئي نٿو سگهان!“

”نرمل، تون چريو ٿي پيو آهين!“

”نوڪري نٿي ملي!“

......... چپ.

”دادي!“

”چئه.“

”نوڪري نه ملندي.“

”ڇو؟“

”اڄ هندوستان ۾ چريا (بيروزگار) وڌي ويا آهن!“

”تنهنجو مطلب؟“

”هندستان ۾ چرين جون اسپتالون ٿوريون آهن!“

”تون سچ پچ چريو آهين!“

”اسپتال ۾ جڳهه ڇو نٿي ملي!“

......... چپ.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment