Tuesday, December 8, 2020

هڪ سج، هزار پاڇا - سراج

هڪ سج، هزار پاڇا

سراج



ننڊ مان اٿندي ئي هن کي خيال آيو ته ڏهين بجي ”شيزان“ ۾ يارن سان يٽ شٽ هڻڻ جو انجام آهي. شيزان، - گلابي ساڙهين، نيلگون غرارن، ۽ انڊلٺ جي رنگن وارن فراڪن ۽ اِسڪرٽن جي هوٽل! اکيون مهٽي هو اٿي ويٺو، ۽ گهڙيءَ  لاءِ وهاڻو پٺن کي ڏيئي اڌ ليٽي پيو. هن جي اها عادت هئي ته کٽ ڀت سان ملائي ڇڏيندو هو، ۽کٽ جي ٻئي پاسي کان ڪرسي رکي ڇڏيندو هو. هن کي هميشه اهو ڀؤ هوندو هو ته رات جو ليٽندي پيٽندي کٽ تان نه ڪري پوي! ننڍي هوندي هن جي ٻن حرڪتن کان سندس ماءُ هميشه نالان هوندي هئي: هڪ ته هو ننڊ ئي ننڊ ۾ پاسا ورائيندو، بازوليون پائيندو، ٿا اچي کٽ تان هيٺ ڪرندو هو – هڪ ڀيري ته مٿي ۾ اهڙو ڌڪ لڳس جو نرڙ ۾ ڳوڙهو ٿي پيس، ۽ نيِل پئجي ويس؛ ٻيو ته جڏهن صبح جو ماڻس هنڌ ويڙهيندي هيس، سڄو هنڌ آلو ڀَت ُ ٿيو پيو هوندو هو. ان تان پڻس توڙي ماڻس ڪيترا ڀيرا مارون به ڪڍيس. پر جيئن مارون پونديون هئس، تيئن هنڌ وڌيڪ پـُسندو هو - ۽ تيئن وڌيڪ مارون کائيندو هو. اهو سلسلو گهڻا ئي سال جاري رهيو. کٽ تان ڪرڻ جو علاج ته اهو ڪيائونس جو پَٽ تي سمهارڻ لڳس؛ پر هن جي جسم ۾ ڪا ڀونئري کـُتل هئي جو صبح جو جڏهن ماڻس اٿندي هئي، تڏهن کيس هنڌ کان ڪم از ڪم ڏهه فوٽ پري، مٽيءَ ۾ اونڌو ستل ڏسندي هئي.


بستري تي ائين آڏو ليٽندي، هن هٿ وڌائي ڪرسيءَ تي رکيل پَنَ جي ٻيڙي کڻي دکائي. سـُوٽو هڻي، وات چٻو ڪري، هو دونهين مان ڇَلا ٺاهڻ لڳو. هن کي دونهين جا ڇلا ٺاهڻ ’منصور‘ سيکاريا هئا. منصور کيس اهو به ٻڌايو هو ته ”فرائڊ“ جي قول موجب ٻيڙي يا سگريٽ ڇڪڻ، ۽ خاص ڪري دونهين مان ڇلا ٺاهڻ ’سيڪس‘ جي ’سبليميشن‘ يعني لاشعوري لذت آهي. ’منصور به عجيب شخص آهي!‘ هن سوچيو. منصور هن جو بهترين دوست هو. ٻنهي جا خيال به هڪٻئي سان ٺهڪندڙ هئا. ٻئي هڪٻئي سان همدردي ڪندا هئا. مثال طور، هن کي منصور جي ’گرل فرينڊ‘ وارو معاملو ياد آيو. جڏهن ڪلفٽن واريءَ پـُل جي ڀت تي ويهي، منصور پنهنجي مخصوص انداز ۾ پنهنجن معاشقن جو ذڪر ۽ ناڪاميءَ جو ماتم ڪندو هو،  تڏهن هن کي مٿس رحم اچي ويندو هو، - ۽ کيس پنهنجو مثال ڏيئي سمجهائيندو هو ته زال ذات ۽ بيوفائي ٻئي هڪڙيءَ مصدر مان نڪتل آهن، ان ڪري هن کي پنهنجين ناڪامين کي خاص اهميت ڏيڻ نه گهرجي. منصور انهن صلاحن جي عيوض هن کي اڪثر فلمون ڏيکاريندو هو، ۽ هوٽل جا بل به هو ئي ڀريندو هو – جيتوڻيڪ اهڙن موقعن تي هو پنهنجيءَ پتلون جي کيسي ۾ هٿ وجهي منصور اڳيان اهڙي ڏيکائي ڏيندو هو ته هو زوراوري ڪري بل ٿي ڀري، - ڪڏهن ته هن کي به بل ڀرڻ جو موقعو ڏئي! منصور ڪجهه فتحيابيءَ جي مرڪ چپن تي آڻي بل ڀري ڇڏيندو هو، ۽ چوندو هو – ”يار، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي.“

خيالن ۾ ٻيڙي ئي وسامي ويئي هيس. ماچيس کڻي دکائڻ جو خيال ڪيائين، پر ماچس ۾ تيلي ئي ڪا نه هيس. خارن مان بسترو ڇڏي اٿي کڙو ٿيو، ۽ ٽوال کڻي وهنجڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. نل تي ڪافي ماڻهو انتظار ڪري رهيا هئا. هي به وڌي اچي نل تي بيهي رهيو. هو نل تي موجود ماڻهن کي سڃاڻندي به ڪو نه سڃاڻندو هو. هو هنن کي ’لفٽ‘ ئي ڪو نه ڏيندو هو. ڪٿي هي پڙهيل ڳڙهيل اَڇن ڪپڙن پائڻ وارو سکر ماڻهو، ۽ ڪٿي هو رڪشا ڊرائيور، بار ڍوئيندڙ لاچار هِت ’گوليمار‘ ۾ ويهين روپئي تي ڪمرو اچي ورتو هئائين. پاڙي جي سمورن ماڻهن کي به اها خبر هئي ته هو هڪ وڏو صاحب هو، سنڌ ۾ پنهنجون زمينون هيس، پنهنجا باغ بنگلا هئس، هت رڳو جاءِ نه ملڻ ڪري اچي ڪمرو ورتو هئائين، ۽ ڪا چڱي جاءِ ملڻ سان هڪدم هتان ڇڏي ويندو.

هنن ماڻهن جي جسمن تي نظر پوندي ئي هن کي بڇان اچڻ لڳي. ڪارا ڪلر جهڙا بدن، جن تي مَر جا تهه چڙهندا ٿي ويا؛ منجهن پگهر جي اهڙي بوءِ هئي جو هن ٽوال کڻي نڪ تي رکيو؛ ۽ وري پاڻ ۾ چرچا ڀوڳ تي ڪهڙا ڪِنا ٿي ڪيائون! خاص ڪري جڏهن ”ڪلو“ رڪشا ڊرائيور وهنجڻ ايندو هو، ته سڀني لاءِ موج مچي ويندي هئي. ڪلو سورنهن – سترهن سالن جو ڇو ڪراٽ هو؛ پنهنجيءَ ماءُ، ننڍڙيءَ ڀيڻ، ۽ هڪ ننڍي ڀاءُ سان هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ رهندو هو. ڪلو نل هيٺان ويندو هو ته سڀني جو مَڪو مچي ويندو هو – ”هاءِ قربان“، ”صدقي“ جا هوڪا اچڻ لڳندا هئا. ڪلو کلندو، کين گاريون ڏيندو، وهنجندو رهندو هو. ۽ هو سوچيندو هو ته ڪيڏا نه ڪريل آهن هي ماڻهو – نيچ طبقي جا جوٿيا! ۽ هو ڪلو... ڪيئن نه پيو ٽهه ٽهه ڪري کلي، ڄڻ ته ڀينسان ڪا رنڊي آهي جا پنهنجن يارن جي چرچن تي کلي پئي خوشي ٿئي!‘

آخر سندس وارو آيو. ’لڪس‘ صابڻ جي چڪي کڻي جڏهن هو نل طرف وڌيو، تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سڀني جون نگاهون صابڻ جي اڇيءَ اڇيءَ چڪيءَ تي کپي وئيون آهن. هن سندن مَر چڙهيل اگهاڙن پـُٺن ۽ چِيڙهه ٿيل وارن کي ڏسي دل ئي دل ۾ چيو: ”هونهه، لڪس جهڙو اٿن منهن! سڄي گوليمار ۾ ڪنهن ڏٺي به ڪا نه هوندي!‘

جڏهن وهنجي پنهنجي ڪوٺڙيءَ ڏانهن هلڻ لڳو، ان وقت تائين پاڙي جا ٻار به اٿي چڪا هئا- ۽ سندس ڪمري کان ٿورو ئي پر ڀرو گٽر جي منهن تي قطار ڪري ضروري حاجت کان فارغ ٿي رهيا هئا، ۽ هڪٻئي کي ننڍڙا ننڍڙا پٿر به هڻندا ٿي ويا. هن جو نڪ ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو. روزانو هو اهو نظارو ڏسي تپي باهه ٿي ويندو هو. پر هن پاڙي ۾ هو ڪجهه ڪري به ته نٿي سگهيو! گهرن ۾ ڪاڪوس ته هئا ڪو نه؛ هر جهوپڙيءَ جي پاسي کان ڳوڻين ۽ٽپڙين مان ٺهيل ڪاڪوسن کي ته زالون استعمال ڪنديون هيون، ۽ مرد ماڻهو ميونسپالٽيءَ جي ڪاڪوسن تي قطار لڳائي بيهندا هئا - ۽ ٽڪو ڏيئي جان آزاد ڪندا هئا. خود هن کي به قطار ۾ بيهڻو پوندو هو، پر ”موتي“ ڀنگيءَ سان سندس چڱي ڏيٺ – ويٺ ٿي ويئي هئي، ۽ ٽڪي بدران آنو ڏيئي، ستت ئي جند آزاد ڪري موٽندو هو.

پنهنجي ڪمري ۾ پهچي، هن پتلون ۽ بـُشرٽ ڪڍي پاتي. بشرٽ خاص ولايتي چيز هئي. مٿس موٽر، لاريون، هوائي جهاز- مطلب ته سڄي ولايت ڇـُريل هئي. ۽ جڏهن اها بشرٽ پائي نڪرندو هو، تڏهن سندس قدم زمين بدران هوا ۾ هوندا هئا. هو ائين سوچيندو هو ته گوليمار ته ڇا، شهر جي فئشن جي مرڪز ’ايلفي‘ گهٽيءَ جون سموريون محبوبڙيون کيس ٽيڏيءَ اک سان پيار ڀريل نظر سان ڏسڻ لڳنديون هيون؛ پر هو بم رکي، پاڻ وڌيڪ آڪڙ منجهان هلڻ لڳندو هو. جڏهن مهيني اڌ کان پوءِ شهر جي سڀ کان مهنگي ڌوٻيءَ، ”نِيـُو وي“، کي ڌوئڻ ڪاڻ ڏيندو هو، تڏهن هڪ معنيٰ ڀريءَ مرڪ سان کيس هدايت ڪندو هو ته سندس بشرٽ ڏاڍي قيمتي هئي، ان ڪري ذرا زياده خيال سان ڌوئي.

بشرٽ پائي، هن آرسيءَ ۾ پنهنجي سراپا تي هڪ پسنديدگيءَ جي نظر وڌي، ۽ ڦڻي کڻي وارن ۾ گل ڪڍڻ لڳو. وارن تي هن کي خاص ناز هو. هن کي نئين اِسٽائيل، نئين طرز جي گلن ڪڍڻ ۾ خاص ڪمال حاصل هو. خود منصور به کيس هڪ ٻه دفعو چيو هو ته هن جا وار غضب جا هئا؛ ۽ خود سندس گرل فرينڊ هڪ ڀيري پري کان هن کي ساڻس گڏ ويندي ڏسي، کائنس ٻئي ڏينهن تي پڇيو هو: ”منصور، ۽ اهو ڪالهه توسان ’لولِي هيئر اِسٽائيل‘ وارو ڪير هو؟“ اها ڳالهه جڏهن هن ٻڌي هئي، تڏهن سندس سينو ٻه انچ وڌي ويو هو.

وارن کي اڳيان ”ڪِريم رول“ وارو گهُنڊ ڏيئي، ساڌاري، هو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتو. رستي تي ملباريءَ جي هوٽل تي اچي هن ناشتو ڪيو – مَسڪا بند، ۽پوڻا چانهه. چانهه پي هو ملباري سيٺ کان اڌ پاڪيٽ سگريٽ ۽ ماچيس وٺڻ ۾ لاءِ اچي مانڊڻيءَ تي بيٺو. پر اڄ ملباري سيٺ کي الائي ڇا ٿيو هو – شايد گهر ۾ جوءِ ڪي جوتا بڇيا هئس، سو هن کي ڏسندي ئي چئي ڏنائين: ”سيٺ، گذريل مهيني جا پئسا اڃا نه ڏنا اٿوَ، اڄ ٻيو مهينو به اچي پورو ٿيو آهي: اڄ شام جو جيڪڏهن مون کي پيسا نه مليا ته پوءِ نه ماني ملندوَ، نه سگريٽ!“ هو حيرت مان ملباري سيٺ جو منهن ڏسڻ لڳو. هن کي مٿس سخت ڪاوڙ اچي ويئي. هن جي اها همت جو هو هن سان اهڙي نموني سان ڳالهائي! پر ڪجهه سوچي، سگريٽ جو اڌ پاڪيٽ ۽ ماچيس کڻي هو اڳتي وڌيو، ۽ اچي بس لاءِ قطار ۾ بيهي رهيو. بس لاءِ ڪيترائي ماڻهو اوسيئڙو بڻيو بيٺا هئا. هن سوچيو، آچر ڏينهن به ايتري رش!

’شيزان‘ ۾ سڀ دوست اچي ڪٺا ٿيا هئا – منصور، شيخ، رشيد ۽ صديقي. شيزان ۾ قدم رکڻ سان سڀني گڏجي رڙ ڪئي، ”هَلو، راج!“ هن کي سڀ دوست ’راج ڪپور‘ سڏيندا هئا- هونئن سندس نالو به ته راڄو خان هو.

”يار، ڏاڍو انتظار ٿو ڪرائين!“ منصور کيس ڪرسي آڇيندي چيو.

”ڀائو، ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين؛ اڄ منهنجي ’گرل فرينڊ‘- اڙي ساڳي ’مولانا‘، ضد ڪرڻ لڳي ته ’مارننگ شو‘ واري فلم ڏيکار. مس مس جان ڇڏائي پهتو آهيان. چيومانس ته منهنجو منصور سان انجام آهي. ير، توتي ڏاڍي خار اٿس!“

”ڪيئن نه هوندي،.... توکي جو کانئس چورائي ٿا وڃون!“ رشيد کلندي چيو.

”نه نه، هونئن ته منصور کي پرپٺ به ڏاڍو ڀانئي ٿي – آخر به ته منهنجو دوست آهي – پر جڏهن کان منصور ’ميريءَ‘ ساڻ دوستي ڳنڍي آهي، الائي ڇو ساڙ ٿي پيو اٿس. مون کي چيائين ته ’سڃاڻان انهيءَ ميريءَ کي، مون سان ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندي هئي: ايڏي مغرور ڇوڪريءَ سان منصور جهڙو ٺاهوڪو مڙس دوستي ڪري، سا ڳالهه مون کي بلڪل پسند ڪانهي‘.“ ائين چئي، هن منصور ڏانهن نهاريو، جنهن جي ڳلن تي سرخي اچڻ لڳي هئي.

”ڇا واقعي؟ مان ميريءَ کان پڇندس ته واقعي مونا ساڻس گڏ پڙهندي هئي ڇا. ادا، مون کي ته آخر هڪ وفادار گرل فرينڊ ملي ئي ويئي.“ منصور هڪ عجيب خوشي محسوس ڪندي چيو.

”ير، واه جي گرل فرينڊ هٿ ڪئي اٿئي!“ راج هن جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو، ”ڪالهه اسان کان لڪي کيس ڪلفٽن تي وٺي وئين! ’سي بريز‘ هوٽل تي مون اوهان کي ’مئنگو اِسڪئاش‘ پيئندي ڏٺو هو. آءٌ مونا سان گڏ هوس – اتي ئي ته مونا ميريءَ کي سڃاتو.‘

”ڪلفٽن تي؟ پر منصور ڪلهه شام جو مون سان گڏ هو!“ رشيد ٿورو حيران ٿيندي چيو. راج جي منهن تي پِيلاڻ ڦهلجڻ لڳي، پر منصور سندس مدد ڪئي:

”ها ها، آءٌ شام برابر توسان گڏ هوس؛ پر اٺين بجي جو توسان موڪلايم ۽ گهر پهتس ته ڪڪي، منهنجي ننڍيءَ ڀاءُ، مون کي چيو، ’دادا، روپيو ڏي ته هڪ شي ڏيانءِ.‘ لاچا، روپيو ڏيڻو پيم. ميريءَ جو خط ڪڍي ڏنائينم. خط به اجهو اڃا منهنجي کيسي ۾ پيو آهي.‘ ائين چئي هن پتلون جي کيسي ۾ هٿ وڌو؛ پر پوءِ منهن تي حيرانيءَ جا آثار آڻيندي چيائين، ”اوهو، خط ته ڪالهه سوٽ ۾ ئي وسري ويو.... ڪالهه مون وارو گلابي ’شارڪ اِسڪن‘ وارو سوٽ پاتو هوم. خير، سو ڳالهه ٿي ڪيم ته خط ۾ لکيائين ته ’ڊيئر منصور، دل اڪيلي اڪيلي ٿي پئي آهي، ڇو نه اڄ رات ڪلفٽن تي هلؤن‘. سو، گاڏي کنيم، کيس گهران وڃي ’پِڪ اپ‘ ڪيم. يار، ڪا رات گذري – وڃي خير ٿيا! ميريءَ جو ڪو جسم آهي، - جهڙو چقمق! سڄي رات ڪلفٽن تي گذاري ڇڏيسون. پوليس وارا ته هونئن ئي پنهنجا دوست آهي، تن جو ڪار جو نمبر ڏٺو، سو ويجها ئي ڪو نه آيا. ميري ته صبح جو به اصل نه پئي ڇڏيم. سندس ڪنواري جسم جي خوشبو اڃا تائين پيو محسوس ڪريان!“ ائين چئي، هن هڪ اونهو ساهه کنيو – ڄڻ ته ميريءَ جي خوشبو کي هضم ڪرڻ جو  ارادو هوس.

راج جي چهري تي سـُرخي وري واپس اچي چڪي هئي، هن به مرڪندي چيو: ”ڀائو، ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين.... مونا ته بنهه گلاب جي گلن مان ٺهيل ٿي ڏسجي! ڪو جسم اٿس،... دل ٿي چوي ته ڪچو کائي ڇڏيانس – ڏاڍي لذيذ هوندي! جڏهن منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائي چوندي آهي ’راج ڊارلنگ‘، تڏهن آءٌ ائين سمجهندو آهيان ته سموري ڪائنات منهنجين ٻانهن ۾ اچي ويئي آهي!“

شيخ ۽ صديقي، جيڪي اڃا تائين ماٺ ڪريو ويٺا هئا، سي به رڙهي آيا، ۽ پنهنجن پنهنجن داستانن ٻڌائڻ لاءِ آتا نظر اچڻ لڳا. پر منصور ۽ راج ته محفل جا موڙ هئا. جڏهن هو ڳالهائين، تڏهن ٻين کي چپ رهڻو پوندو هو. راج کي به ڪڏهن ڪڏهن واري ڏيڻ لاءِ چپ رهڻو پوندو هو، پر اڄ راج شايد ’موڊ‘ ۾ هو. ميز تي پيل سگريٽ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دکائيندي هن چيو: ”يارو، هڪ صلاح ته ڏيو ته ڇا ڪريان. مونا اصل شاديءَ لاءِ بنهه بيچين ٿي رهي آهي. مون ڊيڊيءَ (بابي) کي خط لکيو، پر ڊيڊي ته ماڳهين مڃي ئي نٿو: چوي ٿو ته جي تو اتي شادي ڪئي ته ملڪيت مان پائي به ڪا نه ملندءِ! ڀائو، آءٌ ته پريشانيءَ ۾ اچي ويو آهيان. هڪ طرف مونا آهي، ٻئي طرف ملڪيت، ملڪيت به ڪا ٿوري هجي – بلڊنگون، موٽرون، زمينون – اڃا تازو 58 – ماڊل جي ’شيو‘ (شيورليٽ ڪار) ورتي اٿس!“

شيخ کي سڀ ڏاڍو سنجيدو سمجهندا هئا؛ ان ڪري سڀني پنهنجون نظرون هن ڏانهن موڙيون. شيخ موقعو ڏسندي، هلڪي مرڪ چپن تي آڻيندي، چيو: ”جي مون کان پڇو ته آءٌ جيڪر پنهنجيءَ محبوبه لاءِ دنيا کي ڇڏي ڏيان. دولت ڇا آهي، هٿن جي مَر ُ؛ پر دل جي دولت آهي، دل جي رونق ۽ روشني، ’ملٽن‘ ڪو نه، پنهنجن ڪتابن ۾، هاها، اهو ڪتاب، جيڪو صديقيءَ کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هوم – چيو آهي ته دل جي رضا رکڻ سڀ کان وڏو ثواب آهي. منهنجي صلاح مڃ، ۽ تون ماٺ ميٺ ۾ مونا سان شادي ڪري ڇڏي- ۽ پوءِ پيءُ کي لک ته توشادي اڳيئي ڪري ڇڏي آهي.“

صديقيءَ به لقمو ڏنو: ”آءٌ ته شاديءَ جي بنهه خلاف آهيان. ’بابر بعيش ڪوش‘ وارو مقولو مون کي پسند آهي. ڇا جي شادي، ڇا جي ڳالهه – عيش ڪجي، ۽بس!“

چانهه به اچي ويئي. چانهه پيئندي، سگريٽ جو ڪش هڻندي، منصور راج کي اک ڀڳي.راج اشارو سمجهي، دروازي ڏانهن ڏٺو. ٻه جوانڙيون، کلنديون مشڪنديون، اچي سندن ڀرواريءَ ٽيبل تي ويهي رهيون. سڀني جي چهرن تي يڪلخت سنجيدگي ڇانئجي ويئي. سڀ ٺهي ٺڪي ويهي رهيا. گفتگو سنڌيءَ بدران انگريزيءَ ۾ ٿيڻ لڳي، ۽ خاص طور منصور ۽ راج ته ڪجهه عجيب بيچينيءَ جي عالم ۾ هئا. راج پنهنجيءَ بشرٽ تي نظر وجهي، پنهنجي وارن جي فصل تي هٿ گهمائيندي ڇوڪرين ڏانهن ڏٺو. منصور به پنهنجي ٽاءِ ٺيڪ  ڪندي انگريزي ڌ ُن جي سينڊ وڄائڻ لڳو، ۽ سندس هڪڙو پير ميز هيٺان زمين تي ٽپ – ٽپ ڪرڻ لڳو. پنج ئي ڄڻا هڪٻئي سان اشاري بازيون ڪندا رهيا، ۽ هلڪي آواز ۾ ڪجهه چوندا به رهيا. سندن انداز اهڙو هو، جو ٻئي ڇوڪريون به ڪجهه عجيب نموني سان کين ڏسڻ لڳيون. کين پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏسي، راج منصور کي ٺونٺ هنئي. سندن دلين جو رنگ منهن تي اچي ويو هو. سندن سرگوشيون وڌنديون وييون؛ ۽ منصور سينڊ وڄائيندو رهيو.

ڪجهه وقت کان پوءِ ڇوڪريون اٿيون. کين اٿندو ڏسي منصور ۽ راج به اٿيا، ۽ دوستن کي چيائون ته هو اجهو ته آيا. ڇوڪريون اڳيان، هي ٻئي پويان. انگريزي ڌ ُن جي سينڊ اڃا تائين منصور جي چپن تي هئي. وڪٽوريا روڊ جي چوسول وٽ، ٻنهي ڄڻن، ٽرئفڪ بتيءَ جي اشاري ملڻ شرط، ڇوڪرين سان ملي هلڻ لاءِ قدم تيز ڪيا. هاڻي هو ڇوڪرين سان ڪلهوڪلهي ۾ لائي هلڻ لڳا. آچر جو ڏينهن، ماڻهن کي به شايد ڪو ڪم ڪار هو ئي ڪو نه، سو رڳو پئي فـُٽ پاٿ وَسايائون. فٽ پاٿ تي پهچي، ڇوڪرين ”اَنڊر گرائونڊ“ (پيادن جي سهوليت لاءِ، ٻن رستن کي ڳنڍيندڙ زمين دوز رستو) ڏانهن رخ رکيو. هي ٻئي ڄڻا به تڪڙا تڪڙا زمين دوز رستي جي ڏاڪڻ لهي، وري ڇوڪرين سان جسم جسم سان لائي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. راج ته خاص موڊ ۾ هو: خيالن ئي خيالن ۾، هو ٻنهي ڇوڪرين جي جسمن مان وڌيڪ گداز جسم جي چونڊ ڪري رهيو هو. سندس نڪ جي چهنب ۽ ڪنن جون پاپڙيون ڪنهن عجيب احساس کان ڳاڙهيون ٿي ويون هيون؛ سندس اکين ۾ نيم فاتحانه چمڪ اچي ويئي هئي.

اوچتو زمين دوز رستي جي پوري وچ تي کيس ڪا رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. رڙ ٻڌڻ کان هڪ ساعت پوءِ، هن منصور کي ڊڪ پائيندو، ماڻهن وچان گهـُتون هڻندو، ڀڄندو ڏٺو، ۽ ٻيءَ ساعت ۾ هڪ ڇوڪريءَ اچي کيس ٻانهن کان ورتو: ”مئا، شرم نٿو اچيوَ! پنهنجون مائون ڀينرون ڪو نه اٿوَ!...“ ڇوڪريءَ اهي لفظ چئي بس ڪيا ته هڪڙي راهگير کيس زوردار ٿڦڙ وڄائي ڪڍيو، جنهن هن کي مٿي ۾ ڀنواٽي وجهي ڇڏي. ۽ پوءِ..... پندرهن منٽ کن هو راهگيرن هٿان ڪـُٽبو رهيو. هن کي ڪو هوش حواس نه رهيو – صرف سندس وات مان هري هري اهي لفظ ادا ٿيندا رهيا: ”سائين، مون ڪجهه به نه ڪيو آهي! مان بيڏوهي آهيان!“ سندس بشرٽ ڇيهون ڇيهون ٿي چڪي هئي، ۽ سندس وارن جا وانگوڙا کلي اکين تي پئجي رهيا هئا. سندس اکين ۽ ڳلن تي ڌڪن جا نيل گهرا ٿيندا ٿي ويا.

زمين دوز رستو سڄو راهگيرن ۽ تماشائين سان ڀرجي ويو. ماڻهن کي لنگهڻ جي جاءِ نٿي ملي. پوءِ هڪ پوليس واري اچي کيس ٻانهن کان ورتو. کيس زمين تان اٿاريندي، ماڻهن کي اڳيان هٽائيندي، هن کي زمين دوز رستي کان ٻاهر وٺي آيو.  ٻاهر به ماڻهن جو انبوهه گڏ ٿي چڪو هو. هن جو ذهن خيالن جي طوفاني اچ وڃ جي ڪري ايترو ڀٽڪي چڪو هو جو هن کي ڪا به ڳالهه صحيح سمجهه ۾ نٿي آئي. هو اڃا تائين حيران هو ته ڇا ٿيو، ۽ هن کي ماڻهن ڇو ٿي ماريو. هن روئندي روئندي پوليس واري کي چيو، ”سائين، آءٌ بلڪل بيقصور آهيان....!“

پوليس واري کيس غضب جي نظرن سان گهوريندي چيو، ”ها، تون ته وڏو بيقصور آهين! زالن کي هلندي چهنڊيون پائڻ ڪو جرم ٿورو ئي آهي!... توسان گڏ ٻيو ڪير هو؟“

”من...... صور.....!“ هن جي وات مان اچانڪ نڪتو. پر ٻيءَ گهڙيءَ الائي ڪهڙو خيال آيس، ۽ چيائين، ”مون سان ڪير به نه هو.... مون ڪجهه به نه ڪيو آهي.... سائين، آءٌ بيڏوهي آهيان!“

پوليس واري کيس گهليندي چيو، ”ٿاڻي تي پاڻيهي سچيون ڪندين!“

* * *

سنڌ جي سرسبز واديءَ جي هڪ پرسڪون ڳوٺڙي ۾ زندگي ورهين کان ننڊ پيئي هئي. سجاڳ به ڪير ٿئي... بک جي لولي ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ننڊ ٿِي ڏياري، جو زندگي دائمي ننڊ بڻجيو وڃي. ڳوٺڙي جا هاري ناري ورهين کان بک جي لوليءَ تي گهريءَ ننڊ ۾ پيا هئا. ٻنين جي ساوڪ، ۽ اَنَ جي داڻن جي تيز خوشبوءِ گهڙيءَ لاءِ هنن کي سجاڳ به ڪندي هئي؛ پر جڏهن ان جون گاڏيون ڀرجي سندن ڳوٺڙي کان دور وڃڻ لاءِ اسهنديون هيون، تڏهن هو وري ننڊ پئجي ويندا هئا.

انهيءَ ڳوٺڙي جي گهر ۾ - ڪم از ڪم ان ۾ گهر جا انساني لوازمات ته سمورا موجود هئا – روڄ جي ڏائڻ لنگهي آئي هئي. صبر جي ديوي شايد ر ُسي هلي ويئي هئي. هڪ پريو مڙس، اکين کي پنهنجي گوڏ جي پلاند سان اگهندي، پنهنجي منهن ڪجهه ڀـُڻ – ڀُڻ ڪري رهيو هو- ”اسان جي ڪا قسمت ....!“

هڪ ننڍڙو ڇوڪرڙو اچي سندس ٽَنگن کي چنبڙيو – ”بابا، ادو ڪڏهن ايندو!“ ٻارڙي جي انهن لفظن روڄ جي ڏائڻ کي هڪ ٻيو چهبڪ وَسايو - ۽ زندگي ڪنڊ ۾ ويهي لڙڪ ڳاڙڻ لڳي.

هن خاموش گهر ۾ صبح جو  ٽپالي هڪ طوفان کڻي آيو هو. جڏهن يارو ٽپاليءَ سڏ ڪيو، ”چاچا مراد، چٺي آئي اٿئي“، تڏهن پير مرد مراد جي جسم ۾ هڪ هلڪي لهر اچي ويئي هئي. سندس گهر واريءَ جنڊ جي مـُٺي کي هڪ ئي جنبش ۾ بيهاري ڇڏيو. سندس جواڻ ڌيءَ هڪدم پوتي مٿي تي سرڪائي آندي؛ ۽ ننڍڙو خانو به مٽيءَ مان هٿ ڪڍي اچي پيءُ کي چنبڙيو.

”ابا، ڪٿان آئي آهي چٺي؟“ مراد لوڙهي کان ٻاهر ايندي چيو.

”چاچا، ڏسجي ته ڪراچيءَ کان ٿي“.

”هائو، هائو؛ ابا، راڄي وٽان آئي هوندي. ڀلائي ڪري پڙهي ته ڏينم.“ڪنهن نامعلوم خوشيءَ جي چمڪ پيرسن جي منهن جي گهنجن کي روشن ڪري ڇڏيو.

يارو ٽپاليءَ خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو:

- ”پيارا بابا سائين،

”ڌڻيءَ سڳوري جي فضل سان اوهان ڏانهن ڪل ئي خير هوندو. ٻيو احوال، ته الله ٿو ڄاڻي ته آءٌ بلڪل بيڏوهي ڦاسي پيو آهيان. مون کي پوليس هڪ ڪوڙي ڏوهه ۾ ڦاسائي چالان ڪري ڇڏيو آهي. هن خط کي تار ڪري سمجهندا، ۽ ڀلائي ڪري وڏيري گل محمد کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪندا ته منهنجو ضامن پئي مون کي ڇڏائي وڃي. زياده ادب.

- اوهان جو فرمانبردار پٽ، راڄو خان.“

پيرسن مراد جي دل مان ڄڻ ته ڪجهه ڪِري پيو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪنهن کيس پٺن وارو گهوٻاٽو وهائي ڪڍيو هو سندس چيلهه ۾ هڪدم ڪـُٻ پئجي ويو. ڏڪندڙ هٿن سان ياروءَ جي هٿن مان خط وٺي، ان کي بي مقصد اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو. ياروءَ جي چهري تي به حيرانيءَ ۽ ڪنهن نامعلوم خوف جا آثار پيدا ٿيا، ۽ هٻڪندي چيائين: ”چاچا، الله مڙئي خير ڪندو؟“

”هائو، ابا، ڌڻي مڙئي ڍڪي رکندو!“

راڄي جي ماءُ ۽  ڀيڻ ’ستابي‘ به لوڙهي جي آڙ ۾ سڀڪجهه ٻڌي رهيون هيون. خط جو احوال ٻڌندي، راڄي جي ماءُ ته اتي ئي ويهي رهي؛ پر ستابيءَ کان بيساخته اوڇنگار نڪري ويئي.

”هون هون....!“ پير مرد اندر ايندي ستابيءَ کي ڇينڀيو: ”ماڻهوءَ ڇيڻوءَ جو ته خيال ڪبو آهي!“ گهڙيءَ لاءِ سندس غيرت اڀري آئي هئي – سندس نياڻي ڪنهن پرائي مڙس جي ايترو ويجهو ڪو آواز ڪري!

هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو. وڏيري وٽ هو ڪهڙي منهن سان ويندو! ستابيءَ جي سڱ ڏيڻ کان جڏهانڪر انڪاري ٿيو هو، وڏيري هنن جي پويان باهه ٻاري ڏني هئي: قرض ۾ مينهن ۽ ٻڪري ڪاهي ويو هوس؛ زمين تان جواب ڏيئي ڇڏيو هئائينس. هٽ – واڻئي وڏيري جي چوڻ تي کين سيڌو پاڌو ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو هو. سڄي سڄي رات اک ڪيئن لڳندي هيس، ۽ ستابيءَ جي کٽ تي پهرو ڏيندو رهندو هو – متان سڀاڻي وڏيرو ڪمينو ٿي بيهي! ولو خاصخيليءَ جي ٻانهن به ته وڏيري ڪهاڙين جي زور تي کنئي هئي سندن زندگي صرف خوف ۽ بک جو مجسمو بڻجي ويئي هئي، پر پرئي مڙس پنهنجي غيرت هٿان نه ڇڏي هئي. انهيءَ لاءِ هن کي هڪڙو ئي سهارو هو: راڄو پڙهي اڪابر ٿيو هو، ۽ ڪراچيءَ ۾ وڏي نوڪريءَ تي وڃي چڙهيو هو..... مجال آهي وڏيري جي، جو منجهن هٿ وجهي! ۽ پوءِ، ڇهن مهينن کانپوءِ، راڄي جو خط مليس به ته ڪهڙو! هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته سندس لوڙهي کي چوڌاري باهه ورائي ويئي هئي، ۽ هنن کي ٻاهر نڪرڻ جي واهه ڪا نه هئي... هن جودم گهٽجڻ لڳو.

ستابي ته روئي روئي ساڻي ٿي پئي هئي. ماڻس ته اڃا تائين چپ هئي – فقط سندس اکيون درياهه بڻجي ويون هيون – هن جواندر وڍبو ٿي ويو - ۽ اوچتو هوءَ رڙ ڪري اٿي:

”آ، منهنجا بابل پٽ!“ ۽ پوءِ ٻئي ماءُ ڌيءُ، هڪٻئي سان ڳلي لڳي، پار ڪڍي روئڻ لڳيون.

گهر جي ڪک ڪک مان روڄ جو آواز ٿي آيو. ڪکائين ڇت مان ڪا جهرڪي اٿي ان کان خالي گـُنديءَ تي اچي ويٺي. گنديءَ ۾ ڪجهه نه ڏسي، جنڊ جي پـُڙ تي اچي ويهي رهي. ڊڄي ڊڄي هڪڙو داڻو کنيائين، ۽ وري وڃي پنهنجي آکيري ۾ ويٺي. پنهنجن ٻچڙن جي گرم گرم جسم سان لڳي، جهرڪيءَ آسودگيءَ جو ساهه کڻي پوڙهي مراد کي ڏٺو، جو پنهنجو مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڏانهن نهاري رهيو هو. هن چوطرف نظر ڦيرائي: گهر ۾ اهڙو ٽپڙ ئي ڪو نه هو جو کڻي وڪڻي. سندس نظرون ٿڪجي اچي ستابيءَ تي پييون – ستابي، جنهن کي ڪونج ڪري سڏيندو هو. هئي به ته ڪونج – ڇا سندس مـُک، ڇا مورت، ڇا سندس ٻول! گهڙيءَ لاءِ وڏيري جي شڪل به تصور ۾ آندائين: ڊيڄاريندڙ شهپر، ٿلها چپ، جيڪي مڇن تي ڪيس لڳائڻ جي ڪري اودا ٿي ويا هئس، ڀنگ کان ڳاڙهيون رت اکيون..... شل الله سائين دشمن کي به اهڙو منهن نه ڏيکاري!

”واه ڙي منهنجا مولا....!“ هن کان به اختيار اهي لفظ نڪري ويا، ۽ هڪ ڊگهو سڏڪو، ڏک ۽ ايذاءَ جو روپ وٺي، هن جي چهري تي ڦهلجي ويو!

هفتي کان پوءِ وڏيرو راڄي کي ڇڏائي آيو. هفتي کان پوءِ ستابي وڏيري جي حويليءَ ۾ داخل ٿي ويئي. هفتي کان پوءِ مراد جي ڪايا ئي بدلجي ويئي – سندس منهن جا گهنج وڌيڪ آڏا ابتا ٿي ويا، سندس چيلهه ۾ دائمي ڪـُٻ پئجي ويو، سندس اکين ۾ غيرت جو لاش قبر لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. هفتي کان پوءِ راڄي جي ماءُ جنڊ تي ويهي جنڊ گهٽ پيهندي هئي، لڙڪ گهڻا ڳاڙيندي هئي ..... ۽ هفتي کان پوءِ راڄو پنهنجيءَ ڦاٽل رنگين بشرٽ کي پاڻ پنهنجن هٿن سان ويهي سيبا ڏيڻ لڳو!

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment