Tuesday, December 8, 2020

زندگي حسن جي حڪايت آ - حنيفه حملاڻي

زندگي حسن جي حڪايت آ

حنيفه حملاڻي



گذريل رات کان وٺي لاڳيتي برف وسي رهي هئي. ڀِنل وايو منڊل نهايت سرد هو. هر طرف خاموشي هئي. رکي رکي ڪي مرد ۽ عورتون ماڪوڙن ۽ ڪِولين جيان هيڏي هوڏي ٿي ڊڪيا، ۽ وري مسلسل ماٺ – ڄڻ ته زندگيءَ ۾ اوچتو ماٺائي ۽ اداسائي رچي ويئي هجي. هو ڪنهن مهل کان بالڪنيءَ ۾ بيٺو رهيو. سرديءَ ڪري سندس ڪن ٺري ويا هئا، ۽ اوور ڪوٽ جا ڪالر کڙا ڪري، ڪنن کي گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن سوچيو ته هِن ماٿريءَ ۾ سياري جي آمد ڪهڙي نه من موهڻي آهي. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل وڻن جون ويڳاڻيون قطاريون، برف پوش ننڍڙا مايوس ٻوٽا، ۽ کير جهڙيءَ اڇيءَ برف سان ڍڪيل راهون ۽ پيچرا..... ۽ پوءِ اهي راهون ۽ پـُرپيچ ور وڪڙ رستا سندس شعور تي نمايان ٿيندا ويا: اُهي رند ۽ لنگهه، جتي هو صفيه جي پويان آهستي آهستي لڪندو ويندو هو ۽ سندس تعاقب ڪندي تمام پري نڪري ويندو هو، ۽ جڏهن ڏسندو هو ته صفيه هن ڏانهن توجهه نٿي ڏئي ته هر ڏينهن پڪو پهه ڪندو هو ته ’آئيندي ائين نه ڪندس.‘ بالڪنيءَ ۾ بيٺي بيٺي هن جون ڄنگهون ڄڻ ڄمي ويون هيون، ۽  هو سوچڻ لڳو ته ’اها ڪهڙي شي آهي جنهن جو حصول مون لاءِ ايترو اهم آهي، جنهن منهنجو ذهني خواهه روحاني سڪون برباد ڪري ڇڏيو  آهي - ؟“ پر جواب ۾ صفيه جو هلڪو تصوراتي چهرو، صفيه جا ٻه ڪجل سان تر ننڊا کرا نيڻ، صندلي هٿڙن تي حِنا جي هلڪي تحرير صفيه جا سدا مشڪندڙ چپڙا، ۽ صفيه جي هلڪن موسيقي نواز ٽهڪڙن جو پڙادو سندس روح جي تنهائين ۽ من جي ويرانين ۾ گونجي ويندو هو.


هن سال جي ئي ڳالهه آهي. هو گرميءَ جون موڪلون گذارڻ پهاڙ تي آيو هو، ۽ اتي ئي سندس واقفيت صفيه جي مائٽن سان ٿي، جي پڻ پنهنجي بنگلي ۾ لٿل هئا. پهاڙ وارو بنگلو فقط اونهاري جي مند ۾ استعمال ڪندا هئا، نه ته خالي رهندو هو. صفيه جي مائٽن سان ٿوريءَ ڄاڻ سڃاڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو هن کي به پاڻ سان گڏ رهڻ ۽ رهائڻ تي راضي ٿي ويا، ۽ هاڻ هو به سندن گهر جو هڪ ڀاتي ٿي پيو. دراصل هي پهريون دفعو نه هو، هن کان اڳ به هو ڪئي ڀيرا صفيه کي يونيورسٽيءَ جي باغيچي ۾ ڏسي چڪو هو. ڪيئي دفعا ورانڊي ۾ لنگهندي کيس ڏٺو هئائين، ڪئي مرتبا لئبرريءَ ۾ ڏسي چڪو هو، تڏهن به هوءَ سندس لاءِ اجنبي هئي، حالانڪ هيءُ به يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. هڪ دفعي صفيه سينيٽ هال ۾ ليڪچر ٻڌڻ آئي هئي. کيس ڳاڙهو وڳو پهريل هو. لعل ڀنڀوريءَ جي پَرڙن وانگر ڳچيءَ ۾ پيل سفيد رَئو هوا ۾ اڏاڻو ٿي آيو. سڀئي شاگرد شرارت آميز نگاهن ۽ مسڪراهٽن سان هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا هئا. ڪنهن چيو، ”جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس!“ ٻئي کان به رهيو نه ٿيو ۽ چيائين، ”پسيو سونهن سيد چي، نينهن اچن نيش!“ ۽ هو ’شاهه‘ جي ان بيت جي مفهوم ۾ صفيه جي شخصيت کي محسوس ڪري سگهيو هو.

”صفي!......“ هن آهستي اُچاريو.

پـُر افسوس اکڙين واري صفيه، جنهن جي ريشمي پلڪن ۾ خزان جون اداس شامون پوشيده هيون – انهن نگاهن سان نظرون اڙائيندي، هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هو ڪنهن جي ڳولا ۾ صفيه جي نيڻن ۾ نهاري ويٺو. اها نامعلوم ۽ اڻکٽ تلاش هن کي ڏاڍي مايوس ڀاسندي هئي، ليڪن سندس تحت الشعور ۾ ڪيئي- لاسا، ڪيئي سهارا ۽ ڪيئي آٿتون اُڀري اينديون هيون - ۽ اهي سڀئي همدرديون ۽ همت افزائيون صفيه جون انيڪ مورتون بڻجي وينديون هيون؛ ۽ پوءِ هو انهن تصويرن ۾ صفيءَ جي بيداغ صندلي رخسارن کي ڇهي سگهندو هو، ۽ صفيه جي چَڳـُن ۾ آڱريون وجهي سندس وارن سان کيڏندو هو.

صفيه سندس زندگيءَ ۾ ڪيئن داخل ٿي، اهو سوال خود سندس سمجهه ۾ اڄ سوڌو نه آيو هو. بس، اهڙي ئي غير محسوس طريقي کڻي چئجي، ڄڻ آڌيءَ رات جو جڏهن آسمان تان نور جي ندي وهي هيٺ ٿي اچي، خاموشيءَ ۾ هرڪا چيز ڪن لائي ڪائنات جا آواز سڻي ٿي، چڪور چنڊ لاءِ پَرَ کوهي نستو ٿيندو آهي.... بلڪل ان وقت، بنسريءَ تي ڳايل ’شاهه‘ جو ڪو مٺڙو بيت ساهه ۾ سمائجي وڃي..... بلڪل اهڙيءَ طرح، ائين، صفيه سندس دل جي پاتار ۾ پيهي ويئي هئي.

هڪ ئي گهر ۾ رهندي، هو جلد ئي صفيه جي ماءُ ۽ صفيه جي ڀائرن سان بي تڪلف ٿي ويو هو. رات جو دير تائين صفيه جي ماءُ ۽ سندس ننڍڙن ڀائرن کي دلچسپ آکاڻيون ٻڌائيندو هو. وتائي فقير جي ٽوٽڪن تي بنگلي جا ڪمرا ٽهڪن سان گونجي ويندا هئا – ڄڻ ته خوشيءَ ۽ بيفڪريءَ جي لهر سڄي بنگلي کي پنهنجيءَ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هجي. سڀئي ڀاتي کيس پوريءَ دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا، پر هڪ صغيه ئي هئي جا بيزاري ظاهر ڪندي هئي. سندس تغافل ۽ بي نيازيءَ تي هن کي ڪاوڙ به ايندي هئي، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ - پاڻ سندس در تي ڪِريل هو!

هڪ رات جيئن معمول مطابق صفيه بيخياليءَ ۾ مگن هئي، ته هن ڪهاڻي شروع ڪئي:  ”....... ۽ جڏهن هڪ هزار هڪ راتيون گذري وييون ۽ ويچاريءَ شهر زاد جي داستان طرازيءَ جو سحر انگيز سلسلو ختم ٿيو، ته شهريار جي اکين مان ننڊ ر ُسي ويئي. شهر يار صفا ٻارن وانگر هوندو هو. جيسين ڪا ڪهاڻي نه ٻڌندو هو، ننڊ نه ايندي هيس. هڪ رات جيئن بيچينيءَ ۾ پاسا بدلائي رهيو هو ته شهرزاد سندس خوابگاهه ۾ داخل ٿي، ۽ سـُريلي آواز ۾ چوڻ لڳي: ’ اي خوش بخت بادشاهه! ڇا، اڃا اهو وقت نه آيو آهي جو اسين خوابن جي آسمان کان لهي ڌرتيءَ تي اچون، ۽ مسرور ۽ غمزده انسانن وانگر بسر ڪريون؟‘“ صفيه اهو اشارو پاڻ ڏانهن سمجهيو، ۽ يڪدم پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. هن جي دل ۾ اڻلَکي خواهش شدت پڪڙيندي ويئي ته صفيه به ٻين وانگر سندس ڳالهين ۾ دلچسپي وٺي.

ڏيڍ مهينو اڳ جڏهن صفيه ۽ پاڻ گهمڻ نڪتا هئا ته صفيه حسب معمول سنجيده ۽ خاموش هئي. هن دل جهلي کيس چيو: ”صفي، مان نهايت بدقسمت آهيان؛ شايد زندگيءَ جي راهه ۾ ڪوئي به منهنجو ساٿي نه ايندو، ۽ هيءَ عظيم شاهراهه اڪيلي ئي طي ڪرڻي پوندي! درحقيقت منهنجو هن دنيا ۾ ڪوئي ڪونهي جو مون کي ’پنهنجو‘ ڪري سمجهي، منهنجي من جي گهرائين ۾ جهاتي پائي ڏسي. مون کي ڏسڻ واري اگر ڪنهن کي ديد آهي، منهنجي ساٿي ٿيڻ جي اگر ڪوئي اهل آهي، ته فقط.....“ هن اڃا ايترو مس چيو ته صفي چالاڪيءَ سان موضوع بدلائي ڇڏيو. ۽، اهڙيءَ طرح، جڏهن به هو پنهنجي من جي مراد ظاهر ڪرڻ چاهيندو هو، ته صفيه هر دفعي نهايت چالاڪيءَ سان ڳالهه نٽائي ويندي هئي، ۽ هيءُ پاڻ ئي پاڻ ڦڪو ٿي رهجي ويندو هو.

بنگلي جي گول ڪمري ۾ سڀئي ڀاتي ريڊيو ٻڌي رهيا هئا. رکي رکي لاپرواهه ٽهڪڙن جي آواز هن کي ڇرڪائي ٿي ڇڏيو. لاشعوري طور سندس ڪن صفيه جي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا ٿيا. هن گهڻو ئي ڪن لاتو، پر صفيه جي ٽهڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيس. ”تڏهن صفي ڪٿي آهي؟“ هن خود کان سوال ڪيو، ۽ بيدليءَ وچان سگريٽ دکائي، بالڪني ڇڏي ا ُن ڪمري ڏانهن ويو، جتي سڀئي ٽهڪن مٿان ٽهڪ اڇلائي رهيا هئا. صفيه کي نه ڏسي، هن کي بيحد روحاني اذيت ٿي ۽ کيس ڳولڻ لاءِ ٻاهر نڪتو.

هن ڏٺو ته صفيه وڻ جي ٿـَڙ کي ٽيڪ ڏيو ويٺي آهي، ۽ وسيع خلائن ۾ ڄڻ ڪجهه تلاش ڪري رهي آهي. ان وقت نارنگي رنگ جي ننڍن ننڍن ڪڪرن ماحول کي انتهائي رنگين بنائي ڇڏيو هو، ليڪن صفيه جي چهري تي ياس ۽ ارمان جا نشان نمايان هئا. اداس هوندي به ڪيتري نه سندر هئي! وارن جون رولاڪ چڳون، لرزي لرزي سندس موهيندڙ مـُکڙي سان حرڪت ڪري رهيون هيون، ۽ صفيه نهايت بيدليءَ سان چڳن کي هٽائيندي ٿي رهِي. هوءَ ڪجهه جهونگاري رهي هئي:

”تو لئه ساهه ائين سيڏائي،

جهونجهڪڙي جو جيئن واجهائي،

ڄانڀي لاءِ تلور –

ڪيسين رهندين دور!

