Tuesday, December 8, 2020

ڪني آڱر- نسيم کرل

ڪني آڱر

نسيم کرل



وڏيري نور محمد خان جي ڌيءَ رات اوچتو بيمار ٿي پيئي هئي، سو ڳوٺ جون زائفون پڇڻ آيون هيس. نينگري سـَوَڙ ۾ ويڙهِي سيڙهِي سمهي پيئي هئي. ڪي زائفون مٿن کان ڪي پيرانڌيءَ کان ويٺيون هيس، ۽ ڪن کيس زور پئي ڏنا، ته ايتري ۾ پڦي نوران لمڪا ڏيندي اچي نڪتي. چيلهه تي هٿ رکي، زائفن ڏي منهن ڪري چيائين، ”ٻيو ٻڌو!“

”ڇا؟“ ٻن ٽن زائفن جي وات مان نڪتو.

”زينب کي پوليس ٻَڌي ويئي!“

”هان!“ زائفن جا وات ڦاٽي ويا. پيِلا پيِلا ڏند ڏيکاريون ڏيڻ لڳا.


وڏيري جي ڌيءَ جا اڳي ئي پيِلي ٿي ويئي هئي، تنهن جو ويتر رت ڇڏي ويو. ويچاريءَ سوَڙ کي ڇڪي کڻي مٿان وڌو. ان کال اڳ ته ڪا زائفان پڦيءَ نوران کان ان جو سبب پڇي، نانيءَ حاجل ناس جي دٻلي وَرَ مان ڪڍي ان کي آڱر سان ٺهڪائيندي پڇيو، ”ڇو؟“ ان ’ڇو‘ تي سڀني پنهنجون اکيون کڻي پڦي نوران ۾ کپايون. وڏيري جي ڌيءَ به سوڙ ۾ چـُرپـُر ڪئي – هن کي به شايد سبب ٻـُڌڻ لاءِ آنڌ مانڌ هئي.

”ٻار ڄائو هوس، ڪوڏر سان کڏ کڻي پوريائين پئي، ته ڪنهن مـُڙ سالوءِ ڏسي ورتس ۽ وڃي ٿاڻي ۾ رپورٽ ڪيائين.“

ائين چپ ٿي ويئي، ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو هو. وڏيري جي ڌيءَ به چرڻ پرڻ ڇڏي ڏنو؛ صفا پِنڊ پهڻ ٿي ويئي. وري به شابس نانيءَ حاجل کي، جنهن ناس جي چپٽي کن نڪ کي ڏيئي، پنهنجي هوش کي جاءِ ڪيو.کٽ تي سري جاءِ ڪيائين: ”آءٌ، نوران، هت ويهه؛ سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌاءِ.“

”نه، ماسي، ويهڻ جي واند ڪانهي، گاهه تي ٿي وڃان.“ پڦيءَ نوران وڏائي ڪئي.

”گهَڙي ته ويهه، ڇوري!“ مـُلياڻيءَ پنهنجيءَ عينڪ جا ڌاڳا ٺاهيا.

پڦيءَ نوران به هاڻي ڳالهه کي چڱيءَ طرح ٻڌائڻ کانسواءِ وڃڻ واجب نه سمجهيو، سو ويهي رهي.

”ڇا ٻڌايانءِ، ماسي،“ پڦيءَ نوران ڳالهه کي لانڍ سان شروع ڪيو: ”جماندار اهڙي مار ڏنيس، اهڙي مار ڏنيس، جو منهنجي توبهه..... ڄُنڊا ئي ڄـُنڊا پَٽيائينس!“

”ڇو نه ماريندس جماندار، اهڙو ڪم ته ڪسبياڻين کان به نه پڄي!“ صفوران اندر جو ساڙ ڪڍيو.

”پر مائي اها به بدنامي، اوڙي پاڙي وارا ٻڌي ڇا چوندا!“ حاجل چيو.

”ڀلا اڳي گهٽ بدنامي هئي ڇا؟ ڪاٿي رهي نصرپور، ڪاٿي رهي خميسي جي وانڍ! سڀني کي ته سندس افعالن جي خبر هئي.“ مـُلياڻيءَ ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.

