Friday, December 4, 2020

انڌير نگري - ممتاز مرزا

انڌير نگري

ممتاز مرزا



ڪاري رات، چئني طرف ماٺ لڳي پيئي هئي. هڪ ڳوٺاڻو ڪلهي تي ڪهاڙي رکيو پئي آيو. قد جو قداور، بدن ۾ ڀريل، ڪارا شهپر، اکيون ڳاڙهيون، هڪ ڀرون هيٺ ٻيو مٿي – تڪڙو تڪڙو پِير صاحب جي اوطاق ڏانهن پئي آيو.

”سائين! ... او سائين!“

”ڪير آهين؟ هليو آ.“

”بادشاهي برقرار!“

”اڙي صالُو آهين! هلي آ ... ويهه نه، بيٺو ڇو آهين. مون تنهنجي ئي پئي واٽ ڏٺي.“


”لک لائق، قبلا، ڪهڙو حڪم آهي ٻانهي لاءِ؟“

”تون ويهه ته – ڪم پيا پوءِ ٿيندا، گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو آهين ... اڙي اوري اچي ويهه، پَٽ تي ڇو ويٺو آهين، - تو سان ڪهڙي ٻيائي آهي!“

”مولا خير ڪريئي ...“

”ڪر خبر، صالو، ڳوٺ جو ڪهڙو حال آهي؟ .. ڇڏ ڇڏ، اجايو زور ڇو ٿو ڏئين!“

”ڀتار، ڪيترن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ خدمت جو موقعو مليو آهي.“

”تنهنجي مرضي. ڀلا، ٻڌاءِ ملڪ جو ڪهڙوحال آهي؟ ٿورو پِنيءَ کي زور ڏي- آ ... او اِتي.“

”دعا آهي تنهنجي، ملڪ ۾ فرحت لڳي پيئي آهي. اڳي جهيڙا جهڳڙا ٿيندا هئا، هاڻي ته ٺاپر لڳي وئي آهي.“

”هون.“

”جئين، سچ نه پڇين ته اهي سڀئي ڳالهيون ماستر جي مهربانيءَ سان ٿيون آهن. واه واه، ماڙهو دلبر آهي!“

”ڪهڙو ماستر- اهو جيڪو نئون آيو آهي؟“

”ها سائين، ڏاڍو لائق ماڙهو آهي. جڏهن کان نه ڳوٺ ۾ آيو آهي، تڏهن کان ... بس ڳالهه ئي نه پڇ، توکي ڇا ٻڌايان!“

”ڪجهه ته ٻُڌاءِ.“

”سائين، اُنهيءَ ڏينهن ڇا ٿيو جو منهنجو پُٽ گلو اشڪول نه ويو: ڇورو جو اشڪول نه پهتو ته ويچارو ماستر از خود مون وٽ ڪهي آيو، ۽ چيائين: ’ادا صالو، اسين سنڌي ماڙهو ائين رهجي وينداسين. ملڪ الائجي ڪٿان وڃي نڪتو آهي، اسين ته جتان هليا هئاسون اُتي ئي بيٺا آهيون. تعليم ڏس ڇاڇا نه ٿي ڪري – ماڙهوءَ کي ڇا مان ڇا ڪيو ڇڏي!‘ سائين، مون کي ڳالهه دل سان لڳي. مون پڇيومانس ته ’منهنجو پٽ تپيدار ٿي سگهندو؟‘ کلي جواب ڏنائين ته ’اها معمولي ڳالهه آهي، تنهنجو پٽ انهيءَ کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو‘. ڌڻي، بس پوءِ ته رت ٽهڪڻ لڳو، ڇوري کي ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍيم. ماستر چيو ته ’ادا صالو، مارڻ اجايو ڪم آهي؛ پيار محبت سان سڀڪجهه ٿي سگهي ٿو.‘ پوءِ سائين، گلوءَ کي ڳڙاٽڙي پائي ساڻ وٺي ويو. اڄ تائين گلوءَ وري نه نٽايو! اڳتي جي خدا کي خبر.“

”ٻيو ڇا چيائين؟“

”چئي گهڻو ڪجهه ٿو، پر ...“

”پر ڇا، صالو، تون يڪدم ماٺ ۾ اچي وئين.“

”سائين، توهين ته ...“

”وري به چپ ٿي وئين، صالو.“

”سائين، اسين غريب ماڙهو، اوهين سر جا سائين، پر اسان لاءِ جهڙا اوهين آهيو تهڙا نه آهيو ....“

”صالو!“

”جي، جئين، ڳالهه سچي ٿو ڪريان، مٺيان لڳيئي ته ڀلي لڳيئي. اَئيءَ ويل تون اسان جي ڪم ڪڏهين به نه ايندين. اڳئين سال جڏهن جمعي جي زال بيمار ٿي، تڏهن هن تو کان ڪجهه قرض گهريو. جيتوڻيڪ هو تنهنجي زمينن تي ڪم ڪندو هو، تو هن کي لتون هڻي ڪڍرائي ڇڏيو، ۽ ....“

”چوين ڇا ٿو!“

”سائين، اسين چور ماڙهو، ڳالهه ڪريون سنئين سڌي؛ دل ۾ ڳالهه رکڻ مردود جو ڪم.“

”صالو، انهيءَ بڪ سان ماستر جو ڪهڙو واسطو؟“

”ٻڌ نه، سائين! اُنهيءَ ڏينهن مموءَ جي ڌيءَ بيمار ٿي پيئي: ماستر به اُن جي ڀرسان رهندو آهي، اُنهيءَ ڏسي چيو ته ڍٻل نمونيا ٿي پيئي اٿس، شهر نه کڻي ويندؤس ته بچندي ڪين؛ مموءَ چيو ته پيسو ڪين اٿم؛ ماستر پنهنجي هڙؤن ٽيهه روپيا ڪڍي ڏنس!“

”ها صالو، اها ڳالهه آهي.“

”بچين، ماڻهوءَ ملوڪ آهي.“

”ماڻهو ته ڀلي ملوڪ هجي، پر ٻي ڳالهه ٻُڌ.“

”جي سائين.“

”خبر اٿيئي ته ماستر ٻيو ڇا ٿو چوي؟“

”هائو، مون کي سڌ آهي: ماستر پيو چوي ٿو ته ’محنت ڪريو، پڙهو لکو‘، ۽ چوي ٿو ته ’حياتي....“

”بس ميان بس، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏ – هاڻي منهنجي به ٻُڌ.“

”حڪم، ٻانهو حاضر آهي.“

”صالو،“

”سائين،“

”اهو ماستر آهي نه...“

”ها، جئين، ماستر ....“

”تو کي ڇا ٻڌايان، تون ته هن جي ساراهه جا ڍُڪ پيو ڀرين، الائجي اعتبار ڪرين يا نه.“

”ڌڻي، باقي اسين تنهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪريون – تون ته اسان جو اَبو آهين! باقي ساراهه جا ڍُڪ، سي ته حق تي ٿو ڀريان. هڪ دفعو ته ڪچهري ڪري ڏسينس!“

”اڙي صالو، اهڙا زور ته نه ڏي .... ٽنگون ٿو ڪڍين!“

”نه سائين، ائين ئي ٿورو موج ۾ اچي ويو هوس.“

”صالو!“

”حڪم، ڌڻي!“

”ٻڌ، صالو، انهيءَ تنهنجي ماستر مون کي .....“

”ها، جئين، منهنجي ماستر ڇا ڪيو؟“

”صالو، هن مون کي ڀريءَ سٿ ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو آهي!“

”گهٽ وڌ! ... ۽ تو کي، جئين! تو غلط سڻيو آهي، ماستر ته ڪنهن کي مٺو ڪين ٿو ڀانئي – پوءِ ڇو نه ڪو هن جو دشمن هجي.“

”انهيءَ جي معنيٰ آءٌ ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟“

”نه سائين، توبهه توبهه، مون ڪڏهن چيو ته تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! جي ائين آهي ته هينئر ئي وٽس وڃان ٿو.“

”ٻڌ، صالو، - ۽ گاريون به ڏنيون اٿس!“

”گاريون ڏيڻ ته ڪميڻن جو ڪم آهي. قبلا، تنهنجي سر جو خير، باقي هن هڪڙي ماستر جي چئي سان ڪو دنيا ته ڪانه پري ويندي!“

”دنيا جي ڳالهه آهي؟ اڙي ميان، هو مردود وتي ٿو ڳوٺ راڄ ۾ اسان کي خوار خراب ڪندو، ۽ اسان جي مريدن کي کاريندو. هن خسيس ماستر جو ٻوٿ ٻڌڻ وارو ڪو آهي ئي ڪونه!“

”بچين، تنهنجي حڪم جي دير آهي، باقي ٻوٿ ته اهڙو ٻڌندوسانس جو تون پاڻ امين ٿيندين.“

”حڪم ڇا ڪريان، اوهان ماڻهن ۾ ڪا غيرت هجي ته ههڙا بيدين هجن ڪٿي؟ غضب ته اهو جو هو وتي ٿو سڄي سادات ذات کي گاريون ڏيندو: چوي ٿو ته اهي پير فقير سڀ ڦورو آهن، مڪار آهن، انهن ۾ ڪجهه به نه آهي، توهين اجايو اچي انهن جي لڙهه لڳا آهيو، پِير پرستي سنڌ جي ماڻهن تي وڏي لعنت آهي: پير نڪما آهن، حرامخور آهن، بدمعاش آهن! ... ٻڌئي، صالو!“

”منهنجو ته رت پيو ٽهڪي .... آءٌ هن کي خفا خون ڪري ڇڏيندس!“

”منهنجو رت پيو ٽهڪي؟ .... تنهنجو ته ماستر آهي نه، - تو کان ڇا پڄندو!“

”بچي مرشد، ٻيا سڀ پوءِ آهن. ماستر آهي ته ڇا ٿيو؟ اهلبيتن کي گاريونڏئي، ۽ اسين ماٺ ڪري ٻڌون – پنهنجي قيام ڪاري ڪريون! اهڙا سوين هجن ته به صالوءَ جي ڪهاڙي مرشدن جي منڪرن جي صفائي ڪندي رهندي!“

”صالو،“

”حڪم ڪر، مرشد! رت پيو ٽهڪي .....“

”۽ ها، خبردار، رت زمين تي ڪِرڻ نه گهرجي! .... رات به ڪاري آهي، اها به تنهنجو ساٿ ڏيندي – پر جئن چنڊ نه اُڀري!“

”اڄ ته چنڊ به ڪونه اُڀرندو – مرشد جو حڪم آهي! ... پر.“

”پر چؤ، .... بيهي ڇو رهين؟ ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“

”............“

”ڇا پيو سوچين، صالو؟“

”ماستر کي هڪ نينگري به آهي، قبلا.“

”نينگري؟“

”هائو.“

”عمر ڪيڏي اٿس؟“

”آءٌ ڀانيان ٿو سامايل آهي.“

”سامايل آهي؟ پوءِ ته ٺيڪ آهي! .... تون هاڻ جلدي وڃ.“

”چڱو، مرشد، دعا ڪجانءِ.“

”الله تهار!“

”ٻيڙائي پار!“

”پيرين پئي، موڪلائي، صالو هليو ويو. پير صاحب هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جو رات جي گنڀيرتا ۾ گم ٿي ويو.چئني طرف موت جهڙي خاموشي هئي، جنهن ۾ ڪنهن دردناڪ حادثي جو اشارو هو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۲-۱۹۵۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment