Showing posts with label ٻيون رخ، مضمون، ڪهاڻي، نور، گهلو،. Show all posts
Showing posts with label ٻيون رخ، مضمون، ڪهاڻي، نور، گهلو،. Show all posts

Wednesday, December 14, 2016

ٻيون رخ - نور گهلو


ٻيون رخ

مضمون ڪهاڻي

نور گهلو

جڏهن سنڌ کي اڪيلو ڪرڻ، سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڌارين جي يلغار ڪرڻ جي عمل سان سنڌ جي ثقافت تي حملا آور ٿيڻ، ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جون ناپاڪ ڪوششون ڪري، سنڌ جي وحدت ۽ ٻڌيءَ کي مختلف حيلن بهانن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جن سنڌي ماڻهن ان کي پنهنجي قومي غيرت تي حملو تصور ڪندي، انهن بدنيت ۽ بدنظر قوتن کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ، پنهنجي طاقت کي ”سنڌ ثقافتي ڏهاڙي“ جي حوالي سان شعوري ۽ غير شعوري طرح ظاهر ڪرڻ جي ضرورت سمجهي، ڪيترن سالن کان، عيد کان به وڌيڪ اهميت وارو ”ايڪتا ڏهاڙو“ ملهائڻ شروع ڪيو جنهن کي ڏسي دشمنن جون اکيون کُلي ويون آهن ۽ سنڌي قوم بابت هنن جي ناپاڪ سوچ ۾ ڏار پئجي ويا آهن.