 

منهنجي آس، ڏکن جو ڏِيئڙو،

منهنجو هر سانجهيءَ اوسيڙو،

مري نه سگهندو مور –

ڪيسين رهندين دور !“

سندس آواز ۾ وياڪلتا ۽ اوسئيڙي پئي لَکايو. هن جي اکين آڏو خانه بدوشن جا اڻکٽ قافلا وسيع رڻن پٽن مان لنگهڻ لڳا. چانگن جي چَڙن جا آواز ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون ۽ بتيلا بڻجي سندس احساس جي مهاساگر تي ترڻ لڳيون. اوچتو اهي ٻيڙيون جدا جدا ٿي وسيع سمنڊ ۾ گم ٿي وئيون، ۽ انهن جا ننڍڙا سفيد سڙهه ۽ ڊگها ونجهه ڌنڌلو غبار بڻجي سندس ذهن ۽ روح جي افق تي ڇانئجي ويا. صفيه سان ڳالهائڻ بغير هو واپس وريو. هلندي هلندي هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ صفيه کيس پوئتان ويٺي ڏسي. لاشعور طور هن منهن پٺتي ڦيرايو .... پر صفيه ته پنهنجن خيالن ۾ گم هئي!

جيتريقدر ا ُها سانجهي هن لاءِ اداس هئي، ان جي رات وري اوتري ئي رنگين، هو گهڻي دير سوچيندو رهيو: ’صبح سان اُٿندي ملي، سندس ماضي بابت ضررو پڇندس‘... ’شايد ڪنهن کان ڌڪاريل ٿي معلوم ٿئي‘.... ’هوءَ ڇا ٿي گهري؟‘.... ’ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهي؟‘ اهڙي ڪيئي سوال سندس ذهن ۾ گونجڻ لڳا.

سورن کي ساز ۾ مدغم ڪرڻ لاءِ هن وائلن هٿ ۾ کنيو، ۽ بي اختيار سندس آڱريون تارن مٿان ڦرڻ لڳيون. ساز ۾ سوز وڌندو ويو. هو سوز جي ڄَر  ۾ سڙڻ لڳو. خوابگاه جا ڀورا ريشمي پردا هلڪيءَ اوندهه ۾ لهرون هڻي رهيا هئا. ٻاهر هوائن ۾ خنڪي هئي. هن جون آڱريون تيز هلڻ لڳيون. موسيقيءَ جو ڄڻ درياهه وهي هليو هو، ۽ اٿلي پوڻ تي هو. ان درياهه جي تيز وهڪري ۾ هن ڪمري جي هر چيز کي لڙهندي محسوس ڪيو...... تان جو خود سندس وجود به ان سير ۾ لڙهي لهوارو ٿيو. هلڪي ۽ زور دار سنگيت جا لاها چاڙها، هن جي اداس ۽ مايوس جذبات سان هم آهنگ ٿيندا ويا. تيزيءَ سان دروازو کليو، ۽ صفيه پَرن سڙيل پتنگ وانگر سندس قدمن ۾ ڪري پيئي. راڳ جي مالائن جي ڏور ڇڄي پيئي، ۽ سارو ڪمرو سڏڪن سان ڀرجي ويو. صفيه سندس قدمن ۾ پئي هئي. سندس صفي، مٺڙي صفي، زخمي ڪونج وانگر ۽ اڃايل هرڻ وانگر هن جي پيرن ۾ ڦٿڪي رهي هئي. بي اختيار ٿي هن صفيه کي پنهنجي سيني سان لاتو. صفيه ڪيهون ڪري روئڻ لڳي. اوڇنگارون ڪمري ۾ پڙلاءُ ڪري رهيون هيون.

پوئين رات ٿي.  هوائن ۾ خاموشي هئي. چنار ۽ شاهه بلوط جا وڻ لڏي لڏي ٿڪجي پيا هئا. ماحول سانتيڪو هو. هو پنهنجي مٺڙي صفيءَ جي ڀر ۾ پيو هو – بلڪل اوپرو ۽ اياڻو، بي سـُڌ ۽ بي سرت. ٻئي اُٿيا. صفيه سندس سيني ۾ ڪوٽ جي ڪالرن اندر منهن ڇپائي روئي رهي هئي ... ۽ ائين ئي، سڏڪندي سڏڪندي، هن جي ڪمري کان نڪري ويئي.

