Monday, December 7, 2020

ٽي ڀائر - محمد ابراهيم جويو

ٽي ڀائر

[سنڌ جي هڪ لوڪ ڪهاڻي]

محمد ابراهيم جويو



ڪنهن سمي ملڪ ۾ ڏڪارَ اهڙو اچي منهن ڪڍيو، جو ماڻهو ته ماڻهو پر جھنگ جي جانورن جا پيٽ به وڃي پٺيءَ سان لڳا. ساوڪ ۽ سرهاڻ اپائيندڙ ڌرتي سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي. وڻ ٽڻ، ٻنيون ٻارا، گل ڦل ڄڻ ڪڏهن اُپجندي، سرسبز ٿيندي، کِلندي ٽڙندي ڪنهن ڏٺائي ڪونه هئا. اناج ايترو اڻلڀ، جو ساههُ سنئون به نه ملي. ڪير، جو ڪنهن سان ڏکُ سورُ ونڊي! ڪير، جو ڪنهن سان حال-ڀائي ٿئي! هر ڪو پنهنجو منهن مٿو وٺيو، هڏن جي مُڙهي بنيو، حياتيءَ جي عذاب جون گھڙيون ڳڻيندو رهيو. موت جي منحوس ڏائڻ وات ڦاڙيو هر هنڌ نُوسيندي رهيِ. جيت جناور، پکي پسون، مرون ماڻهو- مطلب ته سڀ ساهوارا، جي جتي سي تتي، پنڊ پهڻ بنيا، وقت جي ڪٺور نگاهن ۾ گھوريندا رهيا. ائين پئي ڏٺو، ڄڻ زندگي ڪڏهوڪو ملڪ مان موڪلائي، هميشه لاءِ ڪنهن اهڙي منهن گم ٿي ويئي هئي، جو هڏانئن پڃرن ۽ مٽيءَ جي ڍيرن کان سواءِ، پوئتي ان جو ٻيو ڪو نالو نشان باقي رهي، سو ممڪن ئي نه هو.


تنهن سمي، انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙا ٽي ڀائر رهندا هئا، تن ويٺي ويٺي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ’ائين هٿُ، ھٿَ تي رکئي ويٺي رهڻ مان ڪي ڪين ورندو، مُٺي ساهه لاءِ ماڻهوءَ کي ڪجھ ڪرڻ ئي کپي! جيئندا اهي، جي جيئرو رهي ڄاڻندا. مانيءَ وگھي ماڻهو ائين اکيون ٺِپي ٺِپي مري وڃي-حيف آهي اهڙي جيئڻ ۽ مرڻ تي! هونئن به مرڻ کان جيڪي سو جيئڻ مشڪل آهي؛ ۽ جي مرڻو ئي آهي، ته پنهنجي پيرن سيرين ٿي مرجي، ته بهتر جيڪو گھر گھر نه رهي، ۽ ڦِري مرڳو کائڻ اچي، تنهن گھر کي گھر سمجھي چنبڙي ويهڻ مان ڪهڙو سود! مردن لاءِ ملڪ ۾ مال اسباب جي کوٽ ئي ڪانهي. گھر ويٺي بخت به ڪنهن سان ڀيڙو ڪونهي. پاڻ لاءِ داڻو پاڻي جيڪڏهن هِتي لکيل نه آهي، ته ملڪ مولا جو ٻيو به گھڻو ئي پيو آهي. ڏاهن چيو آهي ته پرديس پارس آهي- لوهه مان سون ۽ مٽيءَ مان ماڻڪ ڪنهن کي ڪرڻو آهي، ته وڃي پرديس ڪمائي!‘

ائين سوچيندي سوچيندي، نيٺ پڪو پهه ڪيائون، ۽ همت جو سندرو ٻڌي، ٽيئي ڀائر هڪڙو منهن ڪري اٿي پنڌ پيا. هلندي هلندي، ڪونجن جو هڪڙو وَلر واٽ تي نظر چڙهي وين. تير ڪمان منهن سڀ ڪنهن کي ساڻ هو: شست ٻڌي، ڪشي کڻي پنهنجا تير اڇلايائون. قدرت کي ائين منظور هو: ٽن ڪونجن، ڪَرڪندي، اچي انهيءَ ساعت پٽ تي سندن پيرن وٽ ڦهڪو ڪيو. مئل دلين ۾ ڄڻ نئين سر ساهه پئجي ويا! چي، ’پهرين وٽي کير ڀري، ٻي به آئي ڪي آئي! اٿندي ئي گنج ٿي ويا! اڳتي به پورهئي کي پرواهه ئي ڪانهي!‘ ڪونجن کي ڪُهي، حلال ڪري، کڻي ٿيا اڳتي روانا. ويندي ويندي سج به اچي لٿن، ۽ پيرن به اڳتي چرڻ کان جواب ڏيئي بيهي رهين. ويچار ڪيائون ته ’رات وڳڙو آهي، ۽ هن پَٽ کان به پاڻ واقف ڪين آهيون: چڱائي هن ۾ آهي ته رات جا چار پهر هتي ئي گذارجن.‘

ٿورو پرڀرو، هڪڙو چشمو نظر آين: رڙهي وڃي ان جي ڪپ تي، ڪک پن پاسي ڪري، باهڙي ٻاري، چوداري ڪانڀون ٻڌي، ويهي رهيا. وڏي ڀاءُ چين ته ”پاڻ آهيون سڄي ڏينهن جا ٿڪل ٽٽل؛ ليٽياسون، ته سج اڀري ويندو- سارئي ڪانه ٿينديسون. ننڊ آهي موت جي ننڍي ڀيڻ! ائين نه ٿئي، جو هينئر سمهون، ۽ صبح ٿئي ته هجون ئي ڪونه! ويجھڙائيءَ ۾ ڪا وسنهن به ڪانهي، جتي ڪو پنهنجو سڏ ئي اُونائجي. ڪو وقت نه ڪنهن جھڙو؛ ڪٿي ڪا آفت اچي مٿي کان بيٺي، ته سڀاڻي سڪل هڏيون به پنهنجون ڪنهن کي هٿ ڪين اينديون. ههڙيءَ سڃ ۾، جھنگ جر جي بلائن کان جيڪڏهن بچڻو آهي، ته سنوان نوان ٿي، اجرڪون تاڻي، ائين بي اونا سڀ سمهي رهون، سا ڳالهه سٺي نه آهي- پاڻ مان هڪڙي کي مڙيوئي سجاڳ ويهڻ گھرجي. اوجاڳو برابر بري بلا آهي، پر سر جو جيڪڏهن خير گھرڻو آهي، ته پاڻ مان ڪنهن نه ڪنهن کي جاڳڻوئي پوندو. رات جي چئن پهرن مان پهريون پهر ته ويٺي ويٺي گذري ويو، ٻيا ٽي پهر به گذرڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندا. پوئين پهر جو پهرو آءٌ پاڻ تي ٿوکڻان؛ باقي ٻن پهرن مان پهريون پهر ننڍي ڀاءُ جي بلي آهي، ۽ ٽيون پهر وچيون ڀاءُ جاڳي گذاري. هيءَ رات سا ائين خير سان گذري، باقي سڀاڻي سان ڏينهن شينهن آهي، هلي ڪنهن نه ڪنهن بستيءَ ڀيڙا ٿينداسون.“

اها صلاح بيهاري، ٻه ڀائر پٽڪا ڇوڙي مٿن هيٺان ڏيئي، اجرڪون تاڻي سڌا ٿي سمهي رهيا؛ ۽ ننڍو ڀاءُ تير ڪمان پاسي کان رکي، باهه ۾ ٻه سڪيون بنڊيون وجھي، مچ کي جاڳائي، مڳ ٿي ويهي رهيو. دل ۾ چيائين: ’هيڪلائيءَ جي رات آهي ورهيه برابر؛ پهر رات جو به وات ۾ ٿو اچي! ائين واندو ويهڻ ته ننڊ به ڪين ڇڏيندي. اُلوءَ وانگر اکيون ڦاڙي، ڪيستائين آخر ٺلهو باهه ۾ جوهه وجھي ويهڻ سان وقت گذاري سگھبو؟ وقت جو لاڀ آهي وندر. ائين بيڪار اوجھراڻين کائڻ کان ته بهتر آهي ته ڪونج کي پچائي، سيخ ڪري، اڳو پوءِ پيٽ جي تؤڻ ئي پوري ڪري وٺان!‘ انهيءَ خيال ايندي ئي، مچ جا وڏا وڏا متل ٽانڊا ريڙهي هڪڙي پاسي ڪري، پهنهنجيءَ ڪونج کي ڪڍي، کَلي ٺاهي، کڻي انهن تي رکيائين. ڪونج به چوي ته اڄ نه پچان ته ڪڏهن پچان! جيئن جيئن پئي ڪونج پڪِي، تيئن تيئن هن همراهه جو ڏسو ته وات پيو بنهه پاڻي ٿئي. آخر جڏهن ڪونج پچي اچي راس ٿيڻ تي بيٺي، ۽ پچندڙ گوشت جا ٽڙڪا ۽ ان جا هڳاءَ پري پري هوائن ۾ پکڙجڻ لڳا، تڏهن اوچتو ئي اوچتو پري کان ڪنهن شي جي اچڻ جو آواز ٻڌائين. لؤڻو ورائي کڻي جو پويان نهاري، ته ڇا ڏسي ته هڪڙو بنهه آڱر جيڏڙو مڙس آهي، سو ٻليءَ جيڏڙي گھوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو، ڏانهنس ڪاهيندو پيو اچي! ڊپ جي ڳالهه ته هن کي ڌيان ۾ ئي ڪانه آئي: حيرت سا ضرور لڳي ويس ته ’هيءُ هڪڙو اسرار، جو ماڻهو ته ماڻهن جھڙو، پر قد بت بنهه لڀيس ئي ڪونه! گھوڙا به گھڻائي ٻڌاسون ڏٺاسون، پر هيءُ بنهه گرانٺ جيترو گھوڙو ڪٿان جو گھوڙو ٿيو! دنيا ته آهي ئي عجائب گھر، پر هيءَ ته بنهه حد ٿي ويئي! گھر کان ٻاهر نڪري، سير سفر ٿو ڪجي ته ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرامتون ۽ عجب عجائب ڏسجن ٻڌجن ٿا! سچ آهي ته گھرجي ڪُئن وانگر منهن لڪائي ڪنڊ پاسي ويهي رهڻ مان ڪي ڪين ٿو وَٽجي، اٽلو انسان کي ٻين جو کاڄ ٿيڻو ٿو پوي؛ ٻاهر نڪري، ڏسڻ ٻڌڻ سان ئي، ماڻهوءَ کي پتو ٿو پوي ته ڪيڏي دنيا ۽ ڪيڏا ان جا عجب اسرار آهن!‘

ايتري ۾، هو حيرت جھڙو همراهه به هڪلي اچي وٽس پهتو، ۽ سلام ورائي بيهي رهيو. چي، ”پري کان پيو ٿو اچان، ۽ اڃا به پري وڃڻو اٿم. پري کان باهه جو مچ ڏٺم، سو لڙي آيو آهيان. خبرون چارون ڪر، ته هڪليان گھوڙي کي، ۽ جيئن آيو آهيان، تيئن پنهنجي راهه وٺي، انهن ئي پيرن تي ٿيان اڳتي روانو.“ ڪونج-ڌڻيءَ چيس ته ”ڀلي آئين، جيءُ آئين؛ پر گھوڙي چڙهئي ڪهڙيون خبرون چارون ٿينديون! اول طعام، پوءِ ڪلام. گھوڙي تان لهي ٿيءُ هيٺ؛ گھڙي پلڪ ترسئين ته ڀولو ڪونهي، سڄي رات پيئي اٿئي پنڌ ڪرڻ لاءِ. خدا جو ڏنو جيڪي حاضر آهي، سو جھڙو منهنجو تهڙو تنهنجو. مڙسن جو نصيب مڙس کائين. تڏي آئي خالي پيٽ ڪو موٽي وڃي، اها اڻٿيڻي آهي. مهمان جي ڪهڙي مجال، جو ماني نه کائي! جي آيو آهين، ته دم ساعت ترسي، مون مسافر جو ڪچو ڦڪو کائي، پاڻيءَ ڍڪ پي، ٿورو ٿڪ لاهه ۽ ساهه پٽ؛ پوءِ جيڏانهن مرضي پويئي، تيڏانهن هليو وڃ!“ ائين چئي، هن کي گھوڙي تان لاهي، وٺي اچي پنهنجي اڳيان ويهاريائين، ۽ سڄي پڪل ڪونج کڻي سامهون رکيائينس. پوءِ ته هو پدمڙو گوڏو کوڙي اچي ڪونج کي لڳو. مڙس بنهه ٺهي ئي ڪونه، پر ڪونج کي کائڻ سان حيلا ڪري ڇڏيائين. کائيندي کائيندي، جڏهن باقي ڪا کنڀڙاٽي وڃي ان جي بچايائين، تڏهن اوگرائي ڏيئي اٿي ٿيو کڙو. چي، ”ادا لک لائق تنهنجا؛ هاڻي الهه واهي، دعا ڪج، جيئرا هونداسين ته اوس ملنداسين!“ ائين چئي، لانگ ورائي، گھوڙي تي چڙهي، اٿي ٿيو اڳتي روانو. ڏهه ويهه وکون مس کنيائين، ته وري موٽي آيو. چي، ”ميان مڙس آهين ٺاهوڪو- جنهن پيار ۽ پاٻوهه سان منهنجي مهماني ڪئي اٿئي، تنهن جي مهابي توکي هڪڙي سوکڙي ڏيو ٿو وڃان. پر ٻه شرط توکان هڪڙا وٺندس: هڪڙو ته سج اڀرئي کان اڳي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪندين، ۽ ٻيو ته هن منهنجي سوکڙيءَ کي هميشه پنهنجي ساهه سان سانڍيندين.“ ائين چئي، پنهنجي ڪمر بند ۾ لڳل هڪ عاج جھڙي اڇي بينسري ڪڍي کڻي هن جي هٿ تي رکيائين. چي، ”هِن کي جھڙي تهڙي بينسري ڪري نه ڀانئج. خاص هن جي خوبي هيءَ اٿيئي ته ڪٿي به ويهي هن کي وڄائيندين، ته ان جي آواز تي هڪ ته تنهنجي بت ۾ ڏهن مڙسن جيترو زور پيدا ٿي پوندو، ۽ ٻيو ته جيترا به ماڻهو گھرندين، اوترا هڪدم اچي تنهنجي اڳيان حاضر ٿيندا. پوءِ وڌيڪ تون پاڻ ٿو سمجھين ته پورهئي سان ڇا پيدا نٿو ٿي سگھي!“ پدمڙي جون هي ٻوليون ٻڌي، هي ويچارو هيڪر ته بنهه وسميءَ ۾ پئجي ويو. آخر دل جھلي چيائينس ته ”منهنجا ڀاءُ، تو ته اصل منهنجو آئيندو اَڏي چڏيو. هيڏو جبل جيڏو ٿورو جيڪو مون تي ڪيو ٿو وڃين، سو آخر آءٌ ڪيئن لاهي سگھندس! ٻيو نه، ته هيترو ئي ٻڌائيندو وڃينم ته تون آهين پاڻ ڪير؛ تنهنجي ڪرت ڪهڙي؟ تون پاڻ هيڏڙو؛ تنهنجو گھوڙو هي! هيڏي تڙتڪڙ ۽ هل هلان... آخر ڇا لاءِ؟ پاڻ ته آهيون يار پورهيت مڙس؛ پورهئي ۽ پيار کان سواءِ، ٻي آئي وئي جي پروڙ پاڻ کي مڙيوئي گھٽ اٿيئي.“ تنهن تي هن آڱر جيڏڙي عجوبڙي جواب ڏنس ته ”پورهئي ۽ پيار کان ٻي ڀلا ڪهڙي دنيا ۾ ڀلي شي آهي؟ مون به ته توکي پورهئي جوئي ڏس ڏنو آهي! ٽيئي ڀائر هڪ-مڙهيءَ هوندؤ، ته آئيندو اوهان جو اڏبو پنهنجي پورهئي سان: باقي مون، ڀاءُ منهنجا، توسان اهڙو ڪهڙو وڙڪيو آهي، جو ايترا ٿورن مٿان ٿورا پيو ٿو منهنجا مڃين! تو پاڻ مون سان ڪو گھٽ پير ڀريو آهي- پنهنجي ڳالهه ته توکي ڌيان ۾ ئي ڪانهي! سچ ته پيارُ وٺي ٿورو، مڃي گھڻو؛ ڏئي گھڻو، سمجھي ٿورو! هاڻ کڻي ائين سمجھ ته مان پاڻ به پيار، ۽ آهيان به تو جھڙن پيار وارن جوئي گھوريو. اڄ جڏهن طاقت جو ديو انڌ جي دَنيرَ گھوڙي تي چڙهيو، ملڪان ملڪ وتي ٿو، ’آدم بوءِ- آدم بوءِ‘ ڪندو، دنجندو ۽ ڊوڙندو، تڏهن پيار ئي ته آهي، جيڪو انصاف جي اڀامڙي تي ويهي، جڳهه جڳهه، ويران دلين جي ورونهه ۽ سهميل انسانن جو سهارو ٿي سگھي ٿو! ڪم گھڻو، وقت ٿورو، ۽ هي سپڪڙو ساهه! ڏينهن رات، ويل اويل، بس پنهنجو ڪم، ادا، جي آهي ته اهو آهي، ٻيو ڪونهي. چڱو، هاڻ محبتي مڙسن جون موڪلاڻيون ڪينهن؛ حياتي آهي ته هميشه گڏ آهيون!“ ائين چئي، گھوڙي کي هشيار ڪري، هو ائين واءُ ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن ڏٺوئي ڪونه هو.

پويان، هي همراهه ڪا مهل ته اُتي جو اُتي ڪاٺ بنيو رهيو؛ آخر جڏهن مغز جاءِ تي آيس، تڏهن ڪونج جي بچيل کنڀڙاٽي کڻي، ڪوسي ڪري، کائڻ ويهي رهيو. کائيندو وڃي کائيندو وڃي... کنڀڙاٽي کٽي ئي نه! سڄي ڏينهن جي هيس ڀلا بک، سو کائڻ سان بس روهيون ڪري ڇڏيائين. نيٺ کائي جڏهن چڙهه ڪيائين، تڏهن سندس پهر به اچي پورو ٿيو- سو بينسري ور ۾ وجھي، ويٺي ويٺي پنهنجي وچين ڀاءُ کي هڪل ڪيائين، ۽ سري وڃي هن کي هٿ کان جھلي، ڌونڌاڙي، هوشيار ڪيائين، ۽ پوءِ پٽڪو لاهي، ڪنڌ هيٺان ڏيئي، پاسو ورائي، هڪ منو ٿي سمهي رهيو، ۽ سمهڻ سان گھڙيءَ ۾ ننڊ کڻي ويس.

وچين ڀاءُ به ڏٺو ته ويٺي ويٺي وقت ڪين گذرندو- ۽ بک به مڙس کي بنهه بيحال ڪيو بيٺي هئي- سو هن به پنهنجيءَ ڪونج کي ٺاهي جوڙي، اتي جو اتي کڻي ٽانڊن تي رکيو. پچندي پچندي، آخر ڪونج جڏهن اڳئين وانگر پنهنجا هڳاءَ ڪڍڻ شروع ڪيا، تڏهن ڪيڏيءَ مهل اهو ساڳيو آڱر جيڏڙو ماڻهو پنهنجي ٻليءَ جيڏڙي گھوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو، اچي اتي نڪتو. چي، ”ترسڻو مون کي ڪونهي. اڃا ڏس پنڌ جي اڳتي پيئي اٿم. خير جا حال احوال ڪر، ته بيٺي ئي موڪلايون.“ تنهن تي هن جواب ڏنس ته ”تڪڙ مان هوند نه شڪر؛ پري کان پنڌ پئي ٿو ڏسجين؛ خالي پيٽ هوندين. پهرين گرنهه ٻه گرنهه وجھي، ڪجھ ايمان ۾ اچ؛ پوءِ هو پنڌ، هو تون!“ ائين چئي، سڄي پڪل ڪونج کڻي سامهون رکيائينس. پوءِ هي هَوَ جيڏڙو همراهه به گھوڙي تان لهي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري، اچي ڪونج کي لڳو؛ نه ڇڏيائينس ڪو هڪڙي سالم ڀنجھر. کائي، هٿ ڇنڊي، ٻيو سلام نه ڪلام، هڪدم ٽپ ڏيئي گھوڙي تي چڙهي ويٺو، ۽ جيئن آيو هو، تيئن هڪلي گھوڙي کي ٿيو اڳتي روانو. ڪا گھڙي نه گذري، ته وري موٽي آيو. چي، ”حال ٻيو ته ڪي ڪين اٿم؛ هيءَ هڪڙي ڳوٿري توکي نشاني ڏيو ٿو وڃان، پر صبح ٿيڻ تائين ڳالهه ڪنهن سان نه ڪج، ۽ ڪڏهن به پنهنجي هٿ کان هن کي پري نه ڪج! هن ڳوٿريءَ جي ڳالهه هيءَ اٿيئي ته جيترو به ناڻو گھرج ۾ هوندئي، اوترو هن مان هميشه پيو توکي ملندو. ناڻو آهي ملهه پورهئي جو: ناڻو آهي ته هر شيءَ حاضر، ناڻي سان ماڻهو به مريد- پيا تو لاءِ پورهيا ڪندا.“ ائين چئي، وٺي جو گھوڙي کي کنيائين، ته اک ڇنڀ ۾ نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو- بيٺي بيٺي ائين غائب ٿي ويو، ڄڻ اتي آيو ئي ڪونه هو.

اِتي رات جو پويون پهر به اچي سهڙيو: وچون ڀاءُ سمهي پيو، ۽ وڏو ڀاءُ اٿي پنهنجو وارو سنڀالي ويهي رهيو. ڪا مهل نه گذري، ته اهو ساڳيو آڱر جيڏڙو مڙس پنهنجي ساڳئي ٻليءَ جيڏڙي گھوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو اچي اُتي نڪتو. هو ته اويلو مهمان، پرن هيڏانهن به ويرم ئي ڪانه لڳي. سڄي جي سڄي پڪل ڪونج هڪدم هن جي اڳيان اچي حاضر ٿي، جنهن کي وٺي، اُتي جو اُتي چٻاڙي، ڪُرٽي، کائي، باقي ڪا ان جي هڏي اڌ بچائي، نه ڳالهه نه ٻولهه، جھڙو تکو آيو هو اهڙو تکو، همراهه پٺي ورائي هڪلي ٿيو اڳتي راهي. سٽ پنڌ جي ئي نه ڪيائين، ته اُنهن ئي پيرن تي مڙس موٽي آيو، ۽ اچڻ سان پنهنجي ڪلهن جي چادر لاهي کڻي وڏي ڀاءُ کي هٿن ۾ ڏنائين. چي، ”هيءَ اٿيئي خوشيءَ جي اُڏند چادر خوشي جهڙي دنيا ۾ ڪا شي ڪانهي. ماڻهو ميڙي به ٿو خوشي لاءِ، خرچي به ٿو خوشيءَ لاءِ. خوشي آهي ته سڀڪجھ آهي. خوشيءَ کان سواءِ پورهيو، ناڻو سڀ بيڪار- ماڻهو بنهه موڳي جو موڳو. خوشي اياڻپ جي به ٿئي، سياڻپ جي به ٿئي. هن چادر جي خوبي هيءَ آهي ته جيتر ساڻ هونديئي، تيتر خوشيءَ جي خزانن سان گڏ، ڏاهپ جا نت نوان رستا به پيئي توکي ڏيکاريندي،- ۽ اها ته توکي خبر آهي ته ڏاهپ جا پَرَ وجھي، ماڻهو آسمانن تائين اڏامي سگھي ٿو. هونئن به، وڇائي مٿس ويهي رهندين، ته جتي به چوندينس، اک ڇنڀ ۾ هيءَ نيئي توکي اُتي ڇڏيندي.“ ائين چئي، انصاف جي گھوڙي تي آيل پيار جو هيءُ پدمڙو، ڏسندي ڏسندي، ائين الوپ ٿي ويو، جو وڏي ڀاءُ کي اعتبارئي نه پيو اچي ته گھڙي ٻه گھڙيون اڳي اُهو عجوبڙو بنهه سندس اکين اڳيان اُتي بيٺو هو.

پر اکين سان جيڪي ڏٺو هئائين، ۽ ڪنن سان جيڪي ٻڌو هئائين، تنهن کي به ڪوڙو ڪري ڪين ٿي سگھيو. نيٺ، اهي آچار ويچار ڪندي ڪندي، پهر رات جو اچي پورو ڪيائين، ۽ مٿان اچي ڏينهن ٿيس. ايتري ۾ ٻيا ڀائر به ڪنهن مهل ٽپ ڏيئي،اکيون مهٽي، اٿي ويهي رهيا. اٿڻ سان ڪوڙو ڪري، هڪ ٻئي سان ويهي راتوڪا حال احوال ڪيائون- ڏاڍا خوش ٿيا. ننڍا ڀائر ته اصل آپي ۾ ئي نه پيا اچن: چي، ”ادا، رنگ لڳي ويا؛ جو ڪجھ اسان کي اڄ هٿ آيو آهي، تنهن کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي ٻيو ڇا ملي، جو پاڻ کي سڀاڳو سمجھي؟ هاڻي ويهڻ وري ڪهڙا ، موٽو ته موٽون پوئتي، هلو ته سجھندي ئي هلي پنهنجن ڪکن ڀيڙا ٿيون. جنهن ڳالهه لاءِ سهي سنڀري نڪتا هئاسون پرديس ڪمائڻ، سا ڳالهه اسان جي هتي ئي حل ٿي ويئي- باقي پاڻ کي ٻيو ڇا گھرجي، جنهن لاءِ اڃا به اڳتي هلي، ڏني نه ورتي، پاڻ کي ڏولاون ۾ وجھون؟“

تنهن تي وڏي ڀاءُ ورندي ڏنين ته ”ميان، ڳالهه ته اوهان جي لکُ لهي، پر جو ڪجھ هي پاڻ کي مليو آهي، سو ته اسان وٽ اڳي ئي موجود هو- سوچڻ ويچارڻ لاءِ هيءَ کوپري، هلڻ ڇلڻ لاءِ پير ۽ پورهئي لاءِ هي ٻه هٿ ته پاڻ وٽ هونئن ئي هئا؛ باقي رهيو ناڻو، سو ته آهي ئي پيدا پورهئي جي! سو، آءٌ ته ادا سمجھان پيو ته پاڻ کي نئين شيءِ ته ڪا اڄ ملي ئي ڪانهي، جنهن تي پاڻ ايترو پيا ٿا آپي کان نڪرون! منهنجي ويچار ۾، ڳالهه اصل هيءَ آهي ته هنن سڀني شين کي ڪيئن ٿو ڪو ڪم آڻي- انهيءَ تي آهي دارو مدار هر چيز جو: خود خوشيءَ جو آڌار به انهيءَ ڳالهه تي آهي. ٺلهو هٿن پيرن ۽ هن هڏي جي کوپريءَ تي ڪو ڪونه ٿو جئي: جيئڻ لاءِ اول گھرجي ان، پاڻي ۽ هوا. هوا ۽ پاڻي ته خير اڃا ڪنهن جي ايترو هٿ وس ڪين ٿيا آهن، جو انهن تي هو پنهنجا حڪم هلائين، ۽ مٿن روڪ وجھي ويهي رهن ته ڍلون ڏيئي يا ايريا ڀري پوءِ ماڻهو نڪان هوا نين ۽ واتان پاڻي پين: پر ان پيدا ٿئي ٿو ڌرتيءَ مان، ۽ ڌرتيءَ هر هنڌ پٽا نڪتا پيا آهن، جن تي ڪاريهر نانگ ڄڀن مرڪائيندڙ ڦڻيون ڪڍيو ۽ وات ۾ زهر ڀريل نيش وجھيو ڏينهن رات پيا ٿا پهرا ڏين. هاڻي سوال آهي ته ماڻهو هلي ته ڪٿي هلي، پورهئي سان ڌرتيءَ مان اناج اپائي ته ڪيئن اپائي؟ قدرت جي ڏنل ڌرتي ٿي انهن جي، جي ماءُ پيٽان ان جا پروانا ڪڍائي پاڻ سان کڻي آيا آهن،-تنهنڪري پورهي سان ان مان جيڪا اپت ٿئي، تنهن تي هي خدا جا خاص خلقيل هميشه پنهنجا پهريان حق ڄمايو، ڍيڍ بنيا، بيٺا آهن. پورهيت اهي ئي ٽڪر ٽڪر لاءِ محتاج- انگ اگھاڙا، پيٽ بکيا، اَجھي لٽي کان عاجز، سنجھي صبح پيا ٿا جر جھنگ جھُٽَ پٽين،- ۽ هوڏانهن هو ڌرتيءَ جا ڌڻي آهن، جيڪي پاڻ ته اوبارين پر سندن ڪتا به اوبارين؛ آڦرجيو آڦرجيو نڪان پيا الٽيون ڪن؛ گرنهه کائين، پاٽيون وٽاڙين- مطلب ته کائين ته به ٺهيو، رڳو اولڙَ ڪيو بيٺا آهن، هر ڪنهن تي هُڏ ڪارون پيون پونن. جتي پورهيو بک ۾ ائين پيو پاهه ٿئي، ۽ سکئي ساهه لاءِ سڪندي سڪندي، اڻاسيءَ زندگيءَ جون گھڙيون ائين پيو گذاري، جو سک ۽ سونهن جي ساڃهه ته پري رهي، پر ٺلهي ساهه کڻڻ جي سرت به نه هجيس، اتي پاڻ کي پورهئي مان نيٺ به ڇا پلئه پئجي سگھندو، جو هيڏن ڪشالن ڪڍڻ کان پوءِ، بنا ڪجھ ڪئي، جيئن آيا هئاسين تيئن هٿين خالي، موٽي اوڏانهن هليا هلون؟ جنهن ملڪ کي پاڻ پوئتي ڇڏي آيا آهيون، اُتي اڄ به هر چڱيءَ چيز جي اڻاٺ آهي- اهائي بک، اهوئي ڏک، اهائي بيماري، اهوئي ڏڪار جيڪو اکئين ڏسي آيا هئاسون، سو اڄ به اهڙوئي اتي موجود آهي، جھڙو اڳي هو! ٻئي ڪندي، ملڪ تي هيءُ به اُهوي ئي اسان جو آهي، سو هيترين سارين ڳالهين مقالن کان پوءَ هتان جو موٽي پوتي هلون، تنهن ۾ نه هوند نه شڪر: تنهن کان ته هلو ته ڪو اهڙو هنڌ هلي وسايون، جتي بيهڻ لاءِ پيرن هيٺان اهڙي ته ڪا جاءِ هجيسون، جنهن تي پس پيش پنهنجو ڪو هٿ پير، ٿڙي ٿاٻڙي جي، وري به ڪٿي ڦٻي ته سگھي؟ پَٽُ هاڻي پاڻ کي اهو ڳولڻ گھرجي، جتي هوا، اس ۽ پاڻيءَ وانگر هيءَ ڌرتي پڻ سڀني لاءِ ساڳي هجي- بس جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي؛ جتي پورهيو ڪنهن جو پائبند نه هجي- جو ڪجھ ڪمايون، سو پنهنجي لاءِ ڪمايون؛ سڄي عمر ٻين لاءِ ڪمائي ڪمائي، سچ پچ ته هونئن به پنهنجا هڏ ئي ڳري ويا آهن!“

وڏي ڀاءُ جون هي ويچار ڀريون ڳالهيون ٻڌي، ننڍن ڀائرن کڻي چپ ڪئي- بس ائين ڪڇن جھڙي ڀت. تنهن تي وڏي ڀاءُ نه ڪئي هم، امالڪ پاڻ واري اڏند چادر کولي کڻي آڏو پٿاريائين، ۽ ٽيئي ڀائر ٽپ ڏئي ان تي چڙهي ويهي رهيا، چي هل ڙي اُڏند چادر اُتي، جتي اسان جي دل ٿي گھري!“ پوءِ ته اڏند چادر وٺي اڏاڻي- بس ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن! ڏسو ته بنهه هوائن سان ڳالهيون ڪندي پئي وڃي. هڪ ساريڪي، مٿي ائين اڏامندي پئي ويئي، ڄڻ ڪو ڪڪر هو، جنهن کي وايو ديوتا پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کنيو آڪاش جا سير ڪرائي رهيو هو. پر وڏي ڀاءُ جي اک اهائي ڌرتيءَ تي. ڳوٺن جا ڳوٺ هڪٻئي پٺيان هن جي اکين اڳيان پئي آيا،. ڳوٺن جا ماڻهو ته هيٺ ڌرتيءَ تي هونئن به هن هميشه پئي ڏٺا، پر هن ڀيري مٿان ويهي هن جو ڪجھ ڏٺو، تنهن ته هن جون ڏندين آڱريون لائي ڇڏيون. ويچار ۾ پئجي ويو ته بنهه گرانٺ اڌ جيترا ماڻهو، جيڪي جيتن جڻين وانگر هيڏانهن هوڏانهن هيٺ پئي چُريا پُريا، تن ۾ اها ننڍ وڏائي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي آئي، جيڪا هڪڙن کي ٻين جي آڏو هميشه هٿ- جوڙ ڪرايو، ملهه ڳڌل ٻانهن جيان جھڪايو بيٺي هوندي آهي! البت انهن جي گھرن تي جڏهن نظر ٿي پيس، تڏهن منجھي ٿي پيو ته هيءَ ماجرا ڪهڙي، جو سڄن سڄن ڳوٺن ۾ ٻيون ته سب ڪکن ڪانن جون ٺهيل بنهه پکين جي آکيرن جھڙيون جھوپڙيون، جن مان آرپار اڇو الله پيو ڏسجي؛ باقي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٻه محل آهن، جن جون چوٽوين، کليل پٽ ۾ اڪيلن ٻن اتانهن وڻن وانگر اوچا ڳاٽ کنيو، ڄڻ آسمان سان بر ميچيو بيٺيون آهن! پر پوءِ ستت ئي جڏهن ڳالهه سمجھ ۾ ويٺيس، تڏهن دل جو دل ۾ مُرڪي ماٺ ۾ اچي ويو، ۽ ياد پيس ته اِهي ٻه محل ته آسمان ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين جا آستان آهن، جيڪي ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيو، هڪٻئي جي آڌار تي، سڀني کان الڳ ٿلڳ، ايڏي اڊنبر سان اڀا ٿيا بيٺا آهن- ڄڻ ته پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ملڪ ۾ موجود ئي ڪونه ٿا سمجھن! پوءِ هڪڙي محل جو نيلون ۽ منارا، ۽ ٻئي جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڏسي، هن اهي سڃاڻي ورتا، ۽ سمجھي ويو ته ٻنهي جي ايتريءَ ويجھڙائيءَ ۽ سُٻند جو اصلي گُر ڪهڙو هو. مطلب ته ائين مٿان اڏند چادر تي ويهي، گھڻي گھڻي تائين، هو هيٺ ڌرتيءَ تي الله ۽ انسان جا اهي عجب رنگ اکين سان ڏسندو ۽ دل ۾ وهڃائيندو رهيو. ايتري ۾ ڪجھ ڌيان سان جو هيٺ نهاري، ته ڏسي ته هڪڙو وڏو درياءُ آهي، جو بي پرواهه، پنهنجي مستيءَ ڀريءَ موج ۾، ٻنهي ڪپن سان همڪنار ٿيو، ڇوليون ماريندو، اڇلون کائيندو، گڙ گاٽ ڪندو، مزي سان اڳتي وهندو پيو وڃي. هن ڀرئي ڀاڳئي درياءَ جي هڪڙي پاسي وڏو، گھاٽو، چهچ سائو ٻيلو، ڪوهن جا ڪوهه ڦهليو بيٺو هو، ۽ سامهون ٻئي پاسي دل کي ڏتاريندڙ، ڀانت ڀانت جي گلن ڦلن سان ڇانيل، سنئين سڌي، سائي ستابي ڌرتي، ديهن جون ديهون، اڪيلي ئي اڪيلي، ائين پکڙي پيئي هئي، ڄڻ برپٽ ۾ ڪا نئين نويلي ڪنوار کهنبا ويس ڍڪيو، هارسينگا ڪيو، مينديءَ رتڙن هٿن پيرن سان، پنهنجي ڪنهن پنهل جي راهه ۾، اوسيڙي ۽ انتظار جون اکيون وڇايو ويٺي هجي. هيءَ ڀلي ڀٽاري ڌرتي ۽ هو دائمي وهندڙ درياءُ ڏسي، وڏي ڀاءُ جي دل خوشيءَ ۾ ٽمٽار ٿي ويئي، ۽ من ۾ آيس ته ’هتان کان بهتر هنڌ ٻيو هٿ ڪونه ايندو- بس توڪل ڪري هِتي ئي لهي پئجي.‘ دل ۾ اهو خيال اڃا پورو پيدائي ڪونه ٿيو هوس، ته اڏند چادر ازخود مُڙي، ڌرتيءَ ڏانهن منهن ڪري، ڌيري ڌيري، هيٺ لهڻ لڳي ويئي، ۽ انهيءَ ئي گھڙيءَ، جنهن جاءِ تي وڏي ڀاءُ گھريو ٿي، اتي اچي، سواءِ ڪنهن لوڏي لمي جي، سنئين سڌي ٿي پئجي رهي.

 

 
ننڍا ڀائر، دل ۾ وڏي ڀاءُ جا ٿورا مڃي، چپ چپ اٿي چادر تان پير پري ڪري، هٽي هڪ پاسي کان ٿي بيهي رهيا، ۽ وڏي ڀاءُ به لهي، اُتي جو اُتي چادر کي ڇنڊي ڦوڪيءَ  ويڙهي تهه ڪري، ورائي کڻي پنهنجي چيلهه سان سوگهو ٻڌو، ۽ پوءِ هيٺ ڌرتيءَ، تي آسمان ۽ سامهون  درياءَ تان نظر ڦيرائي، وري جو پاڻ ڏانهن ۽ پاسي ۾ بيٺل ڀائرن ڏانهن ڏٺائين... ته ڇا چئجي، بس بهار بهار ٿي ويو! چي، ”پورهئي جي ويل اويل آهي ئي ڪانه ڪم آهي ڪرڻ سان؛ جيترو جڏهن ٿئي، تڏهن چئبو ماڻهوءَ ساري کٽي. بيٺي ڪا شيءِ ڪانه ٿي بنجي. ڳالهين جا وقت ٻيا به گهڻا، هاڻ وٺو ته ڪم کي وٺون!“ تنهن تي، ننڍي ڀاءُ هڪدم ور مان بينسري ڪڍي، کڻي چپن تي رکي، ۽ ان مان اهڙا ته امنگ اٿاريندڙ آلاپ ۽ رس ڀريا سٻاجها سر کڻي ڪڍيائين، جو جنهن ٿي جتي ٻڌا، امالڪ اتان ڊوڙندو انهيءَ گهڙيءَ اچي ٿي وٽن اتي نڪتو. مطلب ته ڏسندي ڏسندي ماڻهن جا ميڙا لڳي ويا. تنهن سان گڏ ڪم جي هيج جي حالت هيءَ، جو هر ڪو ڏس ته ڏهن ڏهن مڙسن جي ڏيکائي پيو ڏئي! بس پوءِ ته الهه توهار ڪري اچي ڪم کي ورتائون. ڇا لڳي ڪم، ڇا لڳن مڙس! کڻي جو نگاهه ڪيو ته جادوگرن وانگر ڏسندي ڏسندي ڇا منجهان ڇا بنائي ڇڏيائون: جهنگ لڳي ويا، لاهه نڪري ويا، ڌرتي سنوارجي ويئي، نار چڙهي ويا، ريج اچي ويا، هرن مٿان هر ڏجي ويا ٻج ڇٽجي ويا، ٻنيون پوکجي ويون- مطلب ته منڊل لڳي ويا. وڏي ڀاءُ جو وري به هر ڪنهن کي اهو ئي چوڻ ته ” ادا، جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي! هوءَ ڌرتيءَ، هي اوهان- ڪاهيندي اَٿوَ  حال!“ ماڻهن کي ڀلا زمين ملي بنهه نويڪلي ۽ نج پنهنجي- نه ڪو چوڻ وارو نه ڪو آکڻ وارو، نه ڪنهن جي غرض نه ڪنهن جي ڪاڻ- سو پورهئي ڪرڻ سان بنهه حيلا ڪري ڇڏيائون؛ هلندي هلندي، ديهن جون ديهون ڪاهي وڃي مٿي چڙهيا- بس برپٽ ۾ باغيچا بنائي ڇڏيائون.

تنهن وچ ۾، هڪڙي ڏينهن، وڏي ڀاءُ سڀني کي سامهون ويهاري چيو ته ”ادا، اَجهي کان سواءِ ماڻهو آهي اگهي جي آچار؛ ڪوسيءَ ٿڌيءَ، مينهن واچ، سک ڏک ۾ گهر ئي آهي، جتي بکيو اُڃو، ٿڪو ماندو ماڻهو ڊوڙي وڃي چار گهڙيون آرام ۽ آسائش جون گذاري سگهي ٿو. پکي پکڻ، جيت جڻئي- ملطب ته سڀ ڪنهن ساهواري کي مٿي لڪائڻ لاءِ مڙيو ئي ڪو بچاءٌ گهرجي، جتي برجر جي بلائن کان بي اونو ٿي، اکيون بند ڪري، پهر اڌ پاسائون ٿي، سک سهنج سان هو سمهي سگهي. سو، پاڻ آخر ڪيستائين وڻن جي اوٽ ۾ ائين ئي اوڙڪ اڏيو پيا رهنداسون! ٻنيون به خير سان کيڙي ڍَڪيو، اس ڏانهن اکيون کنيو، سايون ستابيون ٿيو بيٺون آهن. جيسين وڃي خير سان ڍڍي چؤنڪ رسن، تيسين پاڻ کي ٻي ڪا اون ڪانهي- ڌرتي ڀٽاري پاڻيهي پيئي انهن کي تاتيندي. تنهن وچ ۾ وٺو ته مڙسي ڪري پنهنجي لاءِ ڪي چڱا موچارا اَجها اڏي وٺون.“

وڏي ڀاءٌ جو ايترو چوڻ، ۽ هوڏانهن ننڍو ڀاءٌ وري به پورهئي جي بينسري چپن تي رکي بيهي رهيو. هونئن ته هو پنهنجا پاڻ ۾ به هاڻ ڳچ جيترا همراهه هئا، پر بينسريءَ جي وڄڻ سان ڪٿان ڪٿان جا ڪمي ڪاسبي ۽ ٻيا ڪاريگر به هڪدم اچي اتي ڪٺا ٿيا. وچون ڀاءٌ به ناڻي جي ڳوٿري سنڀالي اچي سڀني سان ڪم ۾ شامل ٿيو. ۽ ته نقشا ٺهي ويا، بنياد پئجي ويا، ڀتيون کڄي ويون، عمارتن پٺيان عمارتون جڙي ويون- مطلب ته سالن جو ڪم مهينن ۾، مهينن جو ڪم ڏينهن ۾ پورو ٿي ويو، ۽ جتي اڳي بنهه سنئون سڌو پٽ لڳو پيو هو، اتي ٿيندي ٿيندي ٿورن ئي ڏينهن ۾ هڪڙو عاليشان شهر اڏجي ويو. ۽ شهر وري ڪهڙو؟ ڇا چئي ڇا چئجي! ماڻهن جا صاف سٿرا گهر ۽ اوطاقون، وڻج واپار لاءِ گدام ۽ بازاريون، مال وجههَ جا وٿاڻ ۽ واڙا، ننڍن وڏن جي راند روند لاءِ ميدان ۽ باغ باغيچا، ٻارن ٻڍن ۽ بيمارن لاءِ خاص بندوبست، اچ وڃ لاءِ وڏيون ويڪريون گهٽيون جن جي ٻنهي پاسي رات جو شمعدان پيا ٻرن، درياءَ جي ڪپ سان پاڻيءَ جا تڙ ۽ وهنجڻ جا گهاٽ جتي صبح شام ڏسو ته ماڻهن جا بس مارڪا متا پيا آهن- مطلب ته شهر ته نه هو. جنسي ڪنهن آسماني ولايت جو هڪ ٽڪرو هو، جيڪو هي پورهئي ۽ پيار تي پلجندڙ انسان اُتان پنهنجن هٿن سان پاڻ لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي کڻي آيا هئا. شهر جي هيءَ ريت رونق هڪ طرف، ته شهر واسين جو سٻنڌ ۽ ساءٌ سواد ٻئي طرف- هرڪو ڀانئي ته ٻئي جو ڀلو ٿئي. چوري چڪاري، زور زبردستي، هُوس حسد ۽ جهڙو فساد ٿين اتي، جتي هڪڙن جي ڪمائي ٻيا کائين. هِتي ته اها ڳالهه ئي ڪانه هئي. وري به آخر هو انسان هئا- سو، ڪٿي ڪا ڪمي بيشي ڪڏهن منجھن پيدا ٿي پوندي هئي، ته وڏو ڀاءُ جھٽ وڃي وچ ۾ پوندو هو. چي، ”ادا، اچو ته گھڙي پل ڏاهپ جي چادر ويڙهي ويهون؛ ڏسون ته ڏوهه ڪنهن ڏانهن آهي!“ بس ائين، اَتي جو اُتي، ڀائپيءَ ۾ ڀل مانسائيءَ جا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي، کيرُ کنڊُ ٿي، کلي خوش ٿي، ڌريون اٿي کڙيون ٿينديون هيون. ڀلا جتي هر ڪنهن کي پنهنجي مان ئي پورائي پيئي ٿيندي هجي، اتي نيٺ به ڇو ڪير ڪنهن جو مٺَگھرو ٿئي؟

ٿورن ئي ڏينهن ۾، شهر جي ههڙي هاڪ ۽ شهر واسين جي هيءَ ناموس هنڌين ماڳين عام ٿي ويئي، ۽ بک ڏک جي ماريل مخلوق جتان ڪٿان پنڌ پَئيِ، اچي اَتي انهن وٽ آباد ٿيڻ لڳي. بس ائين کڻي چئجي ته سڄي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هي شهر امن امان، خير خوشيءَ جو مرڪز بنجي پيو، ۽ ٿيندي ٿيندي، پسگردائي ته پسگردائي پر پري پري جا ڳوٺ به ڪي لڏي اچي ان جي آس پاس ويٺا، ۽ ٻيا وري جتي هئا اتي پڙ ڪڍي بيهي رهيا- چي، ”اسين به ائين ڪنداسين، جيئن هنن ڪيو آهي!“ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳالهيون پکڙجي وييون. ماڻهو اٿي کڙا ٿيا. گھر گھر ۾ اهائي هڪڙي ڳالهه: چي،”جوکيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي، ڌرتي ڪنهن جي ڪينهي- جي آهي ته انهن جي، جيڪي اُن مان اپائين ٿا. ڌن ۽ خوشي آهن پورهئي جي پيدائش: اسان پورهيت بکيا ۽ ڏکيا گذاريون- آئينده ائين ڪين ٿيندو!“

ظاهر آهي ته بادشاهن کان اهڙيون ڳالهيون ڪڏهين به ڳجھيون رهي ڪين ٿيون سگھن. سو ملڪ جي بادشاهه کي جڏهن هن ڳالهه جي خبر پئيِ، تڏهن تپي باهه ٿي ويو- چي، ”هن بغاوت جا باني ڪير آهن؟“ بادشاهه ته بادشاهه، پر بادشاهه جا امير وزير، نواب ۽ سردار ته هيڪاري هَل هلان ۾ اچي ويا، ۽ جڏهن ٻاهر نڪري ملڪ جي روئداد ڏٺائون ٻڌائون، تڏهن ڊپ ۾ دم ائين اچي گھٽجڻ لڳن، ڄڻ ڪو سچو پچو عزرائيل ساهه قبض ڪرڻ لاءِ بنهه سيرانديءَ کان اچي بيٺو هونِ. ڊوڙي اچي بادشاهه کي خبر ڪيائون ته ”جيئندا قبلا، حضور جي سر بخت جو خير هجي، هيءَ سڄي حرڪت هڪڙن ٽن ڀائرن جي آهي، جن مان هڪڙي وٽ پورهئي جي بينسريءَ، ٻئي وٽ ناڻي جي ڳوٿري ۽ ٽئين وٽ خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر آهي- انهن جي آڌار تي ملڪ ۾ فساد مچائي ڏنو اٿن. ڪيترن کي برغلائي، ساڻ وٺي، وڃي جدا هڪڙو شهر ٻڌو اٿن، جتي سڀ ائين آزاد پيا گھمن، ڄڻ ملڪ ئي سندن آهي! ديهن جون ديهون زمين جون ريءَ موڪل کڻي جھليون اٿن فصلن تي فصل پيا کڻن- نه ڍل نه ايريو، ٻئي مٿا ٻهاريو کنيو وڃن. جيڪو ٿو منهن ۾ ملين، تنهن سان اهائي مقال ته ’پورهئي جي پيدا پورهيت ئي کائيندا! ڌرتيءَ تي ڪنهن جي ملڪيت ڪانهي- بس، جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي! هاڻي هن ڳالهه جو ڪو ترت بلو ٿيڻ گھرجي، نه ته، حضور جي بادشاهي سلامت، حضور جي بادشاهيءَ کي سخت خطرو آهي!“

بادشاهه هي ڳالهيون ٻڌي غضب ۾ اچي ويو. اکيون ڪرُڙيون ڪري، ڏند ڪُرٽي، مُٺيون ڀيڙي، ڌرتيءَ دَڙَهو هڻي، وٺي جو زور سان دانهن ڪيائين ته ڀانءِ ته ڳچيءَ جون نسون ڦوڪجي ڦوڪجي مرڳو ٿيون ڦاٽنس. چي، ”ڪٿي آهي اسان جو لشڪر؟ بس، هينئر جو هينئر چڙهائي ٿئي! انهن بغاوت جي بانين، ٽن ڀائرن کي، ڳچيءَ ۾ رسا ٻڌي، گھوڙن کان گھِلائي، سُڀوڪي سج ۾ هتي اسان وٽ آندو وڃي؛ سندن باغي شهر کي بنا دير جي ڊهرايو وڃي‘ ڊهرائي ساڙايو وڃي، ساڙائي ڊهرايو وڃي- مطلب ته ان جو نالو نشان نه رهي، ٺهلو دڙي جو دڙو باقي وڃي بچي- بلڪ ان تي به هَرَ ڪاهرائي، ڪيڻون گھمارايون وڃن، ته جيئن بنهه زمين سنئين زمين ٿي وڃي!“

بادشاهه جو وزير هو ڏاهو ڪانءُ، تنهن سوچيو ته ملڪ بيٺو آهي تتو، تنهن تي تيل جو ڇنڊو ٿيندو ستل باهه کي هٿ وٺي جاڳائڻ- چوڌاري ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿندا. ايڏاءَ اٻهرائيءَ مان ڪي ڪين ورندو، مرڳو ڳالهه اچي ڳچيءَ کان  وٺندي. تنهن وجھ وٺي، هٿ ادب جا ٻڌي، بادشاهه کي کي عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، بندو جان جي امان ٿو گھري، پر ڏاهن چيو آهي ته ’جا ننهن سان ڇڄي، تنهن کي ڪاتي نه هڻجي.‘پاڻ کي هيءُ ڪم ائين ڪرڻ کپي، جو نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. آءٌ سمجھان ٿو ته هنن ٽن ڀائرن وٽ اِهي جيڪي پورهئي، ڌن ۽ ڏاهپ جون  ٽي چيزون آهن، جن تي اڄ هيتري هستي ڪيو  بيٺا آهن، سي جيڪڏهن کانئن کسي وٺجن، ته سارو معاملو هوند جيئن آهي تيئن، اُتي جو اُتي، هڪدم رفع دفع ٿي وڃي. ترڪيب ان ڪم جي منهنجي ذهن ۾ هيءَ ٿي اچي ته شڪار جي مقصد سان فوراً هتان نڪري اوڏانهن هليا هلون، ۽ سندن شهر جي آمهون سامهون، درياءَ جي ٻئي ڪناري تي جيڪو شاهي ٻيلو آهي، تنهن ۾ هلي منزل ڪيون. اتي پهچي ڪنهن حيلي بهاني سان ٽنهي ڀائرن کي پاڻ وٽ گھرائي وٺون. هڪ ڀيرو هو پاڻ کي ائين هٿ اچن، پوءِ باقي ڪارروائي ڪا خاص ويرم ڪانه وٺندي- مون کي پڪ آهي ته اهي ٽي شيون، جيڪي وٽن ٻڌجن ٿيون، سي هر حالت ۾ ساڻ هوندين!“ بادشاهه وزير جي هيءَ صلاح ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن کي جوڳا انعام اڪرام ڏيئي، حڪم ڪيائين ته ”هڪدم شڪار جي تياري ڪئي وڃي“..... ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، اميرن وزيرن سميت، پنهنجي سموري شاهي اٽالي سان، اٿي ٿيو اوڏانهن روانو؛ ۽ هلندي هلندي، ڪن ڏينهن پڄاڻا، نيٺ، ٽن  ڀائرن واري نئين شهر جي بنهه آمهون سامهون، درياءَ جي ٻئي ڪپ تي، وڏي شان مان ۽ تاب طولان سان اچي منزل انداز ٿيو.

اُتي پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن، وزير کي پاسيرو نيئي، صلاح پختي ڪري، بادشاهه پنهنجا خاص هڪڙا ٻه اعتبار جوڳا ماڻهو ڏياري موڪليا ته ٽن ڀائرن کي دعوت ڏيئي، وڏيءَ عزت آبروءَ سان، خاص شاهي ڪشتيءَ ۾ ويهاري، پاڻ سان گڏ وٺي اچن. هوڏانهن شهر ۾ چؤ ٻول مچي ويو- چي، ”بادشاهن جا قدم ڳرا- خيري توڙي ناخيري، ٻنهي کان پناهه! هن پٽ ۾ بادشاهه جي هيءَ بي مندائتي منزل لاشڪ ڪا آپدا آڻيندي!“ وري جو پرينءَ ڀر کان شاهي ڪشتيءَ کي پنهجي پاسي ايندو ڏٺائون، ته هيڪاري هراسجي ويا، ۽ ڊوڙي وڃي وڏي ڀاءُ کي وٺي آيا ته من ڪو معاملي جو سنئون منهن ٿئي. وڏو ڀاءَ اچڻ سان ڪناري تي بيهي رهيو. جڏهن شاهي ڪشتي ڪناري ڀيڙي ٿي تڏهن وڌي ان جو پڳهه ورتائين، ۽ سلام ورائيندي، آيلن جي آدرڀاءَ لاءِ وک وڌائي وٽن ويو، ۽ ساڻن حالي احوالي ٿي، سڀني کي خير جي خاطري ڏيئي، مهمانن کي سڌو پنهنجي اوطاق تي وٺي آيو. اوطاق تي پهچڻ سان هنن جِي پنهنجن ننڍن ڀائرن سان ملاقات ڪرايائين؛ پوءِ کين ماني ٽُڪرُ کارائي، هنڌ ٽپڙ ڏيئي، آرامي ڪري، ٽيئي ڀائر گوشائتا ٿي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ ويهي رهيا. ننڍا ته ننڍا، پر وڏو ڀاءُ به منجھي پيو ته هاڻي ڇا ڪجي! دعوت ڀلا بادشاهه جي، سو موٽائڻ به مشڪل! نيٺ، سوچيندي سوچيندي، ڳالهه کي ته هو سمجھي ويا ته ڪا مڙيئي سٽيل آهي، نه ته بادشاهه، ۽ کين ايڏي آب مان ۽ اشتياق مان دعوت ڏياري موڪلي، سا آخر ڇا لاءِ! هاڻي، جي انڪار ٿا ڪن، ته مرڳو شهر ئي ٿو اچيو وڃي آئيءَ ۾! اِتي، وڏي ڀاءُ،ڳالهه کي وچ ۾ ڪپيندي، چيو ته ”ادا، هلڻو پاڻ کي ضرور پوندو، پوءِ جيڪا جڙي آئي، سا برسر مٿي تي. چوندا آهن ته ’پٿر کي پٿر سان ڀڃبو آهي‘“ پاڻ وٽ، جي طاقت نه آهي، ته هوش پوءِ به هٿان ڪونه ڇڏينداسين؛ عقل ۽ اٽڪل سان جنَّ به ماڻهوءَ جا مطيع ٿيو پون. بادشاهه جيڪڏهن پاڻ سان عقل جي کيڏ ٿو کيڏي، ته وسان پاڻ به ڪين گھٽائينداسين، پر جي طاقت سان ٿو اسان کي مات ڪرڻ گھري، ته هيءُ ڀيرو ته پاڻ به سندس قبضي ۾ اچڻ وارا ڪين آهيون- پوءِ اڳتي جي ڳالهه اڳتي سان. ماڻهن جي اسان کي به کوٽ ڪانهي؛ نڪي وري ملڪ ۾ بادشاهه ٺلها گل ئي پئي پوکيا آهن!“ ائين چوندي، وڏي ڀاءُ پنهنجي اڏند چادر کي هٿ ۾ جھلي، ڇنڊي، وري کڻي ڪلهي تي رکيو. مطلب ته دير دير کان پوءِ، هڪَّ صلاح بيهاري، پنهنجن ڪن خاص حال- ڀائين کي معاملي جي خبر ڏيئي، ٽيئي ڀائر موٽي بادشاهه جي ماڻهن وٽ آيا؛ چي، ”بادشاهه سلامت جو عين احسان آهي، جو اسان مسڪينن کي ياد فرمايو اٿن- اسين ته هوند هونئن به سندن خذمت ۾ اچي حاضر ٿيون ها؛ اوهين آيا آهيو، ته اسان جي اکين تي؛ جڏهن ارادو هجي، تڏهن بس حڪم جي دير آهي، اسين هر طرح تيار آهيون.“ اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه جا ماڻهو اٿي بيهي رهيا؛ چي، ”دير جي ڳالهه ئي ڪانهي، بادشاهه سلامت اسان جي انتظار ۾ ئي هوندو؛ سج به اچي لهڻ تي بيٺو آهي؛ جي هلڻو آهي، ته هينئر ئي هلجي ته بهتر.“ قصو ڪوتاهه ته ٽيئي ڀائر بادشاهه جي ماڻهن سان گڏجيءَ اچي شاهي ڪشتيءَ ۾ سوار ٿيا. واءُ به سڻائو پئي لڳو، سو خير سان درياءُ اُڪري، سج اڃا لٿوئي مس، ته سڀ اچي بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيا.

