Sunday, September 7, 2014

حويلي جا راز - ماڻڪ

حويلي جا راز
ماڻڪ
ٻنپهرن جي مهل هئي، آئون حڪيم خير محمد جي حيدري شفاخاني ڏانهن وڃي رهيو هوس. پري کان ئي ڏٺم ته حڪيم صاحب پراڻي ڪاٺ جي صندل تي پلٿي ماريو، کرل ۾ ڪنهن دوا جو سفوف ڪري رهيو هو. معمول پٽاندر سندس مٿيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ۽ هيٺيون چپ ٻاهر ڊولو ٿي نڪتل هو. مونکي پري کان ئي ڏسي، کرل کي پري ريڙهي هٿ گوڏ سان اگهيائين. جڏهن حيدري شفاخاني جي چانئٺ اڪري، پير اندر رکيم ته حڪيم اٿي، اڳتي وڌي، اڪير مان ڀاڪر پائي، پنهنجو وات منهنجي ساڄي ڪن تي آڻي چيو، “ڪجهه ٻڌو اٿئي؟” مون اتي ئي ڪنڌ سان ناڪار ڪري چيو، “نه.” پو هندن جي زماني واري هڪ ڇڳل موڙي کي ريڙهي مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيو. آئون ويهي رهيس. هن چوڌاري رازدارانه نموني نظر ڦيرائي ۽ منهنجي ويجهو اچي آواز کي تمام هلڪو ڪري چيائين، “ڪجهه به نه ٻڌو اٿئي؟”