سيزن پوري ٿيڻ تي هئي.

چانڊوڪي رات هئي. هوءَ ٻاهر پيل وڏي پٿر تي هن جو انتظار ڪري رهي هئي. ڌنڌلي چانڊوڪيءَ ۾ هوءَ ڪنهن ديويءَ جي مجسمي وانگر پـُر تقدس ۽ پـُراسرار پئي لڳي. ٻئي گڏجي پنهنجن ڄاتل سڃاتل رستن تي هلڻ لڳا. صفيه سوال ڪيو:

”تون وساريندين ته ڪو نه؟“

”نه نه، مون ته توکي روح جي انتهائي گهراين سان پيار ڪيو آهي!“ هن وراڻيو.

”پرين،“ صفيه هن جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ سوگهو ڪيو، ”جيڪو مزو جلڻ ۾ آهي، سو مِلڻ ۾ ڪٿي!“

هن کي صفيه جو ’مِلڻ ۽ جَلڻ‘ جو فسلفو سمجهه ۾ نه آيو. ’پيار ۽ جدائي!‘  .... سوچيندي، هن بيوسيءَ وچان صفيه جي هٿن مان پنهنجا هٿ آجا ڪيا – ڄڻ سندس روح جي راڳڻي ٽٽي پئي هئي، گيت زخمي ٿي پيا هئا. ماحول جي خاموشي خنڪ ۽ پـُراسرار ٿيندي ويئي. رستي جي پرئين پاسي چنار ۽ صنوبر جا وڻ مايوس ٿي نظر آيا – شايد وڻ به سڏڪڻ لڳا هئا.

يونيورسٽيءَ جي ٽرم جو اڌ مـُدو ذري گهٽ پوري ٿيڻ تي هو. هو يونيورسٽيءَ جي هر گوشي ۾ صفيه کي تلاش ڪرڻ لڳو، پر صفيه کيس نظر نه آئي. هڪ ڏينهن جيئن لئبرريءَ ۾ ويٺو هو ته هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪو سندس پويان بيٺو سندس چـُر پـُر ڏسي. هن ٿڪل نگاهن سان نهاريو.....  سندس صفي بيٺي هئي! هن جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، ۽ هڪ سڏڪو ڀري جلدي اکين کي ساڙهي سان مهٽيندي ٻاهر  هلي ويئي.

هڪ دفعي صفيه کيس هڪ لفافو ڏيندي چيو، ”هن کي غور سان پڙهجو.“ رات جو گهر آيو، سڀ الڪا ۽ اوسيئڙا لاهي، يڪدلِو ٿي خط پڙهڻ لڳو:

”منهنجا سائين،

”تون سمجهين ٿو ته مان هاڻ تنهنجي تصور کي حقيقت جو روپ ڏيئي نٿي سگهان. پوءِ تون مون سان ايتري محبت ڇو ٿو ڪرين؟- ايترو والهانه پيار! سچ، جڏهن توکي ڏسندي آهيان، دل ائين چوندي آهي، ساريءَ دنيا کي پٺتي رکي تو وٽ پهچي وڃان؛ مگر هي زنجيرون ڪوئي ٽوڙي نٿو سگهي. مان گهڻي ڪوشش ڪئي ته تنهنجو خيال دل تان لاهي ڇڏيان، پر ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪوئي لوح و قلم کي ميساري ڇڏي؟ اچ، اڄ عهد ڪريون ته اسين هڪٻئي کي نظرن کان دور ڪنداسين، ۽ دل ۽ روح جي قريب رهنداسين.

-  تنهنجي صفي، جا پرائي آهي.“

خط ۾ پيل فوٽوءَ کي ڏٺائين، ۽ چوڻ لڳو: ”اَلا سائين!.... روح خستگيءَ سبب ٽـُٽي رهيو آهي. چاهيان ٿو تنهنجو پيار ملي، جو منهنجن نيڻن کي ننڊڙيءَ سان سرچائي سگهي! خدا توکي روح جو چين به ايترو ڏئي، جيترو توکي حسن ڏنو اٿس!“ ائين چوندي، هن چادر مٿان ورائي ۽ سمهي پيو – ائين، جيئن پڪ هجيس ته نه صبح ايندو، ۽ نڪي پاڻ اٿندو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment