Tuesday, December 1, 2020

اووَر ڪوٽ - گوگول - الهه رکيو پريو

اووَر ڪوٽ

مصنف: گوگول

سنڌيڪار: الهه رکيو پريو، بي اي



هتي، حڪومت جي ڪنهن کاتي جي باري ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو، جنهن هميشه عوام سان ويل وهايا ۽ پنهنجي اختياريءَ جو ناجائز فائدو ورتو. کاتي جو نالو نه کنيو ويندو، ڇاڪاڻ ته وزارت يا کاتو يا سرڪاري آفيس مطلب ته ڪهڙي به سرڪاري جماعت هجي- رواجيءَ ۾ رواجي ڳالهه تي به غضب ۽ غصي ۾ تپي باه ٿي ويندي آهي. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن شهر جي پوليس جي ڪپتان ظاهر ظهور هڪ عريضي پيش ڪئي، ته سرڪار جا سڀيئي کاتا، سڀيئي آفيسون ۽ سڀيئي عملدار هميشه خطري ۾ آهن، ۽ انهن کي ڪن بي بنياد ڳالهين سبب، خواه مخواه جيڏانهن ڪيڏانهن ننديون ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي؛ ۽ پنهنجي سچائيءَ جي ثابتيءَ ۾ هن خود ثنائيءَ جو هڪ وڏو دفتر پيش ڪيو، جنهن جي هر ڏهين صفحي تي سندس فرض ادائيءَ، جانفشانيءَ ۽ ايمانداريءَ جو ذڪر هو، ۽ ان جي ثابتيءَ ۾ اُتي سندس نشي جي حالت ۾ هاريل شراب جي ڦينگن جا نشان پڻ موجود ڏيکاريا ويا هئا! تنهنڪري، اجائي ڇڪتاڻ ۽ اڻبڻت کي ٽارڻ لاءِ، کاتي جو نالو مبهم رکيو ويندو.


ڪنهن سرڪاري کاتي ۾ هڪڙو ڪلارڪ ڪم ڪندو هو.ڪلارڪ ته ٻيا به گهڻا هئا، مگر هيءُ عادتن ۾ الڳ ۽ شڪل شبيهه ۾ نيارو هو، جنهنڪري آفيس وارن ۽ آئي وئي جو توجهه هن ڏانهن ئي ڇڪبو هو. اهوئي سبب آهي، جو هتي فقط هن ئي ڪلارڪ جو بيان ڪيو ٿو وڃي. هو قد بت ۾ هلڪو ۽ بندرو هو. سندس منهن تي ماتا جا داغ هئا. اکيون ننڍيون چـُچيون، ۽ وار ڪڪا هئا. ”پيٽر برگ“ جي آبهوا جي اثر ڪري سندس منهن ڳاڙهو، ٽماٽي جهڙو هو. وارن کسي وڃڻ ڪري مٿي ۾ گنج جو ٽڪو به هوس. ٻنهي ڳلن ۾ گهنج ۽ کڏون پئجي ويون هيس. نوڪريءَ ۾ سندس درجو اهڙو ته رواجي هو، جو هو هر ڪنهن جي ٽوڪبازيءَ ۽ ٺٺوليءَ جو نشان هو.

هو ذات جو ”باشمئچڪن“ هو، جنهن جو اشتقاق ”باشمئڪ“ يعني ”گيتلي“ لفظ مان نڪتل آهي. مگر هي اشتقاق ڪڏهين ۽ ڪيئن ڪيو ويو، تنهن لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. بهرحال ايتري معلوميت آهي ته هن جو پيءُ، ڏاڏو، ڀيڻويو ۽ ٻيا سڀ ذات وارا گيتلا پائيندا هئا، ۽ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه يا ٽي دفعا گيتلن کي وري وري ترا وجهرائيندا هئا.

سندس نالو ”اڪاڪي اڪاڪـِيوچ“ هو. پڙهندڙن کي شايد اهو گمان وهي ته هن جو نالو ڪو چونڊ ۽ لاجواب رکيو ويو هو؛ مگر ائين نه هو. هن جي ڄمڻ وقت حالتون اهڙيون اچي بڻيون، جو هن تي ڪو ٻيو نالو رکجي ئي نه پئي سگهيو. جيتري قدر مون کي ياد آهي، ته ”اڪاڪي اڪاڪـِيوچ“ مارچ جي ۲۳ تاريخ سج لٿي ڌاري ڄائو هو. سندس ماءُ، هڪڙي ”سرڪاري ڪاموري“ جي زال جي حيثيت ۾، ٻار جي نالي رکڻ جي رسمن جا مڪمل بندوبست ڪيا هئا. پاڻ اڃا ويم جي بستري تي ئي پيئي هئي، ته هن جي سڄي پاسي، ٻار جو ”گاڊ فادر“ (God Father) ”اون اوئنو وچ ييرشڪن“، قانون ساز جماعت جو هيڊ ڪلارڪ، ۽ ”گاڊ مدر“ (God Mother) هڪ پوليس آفيسر جي بيگم، سنئين سيبتي، گڻائتي عورت ”ارينا سيميو نوونا بائلو بريوشڪو“، بيٺا هئا. نصيبن واريءَ ماءُ کي ٽي نالا- ماڪي، ساسي ۽ هاردازت (سڀ مشهور مقامي اوليائن جا نالا)- پيش ڪيا ويا، مگر کيس اُهي پسند نه آيا. مائيءَ کي اطمينان ڏيڻ لاءِ جنتري کولي ويئي، ۽ نئين ڄاول ٻار لاءِ ٻيا ٽي نالا- ٽرفلي، دولا ۽ وراهاسي- ڪڍيا ويا، مگر اهي به سڪيلڌي پٽ جي لائق ثابت نه ٿيا. جنتريءَ جو ٻيو صفحو کوليو ويو ۽ پاوسيڪاهي ۽ واهستي نالا نڪتا، مگر مائيءَ کي اهي به نه آئڙيا. آخر مائيءَ فيصلو ڪيو ته ڇوڪر کي پنهنجي پيءُ مرحوم جي نالي پٺيان سڏيو وڃي- پڻس جو نالو اِڪاڪي هو ۽ سندس پٽ به اڪاڪي سڏجي- اهڙيءَ طرح حالتن پٽاندر هن تي نالو اڪاڪي اڪاڪـيوچ رکيو ويو. معصوم ٻارُ نالي رکڻ جي رسمن جي دوران ۾ گهڻو ئي ڦٿڪيو، منهن بڇڙو ڪيو ۽ ٻوڪاٽ ڪري رنو، ڄڻڪ پنهنجي قسمت تي روئي رهيو هو ته انهيءَ نالي سان ته هو هڪ نقل نويس ڪلارڪ ئي ٿيندو،پر هن جي انهن ٻاراڻن احتجاجن تي ڪنهن به پورو ڌيان ڪونه ڏنو.

ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اڪاڪي اڪـِيوچ ڪڏهين نوڪريءَ ۾ گهڙيو، ۽ کيس ڪنهن نوڪريءَ ۾ رکيو. بهرحال، هن جي نوڪريءَ جي وقت ۾ ڪيترائي ڊئريڪٽر ۽ بالا آفيسر آيا ۽ ويا، مگر هيءُ ساڳيءَ جاءَ تي ۽ ساڳيءَ حالت ۾، ساڳيءَ ئي ڊيوٽيءَ تي، نقل نويس يعني منشي ئي رهيو: ماڻهو چوندا هئا ته ”هيءُ ماءُ جي پيٽ مان ئي نقل نويس ۽ مٿي تي گنج جي ٽـِڪريءَ سان ڄائو آهي“. هن کي ڪو به عزت جي نظر سان نه ڏسندو هو. آفيس جا پٽيوالا به هن جي اچڻ تي اٿي بيهي استقبال ڪرڻ ته الڳ رهيو، هن جو خيال به نه ڪندا هئا- ڄڻ ڪا مَک دروازي مان لنگهي ويئي. بالا آفيسر پڻ هن سان بيرخي ۽ بيخياليءَ سان پيش ايندا هئا. اسسٽنٽ هيڊ ڪلارڪ ته وري اهڙو بي مروت هو، جو ڪو به ڪاغذ  پـَٽ نقل ڪرڻ لاءِ هٿون هٿ ڏيڻ ۽ ان تي صلاح مصلحت ڪرڻ بدران، ان کي وٺي کڻي هن جي منهن ۾ اڇليندو هو، ۽ ائين به نه چوندو هوس ته ”هي نقل ڪر، يا ڪهڙو نه هيءُ دلچسپ ٽڪر آهي جيڪو هاڻي نقل ڪرڻو اٿيئي!“ اهڙيءَ اڍنگيءَ هلت هوندي به، هو چپ چاپ ڪاغذ وٺندو هو ۽ پنهنجي ڪم کي لڳي ويندو هو- بغير ڪنهن ڄاڻ جي ته ڪاغذ ڪنهن اڇليو، ۽ بغير ڪنهن اعتراض جي هن سان اهڙي نامناسب هلت ڇو هلي ويئي! آفيس جا سڀ ڪلارڪ پنهنجي لياقت ۽ حوصلي آهر خوب هن تي طعني زني ۽ ٽوڪبازي ڪندا هئا، ۽ هنجي متعلق پنهنجا هٿ جا گهڙيل بهتان ۽ ڳالهيون بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ٺوڪي هن جي منهن تي اڇلي پيا هڻندا هئا. ڪو چوندو هو ته ”هن جي سينڌي ستر ورهين جي پوڙهي آهي ۽ کيس موچڙا هڻندي آهي.“ ٻيو پڇندو هوس، ”تنهنجي شادي ڪڏهين ٿيندي؟“ ڪو وري هن مٿان ڪاغذن جون ٽڪريون ڇـَٽيندو هو ۽ چوندو هو ته ”گلن جي ورکا ٿو ڪيانس.“ هنن سڀني هلتن هوندي به اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ڪم ۾ ڪو فرق نه ايندو هو، ۽ هيڏي ساري مسخريءَ هوندي به هو ڪنهن کي جواب ئي نه ڏيندو هو- ڄڻ ته ڪو آهي ئي ڪونه. هيڏي ساري گوڙ گهمسان هوندي به کيس ڪا چـُڪ نه پوندي هئي! البت جڏهين کيس ڪو ٻانهن کان وٺي ڌونڌاڙيندو هو يا ڪم کان ڄاڻي ٻجهي روڪيندو هو، ته رحم جوڳي آواز ۾ چوندو هو ته ”مهرباني ڪري مون سان مستي نه ڪريو. مون کي هيڪلو ڇڏيو. منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهو. منهنجي بيعزتي ڪرڻ مان توهان کي هٿ ڇا ايندو؟“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي هنن لفظن اچارڻ جي لهجي ۾ اهڙي ته ڪا خاص ڪشش هئي، جو پٿر دل به پگهرجي وڃي! هڪڙو نئون ڪلارڪ آفيس ۾ مقرر ڪيو ويو، ۽ هو به ٻين ڪلارڪن سان گڏ اڪاڪيءَ کي چيڙائڻ ۽ ستائڻ ۾ حصو وٺڻ لڳو؛ مگر اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي دل وٺندڙ لفظن ته ”مون کي هيڪلو ڇڏيو، منهنجي بيعزتي ڪرڻ مان توهان کي ڇا هٿ ايندو؟“- هن جي دل ڦيهي پرزا پرزا ڪري ڇڏي. هن کي ايڏو ته جهٻي آئي، جو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي چيڙائڻ بدران هن تي رحم کائڻ لڳو، ۽ پنهنجي ساٿين کان، جن کي هو تهذيب وارا ۽ فهميدا ماڻهو سمجهندو هو، هميشه لاءِ ڪناري ڪشي ۽ نفرت ڪرڻ لڳو. هن تي آفيس جي ٻين ڪلارڪن جي حيوانيت ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي بيچارگيءَ جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو ڪيتري زماني کان پوءِ به، هر ڪنهن وڏي ۽ خوشيءَ جي موقعي، هن مسڪين ڪلارڪ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي قياس جوڳي حالت ۽ ان جو گنج وارو ميرانجهڙو مٿو سندس خيال ۾ تصوير ٿي اچي ائين سامهون بيهندو هو، ڄڻ چوندو هجي: ”منهنجي جند ڇڏيو. منهنجي بيعزتي ڪرڻ مان اوهان کي ڇا هٿ ايندو؟“ پوءِ ته هي رحم دل ڪلارڪ ڏڪي ويندو هو، ۽ عجب کائيندو هو ته ماڻهو ڪيئن نه ٻاهرينءَ طرح شريف ۽ تهذيب وارا پيا لڳن، مگر اصل ۾ هو بنهه انسانيت کان ٻاهر ۽ حيوان خصلت انسان آهن!

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي ڪم ڪرڻ ۾ اڻٿڪ ۽ اورچ هو. فقط ائين چوڻ ته ”هو محنتي هو“، ڪافي نه آهي: حقيقت هيءَ آهي ته هو پنهنجي ڪم جو عاشق هو. هن جو ڌنڌو يعني نقل نويسي هن جي واسطي هڪ ننڍڙي دنيا هئا، جنهن ۾ خوشي هئي ۽ غم به هو. ڪي ڪي خط هن جي خاص پسنديءَ وٽان هوندا هئا، جن کي نقل ڪرڻ وقت هن جي منهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويندي هئي. هو مشڪندو هو، اک ڀڃندو هو ۽ چپ ڦڙڪائيندو هو. ”منهن دل جي آرسي آهي“- ۽ معلوم ٿيندو هو ته اهو نقل هن جي دل وٽان آهي. جيڪڏهين ڪم ۽ محنت جي لحاظ کان ڪو انعام يا اضافو ڏنو وڃي ها، ته اڪاڪي گهٽ ۾ گهٽ سـِول ڪائونسلر هجي ها. مگر هن کي محنت جي عيوض جو ڪجهه مليو هو، سو هو ڪلارڪن جي طعني زني ۽ ٽوڪبازي. هروڀرو ائين به نه آهي ته هن کي هر ڪنهن بالا عملدار نظرانداز پئي ڪيو. هڪڙي ڊئريڪٽر- جو مڙيوئي ڪو ڀلو مانس هو ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ڊگهي سروس ڏسي هن کي اضافي ڏيڻ لاءِ منتظر هو- هن ڏانهن هڪڙي ڏينهن نقل ڪرڻ کان ٿورو وڌيڪ ڪم موڪليو. هي نئون ڪم اهو هو، ته هن کي هڪڙيءَ لکپڙهه مان ٻيءَ ڪنهن آفيس لاءِ رپورٽ تيار ڪرڻي هئي. هن ڪم ۾ ڪا خاص قابليت جي ضرورت ڪانه هئي، فقط لکپڙهه جا سرا بدلائڻا هئا، ۽ هاڪار جي جملن کي ناڪاري جملن ۾، ۽ واحد کي جمع ۽ جمع کي واحد ڪرڻو هو: پر هي رواجي ڪم به هن کي اهڙو ته ڏکيو لڳو، جو سڄو پگهرجي ويو ۽ منهن ۽ نرڙ اگهڻ لڳو، ۽ آخر ۾ چيائين ته ”مون کي ڪجهه نقل ڪرڻ لاءِ ڏيو!“

ان کان پوءِ هو هميشه نقل نويس ئي رهيو؛ ۽ نقل نويسيءَ ۾ ايڏو ته محو ٿي ويو، جو ڄڻڪ دنيا ۾ هن واسطي ٻيو ڪي به ڪين هو. هو پنهنجن لٽن ڪپڙن تي خير ڪو توجهه ڏيندو هو. سندس پوشاڪ ميري مٽيءَ جهڙي هوندي هئي. هن جي ڳچي ايڏي ڊگهي نه هئي، مگر سندس ڪوٽ جي ننڍي ۽ سوڙهي ڪالر هئڻ ڪري بلڪل ڊگهـِي ۽ بيڊولي پئي لڳندي هئي. سندس ڪوٽ ۽ پتلون کي ڪک پن ۽ ڌاڳن جا ذرڙا هميشه چهٽيا پيا هوندا هئا. انهيءَ کان سواءِ، هن کي گهٽين ۾ درين هيٺان لنگهڻ جي ڄڻڪ عادت هئي، ۽ سو به انهيءَ وقت، جنهن وقت درين مان ڪن ڪچرو اڇليو ويندو هو. سندس ٽوپيءَ تي گدرن ۽ ڇانهين جي کلن جا ذرڙا ۽ ٻيو گند اڪثر چنبڙيل نظر ايندو هو. اهڙو ته سادو ۽ اڻڄاڻ هو، جو کيس پتو ئي نه پوندو هو ته گهٽين ۾ ۽ رستن تي ڇا ٿو وهي واپري! هن جي مقابلي ۾ سندس ٻيا ڪلارڪ دوست ايترا ته چست ۽ چالاڪ هئا، جو رستي ويندي ڪا رواجي ۾ رواجي ڳالهه يا حادثو ٿيندو هو، ته سندن نظرن مان ضرور گذرندو هو- ويندي ايستائين، جو جيڪڏهن ڪنهن جي پتلون جو پٽو ئي هيٺ لڙڪندو هو، ته اهو ماڻهو هنن جي نظر کان هر گز نه بچندو هو، ۽ ضرور هنن جي مذاق جو شڪار بڻبو هو. مگر، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو دماغي تخيل دنيا جي هر حرڪت کان دور پنهنجي خوشنوسيءَ تائين محدود هو- مطلب ته هو پنهنجي نقل نويسيءَ جي ڪم ۾ فنا ٿيل هو. جڏهن اوچتو ڪو گهوڙو پنهنجو منهن سندس ڪلهي تي اچي رکندو هو، ۽ ان جي ناسن مان تيز هوا سندس ڳلن کي گرم ڪندي هئي، تڏهين ڇرڪ نڪري ويندو هوس ۽ هوش ۾ ايندو هو ته هو آفيس ۾ نقل نويسي نه ڪري رهيو آهي، مگر رستي جي وچ ۾ آهي- ۽ پوءِ هن جا خيالي قلعا ڊهي پوندا هئا.

گهر پهچڻ سان ئي ڪنڌ هيٺ ڪري هو کاڌي تي ويهي ويندو هو. کاڌو هن جو وري ڪهڙو! شـُروي جا تڪڙا تڪڙا ڍڪ سـُرڪي، بصرن سان، وڏي گوشت کي پٽڻ ويهي رهندو هو. کيس ذائقي جي پرواهه ڪانه هوندي هئي. جيڪي ڪجهه آڏو ايندو هوس، مکين ۽ ٻين غلاظتن سميت کائي پيٽ ڀري، وڃي مٿي چڙهندو هو. جڏهين سمجهندو هو ته سندس پيٽ ۾ کاڌي لاءِ وڌيڪ جڳهه نه آهي، ته اٿي کڙو ٿيندو هو، ۽ مس قلم کڻي گهر لاءِ آندل نقل نويسيءَ جي ڪم کي لڳي ويندو هو. جڏهين سرڪاري ڪم نه هوندو هوس، ته ڪا به هڪڙي دلچسپ لکپڙهه کڻي، خالص پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ ويهي نقل ڪندو هو. اهڙيءَ لکپڙهه ۾ سندس دلچسپيءَ جو مدار انجي عبارت جي سونهن ۽ سٺائيءَ تي نه هو، مگر هن کي هر انهيءَ لکيت ۾ نقل ڪرڻ جو شوق وٺندو هو، جيڪا ڪنهن نئين ماڻهوءَ يا ڪنهن خاص وڏي ماڻهوءَ ڏانهن لکيل هوندي هئي.

جڏهن پيٽرس برگ جو آسمان ڪڪرن سان ڇانيل هوندو هو، جڏهين هر ڪو ماڻهو موڪل جي موڊ ۾ هوندو هو، جڏهن سڀ ڪلارڪ پنهنجي پسنديءَ موجب ۽ پنهنجي پگهار آهر سٺي ۾ سٺو کائيندا پيئندا هئا، جڏهين ڪلارڪ هر روز جي پورهئي کان فرصت پائي آفيس جي گوڙ گهمسان کان دور ۽ پنهنجن ۽ ٻين ماڻهن جي ڪمن ڪارين کان فارغ ٿي آرام ڪندا هئا، جڏهين ڪلارڪ پنهنجي فراغت جي وقت کل خوشيءَ ۾ گذاريندا هئا، ڪي ناٽڪ تي ويندا هئا، ڪي رستن تي رلندا هئا ۽ ڌارين عورتن ڏانهن گهوريندا هئا، ڪي وري پنهنجي ڪنهن واقفڪار حسين ڇوڪريءَ جي وڃي سلامي ڀريندا هئا، ۽ ڪي پنهنجن يارن دوستن وٽ ڪنهن ٽينءَ يا چوٿينءَ ماڙيءَ تي ٻن اڍائن ڪوٺين واري ڪنهن فئنسي سامان سان سينگاريل گهر ۾ ويهي يٽ شٽ هڻندا هئا- جڏهين ڪلارڪ پنهنجن دوستن جي هنن ننڍڙن ۽ سادن گهرن ڏانهن ڇڙو وڇڙ ٿي هڪ ٻئي سان ٺاشا ماشا ڪري آخر پيسڪوٽ راند ۾ مشغول ٿي ويندا هئا- چانهه بسڪوٽ جو چشڪو وٺندا هئا، ڪاٺ جي پائيپ مان خوب سوٽا ۽ دونهين جا ڪڪر ڪڍندا هئا، يا پتن راند کيڏندي کيڏندي ڪنهن جي گلا غيبت جو مزو وٺندا هئا (جنهن جي لطف کان وس پڄندي ڪو به روسي پاڻ کي محروم نه رکندو آهي)، يا گفتگو لاءِ جيڪڏهن ٻيو ڪو موزون بيان نه هوندو هون ته هڪ ٻئي کي ڪمانڊنگ آفيسر جي باري ۾ هميشه وارو ٽوٽڪو ٻڌائيندا هئا، ته ”فال ڪونيسٽ“ مقبري تي سندس گهوڙي جو پڇ ڪيئن ڪپيو ويو هو: مطلب ته جڏهين هر ڪو پاڻ کي وندرائڻ ۾ محو هوندو هو، تڏهن اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اُهوئي پنهنجي نقل نويسيءَ جي ڪم ۾ مشغول ڏسبو هو. هن کي ڪنهن به دعوت يا پارٽيءَ ۾ ڪو نه ڏٺو ويو. گهڻي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ماٺ ڪري سمهي رهندو هو، ۽ سمهندي ئي سوچيندو هو ته ”نه معلوم سڀاڻي خدا ڪهڙو نقل نويسيءَ جو ڪم موڪليندو؟“ ۽ اهو سوچيندي سوچيندي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي ننڊ پئجي ويندو هو. اهڙيءَ طرح هو سانتيڪي زندگي بسر ڪندو هو؛ ۽ خدا جي رضا، پنهنجي قسمت، ۽ چار سـَو ربل پگهار تي راضي هو. هنجي زندگي ٻڍاپي تائين آرام سان گذري ها، جيڪڏهين دنيا جون مصيبتون، جيڪي هر غريب يا امير جي حياتي ڪڙي ۽ بي مزي ڪنديون آهن، هن جي زندگي زهر ڪري، وقت کان اڳي کيس وٺي وڃي موت جي منهن سامهون نه ڪن ها.

پيٽرس برگ جي ٿڌ، تندرستيءَ لاءِ بلڪل موزون، پر غريب ۽ گهٽ پگهار واري جي دشمن چئي ويندي آهي. صبح جي اٺين نوين بجي پاري جي جهڙپ کان شل خدا بچائي. ويچارن آفيس ويندڙ ڪلارڪن جي نڪ جون چوٽيون ٺري برف ٿي وينديون آهن. اهڙي وقت، جڏهين اميرن جو نرڙ به ٿڌ کان سُور ڪندو آهي ۽ پاري جي زوم کان سندن اکين مان ڳوڙها نڪري ايندا آهن. ويچارن ٿوري پگهار وارن غريب ڪلارڪن جو ڪهڙو حال هوندو؟ سندن بچاءُ صرف اهو هوندو آهي، ته ڦاٽل ۽ سنهي اووَر ڪوٽ ۾ پنجن ڇهن گهٽين مان زور سان ڊوڙي، ٻاهرئين دربان جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي هٿ پير چڱيءَ طرح گرم ڪن، جيستائين ڪ سندن دماغي لياقتن ۽ جسماني قوتن ۾ وري گرمي ۽ تازگي اچي، جو هو پنهنجي نوڪري چڱيءَ طرح سان ڏيئي سگهن.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اڄ پنهنجي اوورڪوٽ هوندي ۽ هميشه وارو رستو وڌ ۾ وڌ تيزيءَ سان ڊڪندي به، پنهنجي پٺيءَ ۽ ڪلهن تي ٿڌ جي لهس محسوس ڪئي، ۽ سمجهيائين ته ضرور ڪوٽ ۾ ڪا خامي آهي. گهر جي اڪيلائيءَ ۾، ڪوٽ جي جائزي وٺڻ مان معلوم ٿيس ته پٺيءَ ۽ ڪلهن وٽان ڳري پروڻ ٿي ويو آهي، جو ڪپڙي جي آر پار نظر پئجي ٿي سگهـِي، ۽ ڪپڙي مان ڌاڳا نڪرندا ٿي آيا. پڙهندڙن کي معلوم هئڻ کپي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو ڪوٽ اهڙو ته ردي ٿي ويو هو، جو اڳ ئي ڪلارڪن جي ٺٺولين ۽ چٿرن جو نشان هو. هو چوندا هئا ته اهو ڪوٽ نه آهي، ”کــُٿل ٽپڙ“ آهي. اوور ڪوٽ جي سلائي به عجيب نموني جي ٿيل هئي. ڪالر هر سال ننڍو ۽ سوڙهو ٿيندو ٿي ويو،ڇاڪاڻ ته ان مان ڪپڙو ڪڍائي ڪوٽ تي ٻئي هنڌ چتيون لڳايون وينديون هيون- ۽ چتيون به ڪي سبتيون ڪي ابتيون ته ڪي وري خود ڦاٽل هيون، جنهنڪري ڪوٽ ويتر بڇڙو ۽ بدزيبو پئي لڳو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي اوور ڪوٽ جي معائني ڪرڻ کان پوءِ سوچيو ته ان کي ”اُٿلائڻ“ لاءِ پيٽرووچ درزيءَ وٽ کڻي وڃي، جو پٺئين پاسي چوٿينءَ ماڙ تي رهندو هو. پٽيرووچ کي منهن تي ماتا جا داغ هئا، ۽ هڪ اک کان ڪاڻو هوندي به ڪلارڪن جي پتلونن ۽ ڪوٽن جي اٿلائڻ ۽ ٽوپي ٽنگڙ ۾ ڀڙ هو- مگر تڏهين، جڏهين ڪنهن موچاري رخ ۾ هوندو هو ۽ ٻيو ڪو ڪم ڪار نه هوندو هوس. هن درزيءَ جي باري ۾ هتي ڪجهه چوڻ ضروري نه آهي، مگر اڄ ڪلهه جي قاعدي موجب هر نئين اداڪار جو ڪجهه نه ڪجهه بيان ڪرڻ لازمي آهي، ۽ پيٽرووچ سان مختصر نموني ۾ واقفيت ڪرائي وڃي ٿي. اوائل ۾ هو ڪنهن سکر ماڻهوءَ جو زرخريد ٻانهو هو ۽ ”گرگري“ سڏيندا هئا. بعد ۾ هن کي آزادي ملي ۽ پيٽرووچ نالو پيس. هو هر ڪنهن وڏي خواه ننڍي ڏڻ تي شراب پئندو هو. بس، ڪئلينڊر ۾ جنهن ڏينهن تي به منڌيئڙي جو نشان ڏٺائين، هن جي شراب جو دور چالو. مطلب ته ابن ڏاڏن جي رسم کي ڌام ڌوم سان نڀائيندو هو. جڏهين به زال سان چـَپ پوندو هو، ته گارين جا دس ٻڌائيندو هوس. جنهن صورت ۾ هـِن جي زال جو به نالو کڻي ويٺا آهيون، تڏهين اهو ضروري آهي ته ان جو به ٿورو احوال ڏيون- مگر افسوس جو اسان کي سندس زياده خبر نه آهي. هن سان فقط ايتري واقفيت آهي ته پيٽرووچ جي زال هئي. هوءَ مٿي ۾ رومال نه پر ٽوپي پائيندي هئي. شڪل جي ڪا خاص ڪانه هئي. بس ماڻهن جهڙو ماڻهو هئي. البت سولجر هن ڏانهن معنى خيز نظرن سان نهاري، مڇن کي تاءُ ڏيندا هئا ۽ سينڍون وڄائيندا هئا!

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ، پيٽرووچ جي گهر وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ تان چڙهندو پئي ويو. ڏاڪڻ تي ايترو ته پاڻي هاريل هو، جو ڳاٽي ٽوڙ ترڪڻ ٿي پئي هئي ۽ پوسل جي ڪري ايڏي ته بدبوءِ هئي، جو ساهه ٿي نڪتو. هيءَ ماجرا پيٽرس برگ جي هر ڪنهن گهر جي پٺين ڏاڪڻين سان لاڳو آهي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اڳي ئي ڳڻتيون کائيندو پئي ويو ته ”نه معلوم پيٽرووچ هن رواجي ڪم جو ڪيترو اجورو گهرندو!“ بهرحال هن دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته هن کي ٻن ربلن کان زياده نه ڏيندو. گهر جو دروازو کليل هو. پيٽرووچ جي زال مڇي تري رهي هئي ۽ رڌڻو ايڏو ته دونهين سان ڀريل هو، جو ڀتين تي گهمندڙ ڦرندڙ ٽنڊڻ ۽ ماڪوڙيون به مشڪل سان نظر اچن. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ، پيٽرووچ جي زال جي نظر بچائي، رڌڻو پار ڪري، ڪوٺيءَ ۾ آيو، جتي پيٽرووچ هڪڙي وڏيءَ ڪاٺ جي کهريءَ ميز تي ڄنگهون گوڏن هيٺان ورائي، آرام سان ويٺو هو- ڄڻڪ ترڪيءَ جو ڪو بيپرواهه بادشاهه ويٺو آهي! ٻين درزين وانگر هن جا به پير اگهاڙا هئا. پهرين شيءِ جنهن ڏانهن اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو ڌيان ڇڪيو، اهو هو پيٽرووچ جي پير جو وڏو پٻ، جنهن جي آڱرين جا نـُنهن بيڊولا ۽ اهڙا هئا، جهڙا ڪُمـِيءَ جي هڏي جا ٽُڪر. سندس ڳچيءَ ۾ ريشمي ڍيريءَ جو ڌاڳو لٽڪيو پيو هو، ۽ سندس گوڏن تي اڳڙين جا ڍير لڳا پيا هئا. پاڻ ڪجهه وقت کان سـُئيءَ ۾ ڌاڳي وجهڻ جي ناڪامياب ڪوشش ڪري رهيو هو. سـُئيءَ جي پاکي مان سڳو لنگهيو ئي نٿي. اوندهه، سـُئي ۽ سڳو سندس غضب ۽ غصي جو شڪار هئا، ۽ چپن ئي چپن ۾ مٿن ڇوهه ڇنڊي رهيو هو: ”نٿو وڃين منحوس؟ تو منهنجي بيک ئي ڪڍي ڇڏي آهي . . . . بدمعاش! جهنگلي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سوچيو ته پيٽرووچ هن وقت چڱي رخ ۾ نه آهي، ۽ هن کي اهڙي وقت اچڻ کپندو هو، جنهن وقت هو ڪنهن موچاري خيال ۾ هجي ها، يا جڏهين هن مٿان هيءُ ڪاوڙ جو ڀوت سوار نه هجي؛ ڇو ته اهڙين خوش مزاجيءَ جي حالتن ۾ پيٽرووچ هميشه پئسن ۾ گهٽ وڌ ڪري، مڙيوئي گراهڪ کي واپس وڃڻ نه ڏيندو هو؛ پاڻ انهن کي نوڙي سلام ڪندو هو- جيتوڻيڪ بعد ۾ سندس زال رڙيون ڪندي ايندي هئي، ته هن جو مڙس پـِيتل هو ۽ نشي جي حالت ۾ پئسا چيا هئائين. مگر ان جو علاج به سولو هو. ڏهن ڪاپيڪن جو سـِڪو سندس هٿ تي رکڻ سان اُتي جو اُتي خاموش ٿي ويندي هئي. پر هن دفعي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جا ظاهر هو ته هوش حواس پختا ۽ باخبر هئا؛ پاڻ ڪجهه رکو ۽ چڙيل ٿي ڏٺو، ڄڻ سودي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو. اڪاڪي گهٻرائڻ لڳو ته معلوم نه آهي ڪيترا پئسا چوندو؟ ذري گهٽ واپس وڃڻ تي هو، مگر حالتون اهڙيءَ حد تائين پهچي چڪيون هيون، جو کيس موٽڻ مناسب نه لڳو؛ ڇاڪاڻ ته ترت ئي ڏٺائين ته پيٽرووچ پنهنجي واحد اک ڦاڙي ڏانهس گهڻي غور سان نهاري رهيو هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ مجبور ٿي چيو، ”سلام ٿئي، پيٽرووچ!“ پيٽرووچ جواب ۾ چيو، ”سلام ٿئي!“ ۽ ٽيڏيءَ اک سان اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي هٿن ڏانهن ڏسي رهيو هو، ته ڇا کڻي آيو آهي؟

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ چيو، ”پيٽرووچ! مان توهان ڏانهن آيو آهيان......“ پڙهندڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ۾، پنهنجي مطلب تي اچڻ کان اڳ ۾ گهڻين منٿن ڪرڻ ۽ معافين وٺڻ جي عادت هئي. جملي شروع ٿيڻ کان پوءِ، ”سچ پچ!“ يا ”اوهان کي خبر هوندي!“ جهڙا بي معنيٰ لفظ بار بار ڪم آڻيندو هو، جنهنڪري پنهنجيءَ ڳالهه کي پاڻ منجهائي ڇڏيندو هو؛ ۽ ائين چـِچ مـِچ ڪندي ڪندي، ڳالهه جي معنيٰ مطلب جو منهن مٿو ئي بنهه وڃائي ڦٽي ڪندو هو.

پيٽرووچ پڇيو، ”ڪهڙو معاملو آهي؟“ ۽ ساڳئي وقت هر درزيءَ جي عادت موافق پنهنجيءَ هڪڙيءَ ئي تيز اک سان اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ساري وردي ڪالر کان ٻانهن، پٺيءَ، ۽ ڪاڄن تائين چڪاسيائين، جن کان هي اڳيئي واقف هو- ڇو ته اُهي سندس ئي اٿلايل هئا. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ رکي رکي آخر شروع ڪيو: ”هي منهنجو اوور ڪوٽ . . . . ڪپڙو . . . . ڏس . . . سارو مضبوط آهي! ٿورو ميرو آهي جنهنڪري . . . . جهونو ٿو لڳي. هونئَن بلڪل نئون آهي! فقط پٺيءَ تي . . . . هڪ هنڌ . . . ٿورو . . . . ۽ ٿورڙو هن ڪلهي تي . . . . . ۽ ڪجهه . . . هن ڪلهي تي . . . . ڳريل آهي. بس . . . . ڏسو ٿا . . . . ڪو زياده ڪم ڪونه آهي.“

پيٽرووچ، ”کٿل ٽپڙ“ پنهنجي هٿ ۾ ورتو، ۽ ميز تي وڇائي ساري کي گهڻي وقت تائين تپاسيائين. پنهنجو مٿو لوڏيائين ۽ ڀر واري ڪٻٽ مان گول ناس جي دٻلي ڪڍيائين، جنهن جي پڙ تي هئي ته ڪنهن جنرل جي مورت اڪريل، مگر پڪ سان چئي نه سگهبو ته ڪنهن جي! اهو انهيءَ ڪري، جو جنهن هنڌ مورت جو منهن هو، تنهن هنڌ پيٽرووچ جي هٿ جي آڱر اچي ويئي هئي، ۽ ان هنڌ ٽنگ کي چورس ڪاغذ جو ٽڪر به چنبڙايل هو. پيٽرووچ ناس جي چپٽي کنئي، ۽ ”کٿل ٽپڙ“ کي هٿن ۾ جهلي روشنيءَ ۾ چڪاسيائين ۽ ٻيهر ڪنڌ لوڏيائين؛ ابتو ڪري وري جاچيائينس ۽ ٽيهر مٿو لوڏيائين. دٻليءَ جو پڙ وري کوليائين ۽ ناس جي چپٽي سڻڪيائين، دٻلي بند ڪري ڪٻٽ ۾ رکيائين، ۽ چيائين، ”نه . . . . ڪپڙو بنهه بـُهه ٿي ويو آهي. هي اوور ڪوٽ منهنجي اٿلائڻ کان زور آهي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو اهي لفظ ٻڌي ذريعي ذري گهٽ هنياءُ ٻڏي ويو. هن ٻار وانگر ليلائيندي چيو، ”ڇو نه ٺهي سگهندو؟ ٿورو پٺيءَ ۽ ڪلهن وٽان ته ڳريل آهي. توهان وٽ ننڍڙا ڪپڙي جا ٽڪر ته هوندائي.“

”ها، ها! ڪپڙي جا ٽڪر ملي ويندا، مگر تنهنجي اوور ڪوٽ کي ڳنڍ ٽوپو نه ٿي سگهندو. ڪپڙو سڙيل آهي. جيڪڏهن سبڻ لاءِ سئي هلائبي، ته رهندو ڦاٽي پوندو.“

”ڦاٽي ته پيو ڦاٽي، زوراور؛ مگر چتيون ضرور لڳائينس.“

”ڪجهه هجي به ته چتي هڻان! ڪپڙو سئيءَ ۽ ڌاڳي جو زور سهي ئي ڪونه سگهندو. ڪپڙوختم ٿي چڪو آهي. ان کي ڪپڙو چوڻ به گناهه آهي. صرف ڦوڪ تي اڏامي ويندو.“

”مهرباني ڪريو- ڪنهن به نموني ٿورو مضبوط ڪري ڏيو. سچ پچ هي مون تي وڏي . . . . . .“

”نه نه، ڪجهه به نه ٿي سگهندو. ڪپڙو بلڪل ڳريل آهي، منهنجي صلاح وٺين، ته هن مان پنهنجي ڄنگهن جي ويڙهڻ لاءِ پٽيون ٺهراءِ، ڇاڪاڻ ته تنهنجن انهن جرمنيءَ جي ٺهريل جورابن ۾ ڪا گرمي ڪانه آهي؛ جرمنن کي ته رڳو پئسو ڪمائڻو آهي (پيٽرووچ کي جرمنن جي گلا ڪرڻ ۾ مڙيوئي مزو ايندو هو)، ۽ صاف ظاهر آهي ته توکي اوور ڪوٽ نئون خريد ڪرڻو پوندو.“

لفظ ”نئون“ ٻڌڻ سان ئي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڍڪرجي ويو. سندس اکين آڏو انڌارو اچي ويو. ڪوٺيءَ ۾ پيل شيون ڌنڌليون نظر اچڻ لڳيس. پيٽرووچ جي ناس جي دٻليءَ تي ڪاغذ جي ٽڪر سان منهن ڍڪيل جنرل کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڏسي ٿي سگهيو.

”نئون اوور ڪوٽ!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ تعجب ۾ چيو، ڄڻ ته گهري ننڊ ۾ هو. ”ائين ڀلا ڇو؟ مون وٽ ڪوٽ خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ته آهن ئي ڪونه!“

”هائو، نئون ڪوٽ!“ پيٽرووچ بيرحميءَ سان چيو.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ چيو ”ڀلا جيڪڏهين مان نئون اوور ڪوٽ خريد ڪيان، ته ڪيترو . . . . . . ؟“

پيٽرووچ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو جملو اڌ ۾ ڪاٽيندي، وراڻيو، ”تنهنجو مطلب آهي ته ڪيترا پئسا کائيندو نه؟“

”جي.“

پيٽرووچ پنهنجا چپ چٻاڙيندي جواب ڏنو، ”اوور ڪوٽ خريد ڪرڻ لاءِ توکي گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ربلن جي نوٽن تان هٿ کڻڻو پوندو.“ پيٽرووچ اهڙيءَ طرح اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي وڏي رقم ٻڌائي، منجهائي، ٽيڏيءَ اک سان پئي تاڙيو ته هن تي ڪهڙو اثر ٿو پوي؟

”هڪ سو پنجاهه ربل اوور ڪوٽ واسطي!“ اڪاڪيءَ کان چيخ نڪري ويئي. هن جي زندگيءَ ۾ اهو پهريون دفعو هو، جو بي اختيار رڙ نڪري ويس، ورنه هو جهيڻي ۽ هلڪي آواز ۾ ڳالهائڻ جو عادي هو.

پيٽرووچ لاغرضيءَ سان جواب ڏنو، ”هائو، جهڙو مال تهڙي مٺائي. جيڪڏهين ڪالر ۾ ”مارٽن“ وجهائيندين، ته ٻه سؤ ربل کائيندو.“

پيٽرووچ جون هي اڻ سونهندڙ ڳالهيون ٻڌي، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جا حوصلا خطا ٿي ويا، ۽ نيزاريءَ سان چيائين، ”پيٽرووچ! مهرباني ڪري ڪيئن به ڪوٽ کي ٺاهي درست ڪريون، جيئن ڪجهه وڌيڪ وقت هلي.“

پيٽرووچ ڇڙڪ جواب ڏنس، ”ناممڪن. تنهنجي اوور ڪوٽ تي ڪم ڪرڻ محنت، وقت ۽ پئسي جو زيان آهي.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ نااميد ٿي ويو، ۽ سندس ٻاهر هليو وڃڻ کان پوءِ ۽ پنهنجي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ پيٽرووچ ڳپل وقت فاتحانه نوع ۾ بيٺو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ کڳيون هڻي رهيو هو ته چڱو ٿيو جو هن پاڻ کي ايڏو ذليل ثابت نه ڪيو ۽ پنهنجي درزڪي ڪم جو وقار نه وڃايو.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ، پيٽرووچ جي گهر کان نڪري گهٽيءَ ۾ بدحواسيءَ جي حالت ۾ پهتو، ڄڻ ته نيم خوابيءَ ۾ هو ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو، ”سو اهو ائين آهي. مون کي سچ پچ اهڙو گمان به نه هو.“ ۽ ٿوري ٽپيءَ کان پوءِ وري ويچارڻ لڳو، ”ته اها ڳالهه ائين آهي. آخرڪار اهو قصو ائين ئي ٿيڻو هو. مون کي ته خيال ۾ به نه هو ته ائين ٿيندو . . . . . “ گهڻي خاموشي بعد وري وڦلڻ لڳو، ”آخر ائين ئي ٿيو. بنهه اڻ ٿيڻي ڳالهه . . . . . . ڪنهن ٿي ائين سوچيو؟ مگر حالتن جي مجبوري . . . . . “ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ خيالن ۾ ايڏو ته غلطان هو، جو پنهنجي گهر جو رستو ڇڏي ڪنهن ابتيءَ سڙڪ سان وڃي رهيو هو. رستي ۾ ڪارهن سان ڀريل واچوڙي هن جا ڪلها ڪارا ڪري ڇڏيا ۽ هڪڙي گهر جي ڪوٺي تان گپ گارو ڪريو، جو هن جي مٿان ٿڦجي ويو، مگر هي هوش ۾ نه آيو. آخر جڏهن هڪ سنتريءَ سان، جو پنهنجو ڀالو هڪ پاسي رکي پنهنجي ڄٽڪيءَ سڱيءَ مان ناس ڪڍي تريءَ ۾ وجهي رهيو هو، وڃي ٽڪريو ۽ هن جي مٿان آئڙيو ۽ جڏهين انهيءَ سنتريءَ تڙي ڪڍيس: ”بيوقوف! انڌو آهين ڇا؟ ٻين ۾ ڇو ٿو گهڙندو اچين. هيڏو سارو رستو پيو اٿئي“- تڏهين ڪجهه اکين کليس ۽ هوش ۽ الٽو رستو ڇڏي گهر جو طرف ورتائين ۽ بيسود بَڪ بند ڪيائين. البت واجبي سـُس پـُس اڃا به پنهنجو پاڻ سان پئي ڪيائين- جيئن ڪنهن گهري ۽ عقلمند دوست سان ڪنهن پيچيده ۽ مکيه مسئلي تي آهستي آهستي بحث مباحثو ڪبو آهي! ”نه نه، پيٽرووچ سان هاڻي ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي، هن وقت هوسچ پچ . . . . . نه، جوڻس شايد پئسو ڏوڪڙ ڏئيس ٿي، جو هيئـَن منهنجي پئسن کي ٺڪرايائين! مون کي هن ڏانهن آچر ڏينهن صبح جو وڃڻ گهرجي، جڏهين کيس شراب لاءِ پئسا گهرجن. هو نشي ۾ هوندو، ۽ مان ڏهه ڪاپيڪ ڪڍي هٿ ته رکندوسانس، ته هو ڪوٽ به ٺاهيندو ۽ راضي به ٿيندو.“

اهڙيءَ طرح پنهنجي دل ئي دل ۾ دليل بازي ڪندي خوش پئي ٿيو. پوءِ ٻئي آچر تي، پيٽرووچ جي زال کي پري کان ئي گهر مان ٻاهر نڪرندو ڏسي، هڪدم وڃي پيٽرووچ جي سامهون پيش ٿيو. سچ پچ هو گهڻو پيتل هو ۽ اهڙا ته گهيرٽ ۽ جهوٽا پئي کاڌائين، جو پنهنجو ڪنڌ به نٿي جهلي سگهيو. مگر ڪاوڙ جو ڀوت اڃا سوار هوس. جڏهين اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪوٽ جي ڳالهه ڪڍيس، تڏهن شوخ ٿي چيائين، ”مون کان نه پـڄي، توکي نئون اوور ڪوٽ ٺهرائڻو پوندو.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هڪدم ڏهن ڪاپيڪن جو سڪو ڪڍي هن جي هٿ تي رکيو. پيٽرووچ ڪجهه نرميءَ سان چيو، ”تنهنجي وڏي مهرباني. مان پـِي توکي دعائون ڪندس. مگر اوور ڪوٽ لاءِ مون کي نه چئو. تون مون تي ڀروسو رک مان توکي نئون اوور ڪوٽ بلڪل چڱيءَ طرح سبي ڏيندس.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پراڻي ڪوٽ درست ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ چوڻ چاهيو ٿي، مگر پيٽرووچ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سمجهائڻ لڳس، ”تون مون تي اعتبار ڪر. مان توکي اوور ڪوٽ ضرور ٺاهي ڏيندس، ۽ ڪالر کان وٺي ٻيڙن تائين ان ۾ جديد فئشن رکندس، ۽ سلائي به پهريون نمبر ڪندس.“

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ويچارو نااُميد ٿي ويو، ۽ سمجهيائين ته نئون اوور ڪوٽ ٺهرائڻو ئي پوندو. مگر پئسو ته هن وٽ هو ئي ڪونه. ڪپڙو ڪٿان اچي ۽ ڪوٽ ڪيئـَن سبجي؟ کيس ڪجهه ”بونس“، اٽڪل چاليهه ربل، ته ملڻو هو، مگر انهيءَ رقم جي خرچ جو تخمينو هن اڳي ئي لڳائي ڇڏيو هو- انهن پئسن مان هن کي پتلون وٺڻي هئي، ڪجهه سوچيءَ جي جهوني رهيل اوڌر ادا ڪرڻي هئي، درزياڻيءَ کان ٽي قميصون سبائڻيون هيون، ۽ ٻيون ڪجهه چيزون پڻ، جن جو هتي بيان ڪرڻ مناسب نه آهي، خريد ڪرڻيون هيون. مطلب ته سندس تخميني مطابق رقم اڳي ئي خرچ ٿي پئي هئي. جيڪڏهين ڊئريڪٽر هن تي مهربان به کڻي ٿئي ها، تڏهين به هن جو ”بونس“ وڌ ۾ وڌ چاليهن ربلن مان وڌائي پنجيتاليهه يا پنجاهه ربل ڪري ها، ۽ هن کي فقط پنج يا ڏهه ربل ڪٿيل خرچ کان وڌيڪ ٿين ها، جيڪا رقم واقعي دريا ۾ هڪ قطري مثل هئي. هن کي ته سڄو سارو اوور ڪوٽ سبائڻو هو. هو پيٽرووچ کان واقف هو ته هو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي اجايا وڌيڪ پئسا ٻڌائيندو هو، ۽ اهڙن موقعن تي جوڻس پڻ ڏنڀيندي هيس- ”ماريو ڇسو ڀوڪ! هاڻي ته چريو ٿي پيو آهي. ڪڏهين ته ماڻهن جا ڪم مفت پيو ڪري، ۽ اڄ وري پنهنجي بڇڙائيءَ تي چڙهيو آهي؛ ۽ ڪين جهڙي ڪم لاءِ هيڏي ساري رقم ٿو گهري- ڦڪو به ڪونه ٿو ٿئي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سمجهيو ٿي ته زور رکبس ته پيٽرووچ اوورڪوٽ جا لاچار اسي ربل به وٺندو؛ مگر هيڏا سارا اسي ربل به آخر اچن ڪٿان؟ هن رقم جو شايد اڌ يا ٿورڙو مٿي پٽ سٽ ڪري، هٿ ڪري وجهي ها؛ مگر باقي اڌ پئسا ڪٿان اچن؟ هتي پڙهندڙن کي ٻڌائڻ ضروري آهي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪيئن پٽ سٽ ڪري ها يا ڪٿان آڻي ها. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ۾ گهڻي وقت کان عادت هئي ته جڏهين به هڪ ربل خرچ ڪندو هو، ته ٻه ڪاپيڪ هڪ ڪلف لڳل ننڍڙيءَ پيتيءَ ۾، جنهن ۾ پئسن وجهڻ لاءِ مٿان ننڍڙو چير هو، رکندو ويندو هو. ڇهين ڇهين مهيني هو پيتيءَ کي کولي، ٽامي جي سڪن کي ٻـُڪ کي چانديءَ جي سڪن ۾ تبديل ڪندو هو. اهڙيءَ طرح بچت ڪندي هن کي چڱو وقت ٿي ويو هو، ۽ ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ هن وٽ چاليهه ربل ته گڏ ٿي ويا هئا. مگر باقي چاليهه ربل ڪٿان اچن؟ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ في الحال ته گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ نيٺ فيصلو ڪيائين ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ روزاني خرچ پکي ۾ تخفيف آندي وڃي- شام جو موم بتي نه ٻارجي، ۽ جيڪڏهين ڪم ڪار ڪرڻو هجي، ته جاءِ جي مالڪياڻيءَ جي بتيءَ تي ڪيو وڃي؛ گهٽين مان ويندي خبرداريءَ سان ۽ بلڪل آهستي آهستي نرميءَ سان پٻن تي، پٿر ۽ سـِرن جي رستن مان گهمڻ گهرجي، جيئن جوتو جلدي ڦاٽي نه پوي ۽ ڪجهه وقت زياده هلي؛ ڪپڙن کي ڌوٻيءَ ڏانهن دير دير سان موڪلڻ گهرجي، ۽ آفيس مان گهر موٽي اچڻ تي انهن کي لاهي، جهونو رواجي سنهو سوٽي چوغو پهريو وڃي، جيئن جلدي ڳري نه وڃن. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي شروع ۾ پاڻ کي هنن نون نيمن ته هيرڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي، مگر ڪجهه وقت کان پوءِ انهن سختين تي هري ويو. نه رڳو ايترو بلڪ رات جو فاقن ۽ بکن ڪڍڻ جو به عادي ٿي ويو. انهن تڪليفن جي مقابلي ۾ نئين اوور ڪوٽ جا خيال هن کي روحاني طراوت ۽ طاقت پهچائيندا رهيا، ڄڻ ته هن جي اڻپوريءَ زندگيءَ جي پورائي ٿي چڱي هئي، ڄڻڪ هن جي ڪا شادي ٿي هئي ۽ هاڻي هو اڪيلو نه هو بلڪ هڪ کان ٻه ڄڻا ٿي پيا هئا، ڄڻ ته هن جي ڪنهن دل گهرئي دوست زندگي ڀر هن سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي دوش بدوش هلڻ جو قسم کنيو هو. هن جو اهو دل گهريو دوست ۽ ساٿي ڪير هو؟ اهو سندس نئون اوور ڪوٽ هو. اوور ڪوٽ جي خيالن ۾ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي وڌيڪ مردانو، بردبار ۽ ارادي جو پڪو بنايو- ڄڻ ته ڪنهن وڏي مقصد تي قابو پائڻو هوس. ارادي جـِي ڪچائي، گهٻراهٽ ۽ ٻيون سڀ اجايون خراب عادتون هن جي طبيعت مان غائب ٿي ويون. ڪڏهين ڪڏهين هن جي اکين ۾ چمڪ ۽ دل ۾ اوچا ۽ بلند خيال ايندا هئا، ۽ سـَڌون ڪندو هو ته ”ڇو نه ڪالر ۾ ”مارٽن“ وجهايو وڃي؟“ اهڙن پهن پچائڻ ۾ هو اهڙو ته غلطان ٿي ويندو هو، جو ڪڏهين ڪڏهين  پاڻ کي به وساري وهندو هو. هڪڙي دفعي ڪا لکپڙهه نقل ڪري رهيو هو ۽ اِنهن ويچارن ڪندي اهڙو ته بي خيالو ٿي ويو، جو چـُڪ پئجي ويس، ۽ رڙ نڪري ويس- ”اوه!“ پيٽرووچ هر مهني اوورڪوٽ بابت ڳالهائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو دفعو ضرور ويندو هو، ۽ سوالن مٿان سوال پڇندو هو: ”ڪپڙو ڪهڙي دڪان تان چڪائجي؟ ڪپڙي جو رنگ ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ ڪپڙي جا اگهه ڪهڙا آهن؟“ وغيره. هونئن ته موٽندي ڳڻتيون پاڻ سان کڻي ايندو هو، پر اميد به وڏي چيز آهي- سو دل کي آٿت ۾ رکيو ايندو هو ته نيٺ ڪپڙو وٺبو ۽ نيٺ نئون اوور ڪوٽ ٺهي تيار ٿيندو. هلندي هلندي، حالتن اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو ساٿ ڏنو، ۽ تعجب ته ڊئريڪٽر به هن کي سٺ ربلن جو ”بونس“ ڏياريو، معلوم ناهي ته ڊئريڪٽر کي کڻڪ هئي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي وڏي ڪوٽ جي گهرج آهي، يا اهو ڪو اتفاق هو، جو قسمت هن سان وَڙ ڪيو ۽ سڄا ويهه ربل، چاليهه ربلن جي ڪٿيل خرچ کان وڌيڪ مليس. ٻين ٻن ٽن مهنن جي فاقا ڪشيءَ کان پوءِ اڪاڪيءَ وٽ سچ پچ اسي ربل جي رقم گڏ ٿي ويئي ۽ هن جي دل خوشيءَ ۾زور سان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. پهرئين ئي ڏينهن هو پيٽرووچ سان گڏجي بازار ويو، ۽ ڪپڙو خريد ڪيائون. انهيءَ ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ئي ڪانه آهي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ڪنجوسائيءَ هوندي به ڪپڙي جي خريداري ايڏو جلد ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته ڪپڙي خريد ڪرڻ جو ڇهن مهينن کان ارادو هون ۽ اڪثر ڪري هر مهني بازار جي اگهن جي پڇا ڳاڇا پيا ڪندا هئا. ڪپڙو واقعي لاثاني هو، ۽ پيٽرووچ پاڻ ظاهر ڪيو ته هن کان زياده سٺو ڪپڙو سڄي بازار ۾ نه ملندو. اَستر واسطي هنن ”ڪئليڪو“ سٺو سادو سوٽي ڪپڙو خريد ڪيو، جو ڏسڻ ۾ ڏاڍو مضبوط ۽ سهڻو هو، ۽ پيٽرووچ جي زبانيءَ موجب سلڪ کان به بهتر هو. ڪالر لاءِ ”مارٽن“ هنن نه ورتو، ڇو ته بلڪل مهانگو هو، ۽ ان جي بدلي ”فرڪئٽ“ خريد ڪيائون جو پري کان ڏسڻ ۾ مارٽن جهڙو ئي هو. پيٽرووچ ٻه دفعا ڪوٽ سبڻ ۾ مشغول رهيو. ڪوٽ جلد تيار ٿي وڃي ها، مگر ان ۾ گهڻائي ڪاڄ رکيا ويا هئا، جن ڪافي وقت ورتو. پيٽرووچ سلائيءَ جا ٻارهن ربل چيا. هن کان گهٽ ٿي به نه سگهي ها، ڇاڪاڻ ته سڄي ڪوٽ کي ريشم جي ڌاڳي سان ٻٽي سلائي ڪئي ويئي هئي. يقين سان چئي نٿو سگهجي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو- مگر اڪاڪيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪڙو وڏو خوشيءَ جو ڏينهن هو، جڏهين پيٽرووچ نئون اوور ڪوٽ تيار ڪري، صبح جي وقت ڪلارڪن جي آفيس جي وقت کان ٿورو اڳ ۾ کڻي آيو. اوور ڪوٽ ايڏو جلدي نه سبيو وڃي ها، مگر سيءَ قهر جا هئا، ۽ اڃا به وڌيڪ شديد پارن پوڻ جو امڪان هو. اڄ پيٽرووچ ۾ ڳرائي هئي- ڳرائي به ڇو نه ڪري؛ هيڏو سارو ڪم چند ڏينهن ۾ جو پورو ڪري ورتو هئائين. هو ڪو رواجي درزي ته ڪونه هو. اڄ هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ڳنڍ ٽوپي وارن درزين مان نه هو بلڪ نوان ڪپڙا به سبي ٿي سگهيو. هن اوور ڪوٽ رومال مان ڇوڙي ٻاهر ڪڍيو (اهو سندس رومال تازو ڌوٻيءَ وٽان ڌوپي آيو هو)، ۽ رومال کي وري خيال سان تهه ڪري کيسي ۾ آئنده ڪم آڻڻ لاءِ وڌائين. اوور ڪوٽ کي کولي، ٻنهي هٿن ۾ جهلي ان ڏانهن فخر سان نهارڻ لڳو، ۽ ڦڙتائيءَ سان اڇلي اڪاڪيءَ جي ڪلهن تي وڌائين، ۽ ڪوٽ کي اڳيان پٺيان ڇڪڻ ۽ ٺاهڻ لڳو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ عمر رسيده ماڻهو هو ۽ ٻانهون به پائي ڏسڻ ٿي چاهيائين. پيٽرووچ پوءِ هن کي ٻانهن پارائڻ ۾ مدد ڪئي، ڪوٽ اڪاڪي اڪاڪيوچ جي بدن تي بلڪل ٺهڪي آيو. سڀڪنهن پيٽرووچ – جي ساراهه ڪئي، ۽ داد ڏنو ته ڪوٽ لاجواب آهي! پيٽرووچ به موقعو هٿان نه وڃايو ۽ چوڻ لڳو، ”مون اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي اوور ڪوٽ بلڪل سستو ۽ رواجي پئسن ۾ سبي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو دوست ماڻهو آهي، ۽ هن سان گهڻي زماني کان ڄاڻ سڃاڻ آهي. انهيءَ کان سواءِ منهنجو دڪان به ننڍڙيءَ ڳليءَ ۾ آهي، ۽ اُن تي ”سائن بورڊ“ به ڪونه لڳايو اٿم، جنهنڪري ماڻهن جي نظرن ۾ منهنجي سلائي ۽ ڪاريگريءَ جي ڪا وقعت ڪانه آهي- ورنه نيوسڪي پراسپيڪٽ ۾ اڪاڪي گهٽ ۾ گهٽ پنجهتر ربل رڳو سلائيءَ جا ڀري ها.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پيٽرووچ جي اهڙين ٻٽاڪن کان تنگ اچي ويو هو ۽ هونئن به اهڙين وڏين رقم جا نالا ٻڌي گهٻرائجي ويندو هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هن کي سلائيءَ جا پئسا ادا ڪيا، ۽ ڪوٽ پائي آفيس وڃڻ لاءِ راهي ٿيو. پيٽرووچ به هن جي پٺيان ويو ۽ رستي تي چڱو وقت بيهي هن پري کان ڪوٽ جي پٺيءَ جي بيهڪ ۽ فٽنگ ڏٺي، ۽ تنهن کان پوءِ ٻيءَ گهٽيءَ مان رستو مٽائي، تڪڙو تڪڙو وري به ساڳئي رستي تي آيو ۽ لڪي لـِڪي ڪوٽ جي سامهين جهول نظر مان ڪڍيائين.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي خوشيءَ جي ڪا انتها نه رهي. هو گد گد پئي ٿيو ۽ هر منٽ ۾ ڪوٽ کي وري وري پئي ڏٺائين. ڀلا خوش به ڇو نه ٿئي. هڪ ته ڪوٽ گرم هو، ۽ ٻيو ته سلائي به پنهنجو مٽ پاڻ هئي، آفيس تائين مفاصلي ته اڄ هن کي ڏِک ئي ڪانه ڏني. اک تڏهين پٽيس جڏهين اوچتو ڏٺائين ته منزل تي پهچي ويو آهي. محافظ جي ڪوٺيءَ ۾ ڪوٽ لاهي، هن جي سنڀال ۾ ڏنائين. ڪنهن نه ڪنهن طرح سڀني ڪلارڪن کي پتو پئجي ويو ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ نئون اوور ڪوٽ سبرايو آهي ۽ پراڻي کٿل ٽپڙ کي استعفا ملي آهي. سڀئي ڊوڙي محافظ جي ڪوٺيءَ ۾ ويا، ۽ نئين اوور ڪوٽ جو معائنو ڪيائون. چوڌاري واڌاين جو وارو وري ويو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪڏهين مشڪيو ٿي، ته ڪڏهين شرمايو ٿي. سڀني مجبور ڪيس ته هو ڪوٽ پائي ڏيکاري، ۽ نئين اوور ڪوٽ جي خوشيءَ ۾ سڀني کي دعوت کارائي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اچي ڦاٿو. هن جو دماغ چرخ ٿي ويو. سمجهه ۾ نٿي آيس ته هن مصيبت کي منهن ڪيئن ڏجي. آخر تنگ اچي، هنن کي ابتا سبتا بهانا ڏنائين ۽ چيائين ته ”ڪوٽ نئون نه آهي، پراڻو آهي!“ مگر آڏو به مڇڏو هئا. ايتري ۾ ننڍي هيڊ ڪلارڪ، ڏيکارڻ لاءِ ته هو ايڏو مغرور نه هو ۽ ٻين ڪلارڪن سان اٿڻ ويهڻ ۾ عار نٿي ڪيائين، چيو: ”چڱو، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي بدران مان توهان سڀني جي اڄ شام جو دعوت جهليان ٿو، قسمت سان اڄ منهنجي سالگرهه به آهي.“ ڪلارڪن ننڍي هيڊ ڪلارڪ کي مبارڪباد ڏني ۽ دل و جان سان سندس دعوت قبول ڪئي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ دعوت ۾ وڃڻ کان گهڻو ئي نٽايو ۽ عذر بهانا ڪيا مگر سڀ ورائي ويس- ”اها بدتميزي آهي. توکي شرم اچڻ کپي. انڪار ڪرڻ کان توکي ٻڏي مرڻ کپي.“  آخرڪار هن دعوت قبول ڪئي، ۽ سوچيائين ته گهٽ ۾ گهٽ پارٽيءَ ۾ وڃڻ سان هن کي اوور ڪوٽ پائي ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملندو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ واسطي سارو ڏينهن گويا عيد جو ڏينهن هو. آفيس کان موٽيو ۽ ڪوٽ لاهي ڪليءَ ۾ ٽنگي، دل ئي دل ۾ ڪوٽ جي ڪپڙي ۽ استر جي تعريف ڪرڻ لڳو. تنهن کان پوءِ، پنهنجو پراڻو ”کٿل ٽپڙ“ ڪڍي، نئين ڪوٽ سان ڀيٽڻ لڳو. ڀلا پراڻو ڦاٽل ڪوٽ، نئين جديد فئشن تي سلائي ٿيل اوور ڪوٽ جو ڇا مقابلو ڪري سگهندو! رات ڏينهن جو سنڌو هو! اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کان کل نڪري ويئي، ۽ ڪيتري وقت تائين کلندو رهيو. هن منجهند جي ماني کاڌي، ۽ کائڻ کان پوءِ ٻيو ڪجهه به ڪم نه ڪيائين. ڪنهن به ڪاغذ پـَٽ کي هٿ نه لاتائين، ۽ نه وري ڪنهن لکپڙهه جو نقل ئي ڪيائين. اڄ آرام ۽ خوشيءَ جو ڏينهن هو، ۽ هن بستري تي ليٽي ڪجهه وقت لاءِ ڄنگهون ساهيون. جڏهن سج لهي ويو ۽ منهن مير اونداهه ٿي، تڏهن هي پنهنجو نئون اوور ڪوٽ پهري، ننڍي هيڊ ڪلارڪ جي دعوت تي وڃڻ لاءِ راهي ٿيو. ياد نٿو اچي ته ميزبان جو گهر ڪٿي هو يا سندس پتو ڪهڙو هو- بهرحال هو پيٽرس برگ جي ڪنهن سٺي محلي ۾ ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي گهر کان مڙيوئي گهڻو دور رهندو هو- سو گهران نڪرڻ سان اڪاڪيءَ کي اهڙيون گهٽيون لتاڙي پار ڪرڻيون هيون، جتي نه ته ڪو روشنيءَ جو پورو بندوبست هو ۽ نه وري ڪا وسـِهن ئي هئي. رستا سڃا هئا، جتي ماڻهوءَ جي بوءِ به ڪانه هئي، ۽ چوڌاري ڪڪڙو ڪو لڳي پيئي هئي. مگر جئن منزل مقصود کي ويجهو پوندو ٿي ويو، تئن سامهون روشني وڌيڪ تيز ايندي ويس، ۽ رستن تي چهل پهل ۽ ماڻهن جي اچ وڃ زياده نظر آيس ۽ آهستي آهستي عورتن جي به رستن تي آمدرفت ڏٺائين. هن پسگردائي ۾ ٻُسي ڪاٺ جون ٺهيل ۽ گلٽ جي ڪوڪن سان جڙيل گسڪڻيون گاڏيون گهٽ پئي ڏٺيون، مگر چٽيل، پالش ڪيل ۽ هر طرح سينگاريل گسڪڻيون، رڇ جون کلون ڍڪيل خوش مزاج ۽ مخملي ٽوپين پهريل ڪوچوانن سان عام جام برف تي ڪرچ ڪرچ ڪنديون پئي آيون ۽ ويون.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪيترن ڏينهن کان شام جو ٻاهر گهڻو گهمڻ ڦرڻ يا تفريح ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي ۽ هن پسگردائيءَ ۾ ٻن ٽن سالن کان پوءِ آيو هو، جنهنڪري هن کي هر ڪا شيءِ نئين ٿي نظر آئي. هو امالڪ هڪ دڪان جي روشن ڏيکارڻي دريءَ ۾ هڪ مورت ڏانهن نهارڻ بيهي رهيو، جنهن ۾ هڪ حسين و جميل دوشيزه پنهنجي پير مان سئنڊل لاهڻ جي مشق ڪري رهي هئي، ۽ اهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي گول گول ڄنگهه کي جنبش ۾ آڻي ان جو عام ڏيکاءُ ڪري رهي هئي، ۽ سندس پٺيان وري هڪڙو وڏين مڇين وارو، فرينچ ڪٽ ڏاڙهيءَ سان نوجوان اندر دروازي ۾ وڃي رهيو هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪنڌ ڌوڻيندي، ۽ ٿورو کلي، پنهنجو رستو ورتو. هن ڇو کليو؟ شايد انهيءَ لاءِ ته هيءَ هن واسطي هڪ اجنبي ڳالهه هئي، ۽ هن اهڙي مورت اڳي ڪڏهين به ڪانه ڏٺي هئي يا ٿي سگهي ٿو ته ٻين ڪلارڪن وانگر هن به ڪا راءِ قائم ڪئي هجي ۽ طنزيه کليو هجي. قصو ڪوتاهه، هو پنهنجي منزل تي پهچي ويو، جتي ننڍو هيڊ ڪلارڪ وڏي رعب تاب سان رهندو هو. ميزبان جو گهر ٻيءَ ماڙ تي هو، ۽ ڏاڪڻ ۾ بتي پئي ٻري. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ دروازي ۾ گهڙڻ سان ئي ڏٺو ته لذيذ طعامن جون قطارون لڳيون پيون هيون، ۽ وچ ۾ چانهه جي ڪٽلي رکي هئي جنهن مان پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو آواز پئي آيو، ۽ ٻاڦ جا ڪڪر پئي نڪتا. ديوار تي ڪلين ۾ سڀني جا ڪوٽ ۽ چوغا ٽنگيل هئا، جن مان ڪن جا ته خاص سٺا، وڏا ۽ مخمل جا. ڀت جي ٻئي پاسي شور غل ۽ ڳالهائڻ جو چوٻول پئي آيو. ايتري ۾ دروازو کليو ۽ ڳالهائڻ جو آواز وڌيڪ چٽو ٿيو، ۽ بئرو دروازي مان خالي گلاسن ۽ ڪريم جي جگ ۽ بسڪوٽن جي دٻن سان ڀريل خونچو کڻي ٻاهر نڪتو. ظاهر هو ته ٻيا ڪلارڪ چڱو وقت اڳ ۾ آيل هئا، جو چانهه جو پهريون دور ختم ٿي چڪو هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ به پنهنجو ڪوٽ ڪليءَ ۾ ٽنگي اندر داخل ٿيو. چوڌاري موم بتين جي جهرمر لڳي پيئي هئي. ڪي پاڻ ۾ گپ شپ هڻي رهيا هئا، ته ڪي پتن راند کيڏڻ ۾ مشغول هئا. ڪي پائيپ مان سوٽا لڳائي رهيا هئا، ته ڪي وري اڃا تائين چانهه ڍڪ ڍڪ ڪري پي رهيا هئا- مطلب ته سڄي ڪوٺي ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ڪلارڪن جي اٿ- ويهه ۽ ڪرسين جي ريڙهه سيڙهه جي آوازن سان گونجي رهي هئي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪوٺيءَ جي وچ ۾ منجهي بيهي رهيو، ۽ وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. ايتري ۾ ويتر گوڙ مچي ويو، ۽ سڀني رڙين ۽ هوڪرن سان هن جي آجيان ڪئي، ۽ ڊوڙي اچي ٻيهر هن جي اوور ڪوٽ جو ديدار ڪيو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ گهڻو هراسيل پئي نظر آيو، مگر پنهنجي ڪوٽ جي ساراهه ۽ شهرت ٻڌي گهڻو خوش پئي ٿيو. آخر هر ڪو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ۽ سندس ڪوٽ کي ڇڏي، پيسڪوٽ راند کي لڳي ويو. هي سڄو گوڙ گهمسان، شور غل ۽ ماڻهن جا هشام، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ واسطي نيون ۽ عجب ۾ وجهندڙ ڳالهيون هيون. کيس دوستن سان ۽ دعوتن ۾ اٿڻ ويهڻ جي ڪا خبر ڪانه هئي. هن کي معلوم نه هو ته ڇا ڪجي، ۽ ڇا نه ڪجي. پيسڪوٽ کيڏندڙن جي ڀر ۾ ويهي رهيو، ۽ ڪڏهين هـِن جي منهن ۾ پئي نهاريائين ۽ ڪڏهين هـُن جي منهن ۾ پئي گهوريائين. آخر نکمڻو ماڻهو، ويهي ويهي گهڻو ٿڪو ۽ اوٻاسيون اچڻ لڳيس. رات جو ڳپل حصو وهامي چڪو هو، ۽ هونئـَن هو هن کان گهڻو اڳ ۾ سمهي رهندو هو. هن خيال ڪيو ته ميزبانن کان موڪلائي گهر وڃجي، مگر هنن نه ڇڏيس- چيائونس ته ”نئين اوور ڪوٽ جي خوشيءَ ۾ فقط هڪڙو پيگ پي وڃي.“ ڪلاڪ کن کان پوءِ کاڌو آندو ويو، جنهن ۾ طرحين طرحين جا طعام جهڙوڪ سبزي، ٿڌو ڳائو گوشت، پيسٽري، بڪيون ۽ کيريون، حلوائيءَ وٽان آيل سنبوسا، ۽ شراب هئا. هن کي ٻه گلاس کن شراب جا پياريا ويا، ۽ خوب نشا ٿيس. هر ڪا شيءِ خوش ۽ تازي پئي نظر آيس. رات جا ٻارهن وڄي چڪا هئا، ۽ کيس هن کان گهڻو وقت اڳ ۾ گهر پهچڻ کپندو هو. هن کي خوف پئي ٿيو ته گهر وڃڻ کان کيس متان روڪيو وڃي، تنهنڪري وجههه وٺي ڪوٺيءَ مان کسڪي ٻاهر هليو ويو، ۽ اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيئي، نيٺ وڃي اوور ڪوٽ لڌائين. سندس اوور ڪوٽ زمين تي ڪريو پيو هو، جنهن کي ڇنڊي ڦوڪي ڪـِن ڪچرو صاف ڪري، پائي، ڏاڪڻ مان لهي رستي تي پهتو، ۽ گهر لاءِ روانو ٿيو. رستن تي اڃا تائين روشني هئي. ڪي ڪي ننڍڙا دڪان- جيڪي غلامن ۽ ٻين رواجي ماڻهن جون ڄڻڪ ڪلبون هيون، ۽ جتي هرڪو آڌيءَ رات تائين اوڀارين لهوارين ڳالهين ۾ مشغول هوندو هو- کليل هئا، ۽ ٻيا ڏسڻ ۾ بند ٿي ويا هئا، مگر دروازن جي چيرن مان روشنيءَ جا ڪرڻا رستي تي پئجي پيا، جنهن مان معلوم پئي ٿيو ته اڃا ڪو ماڻهو اندر ضرور آهي- شايد دڪانن جي نوڪرياڻين ۽ نوڪرن، جيڪي ڳالهين جي ڳهير ٿيندا آهن، پنهنجي گفتگو اڃا ختم نه ڪئي هئي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي مزاج ۾ هلندو پئي آيو، ته ايتري ۾ هڪڙي عورت، تڪڙي تڪڙي، سندس پاسي مان سرڙاٽ ڪري اچي لنگهي. معلوم ناهي، ڇو ايترو تڪڙي پئي آئي؟ هن جي دل ۾ آيو ته هن عورت جي پٺيان ڊوڙي؛ ۽ ذري گهٽ ڊوڙڻ تي به هو، پر هن پاڻ کي روڪي وڌو- ۽ پوءِ مرڳو عجب لڳس، ته اهڙو خيال آخر هن کي ڇو آيو؟ جلد ئي اهڙين گهٽين ۾ پهتو، جتي نه پوري روشني هئي ۽ نه وري ڪو ماڻهو ڇيڻو ئي نظر ٿي آيو. چوڌاري سڃ ئي سڃ لڳي پئي هئي. ڪٿي ڪٿي ننڍڙا ڪاٺ جا گهر، ڇنون ڇپر ۽ جهوپڙيون، بند دروازن سان، اونداهيءَ ۾ پري کان نظر آيون ٿي- نه ته مڙيوئي خير. رستي تي ڪا پهر ئي ڪانه هئي. ڪنهن وَهينءَ وانگيءَ جو نالو به ڪو نه هو. سڙڪ هڪڙي وڏي چورس ميدان ۾ اچي بيٺي، جنهن ڪنهن اٿاهه رڃ وانگر پئي ڏِکَ ڏني، ۽ ان جي ٻئي ڇيڙي تي بيٺل گهر مس مس ٿي نظر آيا.

پري پري کان، خبر نه آهي ڪٿان، ڪنهن سنتريءَ جي ڪئبن مان روشنيءَ جي لاٽ پئي نڪتي. ڪئبن ڄڻ ته دنيا جي ٻئي ڇيڙي تي هئي. قدرتاً، هتي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي دل ننڍڙي ٿيڻ لڳي، ۽ ان وڏي چورس ميدان ۾ پير وجهڻ سان ئي گهٻرائڻ لڳو- ڄڻ ته هن کي ڪنهن خطري جي اڳ ۾ ئي پروڙ پئجي ويئي هئي. خوف ۾ اڳيان پويان ۽ اوسي پاسي لوڻا هڻڻ لڳو، بنهه ائين، جيئن اجهاڳ سمنڊ جي وچ ۾ ڪنهن ٻيڙيءَ جي هوا نڪري ويئي هجي! هو دل کي پڪو ڪرڻ لڳو: ”ڊڄ ڇا جو آهي؟ چڱو آهي ته هيڏي هوڏي نهارڻ نه گهرجي“- ۽ اکيون ٻوٽي هلڻ لڳو. سٽ پنڌ جـِي ڪري سوچيائين ته ”اکيون کولي ڏسجي ته چورس ميدان لتاڙي ٻئي ڇيڙي تي پهتو آهيان يا نه“. اڃا اکيون مس کوليائين، ته ڏٺائين ته ڪي وٽيل شهپرن سان رهزن سندس رستي روڪ ڪيو بيٺا آهن. هن جي اکين آڏو آنڌي اچي ويئي، دل زور سان ڌڙڪي رهي هيس ۽ پاڻ پپر جي پن وانگر ٿڙڪي رهيو هو. هڪ اونداهي رات، ٻيو خوف، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هنن کي سڃاڻي نه سگهيو، ۽ نه وري هنن جو حليو ئي ياد رهيس. انهن مان هڪڙي رعب مان رڙ ڪري ۽ ڪنڌ کان پڪڙي چيس، ”هي اوور ڪوٽ منهنجو آهي! لاهي مون کي ڏي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ رڙ ڪرڻ تي ئي هو ”چور . . . . . چور . . . . . “ ته ٻئي چور پنهنجو مضبوط رُڪ جهڙو چنبو منهن تي ڏيئي، وات بند ڪري ڇڏيس- ”هاڻي رڙيون ڪر!“ اوور ڪوٽ لاهي، لت جو هنيائونس، ته غريب ٻوٿ ڀـَر وڃي لڳو. بيهوش ٿي ويو. هن کي خبر ڪانه پئي ته ڇا وهيو ڇا واپريو. ٿوري وقت کان پوءِ هوش ۾ آيو ۽ اٿي کڙيو ٿيو. هن کي ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي ۽ ڏٺائين ته سندس بدن تي اوور ڪوٽ به ڪونه هو. گهڻيون ئي رڙيون ۽ واڪا ڪيائين، مگر چورس ميدان جي ٻئي ڇيڙي تائين شايد سندس آواز پهچي نه سگهيو. آخر رڙيون ڪري ڪري جڏهين ٿڪجي پيو، ۽ جڏهين ڏٺائين ته ڪو اوهي واهي پيدا ڪونه ٿيو، تڏهين ڊڪندي ڊڪندي سپاهيءَ جي ڪئبن ڏانهن رخ رکيائين، ۽ ڏٺائين ته سپاهي ڀالي تي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، شايد انتظار پئي ڪيائين ته ڪهڙو ماڻهو رڙيون ڪندو هن ڏانهن ڊوڙندو پيو اچي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پهچڻ سان ئي سهڪندي سهڪندي، رڙ ڪري، شوخيءَ سان سپاهيءَ ڏانهن مخاطب ٿيو، ”تون ننڊ ۾ هئين؟ پنهنجو فرض ڀلجي وئين؟ هـُتي مون کي چور ڦري ويا، ۽ تون هتي آرام سان بيٺو آهين!“ سپاهيءَ وراڻيو، ”مون ته ڪجهه ڪونه ڏٺو. ٻن ماڻهن برابر توکي ميدان ۾ جهليو، مگر مون سمجهيو ته تنهنجا دوست آهن ۽ توسان ڳالهيون ٻولهيون پيا ڪن. مون تي گرم ٿيڻ کان چڱو ائين ٿيندو ته تون سڀاڻي پوليس سپرنٽنڊنٽ کي وڃي رپورٽ ڪر، جو چور ڳولي هٿ ڪندو.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڏاڍو حيران ۽ پريشان گهر ڏانهن موٽيو. سندس لوندڙين ۽ ڪياڙيءَ جا وار وِکري ڀنڊ ٿي ويا هئا، ۽ هن جا پاسا، اُرهه ۽ پتلون برف سان ٿڦيا پيا هئا. جڏهين جاءِ جي مالڪياڻيءَ اويلي وقت دروازي تي زور سان ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌو، تڏهن هڪدم ٽپو ڏيئي، بستري مان اٿي کڙي ٿي ۽ دروازو کولڻ لاءِ اهڙي ته جلدي ڀڳي، جو جـُتي به هٿ نه آيس. حجاب کان چولو ڇاتيءَ تي رکي، دروازو کوليائين، ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي حالت ڏسي ڇرڪ نڪري ويس. جڏهين هن روئداد جو سربستو حال ٻڌو، تڏهين خوف ۾ ڏڪي ويئي، ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ تي زور آندائين ته صبح جو پوليس سپرنٽنڊنٽ کي رپورٽ ضرور ڪري، ۽ حد جي پوليس تي اعتبار ڪرڻ ٺيڪ نه آهي، ڇو ته هو فقط دم دلاسي تي رکندا ايندا. وڌيڪ چيائين ته ”منهنجي سپرنٽنڊنٽ سان واقفيت پڻ آهي. ائنا فنلنڊ جي ڇوڪري، جيڪا مون وٽ بورچياڻيءَ جو ڪم ڪندي هئي، سا سپرنٽنڊنٽ جي گهر ۾ نرس جو ڪم ڪندي آهي. سپرنٽنڊنٽ کي مون پاڻ پنهنجي اکين سان اسان جي گهر وٽان لنگهندي ڏٺو آهي، ۽ چرچ ۾ هر آچر جو بندگي ڪرڻ ايندو آهي. هو خوش مزاج انسان پيو لڳندو آهي، ۽ ضرور رحمدل هوندو.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هيءَ نيڪ صلاح ٻڌي بڇڙو منهن ڪري پنهنجي سمهڻ واري ڪوٺيءَ جو رستو ورتو. پڙهندڙ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي سڀاءُ مان ڪافي واقف ٿي چڪا آهن، ۽ سمجهي سگهن ٿا ته هن اها رات ڪيئن گذاري هوندي؟ صبوح جو سويل هو پوليس سپرنٽنڊنٽ جي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو، مگر هو اڃا ننڊ ۾ هو. ڏهين بجي هو وري ويو، پر سپرنٽنڊنٽ اڃا بستري ۾ هو. يارهين بجي ٽيهر ويو، مگر صاحب بهادر جي ملاقات جو شرف حاصل نه ٿيس، ۽ معلوم ٿيس ته صاحب گهر ۾ نه آهي، ۽ ڪيڏانهن ٻاهر قدم رنج فرمائي ويو آهي. منجهند جو مانيءَ مهل اڪاڪي اڪاڪـِيوچ وري ويو؛ مگر ڪلارڪ اڪاڪيءَ کي اندر وڃڻ کان منع ڪيو بيٺا هئا، ۽ زور پئي آندائون ته هو پهريائين کين ٻڌائي ته صاحب سان ڪهڙي معاملي متعلق ملڻ ٿي گهريائين. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي ساري زندگيءَ ۾ هي پهريون ئي دفعو همت ۽ خودداري ڏيکاري، ۽ ڪڙڪ آواز ۾ چيو، ”مان سپرنٽنڊنٽ صاحب سان ضرور ملندس. مون کي روڪڻ جو اوهان کي ڪو حق نه آهي. مان سرڪاري ڊپارٽمينٽ مان آيو آهيان، ۽ صاحب سان ڪنهن سرڪاري معاملي ۾ ملڻو آهي. جيڪڏهين مون صاحب سان شڪايت ڪئي، ته ڏسجو ته اوهان جي ڪهڙي مٽي پليد ٿو ڪري. مان ضرور ويندس.“ ڪلارڪ چپ ٿي ويا، ۽ انهن مان هڪڙي وڃي سپرنٽنڊنٽ صاحب کي اطلاع ڏنو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي گهرايو ويو، جنهن ڦـُرِ جو سارو بيان ڪيو. مگر اوور ڪوٽ هٿ ڪرڻ ۽ چورن جي ڳولا ڪرڻ بدران سپرنٽنڊنٽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کان آڏي پڇا ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ڄڻ ته چور ئي هي هو- ”تون گهر ڏانهن ايڏو دير سان ڪٿان پئي آئين؟ ڪنهن وئشيا جي گهر ڏانهن ته نه پئي وئين؟ ڪنهن بريءَ نيت سان ته گهر کان ٻاهر نه نڪتو هئين؟“- اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ويچارو منجهي پيو ۽ بغير ڪنهن خاطر خواه جواب ملڻ جي ته ڪوٽ جي چڱيءَ طرح ڳولا ٿيندي يا نه، واپس موٽيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ پهريون ئي دفعو سارو ڏينهن آفيس کان غير حاضر رهيو هو. ٻئي ڏينهن آفيس ۾ حاضر ٿيو، مگر سندس منهن لٿل هو، ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيس. ڄڻ ته ڪا بيماري ڪاٽي اٿيو هو. سندس بدن تي اهو ساڳيو پراڻو ڦاٽل، ڳريل ”کٿل ٽپڙ“ هو. اوور ڪوٽ جي چوريءَ جي خبر سڄيءَ آفيس ۾ واءُ وانگر پکڙجي ويئي. ڪن ڪلارڪن ته هي موقعو به هٿان نه وڃايو ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ تي خوب ٺٺوليون ۽ چٿرون ڪيون، مگر منجهانئن گهڻن کي واقعي رحم آيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته هن لاءِ چندو ڪري، کيس نئون اوور ڪوٽ خريد ڪري ڏنو وڃي. مگر بلڪل معمولي رقم گڏ ٿي سگهي، ڇو ته اڪثر سڀني ڪلارڪن ڊئريڪٽر جي تصوير ٺهرائڻ تي اڳي ئي چڱو چندو ڏنو هو ۽ سندن بالا آفيسر جي حڪم تي هن جي هڪ دوست تصنيف ڪيل ڪتاب به خريد ڪيو هئائون، ۽ هنن وٽ هن نئين چندي لاءِ کيسي ۾ هاڻي گهڻو پئسو ڪونه هو. هڪڙي ڪلارڪ، جنهن کي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي نقصان جو گهڻو احساس هو: تنهن پڪو ارادو ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني اڪاڪيءَ کي مدد ضرور ڪجي، سو هـُنَ کي مشورو ڏنائين، ته پوليس انسپيڪٽر وٽ ڦر جي رپورٽ کڻي وڃڻ فضول آهي، ڇو ته انسپيڪٽر ڪوٽ جي جاچ لاءِ کڻي جفا ڪشي ۽ دلي ڪوشش به ڪري ۽ اتفاق سان ڪوٽ پوليس کي ملي به وڃي، مگر تيستائين هن کي نه ملندو، جيستائين هو ڪا ثابتي پيش نه ڪري، ته ڪوٽ برابر سندس آهي: تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو ته هن باري ۾ ڪنهن ”پهچ واري ماڻهوءَ“ کي درخواست ڪئي وڃي، جو لکپڙهه ڪري اختياريءَ وارن کي زور آڻي ته ڪوٽ ۽ چور هٿ ڪن. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پڪو پرن ڪيو ته هو ”پهچ واري ماڻهوءَ“ کي ئي اپيل ڪندو. اهو معلوم نه آهي ته هيءُ ”پهچ وارو ماڻهو“ ڪهڙيءَ ڊيوٽيءَ تي رکيو ويو هو، ۽ سندس ڪم ڪهڙا هئا؛ پر ايتري خبر ضرور آهي ته هو ”پهچ وارو“ بلڪل تازو بنيو هو، ۽ هـِن کان ٿورو اڳ کيس ڪا به پهچ ڪانه هئي: ۽ هـِن کان وڌيڪ پهچ وارا بالا عملدار به هئا، جن جي ڀيٽ ۾ هو بنهه بي پهچ هو: ائين هميشه ٿيندو آهي ته هڪڙي جي نظر ۾ اهي ماڻهو پهچ وارا هوندا آهن، جيڪي ڪن ٻين جي نگاهه ۾ بنهه بي پهچ شمار ٿيندا آهن. بهرحال اڪاڪيءَ جي هن ”پهچ“ واري وڏي ماڻهوءَ کي پنهنجي دٻدٻي وڌائڻ ۽ اختياري بلند ڪرڻ جا سي بيشمار طريقا ياد هئا. مثلاً هن جو حڪم هو ته هو جنهن وقت آفيس ۾ اچي، ته سندس سڀ زيردست هڪ ڏاڪڻ وٽ اچي، سندس سلامي ۽ آجيان ڪن. هن جو اهو به فرمان هو ته هن سان ڪو به سڌو نه ملي ۽ نه سڌي لکپڙهه ڪري، مگر آفيس جي هر ڪارروائي پنهنجي پوري پوري طريقي سان ٿيڻ گهرجي، ۽ سندس هدايتون هيون ته سڀڪنهن ڳالهه جي رپورٽ انچارج ڪلاڪ ننڍي هيڊ ڪلارڪ کي ڪري، پوءِ ننڍو هيڊ ڪلارڪ وڏي هيڊ ڪلارڪ کي، ۽ وڏو هيڊ ڪلارڪ، صاحب بهادر جي ڊپٽيءَ کي، ۽ ڊپٽي پوءِ صاحب جي سيڪريٽريءَ جي معرفت سڄي معاملي کان صاحب کي آگاهه ڪري. روس ۾ سڀڪنهن کي پنهنجي بالا عملدارن سان هر ڳالهه ۾ ريس ڪرڻ ۽ انهن جي نقل ڪرڻ جي عام عادت هوندي آهي. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايو ويو ته هڪڙي زيردست، جنهن کي ڪنهن رواجيءَ ننڍيءَ آفيس جي چارج ۾ رکيو ويو هو، ڇا ڪيو، جو هڪڙي خاص ننڍڙي ڪوٺي الڳ ڪرائي ان ۾ خالص پنهنجي آفيس ڪيائين، ۽ ان تي ”هيڊ آفيس“ جو نالو رکيائين- جيتوڻيڪ ڪوٺي ايڏي ته سوڙهي هئي جو ان ۾ آفيس جي رواجي ميز به مشڪل سان ماپي ٿي سگهي- ۽ دروازي تي ڳاڙهين پڳڙين سان پٽيوالا رکيائين، جيڪي دروازو جهليو بيٺا هوندا هئا، ۽ جيڪو به ملاقاتي ايندو هو يا ويندو هو، تنهن لاءِ دروازي کي پيا کوليندا ۽ بند ڪندا هئا. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو هي ”پهچ وارو ماڻهو“ شاهاڻي اخلاق ۽ شاندار عادتن جو ڌڻي هو، پر ساڳئي وقت نهايت ساده ذهن شخص هو: چوندو هو ته سندس آفيس ۾ ايڏي قاعدي جي پابندي ۽ پورن نيمن تي ڪم هلڻ جو واحد راز ”ضابطو- ضابطو- ضابطو“ هو. هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي جملي جي پوئين لفظ تي وڌيڪ زور ڏيئي، ٻڌندڙ تي رعب وجهڻ لاءِ، هن ڏانهن غور سان گهوري نهاريندو هو- حالانڪ پنهنجي رعب ۽ دهشت وجهڻ لاءِ سندس پنهنجي آفيس جا ڪلارڪ ئي ڪافي هئا. ڪلارڪ هن کي پري کان ايندو ڏسي ادب ۾ اٿي بيهندا هئا، ۽ تيستائين بيٺا هوندا هئا، جيستائين هو ان ڪمري مان هليو وڃي. پنهنجي زيردستن سان هميشه رکائيءَ سان پيش ايندو هو، ۽ هنن سان سندس گفتگو اڪثر ٽن جملن تائين محدود هوندي هئي- ”تنهنجي اها همت؟ توکي خبر آهي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين؟ توکي معلوم آهي مان ڪير آهيان؟“ انهن ڳالهين هوندي به هو دل جو صاف، خوش مزاج ۽ پنهنجن دوستن ۽ ساٿين تي مهربان هو. ”جنرل“ جي عهدي هن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو هو. هو چرين جي قطار ۾ هو ۽ اڻ سهندي وڏائيءَ ۽ آڪڙ ۾ ڏيڏر جيان ڦوڪجي ويندو هو. البت پنهنجن هڪ جهڙن سان اڃا به فضيلت ۽ نهٺائيءَ سان پيش ايندو هو؛ مگر جڏهين پاڻ کان گهٽ عهدي وارن سان ملاقاتي ٿيندو هو، تڏهين سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ بنهه بند هوندو هو: دور، اڪيلو، خاموش ويٺو هوندو هو. اهڙن موقعن تي سندس حالت رحم جوڳي هوندي هئي. ڪڏهين ڪڏهين اهڙيءَ مجلس ۾ ڪنهن دلچسپ گفتگو ۾ حصو وٺڻ چاهيندو به هو، مگر پاڻ کان گهٽ عهدي وارن سان گهائل مائل ٿي وڃڻ پنهنجي شان مانَ کان گهٽ سمجهي، ڳالهه دل جو دل ۾ ڳـِهي، ٺلهي کنگهڪار ڪري، هڪڙي ڪلهي کي جهٽڪو ڏيئي مٿي ڪري ۽ ٻئي کي ٿورو اڻلکو پوئتي هٽائي، وري ساڳئي نموني سان مـُنهن رکو ڪري ويهي رهندو هو. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڳالهائڻو پوندو هو ته نهايت مخرج سان ڳالهائيندو هو، ۽ مختصر جواب ڏيندو هو ۽ اهڙيءَ طرح هو ”شوخ ۽ خشڪ“ نالي سان مشهور ٿي ويو.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي دوست جي مشوري تي عمل ڪري آخر ”پهچ واري ماڻهوءَ“ کي اپيل ڪئي. مگر اهو ڪو نڀاڳو ڏڻ هو. نحوست ۽ بدقسمتيءَ جند نه ڇڏيس. اتفاق سان ان ڏينهن ”پهچ واري ماڻهوءَ“ وٽ سندس ننڍپڻ جو گهري ۾ گهرو دوست گهڻي عرصي کان پوءِ آيل هو، جنهن سان هو گپ شپ هڻڻ ۾ مشغول هو، ۽ جنهن کي آئي اڃان ٿورو ئي وقت ٿيو هو. اهڙي مصروفيت جي وقت کيس اطلاع مليو ته ”باشمئچه ڪن“ نالي عرضدار ملاقات جو خواهان آهي. ڪاوڙ مان پڇيائين، ”ڪير آهي؟“ جواب مليس ته ”ڪوئي ڪلارڪ آهي.“ ”ٿورو ترسي نٿو سگهي؟ چئينس ته هينئر مون کي وقت ڪونهي“- پهچ واري ماڻهوءَ واري آخر ڇڙڪ جواب ڏنو. هتي مان ٻڌائڻ گهران ٿو ته ”پهچ واري ماڻهوءَ“ نسورو ڪوڙ هنيو. هن کي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سان ملڻ لاءِ ڪافي وقت هو. هي ۽ سندس دوست حال احوال ڏيئي ويٺا هئا، ۽ جيڪي ڪجهه ڳالهائڻو هون ڳالهائي چڪا هئا ۽ وڌيڪ ڪو خاص موضوع باقي نه رهيو هو، جنهن تي گفتگو چالو رکي سگهن. اجايا يٽ شٽ هڻي رهيا هئا ۽ بار بار هٿ هٿ تي هڻي، چيسن جا ٺڪاءَ ڪڍي، چئي رهيا هئا: ”ته اوئن ائبريمووچ! اها ڳالهه ائين آهي؟“ ”بلڪل جيئن مون چيو، اسٽيمن وارلامووچ.“ سندس دوست گهڻي وقت کان نوڪريءَ تان استعيفا ڏني هئي ۽ ٻهراڙيءَ جو رهاڪو هو. هو فقط پنهنجي دوست کي ڏيکاري رهيو هو ته سندس ڪيڏي نه اختياري ۽ هلندي هئي، جو هڪ ڪلاڪ کي بنا ڪنهن سبب جي هيترو ترسائين، سندس وقت زيان پئي ڪيائين! الغرض جڏهين پنهنجي دل تي ڳالهائي ٻولهائي ٿڪا ۽ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي سگريٽ جا خوب سوٽا هڻي رهيا هئا، تڏهين اوچتو ڄڻ ته ڪا سالن جي وسريل ڳالهه ياد اچي ويس. بيخياليءَ سان سيڪريٽريءَ ڏانهن نهاري چيائين، ”سويل دروازي تي ڪاغذ صحيح ڪرائڻ لاءِ ڪير هو؟“ ٿورو سوچي سگريٽ جو ڦلو چپٽيءَ سان ڪيرائي وري شروع ڪيائين. ”ها ها! ڪوئي ڪلارڪ ملاقات لاءِ ترسيو ويٺو هوندو. سڏ ڪرينس.“ نماڻو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ گهڻو هيسيل ۽ پراڻن ڦاٽل ڪپڙن ۾ ”پهچ واري ماڻهوءَ“ جي حضور ۾ حاضر ٿيو، جنهن ڪڙڪيدار آواز ۾ پڇيس، ”اڙي ڪيئـَن آيو آهين.“ معلوم هئڻ گهرجي ته ”جنرل“ جي عهدي ملڻ کان اڳ ۾ برابر پورو هفتو اهڙي رعبدار آواز ڪرڻ جي هن پنهنجي گهـَرَ جي اڪيلائيءَ ۾ آرسيءَ جي سامهون مشق ڪئي هئي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جنهن تي رعب ۽ دهشت غالب پئجي ويون هيون، منجهي پيو ۽ هٻڪي هٻڪي ڳالهائڻ لڳو. تنهن هوندي به هن کان جيترو ٿي سگهيو، اوترو پنهنجي بيان کي جاري رکيائين ته هن وٽ تهدر نئون اوور ڪوٽ هو، جو هن کان رات جي انڌيري ۾ زوريءَ ڦريو ويو، ۽ هو هاڻي عرض کڻي آيو آهي ته هو ”پهچ رکندڙ شخص“ پوليس جي ڪنهن وڏي عملدار يا ڪنهن ٻئي اختياريءَ واري سان لکپڙهه هلائي، هن جي اوور ڪو ٽ جو تدارڪ ڪري. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي سڌي ملاقات ڪرڻ ۽ درخواست پيش ڪرڻ جو طريقو آفيس جي قاعدي قانون جي خلاف هو، ۽ ”پهچ“ واري صاحب خنڪيءَ سان چيس، ”تون سڌو مون وٽ ڇو آئين؟ توکي خبر نه آهي ته آفيسن جي ڪارروائي ڪيئن هلندي آهي؟ توکي درخواست آفيس ۾ ڏيڻ کپندي هئي، جتان ننڍي ۽ وڏي هيڊ ڪلارڪ ۽ ڊپٽيءَ وٽان ٿيندي سيڪريٽريءَ وٽ اچي ها، جو خودبخود مون وٽ پيش ڪري ها!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سڄو پگهرجي ويو، ۽ نرمائيءَ سان عرض ڪيائين، ”حضور والا . . . . . .“ هو گهٻرايل هو؛ ۽ ڊڄندي ڊڄندي ۽ هٻڪندي هٻڪندي التجا ڪيائين، ”مون سائينءَ جن کي انهيءَ لاءِ تڪليف ڏني . . . . جو . . . . . سيڪريٽري . . . . . . اعتبار جوڳو ماڻهو نه آهي.“ ”پهچ رکندڙ صاحب“ تپي باه ٿي ويو- ”ڇا چيئي؟ وري چؤ. وري چؤ. تنهنجي اهڙي همت! اهڙو خيال توکي ڪئين آيو؟ اڄ ڪلهه جا نوجوان ڪهڙا نه بدتميز ۽ بي فضيلت آهن! پنهنجي آفيسرن ۽ عملدارن جو لحاظ ۽ عزت به ڪانه اٿن.“ ”پهچ وارو صاحب“ شايد اندازو نه لڳائي سگهيو، ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي عمر پنجاهه ورهين کان مٿي هئي، ۽ هن کي فقط ڪنهن ستر ورهين جي پوڙهي کک جي ڀيٽ ۾ ئي نوجوان چئي سگهيو ٿي. سندس غصو وڌي وڌي وڃي چوٽيءَ تي پهتو، ۽ سڄي آفيس کڻي مٿي تي کنيائين. سندس غضب سان اڪاڪي اڪاڪيوچ ته ڇڏيو، پر ساري آفيس ڪنبجي رهي هئي. چوڻ لڳو، ”تون ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين؟ توکي خبر آهي مان ڪير آهيان؟ ڪجهه سمجهه ۾ اچيئي ٿو؟“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. صفا پنڊ پهڻ ٿي ويو. خوف ۾ سندس وار ڪانڊارجي ويا، ۽ ٿاٻڙجڻ لڳو. جيڪڏهين پٽيوالو ڊڪي سهارو نه ڏئيس ها، ته زمين تي وڃي ڦهڪو ڪري ها. هن کي ٽنگو ٽالي ڪري بيهوشيءَ جي حالت ۾ ٻاهر آندو ويو. ”پهچ جو صاحب“ گهڻو خوش ٿيو. هن جي آواز ۾ سچ پچ اثر هو، رعب هو، جو ماڻهو به بيهوش ٿـِي ٿي سگهيو. مشق ڪرڻ ۾ جا تڪليف ورتي هئائين، اها ثاب پيس. سندس محنت اجائي نه ويئي. ٽيڏيءَ اک سان پنهنجي دوست ڏانهن نهاريائين، ته ڏسي ته هن تي ڪهڙو اثر ٿيو؟ دوست کي ڏسي هن کي ويتر اطمينان ٿيو ۽ پاڻ وڌيڪ خوشي ٿيس جو ڏٺائين ته هو به سندس رعب تاب کان خوف زده هو.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو مٿو ڦيريون کائڻ لڳو هو. ڏاڪڻين تان ڪيئن لٿو؟ رستي تي ڪيئن آيو؟- هن کي ڪجهه به ياد نه هو. سندس ڄنگهون ٻانهون ۽ ٻيا عضوا لستا ۽ بيطاقت هئا. هن کي ان کان اڳ ۾ ساري حياتيءَ ۾ ڪنهن به جنرل اهڙي رهڙ ڪانه پٽائي هئي. ٻاهر برفي طوفان لڳي رهيو هو، ۽ هن جو وات ٿڌ ۾ ڦاٽي ويو هو. ڪرندو ٿڙندو ٿاٻڙندو پئي ويو. تان جو هن کي ٿڌ لڳي ويئي ۽ ڪليون سـُڄي پيس- گهر پهتو ته ڳالهائڻ کان ويهجي ويو. وسوڻل منهن ۽ گلي سان وڃي بستر تي ڪريو. ڪڏهين ڪڏهين اهڙيءَ سخت ڇينڀ جو اثر اهڙو اگرو به نڪرندو آهي.

ٻئي ڏينهن هن کي سخت تپ ٿي پيو، ۽ پيٽرس برگ جي آبهوا ۽ ٿڌ ته بيماريءَ کي رهندو وڌايو. ڊاڪٽر آيو. نبض تپاسيائين، مگر بيماري لاعلاج هئي. هن هدايت ڪئي ته مريض کي فقط ٽاڪور ڪئي وڃي، ۽ سو به انهيءَ لاءِ ته مريض کي علاج کان محروم نه ڪيو وڃي، ورنه سندس بچڻ جو آسرو پورو سارو هو. ٻن ڏينهن جي بيماريءَ کان پوءِ ڊاڪٽر ظاهر ڪيو ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي موت سڏي رهيو آهي ۽ هن جي بچڻ جي اميد ڪابه ڪانه آهي. هن جاءِ جي مالڪياڻيءَ کي چيو: ”قصو ختم آهي، ۽ ڪفن آڻائڻ جون تياريون ڪر.“

ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اڪاڪيءَ ڊاڪٽر جا اهي منحوس لفظ پنهنجي ڪنين ٻڌا يا نه؟ جيڪڏهين ٻڌائين، ته سندس دل ۾ هلچل متي يا نه؟ هن کي هن رنگين دنيا کي ڇڏڻ تي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي الوداع چوڻ تي احساس ٿيو يا نه؟ ڇو ته هو سخت بخار ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هو. وهم ۽ ڀوتن جو هن جي دماغ ۾ واسو ٿي چڪو هو. هو وڦلي رهيو هو ۽ پيٽرووچ کي آرڊر ڏنائين: ”پيٽرووچ منهنجو نئون ڪوٽ ٺاهي تيار ڪر. ڪوٽ ۾ پٺا اهڙا رک، جو جيڪڏهين ڪي ڦورو لٽيرا حملو ڪن ته انهن ۾ ڦاسي پون.“ ڪڏهين وهم پئي ويٺس ته چور سندس بستري ۾ لڪا ويٺا آهن، ۽ وٺي رڙيون ٿي ڪيائين- ”چور . . . چور . . . چور . . . پڪڙيو . . . پڪڙيو . . . پڪڙيو!“ رکي رکي جاءِ جي مالڪياڻيءَ کي سڏ پئي ڪيائين ته ”چور سوڙ ۾ لڪا ويٺا آهن. ٽنگ کان وٺي ٻاهر ڪڍين.“ ڪڏهين پراڻو ڪوٽ پئي ياد پيس ”کٿل ٽپڙ منهنجي سامهون ڇو ٽنگيو اٿئي؟ مون نئون اوور ڪوٽ سبرايو آهي.“ ڪڏهين ڄڻ ته جنرل جي سامهون بيٺو هو ۽ هن جي ڦٽ لعنت پئي ٻڌائين ۽ جواب ۾ پئي چيائين: ”حضور والا مون کي معافي ڏيو،“ ۽ تنهن کان پوءِ ته اچي گار گند ۾ پيو ۽ ناشانائتا ۽ بد شد لفظ اچارڻ لڳو. جاءِ جي مالڪياڻي ڪڏهين به اهڙا بڇڙا جملا هن جي واتان نه ٻڌا هئا، اهڙن جملن کان پوءِ ”حضور والا“ جو اصطلاح ضرور پئي ڪم آندائين. پڇاڙيءَ ۾ اهڙيءَ حد تي وڃي پهتو، جو سندس وڦلڻ مان ڪو مطلب ڪو نه پئي نڪتو، ۽ جيڪي به ڀڳل ٽٽل اکر پئي ڳالهايائين، سي سندس نئين اوور ڪوٽ جي باري ۾ پئي معلوم ٿيا. نيٺ مهل پڄي ويئي ۽ پکيئڙو پڃري مان پرواز ڪري ويو. سندس جاءِ کي ڪو ڪلف لڳائڻ وارو ڪونه هو. هو بي سر و سامان، بي يار و مددگار ۽ بي وارث وسيلو دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. هن جي ملڪيت وري ڪهڙي هئي! . . . ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي . . . هڪ پنن جو دستو، ٽي جورابن جا جوڙا، ٻه يا ٽي ٻيڙا، جيڪي سندس پتلون مان نڪتا هئا، ۽ هن جي زندگيءَ جو ساٿي کٿل ٽپڙ جنهن مرڻ تائين ساٿ ڏنس ۽ جنهن مان پڙهندڙ چڱي طرح واقف آهن. اها ملڪيت ڪنهن کي ورثي ۾ آئي- چئي نٿو سگهجي؛ اِن جي مون ڳالهه ٻڌائيندڙن کي به خبر ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته مون ڪنهن کان اهڙي دريافت ڪرڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي آهي. اڄ پيٽرس برگ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کان خالي هو. ڄڻ ته هو ڄائو ئي ڪونه هو. اڄ هڪ اهڙو انسان هن دنيا کان منهن موڙي هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو هو جو بي يار و مددگار هو؛ جنهن جو ڪو عزيز نه هو، جنهن ۾ ڪنهن دلچسي ڪانه ورتي؛ جنهن ڏانهن ڪنهن سائنسدان جو به ڌيان نه ڇڪيو، جيتوڻيڪ هو مک کي سئي جي نوڪ تي رکي خوردبين جي مدد سان اڀياس ڪرڻ ۾ عار ۽ نفرت نه ڪندو آهي؛ جنهن صبر سان ساريءَ آفيس جا چرچا ۽ طعنا سـَٺا، جنهن جي هن وقت وڃي قبر ۾ دفن ٿيڻ لاءِ ڪو بنيادي سبب ڪونه هو؛ جنهن جي ذلت ڀريءَ زندگيءَ ۾ به هڪ رنگينيءَ جو ڪرڻو اوور ڪوٽ جي صورت ۾ پيدا ٿيو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾، جنهن تي قدرت اها مصيبت ڪڙڪائي، جنهن کان شاهن جا شاهه به بچي نه سگهيا ۽ بچي نه سگهندا ۽ اها مصيبت هئي ”موت“!

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آفيس جي بالا آفيس هڪ پٽيوالو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي گهر موڪليو ته هو آفيس ۾ اچي حاضر ٿئي. مگر پٽيوالو اڪاڪيءَ کان سواءِ واپس ويو ۽ وڃي چيائين ته هو اچي نه سگهندو. پڇائونس، ”ڇو؟“ جواب ڏنائين، ”هو بلڪل دور سفر تي ويل آهي، جتان نه ڪو موٽيو آهي ۽ نه وري موٽندو ئي . . . . هن جو ٽي ڏينهن اڳ انتقال ٿي ويو!“ اهڙيءَ طرح آفيس ۾ اڪاڪيءَ جي موت جي خبر ڦهلجي وئي، ۽ ٻئي ڏينهن تي اڪاڪي اڪاڪيوچ جي ڪرسيءَ تي نئون ڪلارڪ ويٺل ڏسڻ ۾ آيو، جو قد جو قداور هو، ۽ جو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ وانگر سڌي سنئين سادي لکپڙهه ڪرڻ وارو نه هو، بلڪ هن جي لکيت مطلب واري، ۽ حرفت سان ڀرپور هئي.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ مري ويو. سندس لاش قبر ۾ دفن ڪيو ويو. مگر سندس قصو اڃا ختم نه ٿيو هو. هن زندگيءَ ۾ نه ڪنهن کي ڏکويو ۽ نه ستايو، ۽ ساري عمر گم ناميءَ ۾ گذاري هئائين. مرڻ کان پوءِ هن جو روح ڀٽڪندو رهيو، ۽ پيٽرس برگ ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڏنائين. ٻار ٻچو، ننڍو وڏو ۽ غريب امير هن جو نالو ٻڌي خوف کان ڪانڊارجي ويندو هو. شايد انهيءَ لاءِ، ته زماني کي معلوم ٿئي ته اڪاڪيءَ نالي به ڪنهن انسان هن دنيا ۾ جنم ورتو هو، پنهنجو وارو وڄائي نيٺ ڪوچ ڪري ويو. پيٽرس برگ ۾ افواهه اٿيا ته ڪالنڪن برج جي آس پاس رات جو ڪنهن ڪلارڪ جي صورت ۾ هڪڙو مردو ڏيکاري ڏئي ٿو، جو چوري ٿيل اوور ڪوٽ جي تلاش ۾ آهي، ۽ جيڪو به اتان اوور ڪوٽ پائي لنگهي ٿو، تنهن کان بغير اميري غريبيءَ جي ڀيد جي، زوريءَ لهرائي ٿو وٺي، پوءِ کڻي ڪوٽ ”ڪئٽفر“ ڪالر سان هجي يا ”بيور“ ڪالر سان هجي، ”رئڪون“ جي کل جي اَستر سان هجي يا لومڙي، ۽ رڇ جي کل جي اَستر سان. هڪڙي آفيس جي ڪلارڪ پڻ مردو پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ سڃاتائين ته هو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هو، ۽ پري کان ڏسڻي آڱر مٿي جهليو کيس ڊيڄاري رهيو هو، ۽ اهو ڏسي هن خوف هراس ۾ وٺي کڙين تي زور رکيو.

چوڌاري دانهن ٿي ويئي. نه رڳو غريبن ۽ گهٽ پگهار وارن، مگر شاهوڪارن ۽ وڏن آفيسرن به شڪايتون ڪيون، ته هنن مردو اڄ هـِتي ڏٺو ۽ اڄ هـُتي ڏٺو، ۽ هنن کان اوور ڪوٽ لهرائي ورتائين ۽ ٿڌ ۾ ڏڪندا گهر پهتا. پوليس کي حڪم پهتا ته تڪليف ۽ پئسي جو خيال نه ڪري، جيئري يا مئل مردي کي ڪنهن به حالت ۾ هٿ ڪن ۽ هن کي چيچلائي چيچلائي مارين، جئـَن ٻين لاءِ سبق ٿئي! پوليس جي ڪوشش ۽ جان فشانيءَ وڃي هڻي هنڌ ڪيو. ڪريو شڪن ۾ پوليس ٿاڻي جي هڪ سنتريءَ اصل وارادت واريءَ جڳهه تي مردي کي وڃي پڪڙيو، جڏهين هو هڪ پوڙهي موسيقار کان، جيڪو پنهنجي جوانيءَ ۾ دل سوز بنسري وڄائيندو هو، برک جي ڪپڙي جو اوور ڪوٽ کسي  رهيو هو. هن مردي کي ڪالر کان جهلي پنهنجن ٻين ساٿين کي هڪل ڪئي، جي به اچي هن سان مددگار ٿيا. اِتي سنتريءَ کي ناس جي ٻاڙ لڳي، ۽ خيال ڪيائين ته ناس جي دٻلي، جا بوٽ ۾ رکي هئائين، ڪڍي، هن فتح جي خوشيءَ ۾ ڪو ناس جو دگاڙو لڳائي؛ سو اهو سوچي، پنهنجي ٻين ساٿين جي حوالي ڪيائين. پر ناس شايد اهڙي ته تکي هئي، جو ان جو تيز اثر مردو به برداشت ڪري نه سگهيو. سنتريءَ اڃا پنهنجي ناسن ۾ ناس جي چپٽي مس لنگهائي ته مردي هنن ٽنهي جي اکين ۾ اهڙي زور سان وٺي نڇ ڏني، جو سندن اکيون پورجي ويون ۽ مردو غائب ٿي ويو- ڄڻ ته هنن مردي کي پڪڙيو ئي ڪونه هو؛ ۽ کين اهڙو ته خوف ٿيو، جو اڳتي جي واسطي هو هن جي ڀرسان به نه ويندا هئا، ۽ صرف پري کان پيا رڙيون ڪندا هئا- ”ڏس! ڏس! هو ٿي وڃيئي. ڀڄ، ڀڄ!“ ۽ مردو هنن گيدين کي وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ ڪالنڪن برچ جي ٻئي طرف کان ڏيکاري ڏيئي، هڪ ڀيرو وڌيڪ ڊيڄاريندو هو، ۽ پوءِ انهيءَ رات هو سندن نگاهن کان غائب ٿي ويندو هو!

اسين وڃي ٻين ڳالهه ۾ پياسين ۽ ”پهچ واري صاحب“ کي بلڪل وساري ڇڏيوسين، جيڪو هن روئداد جو سبب ۽ اڪاڪيءَ جي موت جو ڪارڻ هو. ڌڪ دشمن جو به نه وڃائي. ”پهچ وارو صاحب“ هروڀرو اهڙو برو نه هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي اهڙي زوردار ڇينڀ ڪڍڻ کان پوءِ هن کي گهڻو افسوس ٿيو. هو ايڏو سخت دل ۽ ڪٺور نه هو. آخر ته انسان هو، هن جي دل ۾ به همدردي هئي، رحم هو ۽ انسانيت لاءِ عزت هئي، مگر هن جي وڏي عهدي ۽ بالا عملداريءَ اهڙن احساسن ظاهر ڪرڻ کان هن کي مجبور پئي ڪيو. سندس دوست جي وڃڻ کان پوءِ هو اڪاڪيءَ جي حال تي رحم کائي، هن جي نماڻيءَ حالت تي ويچار ڪرڻ لڳو، ۽ ان ڏينهن کان پوءِ اڪاڪيءَ جو خيال هن جي دماغ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو، هو پنهنجي ڪئي تي پڇتائڻ لڳو. اهڙن ويچارن ۽ خيالن کان تنگ اچي آخرڪار اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڏانهن ڪلارڪ موڪليائين ته ڏسي ته هو طبيعت ۾ ته ٺيڪ آهي، ۽ جيڪڏهين سچ پچ هو هن کي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، ته هو هر حالت ۾ حاضر آهي؛ ۽ پوءِ، ان منحوس خبر، ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ بخار ۽ بيهوشيءَ ۾ مري ويو، هن جي دل ۾ ڪنڊو چڀي ڇڏيو، ضمير هن کي ملامت ڪئي، ۽ هو سارو ڏينهن اداس ۽ بيچين رهيو. خيالات مٽائڻ ۽ غم غلط ڪرڻ خاطر هو شام جو پنهنجي هڪڙي دوست وٽ ڪچهريءَ لاءِ ويو. اتفاق سان هتي سڀ خانداني ۽ شان مانَ وارا ماڻهو ۽ وڏي ڳالهه ته سڀ هڪڙي عهدي جا آفيسر ويٺا هئا. هن گهڻيءَ آزاديءَ سان گفت و شنيد ۾ بهرو ورتو ۽ چرچن گهٻن ۾ هنن سان رلي ملي ويو، جو اڪاڪيءَ کي بيگناهه ڇينڀڻ، هن جي نماڻي صورت ۽ هن جي موت جهڙا ملامت ڪندڙ خيال في الحال هن کان وسري ويا. مطلب ته هن جي شام کلي خوشيءَ ۽ مزي ۾ گذري. رات جو هن شمپين جهڙي اعليٰ قسم جي شراب جا ٻه گلاس پيتا ۽ هن جي اکين ۾ خمار، دل ۾ بهاري، خيال ۾ سڪون، دماغ ۾ بي اوناهي ۽ مـُنهن ۾ خنڪي پيدا ٿي. شراب نيٺ پنهنجو اثر ظاهر ڪيو ۽ هن خيال ڪيو ته اڄ گهر وڃڻ بدران ڪرولينا اوئنونا سان، جا جرمن نسل جي عورت هئي، وڃي موج ماڻي. ڪرولينا اوئنونا سان هن جا ڪافي وقت کان دوستانا تعلقات هئا. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ”پهچ وارو صاحب“ چڱي عمر جو ڪرڙوڍ، مهربان پيءُ ۽ جوابدار مڙس هو. کيس ٻه پُٽ هئا، جن مان هڪڙو سندس ئي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. هڪ سورهن سالن جي نوجوان ڌيءَ به هيس، جنهن جو ننڍڙو نڪ چتونءَ جي چهنب وانگر وريل هو. هوءَ هر صبح جو اچي سندس سلام ڪندي هئي ۽ هٿ چمي چوندي هئي، ”منهنجو پيارو بابا“. سندس زال به اڃا ننڍي نيٽي هئي، ۽ شڪل شبيهه جي به ملوڪ هئي. هوءَ هن کي پنهنجو هٿ چمڻ لاءِ ڏيندي هئي، ۽ بعد ۾ هن جو هٿ چمندي هئي. اهڙيءَ طرح جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي گهر ۾ هر قسم جو آرام ۽ فرحت جو سامان موجود هو، تڏهين به هن اها ضرورت محسوس ڪئي ته شهر جي ڪنهن ٻئي پاڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي معشوقه جو هئڻ لازمي آهي. سندس سنگتياڻي سندس زال کان نه ته عمر ۾ گهٽ ۽ نه وري صورت ۾ موچاري هئي. پر هي ڪو دنيا جو دستور هوندو آهي ته پنهنجي کان پرائي ۾ وڌيڪ مزو هوندو آهي. خير اسان جو ڪم نه آهي ته ڪنهن تي بيهي نڪتي چيني ڪريون. ”پهچ وارو صاحب“ ڏاڪڻ تان لٿو ۽ اچي پنهنجي گسڪڻيءَ گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو، ۽ ڪوچوان کي حڪم ڏنائين ”ڪرولينا اوئنونا جي گهر هل!“ هو قيمتي گرم فر جي اوور ڪوٽ ۾ ملبوس، بيپرواهيءَ ۽ بيفڪريءَ جي عالم ۾ هو، ۽ دماغ تي زور ڏيئي هروڀرو ڪجهه سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ تيار به نه هو، مگر خوشيءَ ڀريان ۽ رنگين خيالات خودبخود هن جي دل و دماغ کي وڌيڪ لطف ۽ فرحت بخشي رهيا هئا. هن کي اهي شام جون دل وندرائيندڙ گهڙيون ۽ اهي دلچسپ اصطلاح ۽ جملا، جن جي ٻڌڻ سندس سنگت جا سڀ يار دوست کلي کلي کيرا پئي ٿيا، وري وري ياد پئي آيا، ۽ اهي محاورا آهستي آهستي چپن ۾ اچاري پاڻ وري وري پئي کليو. واهه جو انهن ۾ مزو ۽ لطف هو! مگر هوا جي ڇوٽ جهوٽن هن کي سخت هلاک ڪيو. هوا جي زور تي برف جا ڳنڍا هن جي مٿان پئي وسيا، ۽ سندس ڪوٽ جو ڪالر هوا سان ڀرجي اٽي جي ڳوڻ وانگر ڦوڪجي پئي ويو،۽ هن جي منهن ۽ نرڙ تي زور سان پئي سٽڪو ڪيائين، ڄڻڪ پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هلچل هلائي ڏني هئائين. ايتري ۾ ”پهچ واري صاحب“ کي ڪنهن پٺيان اچي گردن کان پڪڙيو، منهن ورائي ڏٺائين ته هڪڙو قد جو بندرو ميرن ڪپڙن ۾ ڍڪيل ماڻهو هو. هن کي سڃاتائين ته هو اڪاڪي هو! هيبت ۾ هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا. ڪلارڪ جو منهن اڇو برف جهڙو ۽ سڪل هو، جهڙو ڪنهن مردي جو هئڻ گهرجي. ”پهچ واري صاحب“ جي خوف ۽ هراس جي ڪا حد ئي ڪانه رهي، جڏهين ڏٺائين ته مردو منجهيل لفظن ۾ ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش رهيو آهي. مردو کلي چوڻ لڳو ”ها، ها، ها! ها! سو نيٺ تون منهنجي چنبي ۾ اچي وئين ۽ نيٺ مون توکي ڪالر کان پڪڙيو. مون کي تنهنجو اوور ڪوٽ گهرجي! تو مون کي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو! تو مون کي گاريون ڏنيون! ان جي عيوض پنهنجو اوور ڪوٽ لاه! منهنجي حوالي ڪر!“ ويچارو ”پهچ وارو صاحب“ اڌ مئو ٿي پيو. آفيس ۾ زيردستن تي جيڪڏهين ڪو هن جو ضابطو ۽ رعب ڏسي ها، يا جيڪڏهين ڪو هن جي اُتي جي مردانگيءَ ۽ شخصيت مان واقف هجي ها ته ضرور هن جي ساراهه جا ڍڪ ڀري ها ۽ بي اختيار چوي ها، ”واهه ڪهڙي نه رعبدار شخصيت آهي هن جي!“ مگر هو هن وقت رواجي ماڻهوءَ وانگر ڊپ ۾ ڪنبي رهيو هو. هن هڪدم ڪوٽ لاهي کڻي ڦٽو ڪيو، ۽ ڪوچوان کي رڙ ڪري گهٻرايل آواز ۾ چيائين، ”گاڏي موٽاءِ! هڪدم گهر هل!“ ڪوچوان ”پهچ واري صاحب“ جو آواز جو نمونو بدليل ڏسي، سهي ڪيو ته ڪوئي خطرو آهي، ۽ پنهنجا ڪلها ڪنن تائين ڍڪي، جانورن کي ٻه ٽي چهبڪ وهائي ڪڍيائين ۽ ائين ڀڳو ڄڻ تير ڪمان مان ڇٽو ۽ ڇهن منٽن جي ٿوري عرصي ۾ اچي گهر پهتو. گهٻرايل خوفزده ۽ اوور ڪوٽ کان سواءِ، هو ڪرولينا اوئنونا جي گهر جي بدران پنهنجي گهر اچي نڪتو، ۽ سڌو پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وڃي ڊٺو، ۽ ساري رات حيران ۽ پريشان هو. صبح جو نيرن جي وقت ڌيڻس کي ڪجهه خوف محسوس ٿيو، جنهن پڇيس، ”بابا! ڇو اڄ اوهان لهڪاريل ٿا ڏيکارجو؟“ مگر ڇوڪريءَ جو پيءُ بلڪل خاموش رهيو ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌايائين ته هن سان ڪهڙي ويڌن هئي، رات جو ڪٿي هو، يا ڪيڏانهن پئي ٿي ويو؟ هن واقعي جو هن تي گهرو اثر ٿيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهي هميشه وارا جملا ته ”تنهنجي اهڙي همت؟ توکي خبر آهي ته مان ڪير آهيان؟: تون ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهي؟“ پنهنجي زيردستن سان ورلي ڪم آڻڻ لڳو، ۽ ٻين سان گفتگو ڪرڻ جي وقت، اهي ڪڏهين به استعمال نه ڪندو هو، جيستائين ڪ مسئلي جي ساري حقيقت نه ٻڌندو هو.

هن کان پوءِ مرحوم منشي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو روح ڀٽڪندو نظر نه آيو. شايد جنرل جو اوور ڪوٽ هن کي پورو اچي ويو. پوءِ ڪنهن به اوور ڪوٽ کسجڻ جي شڪايت ڪانه ڪئي. پر تنهن هوندي به ڪي ماڻهو چوڻ لڳا ته مردو اڃان به شهر جي ڏوراهن پاڙن ۾ ڏيکاري ڏئي ٿو. مثلاً هڪڙي دفعي ڪالومنا جي هڪ سنتريءَ مردو هڪ گهر جي پٺ ۾ ڏٺو، مگر ڇاڪاڻ ته هو قدرتاً هاٺيءَ جو ڪمزور هو . . . . ايتري قدر، جو هڪڙي دفعي جيئن هڪڙو سـُوئر ڀر واريءَ جاءِ مان نڪتو، تيئن هن کي داسو هڻي ڪيرائي وڌائين ۽ ڪوچوان، جي ڀرسان بيٺا هئا، هن جي چوڌاري مڙي آيا ۽ خوب چيڙايائونس، ۽ پوءِ هن اهڙي گستاخيءَ جي عيوض هنن کان ناس لاءِ ٻه ڪاپيڪ ورتا، . . . تنهنڪري مردي کي پڪڙڻ جي هو همت نه ساري سگهيو، تنهن هوندي به هو ڳپل پنڌ اونداهيءَ ۾ مردي پٺيان ويو- جيستائين ڪ مردي ڪنڌ ورائي ٺونشو ڏيکاريندي چيس ”ڇا گهرجئي؟“ سنتريءَ جواب ڏنو ”ڪجهه به نه!“ ۽ پوءِ سنتري واپس پنهنجي ماڳ تي موٽي ويو. ايترو سو هو، ته هيءُ مردو مڙيوئي ڪي قدر قد ۾ ڊگهو ۽ وڏين رعبدار مڇين سان هو، ۽ سڌو آيو هو برج پاسي، جيڏانهن شهر جي غريب خلق گهڻو رهندي هئي، وڃي رهيو هو ۽ اوڏانهن ويندي ويندي هو رات جي انڌيري ۾ غائب ٿي ويو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)




No comments:

Post a Comment