Thursday, December 22, 2016

ادب جو ڪارج، ادبي پرک ۽ اديبن جي ذميداري! ارشاد ڪاغذي


ادب جو ڪارج، ادبي پرک ۽ اديبن جي ذميداري!

ارشاد ڪاغذي

ادب هڪ آئيني مثل آهي جيڪو معاشري ۽ زندگي جي رخن کي ظاهر ڪري ٿو. ادب سماج جي تصوير ڏيکاري ٿو، اهو اميج تصوراتي ۽ تخيل تي آڌاريل هوندو آهي ۽ تخليق جي رنگن سان رڱجي خوبصورت ڏيک پسائي ٿو. اديب جو ڪم آهي ته جيڪو دنيا ۽ سماج ۾ وهي واپري ٿو ان جا نقش نگار چٽا ڪري پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ آهي . تخليقڪار پنهنجي قلم جي زور تي ٻاهرين دنيا جا احساس، امنگون، اڌما، لاڳاپا، وهنوار، وارتا، خواب، خيال، فڪر ۽ ذڪر بيان ڪري ڄڻ ته هڪ اولڙو پسائي ٿو.اديب ۽ ليکڪ پنهنجي وت ۽ وس آهر سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو ۽ ان لاءِ تڪليفون برداشت ڪري ٿو. سچي ۽ کري اديب جو اهو فرض آهي ته هو سماج کي بدلائڻ لاءِ قلم کي استعمال ڪري ٻين کي راحت پهچائڻ جو بندوبست ڪري. دنيا ۾ جيڪي اديب، ڏاها ۽ انقلابي پيدا ٿيا آهن تن جي تخليقن سوسائٽي تي گھري ڇاپ ڇڏي آهي ۽ ان جي اثر جي ڪري سماج ۾ سڌارو، تبديلي ۽ انقلاب برپا ٿيو آهي. انهن جي تحريرن اهڙو چمتڪار ڪري ڏيکاريو جو غلط ريتون ۽ رسمون ۽ غليظ خيال ۽ ظلم جي دنيا جا بنياد لڏي ويا ۽ هڪ نئون سماج اسريو ۽ نسريو. انهن جي اندازي ۽ عقيدي، علم ۽ عمل -نظم توڙي نثر، ادبي توڙي فيلسوفِياڻي لکڻين- دنيا جي ماڻهن ۽ ثقافتن مٿان گھرو اثر وڌو. عالمن، اديبن ۽ ليکڪن پنهنجي پر ۾ جدا جدا ۽ گڏجي علم و ادب سان پنهنجي ديس جي آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهيا. ڪڏهن هو الڳ ۽ اڪيلي هوندي به انجمن هئا ته ڪڏهن هو گڏجي ادب ۽ علم جا گلستان بنجي پنهنجي پورهئي ۽ جدوجهد سان ديس ڀائين ۽ سماج ۾ نئون ڦيرو ۽ انقلاب آندو. ڪيترين صورتن ۽ سببن جي ڪري دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا واقعا ۽ لقاءَ به ٿيا آهن جو هڪ ڄڻي (واحد فرد) پنهنجي علم، ادب، شعور، ڏاهپ ۽ ادراڪ جي بل بوتي تي هڪ تحريڪ پيدا ڪري تبديلي جو گس ڏنو ۽ پنهنجي مهانتا جو ڪارنامو سرانجام ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو.

Wednesday, December 21, 2016

حُر مکيءَ جا - لعل چند امر ڏنو مل


حُر مکيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جديد ڪهاڻي جيڪا 1914 ع ۾ لکي ويئي جنهن کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جديد ادب ۾ پير پاتو.

لعل چند امر ڏنو مل

_هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته حر مکيءَ جا ڦريندائي انهنن کي هئا، جن کين ستايو ھو، يا جي غريبن سان غضب ڪري، مفت جا مال ميڙي، وڏا رئيس يا سيٺيا بڻجي پيا هئا.غريبان مار وٽن ڪا نه هئي. مسڪينن ۽ محتاجن کي پاڻ هڙون ڇوڙي ڏيندا هئا، جيئن ٻڌبو آهي ته گوال ۽ ٺاڪو چور ڪندا هئا.

وري ڏَکو سندن ڪهڙو هو! هڪ لڱا ٻيلي ۾ پاٿاري هنيو ويٺا هئا، ۽ جشن پئي ڪيائون. ڪنهن ويل هڪڙو ڪوري، ٿانُ جوڙيءَ جو ساڻ ڪيو، اُتون اچي لانگهائو ٿيو. هنن ھڪل ڪيس ته ويچارو واهڻ جو واهي، ٿانَ سوڌو، هٿ ٻڌي اچي اڳيائن بيٺو.

Wednesday, December 14, 2016

ٻيون رخ - نور گهلو


ٻيون رخ

مضمون ڪهاڻي

نور گهلو

جڏهن سنڌ کي اڪيلو ڪرڻ، سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڌارين جي يلغار ڪرڻ جي عمل سان سنڌ جي ثقافت تي حملا آور ٿيڻ، ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جون ناپاڪ ڪوششون ڪري، سنڌ جي وحدت ۽ ٻڌيءَ کي مختلف حيلن بهانن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جن سنڌي ماڻهن ان کي پنهنجي قومي غيرت تي حملو تصور ڪندي، انهن بدنيت ۽ بدنظر قوتن کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ، پنهنجي طاقت کي ”سنڌ ثقافتي ڏهاڙي“ جي حوالي سان شعوري ۽ غير شعوري طرح ظاهر ڪرڻ جي ضرورت سمجهي، ڪيترن سالن کان، عيد کان به وڌيڪ اهميت وارو ”ايڪتا ڏهاڙو“ ملهائڻ شروع ڪيو جنهن کي ڏسي دشمنن جون اکيون کُلي ويون آهن ۽ سنڌي قوم بابت هنن جي ناپاڪ سوچ ۾ ڏار پئجي ويا آهن.