مـُلياڻيءَ جي ڳالهه سورهن آنا سچ هئي. تر ۾ گهڻو ڪري سڀ کي سندس افعالن جي ڄاڻ هئي. ڀلا ڳوٺ جو ڪهڙو ڳڀرو جوان هن کان بچيل هو. هن جنهن سان به هڪ حرف ڳالهايو، يا ڇـَڙي اک ملائي، ته چندر جي رڪارڊ مصداق ان جي منٽن ۾ صفائي ٿي ويندي هئي؛ ۽ پوءِ اهو همراهه پنهنجن مائٽن کان ميلي جي بهاني ڳچ ڏوڪڙ وٺي، يا پيءُ کان چوريءَ پنهنجي اَن جي ٻار مان ڪجهه حصو کلومل جي حوالي ڪري، پر جي ائين به نه پڳو ته ڀرواري ڳوٺ مان ڪنهن جي وڇيري ڍڳي ٻڌي مهاديءَ واري کي اڌ قيمت ۾ ڏيئي، شهر ۾ هن لاءِ شبن ململ جا گهَگهرا ۽ ملائي جون سٿڻون سبرائيندو نظر ايندو هو. اهي سوکڙيون عطر ۾ ٻڏل سائي ڳاڙهي ريشمي رومال ۾ ٻڌي، زينب ڏي موڪلبيون هيون؛۽  ان جي جواب ۾،  ’چنڊ لـَٿي‘ يا ’ڪڪڙن جي پهرئين دس وقت‘ملڻ جو انجام ايندو هو. پوءِ اهي ملاقاتون ان وقت تائين پيون هلنديون هيون، جيستائين ان همراهه جي پيءُ کي پنهنجيءَ ٻار ۾ کوٽ نظر نه ايندي هئي، يا جيستائين ان ڍڳي وڇير جو مالڪ ڍور سڌو ڪري، باڪو وٺي، همراهه جي گهر جو در نه اچي جهليندو هو. زينب جي مـُئي پيءُ – ماءُ کي شدمد سان گاريون ڏيئي، اها چٽي ڀربي هئي. ان همراهه جي جيڪڏهن شادي ٿيل هوندي هئي، ته جوڻس جا مهڻا ئيکيس هميشه لاءِ توبهه ڪرائي ڇڏيندا هئا؛ نه ته ٻيءَ حالت ۾ پيِر مٺل شاهه سائينءَ کي ميڙ ڪري ان همراهه لاءِ برادر مان سنڱ وٺبو هو. ٻن ٽن هفتن اندر ان گهر مان شاديءَ جا لاڏا ٻـُڌجڻ ۾ ايندا هئا. همراهه نئينءَ ننڍيءَ ڪنوار کي هٿ ڪري خوش ٿي ويندو هو، ۽ زينب ان کان آسرو پلي ڪنهن ٻئي ڳڀرو جوان کي پاڻ ڏي ساهيندي هئي. ائين تعداد وڌندو رهيو. وڏيري جي وڏي ڪمدار ايوب ته هڪ ڏينهن ’نور مٺي‘ جو قسم کڻي چيو هو ته ڳوٺ ۾ ٻن ٽن گهرن کانسواءِ ڪو اهڙو گهر بچيل ڪونهي، جو زينب جي مرڻ بعد سندس جنازي کي ڪلهو ڏيئي سگهي. اها ڳالهه ٻڌي زينب کي جيڪو شرم آيو، اهو ته خير رهندو. پنهنجي ساهيڙيءَ ڪريمت کي، جا ٿورين گهڻين پارين پاڻ جهڙي هيس، ڏند ٽيڙي چيو هئائين: ”اميد آ الله ۾ ته اهي ٻه ٽي گهر به نه ڇڏينديس!“

سندس بدچاليءَ ڪري ڳوٺ جي ڪنوارين ۽ جوان زائفن کي سندس گهر وڃڻ ته پري رهيو، پر ساڻس ڳالهائڻ جي به منع ڪيل هئي. جي اتفاق سان گاهه ڪندي يا پَلي پَٽيندي ڪنهن ڇوڪري جو روح سٽ ڏيندو هو، ساڻس به حرف ڳالهائيندي هئي، ۽ خدا به ڪري خير، جي اها خبر ان ڇوڪري جي ڪنهن وڏي ڀاتيءَ کي پوندي هئي، ته گهڙي کن ان گهر ۾ ٻرڙاٽ ٻڌبو هو، ۽ڇوڪري گيسيون ڪري توبهه ڪندي هئي. ويچارا مائٽ به ايترو خيال ڇو ڪن؟ ڪريمت جومثال سندن اڳيان هو. زينب سان ساهيڙپ رکڻ کان اڳ هو ڏاڍي شريف ڇوڪري هئي،مجال جو ڪنهن مرد ماڻهوءَ سان اک کڻي ڳالهائي؛ پر جڏهن کان زينب جي صحبت ۾ آئي ته کري خراب ٿي پيئي. اهڙيءَ ڳالهه کان پوءِ، ڳوٺ جي پرين مڙسن کي نانگ ته ڪو نه کاڌو هو جو پنهنجين جوان جماڻ زائفن کي زينب ڏانهن وڃڻ ڏين!

زينب عمر جي اڌ، رنگ جي سانوري هئي. سندس چپ مساڳ هڻڻ ڪري هميشه ڳاڙها نظر ايندا هئا. پنجن ٻارن جي ماءُ هئي. چار ته پنهنجن نالن سان سڏبا هئا، پر پنجون ’منڊو منڊو‘ ڪري سڏبو هو. ان ويچاري کي به الله منڊو ڪيو پر زينب ڪيو. ڳالهه ٿِي هيئن، ته راند کيڏندي پٽهنس هڪ يتيم ڇوڪري کي مار ڏني. اهو ڇوڪر روئندو وٽس آيو ۽ کيس دانهن ڏنائين. ٻارن جي فطرت، گهڙيءَ ۾ وڙهڻ گهڙيءَ ۾ پرچڻ. ڀلا ان ۾ ڪهڙو قياس ٿو ٺهي؟ پر هن پنهنجي پٽ کي اچي ڏنڊن سان ورتو. ڪي ڌڪ رحماني ڪي ڌڪ شيطاني؛ وري ٻار جو به ڪهڙو قوت .... لڳي جو ڇوري کي او لو ڌڪ، ته ڄنگهه سـُڄي هِت ٿي وئي! ڪنڀر ڏاڍيون لـپريون ٻڌيون پر ڄنگهه ڪا نه ٺهي، ڇوڪر هميشه لاءِ منڊو ٿي ويو. سندس ٻارن جا رنگ به عجيب هئا. ڪي ڀـُورا باهه جهڙا، ته ڪي ڪارا ٺڪر. انهن ٻارن جي نسل بابت هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ڪريمت کي ٻڌائيندي هئي. مثال طور، جڏهن کيس پريل ڄائو هو ته ڪريمت کانئس پڇڻ آئي هئي. ڇوڪري کي ڏسي چيو هئائين، ”ڇوري پٽ ته واه جو ڄڻيو اٿئي!“ زينب کلندي جواب ڏنو هو، ”ڇو نه سهڻو هوندو، پڻس به ته سهڻو آهي!“ ۽ پوءِ ڪريمت کي ڪن ۾ ٻڌايو هئائين ته صديق سان رستي رکڻ بعد مهيني اندر ئي کيس پيٽ ٿيو هو. ڪريمت کي اها ڳالهه دل سان لڳي هئي، جو صديق ڳوٺ جي ٺاهوڪن جوانن مان هڪ هو. اهڙيءَ طرح، جڏهن کيس فريد ڄائو ته هن ڪريمت کي چيو هو، ”مڙئي ليک لکيل هو، ادي ڪريمت، نه ته امين ڪو منهنجو هيسي جيسي هو! هي ڇورو به هن تي ويو آهي.“ وري نفرت سان ڀر ۾ سمهيل فريد کي ڏسي چيو هئائين رنگ کي ته ڇڏ، جو مان به سانوري آهيان، پر منهن جي تختي ۽ چُنجهين اکين کي تڪي ڏسينس ته سـُود امين آهي!“ ڪريمت ٿوري دير ڇوڪري کي تڪي چيو هو، ”هائو ڙي برابر، تر به ماريي امين مان نه لاٿو اٿس!“ ڪريمت جو جواب ٻڌي، زينب پِچڪ ڪري زمين تي ٿـُڪ اڇلائي هئي. ڪريمت کي خبر هئي ته زينب اها ٿڪ زمين تي نه پر حقيقت ۾ امين جي زال صفوران جي منهن تي اڇلائي آهي، جو هوءَ ان وقت زينب سان گڏ هئي، جڏهن صفوران زينب کي پنهنجي کوهيءَ تان پاڻي ڀريندي گاريون ڏنيون هيون ۽ زينب ماٺڙي ڪري، بادشاهه پير دستگير جو قسم کڻي، ڪريمت کي چيو هو ته هوءَ صفوريءَ کان انهن گارين جو ضرور پلئه وٺندي.... تان جو زينب امين جهڙي ڪاري ر ُم سان رستو رکي کيس اهڙي ته مار ڏياري هئي، جو ڪيترا ڏينهن هوءَ کٽ تي پئي هئي.

زينب جو مڙس خدا بخش ويچارو جيستائين جيئرو هو، تيستائين هن پنهنجيءَ زال کي سمجهائڻ کان نه گهٽايو. هن گهڻا ئي ڀيرا زال کي انهن افعالن تان ماريو هو، هڪ ڏينهن ته ڪهاڙيءَ سان کيس صفا خون پئي ڪيائين پر زينب جي رڙين تي همراهن اچي کانئس ڪهاڙي کسي. مٽن مائٽن جي صلاحن جي باوجود هن زال کي طلاق نه ڏني. ڳالهه اصل هيئن هئي ته زينب جي نالي سرڪاري رڪارڊ ۾ ڏهه جريب زمين هئي، جا خدا بخش آباد ڪندو هو. جي زال کي طلاق پئي ڏنائين ته اها زمين به پئي هٿن مان وئيس. مڙئي دڙڪي داٻ ۾ ڪم ٽپائيندو پئي آيو – تان جو وڃي پنهنجي ڏيهه پهتو. مڙس جي فوت ٿي وڃڻ بعد زينب کي ويتر ڇوٽ ملي ويئي. اهي ئي حال، ا ُهي ئي افعال. البت اولاد جي خواهش سو ڇڏي ڏنائين. ڪجهه داين جي صلاح، ڪجهه دوائن جي مدد – مڙيئي ڪم ٽپندو پئي آيو.

”پر، پڦي نوران، ادي خدابخش کي گذري به ٻه ٽي سال ٿيا، تنهن بعد هوءَ هميشه ان ڳالهه جو خيال رکندي هئي. ايترن سالن ۾ کيس ڪجهه نه ٿيو، ۽ هاڻي اهو وري ڪيئن؟ مون کي ته ڪا ٻي ڳالهه ٿي نظر اچي.“ هڪ زائفان عقل ويڙهايو.

وڏيري جي ڌيءَ سوڙ مان منهن ڪڍيو. سڄي پگهر ۾ وٺجي ويئي هئي.

”مائي، اهو قدرت جو ليک آهي، جنهن کي نه دايون ٽاري سگهنديون نه دوائون.“ ناني حاجل مولوي ڪهاڙي جي انداز ۾ چيو.

”پر، ماسي، پاڻ به سچي ڪئي اٿس ته ٻار سندس آهي!“ پڦي نوران چيو.

وڏيري جي ڌيءَ اهو جملو ٻڌي ٿڌو اونهو شوڪارو ڀريو – ائين، ڄڻ هن جي سيني تان ڪو بار لهي ويو هجي؛ پر سندس اکيون ڪنهن عجيب احساس جو اظهار ڪرڻ لڳيون، ڄڻ هن جي ڪا املهه شي وڃائجي ويئي هجي – ڪا اهڙي شيءِ، جا هن جي پنهنجي وجود جو حصو هجي.

گهڙي کن ماٺ ڪري، پڦيءَ نوران وري ڳالهه کي چوٽ چاڙهيو:

”هڪڙي سپاهيءَ پئي چيو ته ست سال ٽيپ ملنديس.“

”ست سال!“ هڪ زائفان کان چيِٽ نڪري ويئي.

وڏيري جي ڌيءَ جون اکيون به اهو ٻڌي ڀرجي آيون. وري گهڙي کن سانت ٿي ويئي.

”هڪ ڳالهه ۾ ته اهو چڱو ٿيو، ناني مـُلياڻي!“ هڪ زائفان چيو.

”ڪهڙيءَ ڳالهه ۾؟“

”زينب کان جند ته ڇٽي پئي!“

”ها، اها ڳالهه چئه؛ هوئن به ڪِني آڱر وڍي ڀلي!“

وڏيري جي ڌيءَ شور مان ملياڻيءَ کي ڏٺو. سندس ذهن ۾ ور ور ڪري ’ڪني آڱر‘ جا لفظ ڦرڻ لڳا. هن سَوڙ کي ڇڪي کڻي پنهنجي مٿان وڌو. هن جي اکين مان شڪر گذاريءَ جا ڳوڙها وهي، وهاڻي کي پسائڻ لڳا. هن جي چپن ڀڻڪيو“: ”زينب، ماسي زينب.....!“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment