Wednesday, December 14, 2016

ٻيون رخ - نور گهلو


ٻيون رخ

مضمون ڪهاڻي

نور گهلو

جڏهن سنڌ کي اڪيلو ڪرڻ، سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڌارين جي يلغار ڪرڻ جي عمل سان سنڌ جي ثقافت تي حملا آور ٿيڻ، ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جون ناپاڪ ڪوششون ڪري، سنڌ جي وحدت ۽ ٻڌيءَ کي مختلف حيلن بهانن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جن سنڌي ماڻهن ان کي پنهنجي قومي غيرت تي حملو تصور ڪندي، انهن بدنيت ۽ بدنظر قوتن کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ، پنهنجي طاقت کي ”سنڌ ثقافتي ڏهاڙي“ جي حوالي سان شعوري ۽ غير شعوري طرح ظاهر ڪرڻ جي ضرورت سمجهي، ڪيترن سالن کان، عيد کان به وڌيڪ اهميت وارو ”ايڪتا ڏهاڙو“ ملهائڻ شروع ڪيو جنهن کي ڏسي دشمنن جون اکيون کُلي ويون آهن ۽ سنڌي قوم بابت هنن جي ناپاڪ سوچ ۾ ڏار پئجي ويا آهن.


هر سال وانگر هن سال به ۴ ڊسمبر تي سنڌ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائجي رهيو آهي. ان خاص ڏهاڙي جي آجيان لاءِ يونيورسٽين کان ويندي ادبي ادارن، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن طرفان مختلف پروگرام ۽ محلفون منعقد ٿي رهيون آهن. ڪٿي اسٽيج شوز ٿي رهيا آهن ته ڪٿي مشاعرا، ڪٿي مچ ڪچهريون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي سگهڙن سان رهاڻيون ٿي رهيون آهن، ڪٿي گيتن تي رقص ٿي رهيا آهن ته ڪٿي صوفي سنگيت ۽ صوفي راڳن جون محلفون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي ڳجهارت ۽ بيتن تي واھ واھ ٿي رهي آهي. ڪٿي رنگ برنگي ريليون ڪڍيون پيون وڃن ته ڪٿي مشعل بردار جلوس نڪري رهيا آهن ۽ وري ڪٿي پنهنجي طاقت ۽ ٻڌيءَ  جي مظاهري لاءِ انساني زنجيرون ٺاهي دشمنن کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته ”خبردار جو سنڌ ڏانهن بُري نظر به کنئي اٿو“

مطلب ته هر طرف، پنهنجي طاقت جي اظهار سان گڏ پنهنجي ثقافت جا رنگ اجاگر ڪرڻ لاءِ، هر ڪو پنهنجي وت آهر تياري ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي ٽوپي ۽ اجرڪ جي اهڃاڻ سان دنيا کي پنهنجي ”امن پسندي“ سان گڏ اهو به چتاءُ ڏئي رهيا آهن ته ” نه ڇيڙ ملنگان نون“.

جتي اُهي سڀ تياريون ٿي رهيون آهن، اتي پنهنجا ئي، اُهي سنڌي سنڌ دشمن ۽ مفاد پرست ٽولا مهانڊا، جن هميشه سنڌ ۽ سنڌين کي لٽيو، ڦريو ۽ ماريو آهي. اُهي به پنهنجي منهن ئي نقاب چاڙهي، سرخرو ٿيڻ لاءِ پنهنجي مخصوص انداز سان ڏينهن ملهائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ان ڏينهن ڪنهن ”وڏي“ جي اوطاق يا ”ڪلب“ ۾ محفل جو پروگرام ترتيب ڏئي رهيا آهن ته ڪيئن ان محفل کي رنگين بڻائي هڪ ٻئي سان ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندا. ان حوالي سان هڪ ايڊوانس مختصر ڪهاڻي پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ نالا، جاءِ، واقعا سڀ فرضي آهن، جيڪڏهن هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن کي پنهنجو مهانڊو نظر اچي وڃي ته اهو محض اتفاق هوندو.

۴ ڊسمبر (ٻيو رخ)

سنڌ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان اڄ اُهي پنهنجا ئي سنڌي، سنڌ دشمن ۽ مفاد پرست ٽولا ۽ مهانڊا، جن هميشه سنڌ ۽ سنڌين کي لٽيو، ڦريو ۽ ماريو آهي اُهي  هڪ ”وڏي“ جي اوطاق تي سنڌي ثقافت جو جشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن جنهن محفل جو رنگ ئي نرالو آهي، جتي شراب، شباب، ڪباب سان گڏ مجرن جو خاص اهتمام ٿيل آهي. پنهنجي پنهنجي انداز سان هرڪو ئي لطف انداز ٿي رهيو آهي ۽ فيل مست هاٿيءَ وانگر هيڏي هوڏي ٽلڪندو نظر اچي رهيو آهي. مجري ڪرڻ واريون، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، اشاري جي انتظار ۾ تيار ويٺيون آهن. جڏهن سڀ مستيءَ ۾ مست ٿي ويا ته ”وڏي“ مجري وارين کي اشارو ڪيو. بس اشاري جي دير هئي. طبلي تي ٿاپ لڳي، ڇيرين جو ڇمڪار ٿيو ته اوچتو هڪ زودار ٺڪاءُ ٿيو. ٺڪاءُ ڇا ٿيو، ڄڻ همراهن جا نشا ئي ٽٽي پيا، جيڪو جتي اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويو. سڀ حيران ٿي هيڏي هوڏي نهارڻ لڳن ٿا ته سندن نظر اوطاق جي در تي بيٺل هٿياربندن تي پئي ٿي. هٿياربندن کي ڏسي، سندن ساهھُ ڄڻ مُٺ ۾ اچي ويو. هو ڊپ مان هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا ته هٿياربندن جي سردار هڪل ڪئي، خبردار جو ڪو ڀڳو آهي. سڀ ويهي رهو.“ هڪل ٻڌي سڀ ويهي رهيا. ۽ ڊپ ۾ ڏڪندي هٿياربندن ڏي رحم طلب نظرن سان ڏسندا رهيا. سندن حالت ڏسي، هٿياربندن جي سردار ٽهڪ ڏنو، هن سان گڏ ٻيا ساٿي به ٽهڪ ڏيڻ لڳا. سردار کلندي چيو، ”ڊڄو نه بزدلو! مان اوهان جو دوست آهيان، جانو جيلر،“

”جانو جيلر!؟“ سڀ هن ڏانهن نهارڻ لڳا. سڀني کي خبر هئي ته جانو جيلر، تر جو وڏو ڌاڙيل آهي، جنهن جي گرفتاريءَ تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام رکيل آهي.“

”ڇه..ڇه........ ڇا ٿو چاهين!؟“ ”وڏي“ ڊپ مان هٻڪندي چيو.

”ڪجهه نه....“ سردار کلي چيو؛ ”اسان ۽ اوهان ڀائيبند آهيون، ڊڄو نه، اسان اوهان سان ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ اوهان جي محفل ۾ آيا آهيون“.

اُها ڳالهه ٻڌي سڀ خوش ٿي ويا ۽ هڪ آواز ٿي چيائون؛ ”ڀلي آئين... جي آئين... ويلڪم ڀاءُ.. اوهان جي اچڻ سان محفل جي رونق وڌي ويندي.“

وڏي مجري وارين کي اشارو ڪيو. طبلي تي ٿاپ لڳي ۽ ڇير جو ڇمڪارُ ٿيو ۽ محفل مدهوشيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي.

No comments:

Post a Comment