بادشاه وٽ دعوت جي اڳي ئي تياري ٿي پيئي هئي- دسترخوان وڇايا پيا هئا، طرح طرح جا طعام تيار رکيا هئا، بادشاهه جا امير وزير ۽ درٻاري سڀ پنهنجين پنهنجين جاين تي ويٺا هئا- مطلب ته باقي مهمانن جوئي انتظار هو. ٽن ڀائرن کي پري کان ايندو ڏسي، وزير اٿي اڳتي وڌي آيو، ۽ کين نيئي پهريائين بادشاهه سان ملاقات ڪرايائين، ۽ پوءِ آڻي دسترخوان، جي هڪڙي پاسي پنهنجين مقرر ٿيل جاين تي بيهاريئينِ. وڏي ڀاءُ، هيڏانهن هوڏانهن نهاري، چپڙي ڪري، پنهنجي اڏند چادر کولي سامهون کڻي وڇائي، ۽ ٽيئي ڀائر ان تي چڙهي ويهي رهيا. وڏي ڀاءُ جي اها ڏاهپ ڏسي، وزير چپ چاپ بادشاهه کي ڏيڍيءَ اک جو اشارو ڏنو، ۽ پوءِ ٻنهي، منهن ٻئي پاسي ڪري، کلي ڏنو. ايتري ۾ قسمين قسمين کاڌا سامهون رکجي ويا، شراب خانه خراب جا دؤر شروع ٿي ويا، رقص ۽ سرود جا رنگ مچي ويا، مد هوش دعوتين جا ٽهڪن مٿان ٽهڪ فضا ۾ گونججي ويا، مطلب ته بادشاهي دعوتن ۾ جيڪي ڪجھ ٿيڻ گھرجي، هِتي هر ڳالهه ان کان اڃا ٻه رتيون ڪسر کنيو بيٺي هئي. هيڏانهن هي ويچارا ٽي ڀائر، حيران ۽ پريشان، هر هر هڪٻئي ڏانهن نهاري، اڌارن انسانن وانگر ڊڄي ڊڄي، گرنهه ٻه گرنهه کڻندا رهيا... ۽ آخر شربت جو گلاس گلاس گھرائي، پِي، هٿ ڇنڊي، پنهنجو منهن وٺي، چپڙي ڪري ويهي رهيا. هوڏانهن بادشاهه توڙي وزير، اڻ ڄاڻ بنيا، منجھن ائين اکيون وجھيو ويٺا رهيا، جيئن ڪنهن بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻگھ پکي مڇين جھلڻ لاءِ ساهه سڪايو جُوهه وجھيو ويٺا رهندا آهن.... تان جو ٽن ڀائرن شربت جا گلاس پي اڃا پورائي مس ڪيا، ته وزير ۽ بادشاهه ٻيئي هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيا. گھڙي نه گذري، ته ائين ويٺي ويٺي، ٽيئي ڀائر، اُتي جو اُتي ڍرڪي ساڻا ٿي، ڪري پيا! هوڏانهن سڀ دعوتي حال ته هيبت ۽ هراس ۾ وٺجي ويا! بادشاهه ۽ وزير ائين اڳتي وڌيا، ڄڻ هيءَ هنن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. پوءِ ٽن ڀائرن جي مٿان بيهي، بادشاهه پنهنجن هٿن سان هڪڙي کان پورهيو کسيو، ٻئي کان ڌن ڦريو، ۽ ٽئين کان خوشي ۽ ڏاهپ چورائي ورتي. ان کان پوءِ، بيٺي ئي بيٺي حڪم ڏنائين ته ”هنن کي ٻيڙيءَ ۾ وجھي، رات وچ ۾، پرينءَ ڀر ڦٽي ڪري اچو؛ سجاڳ ٿيندا ته پاڻيهي پتو پوندن ته ملڪ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي؛ ڀل ته ٻيا به هنن جي حالت ڏسي عبرت جو سبق سکن!“ وڏي وڏي اسر، جڏهن ڪڪڙن پهريان دس ڏنا، تڏهن هي اسان جا ٽي ڀائر ٿڙي ٿڦڙي سجاڳ ٿيا، ۽ ڊگھا ڊگھا ساهه کڻي، ڪر ڀڃي، اکيون مهٽي اٿي ويهي رهيا. وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهاري، کڻي جو پاڻ سنڀالين ته همراهن جا تاڪ لڳي ويا. چي، ”ڇا منجهان ڇا ٿي ويو؟ گهڙيءَ ۾ الهه تلهه وڃائي ويهي رهياسين! باقي پاڻ وٽ ڇا بچيو آهي، جنهن لاءِ اڳتي جيئڻ تي جيءٌ وَري!“ تنهن تي وڏي ڀاءٌ چين ته ”پنهنجي الهه تلهه ڦرڻ وارو، هوڏانهن درياءَ جي ٻيءَ ڀر، جيئرو جاڳندو، هينئر به محفلون مچايو ويٺو آهي. ٺڳجڻ ۾ ٿي اچي، ته ڏاهپ ۾ به ٻٽنگي ڦاسيو پوي. پاڻ جيڪڏهن ڦُرجي سگهون ٿا، ته ڦُري به سگهون ٿا. ايتري ۾ همت هاري، حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي رهڻ سان ڪنهن کي ڪهڙي شهه اچي ويندي؟ مڙسن جي هميشه پوئين ملهه ٿيندي آهي. چاليهه راتيون چور جون آهن، ته ايڪتاليهين ساڌ جي به اَوسَ اچڻي آهي، جي مرڻ سڀني سورن جو علاج ٿي سگھي ٿو، ته هيتري جڳ ۾ هوند ڪو جئي ئي ڇو؟ پاڻ کي جو ڪجهه هٿ آيو، ۽ جهڙيءَ ريت اهو وري پنهنجي هٿان وڃائجي ويو- ٻيو نه، ته هاڻي انهيءَ هڪڙيءَ ڳالهه لاءِ ئي پاڻ کي زنده رهڻو آهي. اجائي افسوس مان نه هڙ نه حاصل. هاڻي اٿو ته مڙس ٿي، هلي ڪنهن ڳالهه جي ڳڻ ڪريون!“ پوءِ ٽيئي ڀائر اٿي پيرن ڀر ٿيا، ۽ سج اڀرئي کان اڳ ئي رڙهي وڃي سامهون شهر ۾ پنهنجي گهر رسيا. گهر پهچڻ سان وري به پنهنجن ٻن چئن حال- ڀائين کي سڏي، وڏي ڀاءُ سڄيءَ روئداد کان واقف ڪيو. چي، ”بادشاهه جا ماڻهو آيا ڪي آيا؛ بهتر صلاح آهي ته اسان ٽن ڀائرن کي شهر ڇڏي، ڪيڏانهن ٽري وڃڻ گهرجي. جيسين حالتون وري وڃي سازگار ٿين. اوهان بي ڊپا ٿيا، جيئن آهيو تيئن ويٺا رهجو. مقابلي جي ڳالهه ڪانهي. ملڪ سڄُ اڃا اڌمئو ٿيو پيو آهي؛ هٿين خالي ۽ ڇُڙ مڙهيءَ سامهون ٿيو ته سڄو شهر نابود ٿي ويندو- ڪٿان به ڪا مدد ملي ڪانه سگهندي. هي ڀيرو هيٺاهين وٺي، دشمن جو وار گسائجي ته چڱو. تنهن وچ ۾، اندران ئي اندر، هٿيار پنوهار هٿ ڪجن، ۽ اورري پري جي ماڻهن کي سجاڳ ڪبو رهجي، ته وري به ويل ڳالهه ڪڏهن نه ڪڏهن ورائي وجهبي.“ ائين چئي، ٽيئي ڀائر، سڀ ڪجهه اتي ڇڏي، جيئن پهرين ڳوٺان نڪتا هئا، تيئن هاڻي به فقط پنهنجا تير ڪمان ڪلهن ۾ وجهي، سڌو بادشاهه جي راڄڌانيءَ جو رخ ڪري، همت جو سندرو ٻڌي، اٿي پنڌ پيا.

مڙس هئا جامڙد سو پنڌ ۾ جو اچي پيا ته ٿڪجن ئي نه هلندي هلندي ڏينهن پئجي وين. هوا جي پکين ۽ جھنگ جر جي ميون مڇين تي گذر سفر ڪندا، واٽ تي ننڍا وڏا ڳوٺڙا جيڪي منهن ۾ ٿي پين، تن جي ماڻهن سان حال احوال اوريندا ۽ انهن کي ڳالهيون مهاڙيون سمجھائيندا ٻڌائيندا، نيٺ اچي راڄڌانيءَ کان ڏينهن ٻن جي پنڌ تي پهتا. هڪڙي ڏينهن اتفاق اهڙو ٿيو، جو سڄو ڏينهن گذري وين، پر ڪوبه شڪار هٿ نه ڪونه چڙهين. آخر سج اچي لهڻ تي بيٺو، ۽ بک بنهه اهڙو اچي حال ڪين، جو ڀانءِ ته آنڊا ٿي منهان آين. نيٺ اڳتي هلڻ کان بنهه عاجز ٿي، هڪڙي هنڌ ويهي رهيا. ايتري ۾ ڪونجن جو هڪڙو ولر پريان اڏامندو ايندو ڏٺائون، سو پنهنجا تير ڪمان کڻي، تيار ٿي بيهي رهيا؛ ۽ وجھ ۾ ايندي ئي شست ٻڌي، کڻي پنهنجا تير ڇوڙيائون. ننڍن ڀائرن جا نشانا ٺيڪ لڳا، وڏي ڀاءُ جو تير گسي ويو- ۽ ٻه ڪونجون گھڙيءَ ۾ اچي هيٺ ڪريون. ڪا مهل نه گذري، ته وڏي ڀاءُ کي مٿي هڪڙو ٻيو پکي نظر چڙهي ويو، ۽ اُتي جو اُتي ڪمان مان تير ڪشي، ان کي ڪيرائي وڌائين. پوءِ انهيءَ ئي مهل ٽنهي ڀائرن ڪاٺيون ميڙي، گڏ جي باهه ٻاري؛ ۽ پکين کي حلال ڪري، کَلي صاف ڪري، پچائڻ ويهي رهيا. ننڍن ڀائرن نه ڪئي هم نه تم- ٽانڊن تان پنهنجي پنهنجي ڪونج لاهي، ڦُوڪي، ٺاري، ڪجھ هٿن سان، ڪجھ چڪن سان ڇِني، پَٽي، خوب مزي سان ويهي کائڻ لڳا. پر وڏي ڀاءُ خيال ڪيو ته ’پکي آهي نئين قسم جو، ڪٿي ڪا خرابي نه ڪري وجھي!‘ سو ڊڄي ڊڄي، آخر ان جي هڪڙي تڙ پٽي، وات ۾ کڻي وڌائين... ٿورو چٻاڙيائينس، ته سواد آيس- جيئن وڌيڪ تئين گھڻو... پر سواد به ڪهڙو! زندگيءَ ۾ پکي هن به ذات ذات جا کاڌا هئا، پر هن پکيءَ جھڙي سواد جي سانڀر گھٽ ۾ گھٽ اوڏيءَ مهل ته هُن کي ڪانه پيئي سگھي. پوءِ ته سڀ دل جا اٺسٺا ڦٽي ڪري، گوڏو ڀڃي، پکيءَ کي کائڻ ويهي رهيو. کائيندو وڃي، کائيندو وڃي- ۽ ڪيڏيءَ مهل منهن تي ڪجھ سُر سُر ۽ بار محسوس ڪيائين.... پوءِ ٿيندي ٿيندي، نيٺ ڇا ٿي ويو- بس، اُن جو بيان ڪيئن ڪجي! معاملو ئي اهڙو هو! مطلب ته نه ڳالهه نه مهاڙ، نه ٺهي نه جڙي، نه وجَھَ  نه واسطو- ائين ئي کائيندي کائيندي، همراهه جي نَڪَّ اٿي وڌڻ شروع ڪيو! پر نڪ وڌي وڌي به آخر ڪيترو ٿو وڌي سگھي؟ هڪ آڱرُ ٻه آڱرَ، گرانٺ ٻه گرانٺيون، هٿُ ٻه هٿ- پر هتي ته ڪا حد ئي ڪانه هئي... وڌي وڌي وڃي ملڪ کنيائين! ويچاري وڏي ڀاءُ جا ٻئي هٿ نڪ ۾، ننڍن ڀائرن اٿي کڻي ڀاڪرن ۾ جھليس؛ پر نڪ چوي ته مون کي جو وڌڻو آهي، سو وڌندوئي ويندس ڪَنڊن مان ڪرڙن مان، کڏن مان کوٻن مان، ٻنين مان ٻيلن مان- مطلب ته نڪ جئين پوءِ تئين وڌندو وڃي! اِتي وڏو ته وڏو پر ننڍا ڀائر اچي ششدر ٿيا ته نڪ ته ويو، پر نڪ سان گڏ مڙس به ٿو وڃي! خبر ئي نه پئي پوين ته هي ٿي ڇا ويو، ڇا کان ٿيو، ۽ هاڻ ڪرڻ ڇا گھرجي؟ گھڻوئي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيا ڊڪيا، پر ڳالهه جا وسان نڪتل هوندي، تنهن ۾ انسان ڪري به ڇا ٿو سگھي!

ايتري ۾ لنؤڻو ورائي، جو پٺيان نهارين، ته ڏسن ته اهوئي سندن يار، آڱر جيڏڙو ماڻهو، پنهنجي ٻليءَ جيڏڙي گھوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو، بنهه مينهن واچ وانگر، ڏانهن ڪاهيندو پيو اچي! هن کي ائين ايندو ڏسي، ڀائرن جي دلين ۾ نئين سر ساهه پئجي ويا- چي، ”ٿيڻو هوندو ته ڪونه ڪو بلو هاڻ ٿي پوندو!“ هن عجوبڙي به اچڻ سان، حال احوال کان واقف ٿي، پاسي ۾ بيٺل هڪڙي ٻوٽي جا ٻه چار پن پٽي، پنهنجن پتڪڙن هٿن ۾ انهن کي مهٽي سهٽي، کڻي وڏي ڀاءُ جي وات ۾ وڌو- ڄڻ ڪو ڀوڳ ٿي ڪيائين! پر، چوندا آهن ته ”ڪک ۾ به ڪرامت ٿي ٿئي“- سو، جئين ئي وڏي ڀاءُ جي وات ۾ پن پيا، ۽ انهن کي هن ٿوري چٻڙ ڏني، ۽ انهن جي رس هن جي نڙيءَ کي سائو ڪري، ٿورو هيٺ لٿي، تئين ئي هن جي نڪ وٺي سوس کائڻ شروع ڪئي! ڳالهه ته برابر ويسهه ۾ اچڻ جھڙي نه هئي، پر سڀني جي بنهه اکين اڳيان سڀ ڪجھ پئي ٿيو، سو مڃڻ يا نه مڃڻ جو ته هتي ڪو سوال ئي ڪونه هو. جيئن جيئن پئي وڌيڪ پن هن چٻاڙيا ۽ کاڌا، تيئن تيئن هن جو نڪ، اِنگھيل رٻڙ وانگر، پئي پوئتي هٽيو- تان جو ٿيندي ٿيندي، وڏي ڀاءُ جي هن بلا جيڏي نڪ ڪيڏيءَ مهل خير سان اچي پنهنجِي اصلوڪي جاءِ ورتي. پنهنجي هن پدمڙي يار جو هيءُ ڪرتب ڏسي، ٽيئي ڀائر بس عبرت ۾ پئجي ويا- هوش ئي نه هجين، جو ڪو اکر ڪڇي سگھن. وڏي ڳالهه ته هن جو هيڏو هيءُ ٿورو مڃين ته ڪهڙن لفظن ۾ مڃين؛ اصل بت بنيا هن ۾ اکيون وجھيو ويٺا رهيا. آخر هن عبرتناڪ اڀامڙي چين ته ”ميان، مُنڌا ڇو آهيو؟ ڳالهه آهي ته ڪي به ڪين! هِن وڏي ڀاءُ جيڪو پکي کاڌو، تنهن جو نالو اَٿو ’پرمار‘ ۽ ٻوٽو جنهن جا پن مون هن کي کارايا تنهن جو نالو اٿو ’شرم ٻوٽي‘ پرمار پکيءَ جو ڪم آهي پرائِي ماري کائڻ: ۽ جيڪي پرائي ماري کائين، تن کي، بادشاهن وانگر، نه ٿئي ناسَ نه پِتو- نڪ ته بنهه ٿئين اَٽي جو؛ سو جيسين هٿ ڏيو نڪ کي لڪايو ويٺا رهن ٿا، تيسين ته خير؛ پر جيئن ئي سندن وکا ٿا پڌرا ٿين ۽ ڳالهيون ٿيون کُلن، تيئن ئي سندن نرلڄا نڪ بنهه بُدڙڪُ ڏيو اچيو ٻاهر ٺڪاءُ ڪن، ۽ دنيا جھان کي ويٺي ويٺي پتو پئجيو وڃي ته هنن حرام- کائُڻ جا نڪ اجھو هيڏا ٿا ٿين. هن اسان جي وڏي ڀاءُ به کاڌو ’پرمار‘- سو ان جي ڇڪ ٿي ويس؛ پر ’شرم ٻوٽي‘ کارائي، هاڻ سندس نڪ کي مَرُ لڳڻ ۽ وڍجڻ کان بچائي ورتو اٿئون. اوهان بنهه بيفڪر ٿي، جيڏانهن وڻيوَ، تيڏانهن هاڻ هليا وڃو!“ ائين چئي، هي ننڍڙو همراهه ائين جو ائين ڀائرن کي ڇڏي،جيئن آيو هو، تيئن هليو ويو. رات به ذري گھٽ وهامڻ تي اچي بيٺي هئي؛ ننڍا ڀائر بنا ڪڇئي پڇئي، اوجھراڻيون کائي کائي، ائين ئي پاسو ڏيئي سمهي رهيا؛ پر وڏو ڀاءُ چپ چاپ ويٺو رهيو، ۽ ويٺي ويٺي اکين ۾ ئي رات گذاري ڏينهن ڪري ڇڏيائين.

وڏي ڀاءُ پوءِ ڌونڌاڙي ننڍن ڀائرن کي هوشيار ڪيو، ۽ سج سنوان، ٽيئي ڀائر اٿي پنڌ پيا. ويندي ويندي، وڏي ڀاءُ چين ته ”مون پاڻ لاءِ هاڻ هڪڙو نئون ڌنڌو سوچيو آهي!“ پڇيائونس، ”ڪهڙو“ چي، ”پاڻ هلون ٿا بادشاهه جي راڄڌانيءَ ڏانهن. اتي، پنهنجي يا پدمڙي جي چوڻ وانگر، حرام کائُو جيڪي سو گھڻا ٿا رهن، جن جو اٿندي ويهندي ڌنڌو ڦرمار جو ته آهي ئي، پر وات جي چسڪي سان مڙيوئي زياده چاهه اٿن! پاڻ به هلي ٿا هنن کي پڪلن پکين جي ڪجھ موج وٺايون. اوهان ٻئي جوان مڙس آهيو تيراندازيءَ ۾ تيز، سو ڏيهاڙي پکي ماريو اچجو، ۽ آءٌ هلي ٿو دڪان لڳائي ويهي رهان؛ پر خبردار ڪو پرمار پکي ماريو اَٿوَ! پرمار هونئن به ملڪ ۾ ٿورا ٿا ٿين، سو جڏهن به ڪو نظر چڙهيوَ ته ان کي اک ۾ رکي، مون کي اچي ڄاڻ ڪجو!“ بس، پوءِ جيسين راڄڌائيءَ ۾ پهچن، تيسين اهو سارو ڏينهن ٽنهي ڀائرن هلندي هلندي، وٺي کڻي پکين جو شڪار شروع ڪيو، ۽ جيئن ئي ڏينهن لڙئي اچي راڄڌانيءَ جي ويجھو رسيا، تيئن وٽن پکين جا کوڙ لڳي ويا. پوءِ شهر ۾ اندر داخل ٿي، هڪڙو گوشائتو پاسو جھلي، باهه جو مچ کڻي ٻاريائون، ۽ پکين کي کَلي ٺاهي، ويهي ٽانڊن تي پچائڻ لڳا. پکي به پچي اچي راس ٿيا، ته ماڻهو به اچي مِڙيا- بس ويٺي ويٺي سمورا پکي هٿن تي کڄي وين. ٿورا گھڻا ڏينهن ائين گذرين، ته پئسا به ڪجھ اچي وٽن جمع ٿيا- سو شهر جي وچ چؤنڪ تي هڪڙو چڱو موچارو دڪان وٺي، ان کي سينگاري ٺاهي، شاهه نانوائي بنجي ويهي رهيا. پوءِ ته اچي سندن دڪان هليو؛ شام جي وقت ڏسو ته ماڻهن جي ايڏي پيهه لڳيو وڃي، جو وارو ملڻ ئي مشڪل. محنت سان هنن به ڪين گھٽايو- هر قسم جا پکي وٽن موجود: تتر، ٻٽيهر، ڀاڙو، پٽ تتر، ڳيرا، پاريهر، وهيا، بدڪون، آڙيون، نيرگيون، تلوريون، هنجھ، ڪونجون- مطلب ته ذات ذات جا پکي- ڪي پيا پچن ته ڪي پيا ترجن، ڪي پيا رڌجن ته ڪي پيا ٻاڦجن. وڏي ڀاءُ کي به ڪي هنر ياد هئا پکين ٺاهڻ جا! هڪڙا پکي اچن تازا ۽ قسمين قسمين، ٻيو انهن کي اچن گيهه جا مک ۽ ڏنگن مٿان ڏَنگا ۽ سَنڌ سَنڌ ۾ پئجين ڀانت ڀانت جو سرهو سلوڻو مسالو- پوءِ ته تيار ٿي اچي اڳيان رکجن، ته ’جو نه کائي سو پڇتائي ۽ جو کائي سو سڄي عمر ياد ڪري‘ وارو معاملو بنجيو وڃي.

اِتي ڀائرن جي دڪان جي هاڪ وڃي بادشاهه جي ڪنن تائين رسي، ۽ هڪ ٻن پکين کائڻ کان پوءِ، پکي اچي بادشاهه جي ڏاتِ لڳا، ۽ اهڙو اچي بادشاهه والاجاهه پکين تي هريو، جو جيسين پڪل پکي شام جو دسترخوان تي آڏو نه اچيس، تيسين ٻيون کڻي ڪيترويون به ست رڇيون سامهون هجنس، ته به گرنهه نڙيءَ کان نيٺ  نه لهيس. شاهي بورچين ۽ خانسامن جا مانَ مٽيءَ ۾ ملي ويا- گھڻيئي پنهنجا هنر هلائين، پر بادشاهه چوي ته پڪل پکيءَ کان سواءِ سڀ بيڪار! ٿيندي ٿيندي، بادشاهه جي اصل اها ٺُڪ ٻڌجي ويئي- ڏيهاڙي سج لهڻ سان ئي شاهي رڪابدارُ ڏسو ته هٿ ۾ ڍاڪئون جھليو، دڪان جو در وٺيو بيٺو آهي- چي، ”بادشاهه سلامت جن کاڌو آڏو رکيو، هٿ روڪيو ويٺا آهن؛ ٻين کي ڇڏ، بادشاهه جو پکي تيار ڪر- متان اچي نه وڃين ڪنهن ڪُمهريءَ ۾!“ هوڏانهن بادشاهه جو وزير باندبير وري پنهنجي منهن ڀائرن جي پڪل پکي لاءِ ٻاتاڙيو ويٺو رهندو هو. اهڙيءَ طرح ڏينهن جا ڏينهن پئي گذريا، ۽ ڀائرن جي پڪل پکيءَ جا هڳاءَ جيئن پوءِ تيئن زياده هر طرف پئي پکڙيا.

رکي رکي، هڪڙي ڏينهن، وڏي ڀاءُ ننڍن ڀائرن کان پڇيو ته ”هيترن ڏينهن ۾ ڪو’پرمار‘ به هن جوُءِ ۾ اوهان کي نظر چڙهيو؟“ ننڍان ڀائر ته پنهنجي منهن هونئن ئي هنن جي پير پکين جي تاڙ ۾ هئا، سو ٻڌندي ئي جواب ڏنائون ته ”گھڻا ته نه، پر ٻه هڪڙا مڙيوئي ملڪ ۾ موجود آهن- صبح جر پهر ۾ شڪار تي نڪرن ٿا؛ جي صلاح هجي، ته سڀاڻي ئي کڻي سيخ ڪجين!“ وڏي ڀاءُ هيءَ ڳالهه ٻڌي، کلي کڻي چپ ڪئي، پر ننڍا ڀائر سمجھي ويا ته ”پرمارن“ جا ڏينهن هاڻ اچي پورا ٿيا آهن. نتيجو هي نڪتو، جو ٻئي ڏينهن ٻئي پرمار پکي اٿندي ئي ڌَڪجي پيا، ۽ سجھندي ئي وڏي ڀاءُ وٽ سيخ ٿيڻ لاءِ پهچي ويا. نيٺ سج لٿو، شام ٿي، ۽ وڏي ڀاءُ جي دوڪان به اچي رونق ورتي؛ ماڻهو اچي ميڙيا.... بادشاهه ۽ وزير جي رڪابدارن جي اهائي تڪڙ ته ”ميان، اسان کي پهرين هلاءِ! هتُي آهن، جو هٿ جھليو ويٺا آهن، ۽ تون آهين، جو ڊيلهه لائي ڏني اٿئي- ڄڻ ڪنهن ڪوريءَ مچيءَ سان  ڪم پيو اٿئي؛ ڪجھ سر جو به خير گھرجئي ڪينَ نه!“ وڏي ڀاءُ چين ته ”سائين منهنجا، غريبن تي گرم نه ٿيو: هي وٺو، پهرين توهين! اسان مسڪينن جي ڪهڙي مجال، جو ملڪ جي مالڪن کي ناراض ڪيون؟“ ائين چئي، ٻن خاص پڪل پکين کي کڻي، نئين سر انهن کي گيهه جو مک ڏيئي، ٽانڊن تي ٻيهر سيڪي، گرم ڪري، ٺهي جوڙي، ڊاڪونئن ۾ نهايت شانائتي نموني ۾ رئي، کڻي هنن جي هٿن ۾ ڏنائين. ۽ پوءِ هو ٻين گراهڪن کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي ويو. دڪان تي اهائي پيهه پيهان: هڪڙا ٿي آيا ٻيا ٿي ويا- مطلب ته روزمرهه وانگر رنگ متو پيو هو.

ائين ئي بيٺي بيٺي، ڪا مهل گذري ته اوچتو اوچتو شهر ۾ رڙ پئجي ويئي .... چي، ”بادشاهه جو نڪ وڌي ويو!“ ماڻهون حيران، اعتبار ئي نه پيو اچين. چي، ”هيءَ به ڪا ڳالهه- نڪ وڌي ويا آهن؟“ پر ايتري ۾ بادشاهه ۽ وزير جا نڪ مبارڪ پنهنجي سر پاڻ بنهه محلاتن جون ڀتيون ڀڃي ۽ دروازا ٽوڙي اڳوپوءِ ٻاهر نڪري آيا، ۽ سڌو شاهي رستو ڏيئي ٻٽوٻٽ اٿي اڳتي هليا. جيسين شهر جو پڪو رستو وٺي پئي ويا، تيسين ته خير؛ پر جڏهن وڃي پڌر ۾ پيا ۽ کڏن کوٻن، ڪنڊن ڪرڙن ۽ دڙن دڪن جون لاهيون چاڙهيون ۽ رهڙون رهڊون اڳيان آين، بس پوءِ ته الله ڏئي ٻانهو سهي... بادشاهه سلامت هڪڙي پاسي ۽ وزير باتد بير ٻئي پاسي، رڙورڙ لائي ڏنائون- دانهن مٿان دانهون، اوناڙن مٿان اوناڙ-ڪير ٻڌي، ڪير سهي! ڀائرن جي يار پدمڙي جي ڳالهه وانگر بادشاهن جا نڪ ته هونئن به ٿين اٽي جا- ڦنڊڪ به نه سهن؛ سو اوچتو جو اچي هنن عقوبتن ۾ پيا، ته بس محشر مچي ويا. وزير ويچاري جي نڪ کي پوءِ کڻي پنهنجي حال ته ڇڏيائون؛ پر بادشاهه سلامت جي نڪ نفيس لاءِ نرم نرم گاديلا وڇائجي ويا، گلم ۽ غاليچا پٿارجي ويا، پاسن کان طول ويهاڻن جن ٽيڪون اچي وييون؛ پر هيڏانهن هِن نرلَڄي نڪ جي هجي ڪا ڊيگھ ويڪر ۽ انڌي ڪنڌي، ته ڪٿي ڪو بلو ڀيڻي ٿي سگھيس. وري ماڻهن کي جو پئجي ويئي پڪي پختي خبر ته بادشاهه جي نڪ وڌي وڃي ملڪ  کنيا آهن، سو ننڍا وڏا، زالين مڙسن جتي ڪٿي ميڙا ڪري ٻاهر نڪري آيا، ۽ جيڪي ٿي پڳن سو ٿي غريب نڪ سان ڪري گذّريا. اوري پري ملڪ ۾ هُل مچي ويو، ويندي ٽن ڀائرن جي شهر تائين به پيغام پهچي ويا- چي، ”بادشاهه جو نڪ اچي ويو آهي وجھ ۾، وڍڻو اَٿَوَ ته وقت هيءُ اَٿَوَ!“ بس، پوءِ ته بادشاهه جي نڪ وڍڻ سان ماڻهن هائيون ڪري ڇڏيون؛ جنهن کي ڏسو، سو- ڇا ڪاتي، ڇا ڪوڏر، ڇا ڪهاڙي- بادشاهه جي نڪ جا سنڌا لاهيو، رسٻي ۾ ٻڌيو، گھليندو گھر کنيو پيو وڃي..... ”ڇا آهي؟“ چي، ”بادشاهه جو نڪ وڍيو ٿو وڃان!“ گاديلن ۽ طول ويهاڻن جي ڳالهه کان ته معاملو هونئن ئي مٿي چڙهي ويو هو، پر هاڻي ڳالهه اچي هِن تي بيٺي ته بادشاهه جي نڪ جو بچاءُ ڪيئن ٿئي! سو، سائينءَ کي چوان، ٻنهي پاسي هٿيارن پنو هارن سان لشڪرن جا لشڪر بيهي ويا- ڏينهن رات پهرا پيا اچن. پر نڪ ڏسو ته اهو ئي درياءَ جي ٻوڏ وانگر اٿلون کائيندو، جيئن پوءِ تيئن اڳتي ڪاهيندو وڃي- ڪنهن ڪنٽول ۾ ئي نه اچي. آخر صلاح اچي اِتي بيٺي ته بادشاهه جي هن نڪ نامراد کي ٽُڪو ڏيئي، ورائي جبل ۾ کڻي منهن ڏجيس، نه ته سامهون اٿس سنڌو درياءُ- ڪٿي پاڻمرادو پاڻيءَ ۾ نه وڃي ٻڏي مري! آخر اها اٽڪل به اختيار ڪئي ويئي، جنهن جو نتيجو رڳو هي نڪتو، جو جبل سان مٿو هڻندي، وٽ وڪڙ کائيندي، دڙو ٿي، بادشاهه جو هيءُ ناشناس نڪ، سٽجي ساڻو ٿي، ڊير بنجي هڪ هنڌ پئجي رهيو.

تنهن وچ ۾ پڙها گھمي ويا ۽ شاهي اعلان ٿي ويا ته جيڪو بادشاهه سلامت جو نڪ بچائيندو، تنهن کي بادشاهه سلامت جي وڏهر ڌيءُ جو سڱ ۽ اڌ بادشاهيءَ جو انعام ۾ ملندو.

بادشاهه جي نڪ بچائڻ لاءِ شاهي حڪيمن طبيبن پنهنجي علم عقل جا جيڪي ڪرتب ۽ ڪمال ڏيکاريا، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڦڪيون لپريون، ڪک ڪاڙها، سيڪ ۽ مالشون- مطلب ته طبابت جي طريقن ۽ حڪمت جي حيلن هلائڻ سان ڪنهين ڪين گھٽايو، پر هيڏانهن هيءُ نڪ نَؤد هجي، جنهن تي ڪنهن ڳالهه جو ڪو اثر ئي نه ٿئي- ڇپ هنيو، ڍير بڻيو، جتي هو اتي پيو رهيو. اوسي پاسي، ديس پرديس جا ويڄ ڪويڄ، حڪيم نيم حڪيم به بادشاهه جي وڏهر ڌيءُ ۽ اڌ بادشاهيءَ جي انعام جا اعلان ٻڌي اچي گڏ ٿيا- هر ڪو پنهنجي پيو هلائي. ڪو پيو چوي ته ”ڏنڀيوس!“ ڪو پيو چوي ته ”وڍيوس!“ مطلب ته بادشاهه جا ڏسو ته رانڀاٽن مٿان رانڀاٽ پيا پون- چي، ”انهيءَ کان ته هن نڪ نالائق کي مرڳوئي وڍي ڇڏيو ته جند ڇٽيم!“ ڳالهه ته هونئن ئي وسان ويئي پيئي هئي، پر ويتر جو تتا ڪاڙها ۽ مٿان پيا مينهن، سو ڪَهَڄر ۽ ڪِسمري ۾ بادشاهه ۽ وزير جا هي نامدار نڪ اچي ڪِنا ٿيڻ شروع ٿيا. ڪير، جو هنن جي ويجھو وڃي! وٺي جو بدبوءِ نڪتي ته ماڻهن جا ساهه مٺ ۾ اچي ويا. سوِن ڪوهن تان سرڻيون ۽ ڳجھون ڍونڍ جي ڌپ تي ڍري پييون، ۽ لامارا ڏيئي، لاڳاپا لاهي، مچرڪا ڪري مٿانِ ويهي رهيون. حڪيم طبيب سڀ هٿ ڪڍي پري ٿي بيهي رهيا- چي، ”حاڪمن جا هي نڪ ڪجھ وڍيا آهن، باقي به بنهه پاڙان پٽجي وڃڻ کپن- ٻيو ڪو انهن جو علاج آهي ئي ڪونه؛ پر ڇا ڪجي، اها به پڪ ڪانه ٿي پوي ته وڍجڻ کان پوءِ بس ڪري اُتي ئي بيهي رهندا يا وري نئينءَ سنئينءَاٿي وڌڻ شروع ڪندا: وڏي ڳالهه ته هن معاملي جو ترت ڪو تدارڪ نه ٿيو، ته ويئي ويٺي سڄو ملڪ وڏيءَ ڪنهن وبا ۾ وٺجي ويندو!“

جڏهن صورتحال بنهه اچي اِتي بيٺي، تڏهن وڏي ڀاءُ ويچار ڪيو ته بادشاهه ۽ وزير جي هنن نحوست ڀرين نڪن جو ڍونڍ مرڳو ملڪ ئي ٿو نهوڙي نئي، سوڌيڪ سستي ڪرڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي- جي مهل آهي ته هيءَ آهي، هٿان ويئي ته هميشه لاءِ افسوس جا هٿ ملڻا پوندا. اهو ويچار ڪري، پرمار پکين جون چهنبون، چنبا ۽ هڏيون جيڪي وٽس بچيون هيون، تن کي ڪڻڇيءَ ۾ ساڙي سوڪ ڪري، ڪُٽي، پيهي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ان سان پڙيون جوڙيائين، ۽ شرم ٻوٽيءَ جي ڏانڊين ۽ پنن کي ڇانءَ ۾ سڪائي، ساڳيءَ طرح پيهي، ڇاڻي، انهن مان ڪک ٺاهيائين؛ ۽ پوءِ ننڍن ڀائرن کي ڪن ۾ ڪا ڳالهه ٻڌائي، ڪيڏانهن انهن کي اُماڻي ڇڏيائين، ۽ پاڻ وهنجي سنهجي، سٺا ڪپڙا پائي، سهي سنبري، سڌو وڃي بادشاهه جي روڳي نڪ جي مٿان بيٺو- چي، ”هن جو علاج آءٌ ڪندس! عالي سرڪار جو نامدار نڪ هاڻ ليڪا لنگھي، بنهه پري وڃي پيو آهي- آئنده جيئن وڍبو، تيئن وڌندو ۽ ڪنو ٿيندو، ۽ هِن جي هٻُس مرڳو سڄي ملڪ جو ساهه قبض ڪندي. آءٌ نه بادشاهه جي وڏهر ڌيءُ جو گھوريو آهيان، نه سندس اڌ بادشاهيءَ جو- منهنجو شرط بس هيءُ آهي ته بادشاهه سلامت مون سان ٻه گھڙيون خلاصيون ڳالهائي... پوءِ جي هن جو نڪ موٽي پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي نه اچي بيهي ته منهنجي سر ڦاسي! هي ڳالهه ٻڌي، بادشاهه سلامت، اٻڙڪو کائي، وات ڦاڙي، جيئن ئي ڪو شاهي اعلان ڪرڻ ٿي چاهيو، تئين وڏي ڀاءُ، چپڙي ڪري، شرم ٻوٽيءَ جو ڪک، چپٽيءَ ۾ جھلي، کڻي هن جي نِڙيءَ۾ اڇلايو! شرم ٻوٽيءَ جو بادشاهه جي نڙيءَ سان لڳڻ، ۽ هن جي نڪ جو، منهن ويڙهي، پوئين پير ڀڄڻ- پٽا ڏيئي وٺي پوئتي لُوهي ڪيائين...لِڪڻ جي جاءِ نه لڀيس، ڀانئي ته زمين ڪٿي ڪا جاءِ ڏئي ته پورجي وڃان! اِتي وڏي ڀاءُ کي وري ڪا ٻي ڳالهه سُجھي آئي، سو ڇا ڪيائين، جو انهيءَ ئي مهل ورائي کڻي پرمار واري پڙي ڪڍيائين، ۽ پڪو منهن ڪري اُتي جو اُتي بادشاهه جي اڌ کلئي وات ۾ ان کي ڇنڊي ڇڏيائين. بس پوءِ ته پرمار جي پُڙي بادشاهه جي نڙيءَ ۾ اڃان پري پَئي ئي ڪانه، ته هن جي نڪ نامراد اهائي وٺي کڻي الهه توهار ڪئي- گھڙيءَ ۾ وڃي ساڳيا پٽ جھليائين! معاملي جي هيءَ صورت ڏسي، وٺي جو حضور بادشاهه نئين سر اوناڙ ڪيو، ته حال ته يڪيءَ اُٻائيءَ ۾ پئجي ويو، ۽ جيئن ئي ساهَه ڪجھ موٽ کاڌيس، تئين جھلي جو ٻي رڙ ڪيائين، ته ڀانءِ ته ڇت ٿي ڦاٽي- چي، ”اڃا بيٺا آهيو! منهنجو نڪّ جي بچائڻو اٿو، ته ڀڄي پري ٿيو- آءٌ هن حڪم سان خلاصو ڳالهائيندس!“

بس حڪم جي دير هئي- امير وزير، ماڻهو ڇيڻهو، نوڪر چاڪر هٽي پري ٿي بيهي رهيا، ۽ تخليو ٿي ويو. تنهن تي وڏي ڀاءُ جھُڪي، بادشاهه جي منهن ۾ نهاريو....۽ ڪو وقت ته هن جي منهن ۾ اِئين ئي نهاريندو رهيو.....۽ ائين هن ۾ نهاريندي نهاريندي، جڏهن بادشاهه جي اکين جا دوڏا ڊپ ۾ بنهه ٺڪاءُ ڏيئي ٻاهر نڪرڻ تي اچي بيٺا، تڏهن، ڪڙو آواز ڪري، بادشاهه کي چيائين ته ” بادشاهه سلامت، سڃاڻين ٿو آءٌ ڪير آهيان؟  آءٌ هتان جوئي هڪڙو، جھڙو تهڙو، انسان آهيان- اُهو جنهن کان تو ڪجھ کسي ورتو آهي.... مون کان ۽ منهنجن ڀائرن کان تو ڇا کسيو آهي، تنهن جو ڪو ويچار ڪر!“ هيءُ گفتگو بادشاهه جي ڪنن تي اڃا پيوئي مس، ته بادشاهه جي وائي تُم......نه ساهه هيٺ نه ساهه مٿي، سڪرات ۾ اچي ويو، هُلو پيو لڳيس! هوڏانهن وڏي ڀاءُ ويچاري سمجھيو ته بس شيءَ وڃي ڌڻين کي پهتي! سو ڏاڍو ارمان ٿيس، ۽ اهڙو اچي ڊنو، جو بنهه ساهه سُڪي ويس، ۽ ماٺڙي ڪري، هٽي، پري ٿي بيهي رهيو.

پر چوندا آهن ته بادشاهن جا ساهه ڏاڍا ڏکيا ويندا آهن- ستن دريائن، ستن جبلن ۽ ستن سمنڊن کان به پري ديوَ آهن، جي سندن ساهه سنڀاليو ويٺا آهن، ۽ اتان جڏهن ڪو ڪنهن بادشاهه جو ساهه کڻي، آڻي بنهه هن جي سامهون نپوڙي، تڏهن وڃي سچ پچ هن جو ساهه نڪري! سو، هي بادشاهه به، دير دير کان پوءِ، رڦي رڦي، نيٺ سامت ۾ آيو، ۽ اکيون کولي، وڏي ڀاءُ ڏانهن نهاريائين، ۽ چوڻ لڳو ته ”ميان ڳجھارتن ۾ نه ڳالهاءِ.....منهنجو حال ڪونهي.....منهنجي نڪ جو ڪو بلو ڪر!“ اِتي وڏو ڀاءُ به ڪجھ بود ۾ آيو، ۽ مُڇن کي تاءُ ڏيئي ۽ ڪنڌ ۾ ور وجھي، چوڻ لڳو ته ”بادشاهه سلامت، تنهنجي نڪ جو بلو هاڻ ڳالهين سان ٿيندو- جي ٻڌڻيون اٿيئي، ته ڌيان ڏيئي ٻڌ! تون مون کي ڪونه ٿو سڃاڻين، پر آءٌ توکي سڃاڻان ٿو. آءٌ اهو آهيان جنهن کان خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر کسي، تو پنهنجي هٿ ڪئي آهي. مون جھڙن ٻين کان، منهنجن ڀائرن کان، تو پورهئي جي بينسري ۽ ناڻي جي ڳوٿري کسي، پاڻ وٽ رکيون آهن- اِهي اسان جون چيزون پهرين اسان کي موٽائي ڏي، پوءِ تنهنجي نڪ جي علاج جو ذمو مون تي...نه ته هيءُ تون ۽ هو تنهنجو نڪ، جيئن آهيو، تيئن ڳنڍيا پيا هڪٻئي سان ڳن ڏيو!“

اِتي هُن جا ننڍا ڀائر، جيڪي هن کان موڪلائي، راتو واهه، ڪنهن پاسي نڪري ويا هئا، سي به اوري پري جا ماڻهو ساڻ ڪري، اچي بادشاهه جي محلات جي چوڌاري گھيرو وجھي، بيهي رهيا- چي، ”پهرين اسان جون ملڪيتون موٽن، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي!“ بس حشام ماڻهن جا اچي مڙيا. گڏجي، وٺي جو دنبهَو هنيائين، ته سندن آوازُ وڃي عرشين لڳو.

بادشاهه جا سپاهي ۽ پهريدار، جيڪي بادشاهه جي نڪ جي رکواليءَ لاءِ ملڪ ۾ چونڪيون جھليو بيٺا هئا، تن کي جو اصل ڳالهه جو پتو پيو، ته انهن به ڪَنَ ڪيا- چي، ”ڳالهه ته برابر آهي: ملڪ جو پورهيو، ملڪ جي دولت ۽ ملڪ جو سک ته سڀ کان اول آهن. بادشاهه ۽ بادشاهه جا امير وزير اِهي سڀ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ويٺا آهن- پهرين اِهي آزاد ٿين، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي!“ مطلب ته بادشاهه ويچاري لاءِ هاڻ ٻي ڪا واهه ڪانه رهي. لاچار منهن ڪڙو ڪري، زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيس، ۽ هڪَ هڪَ ڪري ڌڻين جون شيون ڌڻين کي موٽائي ڏنائين... پوءِ بازَن کان بچيل کُٿل ڳيرڙي وانگر هن جون اکيون پورجي ويون، ۽ ٻَئي هٿ پنهنجي نڪ ۾ وجھي، چپڙي ڪري، هڪڙي ڪنڊ جھلي ويهي رهيو- چي، ”هاڻ ڀلا منهنجي هن نڪ جو ڪو علاج ٿيندو...! ۽ جي ٿي سگھي، ته منهنجي وزير جي نڪ جو به ڪو علاج ٿئي...!

نڪن جي علاج جي ته هاڻ ڪا خاص مشڪل ڪانه هئي: وڏو ڀاءُ شرم ٻوٽيءَ جي چپٽي ڀري بادشاهه جي وات ۾، ۽ چپٽي ڀري وزير جي وات ۾ وجھڻ ويهي رهيو....۽ ٿيندي ٿيندي، ٿوري گھڻي ڏينهن، بادشاهه والا جاهه ۽ وزير باتدبير جا نسي ويل نڪ نيٺ خير سان موٽي اچي پنهنجين ساڳين جاين تي سهڙيا. وڏي ڀاءُ پنهنجي وسان ڪين گھٽايو ته هي عالي نسبَ نڪ ڪنهن طرح پنهنجي بُڻائتي شڪل شبيهه وٺي بيهن ۽ منجھن ڪا آڏائي ابتائي رهجي نه وڃي، سو ڏاڍيون انهن جون، بنهه وار کان به سنهيون، ماپون ورڇون ڪيائين- ۽ اُن لاءِ هن کي ڪيترا ڀيرا پرمار جي پڙبن جو استعمال ڪرڻو پيو-۽ سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته ان ۾ هو آخر سورهنِ آنن جا پورا سورهن آنا ڪامياب به ٿيو، ۽ انهن کي ٺپي ٺاهي، گھڙي جوڙي، نيٺ اهڙو اچي بيهاريائين، جوڏسڻ وارا هڪ کان ويهن اکين سان انهن کي ويهي ڏسن، ته به سهي نه ڪري سگھن ته اهي ڪڏهن ڪنهن پاسي بتال ٿي ويا هئا:پر افسوس، جو بادشاهه سلامت ۽ وزير نيڪ تدبير کي ويندي پڇاڙيءَ تائين ڳالهه ويسهه ۾ ڪانه ويٺي ته ڪو سندن نامدار نڪ، ايڏي رولڙي کان پوءِ، وري اچي پنهنجين پورين جاين تي براجمان ٿيا هوندا. سو ان ڏينهن کان پوءِ، هو پنهنجن نڪن جو ڏاڍو خيال ڪرڻ لڳا....اُهي ته اُهي، پر کانئن پوءِ، سڀ بادشاهه ۽ سڀ وزير، پوءِ اهي ڪهڙا به هجن ۽ ڪٿان جا هجن، پنهنجن نڪن جي ڏاڍي سنڀال ڪندا آهن- ڪو وڍ يا ڪا رهڙ رهنڊ ته پري رهي، پر انهن تي ڪو ڪک به هو ڪونه سهن؛ هميشه هنن کي اِها لڳل هوندي اهي ته پاڻ کڻي سڄا گند ۾ لنبجي وڃن، پر ڪنهن طرح سندن نڪن کي ڪا مَرُ نه لڳي؛ ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ ته سندن نڪ سلامت آهن، هو هميشه  اهڙا اعلان ڪندا ۽ ڪرائيندا رهندا آهن ته سندن نڪ امانت باسلامت وٽن موجود آهن- باقي پرائيءَ ماريءَ کان پرهيز  هِي بادشاهه ۽ هِي وزير نه سکيا سو نه سکيا.... البت هو پنهنجي ڪڙم جا ويري نه آهن، سو پرمار پکيءَ کي حرام ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڊني ڊپ کان ان کي ڪونه کائين!

خير، اها ته ٿي بادشاهن ۽ بادشاهن جي وزيرن جي نڪن جي هڪڙي عام ڳالهه، پر خاص ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا هي ٽي ڀائر بادشاهه ۽ وزير جي هنن نابڪار نڪن جي هيڏيءَ ساريءَ مروڙ ۽ مرامت کان نيٺ واندا ٿيا.....۽ ڪم از ڪم هيءُ ڀيرو ته هِنن هائُن کان ڪنهن طرح پنهنجي پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري ۽ خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر هَڻي ڌُڻي وڃي هٿ ڪيائون- ۽ سچ ڪري پڇو ته هيترين ڳالهين ۾ هنن جو اِهو هڪڙو انصاف ئي بس آهي!

پوءِ سڀ ماڻهو جيڪي اتي اچي گڏ ٿيا هئا، تن سان گڏجي، اسان جا هي ٽيئي ڀائر، کلندا ٽهڪ ڏيندا، نچندا ڳائيندا، وڏي شان شوڪت سان اُٿي اتان روانا ٿيا، ۽ سڄي واٽ اوسي پاسي جي ماڻهن سان ملندا، حالِي احوالِي ٿيندا، انهن کي خير خوشيءَ جون خبرون ڏيندا، منزلون ڪندا، نيٺ هڪڙي ڏينهن اچي درياءَ جي ڪپ سان پنهنجي نئين ٻڌايل شهر ۾ پهتا.

اُتي جو پهتا، ته بس نئين سر عيدون ٿي ويون. ماڻهو اچي مڙيا، پڙ کڻي ڪڍيائون. دهلن جا ٽاهُو ۽ شرنائين جا واڄٽ وڄي ويا، ديڳيون چڙهي ويون، خير خيراتن جي هونگ لڳي ويئي، ڏونڪا، جھُمريون، راڳ روپ، ملاکڙا ۽ قسمين قسمين رانديون- مطلب ته چؤڌاري سانگ رچي ويا ۽ هر هنڌ مجرا مچي ويا، ۽ ڪي ڏينهن خدا جا ته ماڻهن کي کيل تماشي ۽ خوشيءَ کان سواءَ ٻي ڪا ڳالهه ياد ئي ڪانه هئي.

نيٺ هڪڙي ڏينهن وڏي ڀاءُ سڀني کي سڏي، سامهون ويهاري، چيو ته ”ادا، خوشيون به آهن پورهئي سان- پهرين پورهيو، پوءِ خوشي- هاڻ وٺو ته ڪم کي وٺون! هيڏا ٽَڪر ٽڪي ۽ ڪشالا ڪڍي، جو هي چيزون نيٺ وڃي هٿ ڪيون اٿئون، سو رڳو ويهي ٺينگ ٽپي ۾ وقت وڃائڻ لاءِ نه، پر پنهنجي آئيندي جي اَڏڻ ۽ ڪنهن سکئي ساهه کڻڻ لاءِ- وهندڙ اڏ به چڱي ۽ بيٺل سمنڊ به گھوريو- سو اچو ته بسم الله ڪري ڪم ۾ هٿ ڳنڍيون. هاڻ ته ٻئِي ڪنهن لاءِ پاڻ کي ڪمائڻو ڪونهي، جيڪي ڪنداسون سو پنهنجي لاءِ. ويٺي شينهن به بک مرن، سو ويهڻو پاڻ کي ڪونهي. بس، هاڻي، جو جتان جو آهي، سو اُتي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي. جيڪو جيترو ڪمائيندو، اوترو اهو کڻندو. سست ۽ ڪم چور جي پاڻ وٽ هاڻي جاءِ ڪانهي. جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي- هوءَ زمين ۽ هي اوهين، وڃي خدا کي سنڀاري وجھوس برڪت جو هٿ. ياد رکو، جيسين زمين اوهان جي آهي، تيسين سڀ ڪجھ اوهان جو آهي: زمين اوهان جي نه رهي، اوهان جو ڪجھ نه رهيو!“

وڏي ڀاءُ جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، انهيءَ ئي مهل سڀ اٿي کڙا ٿيا، ۽ هڪ هڪ ٿي، جيڪو جتان آيو هو، اهو اوڏانهن هليو ويو، ۽ ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي، هڪ مَنو ٿي، هرڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم کا لڳو. ڀائرن جون هي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سڄي ملڪ جا ماڻهو، ڪَرَ موڙي، سجاڳ ٿي، اٿي ويهي رهيا. پنهنجو پاڻُ سڃاڻي، ڳالهيون ڳڻي، جيترو جنهن کان پنهنجي وس پُني ٿِي ٿٻي سگھيو، ان کان به سوايو ڪم هر ڪو پنهنجي بِلي ڪري بيهي رهيو. هڪڙو پورهيو آزاد، ٻي زمين پنهنجي، ۽ ٽيون وري ڪم جو هيج-بس پوءِ ته، ڏسندي ڏسندي، ملڪ جي ائين ڪايا پلٽجي ويئي، ڄڻ ڪا ڳالهه ٿي ڪَيئِي! ڌرتيءَ ڀٽاريءَ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ساڳيا پنهنجا ساوڪ ۽ سرهاڻ جا ويس کڻي ڍڪيا، ۽ چؤدري ڀرين ڀڳين فصلن ۽ گاهن جون گلزاريون لڳي ويون. اَن پاڻي، ڪپڙو لٽو، گھر گھاٽ، کير مکڻ- مطلب ته هر شيءَ جا انڇر لڳي ويا. ڪيڏانهن ويئي بک ته ڪيڏانهن ويئي بيماري، ڪيڏانهن ويو ڏڪار ته ڪيڏانهن ويا ڏک ڏولاوا! ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سک ۽ سڪار جو وارو وري ويو، سڪل مُنهن سَرهاڻ ٿي ويا ۽ دلين جا ڪومائل گل ٻيهر ٽِڙي، اکيون کولي ۽ مُرڪندڙ منهن مٿي کڻي بيهي رهيا، ۽ بهار ڀريل زندگيءَ هڪ ڀيرو وري پنهنجي امرت رس سان ملڪ کي نئين سر جياري ڇڏيو.

...........پوءِ چون ٿا ته انهي ملڪ جي ماڻهن وٽ جيسين اُن پيار جي پدمڙي کان مليل، اُهي ٽي سوکڙيون، يعني پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري ۽ خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر، سلامت رهيون، تيسين سندن ملڪ ۾ سُڪار ئي سُڪار رهيو ۽ وري ڪڏهن به ڏک ڏڪار جي پيٽ-بُکيِ ۽ ڏندن وهاٽيل ڏائڻ موٽي وٽن ڪا نه آئي.

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!
پورهئي ۾ هِن عجب اسرار!

’پورهيو،‘ ’ناڻو،‘ ’سک‘ ٿيا ڀائر،
’سرت ۽ ڏاهپ‘ تن سينگار.

سج چنڊ ڌرتي، هوا ۽ پاڻي،
جي تون پورهيت، تنهنجا يار.

”جيڪو پوکي سوئي کائي،“
حقَ جي، حقُ، هيءَ اَلَلۡڪار.

نياز ۽ نيڪي، امن ۽ راحت،
پيار جا هي سڀ ٿيا اپڪار.

پورهيو، پيار ۽ عدل جي گڏجن،
ٿين سڀن جا ٻيڙا پار.

اچو ته سڀئي گڏجي ڳايون،
”پورهئي جي جئه جئه جئڪار!“

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!
پورهئي
 ۾  هِن  عجب  اســـــرار!

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment