Saturday, July 30, 2022

سونهان - غفار سومرو

سونهان

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



هو الرياض هوٽل جي اي سي روم ۾ ويٺو هو. اڳيان رکيل گرم گرم چانھ جو ڪپ کڻي چپن تائين آندائين. هلڪي سپ ڀري ڪپ شيشي واري ٽيبل تي رکي قميص جي اڳين جيب مان پين ۽ ٻٽو ٿيل ڪاغذ ڪڍي ٽيبل مٿان رکي غزل جو مطلع لکيائين ۽ پوء سوچن جي سمونڊ ۾ ٽٻي هڻي هليو ويو.

سنڌي ادب - ڊاڪٽر محمد علي محمدي

سنڌي ادب

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



اڄ ڪلھ سنڌي ادب ۾ جمود آهي. مضمون نگاري، افسانو، ڪهاڻي، ناول ورلي ڪو مارڪيٽ ۾ پيو اڄي. اسان جي سانڀر ۾ ٻارنهن، تيرهن سالن جي عمر ۾ ٻار ڪلاس ۾ ئي لکڻ سکي ويندا هئا. ٻارن جا رسالا، اخبارن ۾ ٻارن جا صفحا هڪ قسم جون نرسريون هيون. هاڻي ڪتابن ڇڀڻ جو مقدار وڌيو آهي پر معيار جا پرڪار پڌرا آهن. ان جو سبب ته هو نه عالمي ادب پڙهن ٿا نه وري  پنهنجي چوڌاري دنيا جي گولي تي جيڪو هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪو آهي، ان کان سنڌ جو اڪثر اديب ڪورو آهي.

ادبي انتخاب - لياقت ٿهيم

ادبي انتخاب

تحرير: لياقت ٿهيم



هر روز صبح جو آفيس پهچي، پنهنجي ميز تي سامان رکڻ شروع ڪندو آهيان: ليپ ٽاپ، چارجر، هڪ ٻه پينون، هڪڙي ڪاپي، فون، راتوڪا لکيل ڪاغذ. بئگ مان سامان ڪڍندي ڪڏهن ڪڏهن ائين ڀاسندو اٿم جيئن ڪو رازو پنهنجا رازڪا اوزار ٿيلهي مان ڪڍندو هجي. مان هن آفيس ۾ سنڌيءَ جا سبق لکندو آهيان، استادن لاءِ سنڌي سونهون ٺاهيندو آهيان. ڪي ڪتاب ترجمو ٿي ملندا آهن جن جي چڪاس ڪندو آهيان.

ٻين لفظن ۾، هر روز ڪنهن سبق جي پاڙ پختي ڪندو آهيان، ڪنهن ترجمي جي ڀت ڀڃي نئين سر ٺاهيندو آهيان، ڪنهن تحرير ۾ لفظن کي سِر وانگر گھڙي، پوري چال ۾ بيهاريندو آهيان.

Wednesday, July 27, 2022

تجزيو ۽ تنقيد - خليق ٻگھيو

تجزيو ۽ تنقيد

ڪھاڻي ڪتاب: ”بوءِ“

ليکڪ: انور ڪليم

تنقيد ۽ تجزيو: خليق ٻگھيو



ڪھاڻي سرجڻ وارو ھيءُ دَور جتي انيڪ مُوضوعن جو داعي آھي، اتي نظرياتي روشنيءَ کي پڻ جَهڪو ڪندڙ دَور ثابت ٿيو آھي. انھيءَ ڪري ڪھاڻي سرجڻ يا تخليق ڪرڻ وارو ھيءُ دَور فڪري رھنمائيءَ جي پاڇي کان محروم آھي. پر سماج جو درد ھاڻي ڪھاڻين جي وجود ۾ بينام محسنيءَ جي باوجود پاڻ پسائي رھيو آھي. اھڙي بي پيري دردَ جي ڪَٿا ۽ سماج جي پستين ۾ جيئدان ڳولڻ واري چنتا انور ڪليم جي ڪھاڻين ۾ به آھي. توڙي جو سندس ڪھاڻين ۾ ڪا مخصوص واضح نظرياتي روشني نه آھي، جھڙي روشني ترقي پسند دَور ۾ ھوندي ھئي. پر سندس ڪھاڻيون زندگيءَ جي ادراڪ ۽ خوابن جون امين آھن. انور جون ڪھاڻيون پڙھندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هُو مصنوعي سَطح جو ڪھاڻيڪار نه آھي. پر هُو فطرتي طور تي ڪھاڻي-کڻت ذھن يا ڪھاڻيءَ جي بيانيي وارو ليکڪ آھي. منھنجي خيال ۾ ڪھاڻي سندس ذھن کي تسلي بخشي ٿي ۽ سندس اندر جي نگاھ سماجَ جي ھر رخ ۾ ڪا نه ڪا ڪھاڻي پَسي وٺي ٿي. لقاءَ کي پيش ڪرڻ جو ھُن وٽ ڏانءُ آھي. ھُن وٽ ڪھاڻيءَ جي شوق پٺيان ”آکاڻي کڻت“ جو لاشعور موجود آھي، جنھن کي بنياد بڻائي هُو جديد ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر تائين پھتو آھي. انڪري سندس ڪھاڻين ۾ روايت جي خوشبوءِ آھي. انور ڪليم جي تخليقن جي اتهاس ۾ لوڪ ادب نما تاثير ۽ موجوده دَور جي سماجي ڪردارن جو ادراڪ آھي. ڪھاڻي-ڪتاب ”بوءِ“ سندس اھڙي تخليقي ورتاءُ جو گواھ آھي ۽ اُھو تخليقي ورتاءُ انتقاد جي عمل ۾ نظر انداز ڪرڻ جھڙو نه آھي. ٻه ھزار ايڪيھ ۾ ”مُرڪ پبليڪيشن“ (ڪراچي) پاران شايع ٿيندڙ، سندس ھيءُ بنا مھاڳ وارو ڪھاڻي-ڪتاب ھڪ سَئو سترھن صفحن تي مشتمل آھي. بئڪ پيج عبدالرافع شيخ ۽ پبلشر (مرتضيٰ لغاريءَ) جي لکيل نوٽ کان سواءِ، ڪتاب ۾ ليکڪ جو پنھنجي پاران ڏنل نڪته نظر-بعنوان ”بي ذائقي ڪھاڻيءَ جي صدي” پڻ ڏنل آھي. ايڪيھ مختصر ڪھاڻين ۽ يارھن مختصر ترين ڪھاڻين تي پڙاءُ ڪندڙ، ھِن ڪتاب جي ارپنا ”گهر جي چُلھ ٻاريندي دُونهين سان جهيڙيندڙ عورتن جي نانءِ” ڪئي وئي آھي. پيپر جي سادگيءَ باوجود، ھيءُ ڪتابُ پنھنجي ڏيک ويک ۾ پيارو لڳي ٿو. ڪتاب بابت اُھا شروعاتي ڄاڻ ھڪ باشعور تخليقڪار / ناقد کي شعوري توڙي لاشعوري طور ڪيترا ئي گَس پنڌ ڏِئي ٿي.

Saturday, July 16, 2022

جاگنگ ٽريڪ - سيد گلزار حسنين - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

جاگنگ ٽريڪ

(مختصر ڪھاڻي)

سيد گلزار حسنين

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



لڳاتار مھينو کن پارڪ ۾ اچڻ جي ڪري مان ماحول سان ھيراڪ ٿي ويو ھيس، جيڪو منڍ ۾ مون لاءِ، اوپرو اوپرو ھئڻ سبب، ڪوفت ۽ بيزاري پيدا ڪندو ھيو. ھاڻي گسائڻ تي دل نه گھرندي ھئي. پارڪ ۾ ڪو ھڪ اڌ ھم-ڪلاسي، ايڪڙ ٻيڪڙ به مليو ته مليو، تنھن جي به ملڻ جي پڪ نه. نه وري ان ۾ ڪا باقاعدگي ھئي ۽ نه ئي وري ڪا ساڻس ڊگھي ڪچھري ٿيندي ھئي. بس بيٺي پير، سليڪ عليڪ ٿي وئي ته ٿي وئي. منھنجي پنڌ ڪرڻ جو وقت اھڙو ھيو، جڏھن سج ٽُٻيءَ ۾ ھوندو ھيو ۽ ڏھاڙيءَ جي مسافريءَ سبب سندس چھرو ٿڪاوٽ کان ڳاڙھو ٿي چڪو ھوندو ھيو. گھڻا تڻا پکي، جيڪي ان ئي پارڪ جي گھاٽن وڻن جا باشي ھيا، سي روزي روٽيءَ جي ڳولا ۾ شھر جي گھٽين ۾ گھمڻ گھتڻ پڄاڻان، وڻن تي واھيرو ۽ شور ڪندا ھيا ته ڪڏھن ڪڏھن ڪن تي پوندڙ آواز، ٻڌڻ ۾ به نه ايندو ھيو. گھڻو شور جھرڪين ۽ ڪانون جو ھوندو ھيو. مون گھڻي ئي دفعا اتان لنگھندي، سوچيو ھيو ته ايڏو شور ڪھڙي ڳالھ تي پيا ڪن، ڪو ته ان جو سبب ھوندو. لاشڪ ته اھي سبب ۽ مقصد، مون کي سمجھ ۾ نه آيا. ڪڏھن ڪڏھن، جڏھن تڙڪو اڃا ھوندو ھيو، ته ڍنڍ سان ننڍڙي ٽِٻي جي مٿئون ڪانءَ ۽ سرڻيون، لھندڙ سج ڏانھن منھن ڪري آرام سان ويٺا ھوندا ھيا. جيئن ئي اس گم ٿي، ھنن به اڏامَ ڀري.

Wednesday, July 13, 2022

حاجي صاحب جو خاڪو - دريا خان شنباڻي

حاجي صاحب جو خاڪو

ننڍڙي ڪھاڻي

دريا خان شنباڻي



ننڍڙي امان الله کي مائٽن پڙھائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر امان الله پڙھيو ڪو نه ۽ اسڪول مان گسائي ڳوٺ کان ٻاهر ٻوڙن ۽ ديوين ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڪي ويهي رهندو هو ۽ موڪل جي ٽائيم هو وڏي جوش سان اچي اسڪول جو بڪسو کٽ تي اڇلائي ماني گهرندو هو. جڏھن ٿورو وڏو ٿيو ته اسڪول مان صفا نابري واري ويٺو. هاڻ امان الله مڪمل طرح سان رلڻ لڳو، واندن ۽ لوٺين سان سندس ياري ٿي وئي. امان الله جي ڳڻتي والدين سان گڏ ڀائرن کي به ٿي ته آخر سڌري ڇو نه ٿو!

امان الله شروعات ۾ هلڪيون ڦلڪيون چوريون پنهنجي گهران ڪرڻ لڳو. والدين ۽ ڀائرن جي جيب جي صفائي سان گڏ گهر جي عورتن جي ڪنن جون واليون يا نڪ جون ڦليون وغيره کڻڻ لڳو.

لائوڊ اسپيڪرس فار سيل - دريا خان شنباڻي

لائوڊ اسپيڪرس فار سيل

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



ڪجھ ڏينهن پهريان شھر جي چوڪ چوراهن تي ڪي اشتهار چنڀڙايا ويا جن ۾ لکيل هو “هن آڱاري تي شھر جي مُک ڪاروباري مرڪز جي آخري ڇيڙي واري ميدان تي تاريخي ۽ پائيدار لائوڊ اسپيڪرس جي نيلامي ٿيندي جنهن به ماڻھو کي لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت هجي سو اسان سان اچي رابطو ڪري.”

آڱاري واري صبح کان ماڻھن جي ايتري ته رش وڌي وئي جو فيصلو ڪيو ويو ته؛ “ماڻھو لائين ۾ بيهندا وڃن ۽ هڪ هڪ ماڻھو اندر اچي ۽ پنهنجي پسند جي لائوڊ اسپيڪر جي قيمت ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وڃي.”

هڪ جُواري ليکڪ جي ڪٿا - دريا خان شنباڻي

هڪ جُواري ليکڪ جي ڪٿا

آڪڙا کيڏي ڪتاب ڇپائيندڙ اديب جي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي

 


بنيادي طور تي هو هڪ غريب اديب آھي، گڏوگڏ طبيعت ۾ به نفيس ۽ نازڪ ۽ سدائين بيمار....

“سائين! ٻه هزار پنج کان هيپاٽائيٽس جو مريض آھيان، گهڻو ڪري دوائون سرڪاري ملي وينديون آھن. پر ڪڏھن ڪڏھن سرڪار کي گهمري ايندي آهي ته دوائون اچڻ بند ٿي وينديون آھن ۽ پوءِ پنهنجن پئسن سان اهي دوائون وٺڻيون پونديون آھن ۽ دوا به هاڻ ڄڻ مانيء جيان زندگيءَ جي ضرورت بڻجي وئي آھي.”

اوجَھ - دريا خان شنباڻي

اوجَھ

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي


 

ٽي ڏينهن شور، شغل، هوڪرا ڪوڪرا هليا. خوشيون ڪيون ويون. ناچ گانا، ميل ميلاپ، قرباني جو گوشت ورهايو ويو. کاڌا پيتا تيار ڪري کاڌا ويا ۽ چوٿين رات تي سمورو شھر ٿڪجي هارجي سمهي پيو. ۽ فوٽ پاٿن تي پيل  هيروئني، موالي، مسافر به ننڊ پئجي ويا. پر هڪ شخص جيڪو پهريان ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن ستو رهيو. ان کي هاڻ ننڊ نه پئي آئي. هو فوٽ پاٿ تي ٻوري رکي، گوڏا مٿي ڪري ويٺو رهيو.... روڊ جي ٻئي پاسي واري فوٽ پاٿ تي، قرباني ڪيل جانورن جا اوجھ پيا هئا.

در در جو هوڪو - دريا خان شنباڻي

در در جو هوڪو

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



هو پوري ملڪ جي در در ويو ۽ دروازو کڙڪائي چوڻ لڳو، “نئون ڪوٽ وارو واقعو مون ناهي ڪرايو”

نه ڇڏيائين، پوليس اسٽيشن، نه ڇڏيائين عدالتون، نه ڇڏيائين عوامي نمائندن جا گهر، نه ڇڏيائين اميرن جون حويليون، نه ڇڏيائين عورت تنظيمون، نه ڇڏيائين انساني حقن جون دعويدار ڌُريون..... هر هنڌ، هر جاء هوڪو ڏيندو رهيو ته “نئون ڪوٽ وارو واقعو مون ناهي ڪرايو.”

ائين ڪنهن به نه پڇيس ته “تون آخر آھين ڪير ۽ تون ائين ڇو پيو چئين!”

ڪهاڻي نيٺ مري وئي - دريا خان شنباڻي

ڪهاڻي نيٺ مري وئي

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



ڪهاڻي پهريان ته ڪي ڏينهن ليکڪ کي ستائيندي رهي؛ ”مون کي لک، مون ۾ جان وجھ!“

ليکڪ لنوائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو؛ ”تون هاڻي مري چڪي آھين، تنهنجو جنازو پيو آھي، جيئن ماڻھو مري ويندا آھن تيئن ڪهاڻيون به مري وينديون آھن.“

ڪهاڻي وري به منٿون ڪندي رهي؛ ”مون کي لک!“

ليکڪ چيو؛ ”صرف هڪ شرط تي!“

”ڪهڙي شرط تي!؟؟!“

ڪچو گوشت - دريا خان شنباڻي

ڪچو گوشت

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



پنجاھ ۽ سٺ جي پيٽي ۾ ڪرڙوَڍ همراھ پنهنجي جي ايل آءِ مان لهي، ميڊيڪل اسٽور ڏانهن وڌيو. دخل تي اسٽور جو مالڪ ويٺو هو ۽ گراهڪن سان مصروف هيو. سو اسٽور جي  اندر بيٺل نوجوان سان سرگوشي ڪندي چيائين؛ “سڀاڻي عيد آھي، ڪچو گوشت وغيره کائڻو آھي سو ان لاء ٻه ٽي ٽڪيون ڏي!”

نوجوان ڪجھ اينٽاميزول ۽ فليجل جون ٽڪيون آنديون ته هو مُرڪي پيو ۽ چيائين “پٽ اهي نه”

“ته چاچا ڪهڙيون”

هٿ وڍي - دريا خان شنباڻي

هٿ وڍي

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي

 


”اڙي ظلم ته ڏس، ڌاريا اچي هتي قابض ٿي ويا، ڪاروبار ڪن، دهشت ڦھلائن، پلاٽ وٺن، گهر اڏن، ته پوء ڇونه اسان هنن هٿان مار کائون!“

”سچ پيو چئين ڀائو!“

”ڏسين پيو نه حالت هر مهيني ڪٿان نه ڪٿان ڪو پنهنجو مارجڻ واري خبر ٿي اچي!“

”ها بلڪل!؟

”يار ظلم آ ٻيو وري ڇا!؟“

”نسورو ناحق، نه داد نه فرياد!“

بُک، هندو نه مسلم - دريا خان شنباڻي

بُک، هندو نه مسلم

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



”صبح لاڪون ننڍڙو نينگر گوشت گوشت ڪندو رهيو پر ڪنهن به هڪ ٿيلهي گوشت جي نه ڏني...”

”نيٺ سج لٿي سندس ماءُ گهران نڪري هڪڙي گيٽ واري گهر جو دروازو کڙڪايائين.“

”ٿوري دير کان پوء اندران آواز آيو، ڪير؟؟“

”اندرا!“

”جيءُ اندرا؟!“

”باجي ٿورو قرباني وارو گوشت کپي، هن مهل تائين ڪنهن به ناهي ڏنو!“

”اندرا، وڏو گوشت پيو آھي، آڻي ڏيانء!“

Tuesday, July 12, 2022

۽ هو سمهي پيو - دريا خان شنباڻي

۽ هو سمهي پيو!

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



”امي امي، انڪل سجاد هڪ وڏو ڍڳو آندو آھي.

”ها پٽ، قرباني جي عيد آھي، اهو ڍڳو قربان ڪري غريبن ۾ گوشت ورهائيندو.“

”امي اسان کي به گوشت ڏيندو نه انڪل سجاد!“

”ها ها، ڇو نه ڏيندو؟!؟“

”امي پاڻ به ته انڪل سجاد جي ننڍڙي پٽ لاء ماکي ڏني هئي!“

”ها بلڪل ڏني هئي!“

Saturday, July 9, 2022

ڪتاب ”ڪَھاڻيون، رَويا ۽ تَنقيدون“ جو مھاڳ - خليق ٻگھيو

ڪتاب ”ڪَھاڻيون، رَويا ۽ تَنقيدون“ جو مھاڳ

پنھنجي پاران

خليق ٻگھيو



منھنجو پھريون ڪتاب ”ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا“ ٻه ھزار سورنھن ۾ شايع ٿيو. ھيءُ ٻيون ڪتاب ”جديد سنڌي ڪھاڻي“ (تجزياتي تنقيدي تجزيو) اڄ توھان جي ھٿن ۾ آھي. ذاتي طور تي منھنجي لاءِ ھيءَ ڳالھ باعثِ خوشي آھي. ڪنھن به تخليقڪار يا ناقد لاءِ ھِن نفسانفسيءَ ۽ عدم مڃتا جي دَور ۾ ڪتاب لِکڻ ۽ شايع ڪرائڻ ننڍڙي ڳالھ نه آھي، ڇاڪاڻ ته وسيلن جي اَڻ ھُوند آھي. غير مواقف معاشي حالتون آھن. تنقيدي راھَ تي وڇايل ڪنڊا به چُڀجن ٿا ۽ وقت جي ڪَمي به آھي. سڀني مرحلن مان گذرندي، پنھنجو ھيءُ ادبي تنقيدي پورھيو، ادب پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندي، مسرت ۽ سرھائي محسوس ڪري رھيو آھيان!

ھِن ڪتاب ۾ آئون پنھنجا شاعريءَ ۽ غير افسانوي ادب توڙي ٻين علمي ۽ تحقيقي ڪم تي موجود مضمون به شامل پئي ڪري سگهيس، پر منھنجي ذھن ۾ اُھو خيال آيو ته سنڌي تنقيدي ادب ۾ افسانوي ادب/ ڪھاڻين تي ٿيل تنقيدي ڪم ” اٽي ۾ لوڻ برابر “ آھي. جيڪڏھن ڪو ادب جو شاگرد، صرف ھاڻوڪي ويجهڙائيءَ ۾ شايع ٿيندڙ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ تي مختلف ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين بابت تنقيد پڙھڻ چاھي ته ھُو اھڙي ڪھڙي تنقيدي ڪتاب خريد ڪرڻ جو چونڊ ڪري، جنھن ڪتاب ۾ نج صرف ڪھاڻين بابت تنقيدي جائزو ورتل ھجي؟ اُنھيءَ ڏسا ۾ مون ھِن ڪتاب لِکڻ جي رٿا ڪئي.

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ ھاڻي مختصر ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ اھميت ناول کي ڏني پئي وڃي. ناول جي اھميت کان انڪار نه آھي، پر ناول جو بنياد به ڪھاڻي آھي. معياري ڪھاڻي لِکڻ جي اوسر نه ٿيندي يا ڪھاڻيءَ بابت تنقيدي ڪم اصلاحي طور سامهون نه ايندو ته بھتر ۽ معياري ڪھاڻيون ۽ ناول سرجڻ جا ڪيترا امڪان رھندا؟ فرض ڪريو ڪو لِکاري بھتر ڪھاڻي نٿو لِکي سگهي ته اُھو ناول جي پلاٽ ۽ ڪھاڻيءَ سان ڪيترو نڀاءُ ڪري سگهندو؟ انھيءَ ڪري مون سُوچيو ته ڇو نه جديد سنڌي ڪھاڻيءَ تي باقاعدي لِکجي!؟ شاعريءَ تي آئون اڳ به ڪجھ لِکي چُڪو ھيس. پر ڪھاڻيءَ تي لِکڻ مون لاءِ نئون تجربو ھو. ٻه ھزار ويھ ۾ سياري جي رُت ۾، مون ڪھاڻيءَ بابت تنقيد لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڄ ٻه ھزار ٻاويھ جي شروعات ۾ منھنجو ھيءُ تنقيدي پورھيو توھان جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ حاضر آھي. نَون ڪھاڻي-ڪتابن تي لکڻ بعد مواد ھڪ ڪتاب جيترو ٿي ويو. سوچيم ھن مواد کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪجي. اُنھيءَ وچ ۾ مون جمن احمداڻيءَ جي ڪھاڻي ڪتاب

”ڦاھي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ“ تي به ھڪ وڌيڪ تنقيدي جائزو لِکي ورتو، جنھن کي پڻ ھِن ڪتاب ۾ شامل ڪري رھيو آھيان، پر جيئن ته اُھو مضمون ڪتاب جي آخري مرحلي ۾ شامل ڪيو ويو، تنھنڪري مھاڳ يا تاثرن جي تجزين ۾ اُن مضمون جو ذڪر نه ٿي سگهيو آھي. ميڊم اندرا شبنم، محترم امر لغاري، محترم انور ابڙي، شفيع بڪڪ، وفا صالح راڄپر سيما عباسي، جعفر شاھاڻي، طارق خشڪ، ممتاز لوھار ۽ يار محمد چانڊيو جا ڪھاڻي ڪتاب پڻ طور مليا آھن ۽ مون ڪجھ نوان ڪھاڻي-ڪتابَ پڻ خريد ڪيا آھن. جَن تي تنقيدي نظر ھن ڪتاب جي اشاعت بعد ايندڙ ڪتاب ۾ ئي ڪري سگھبي!

ڪھاڻيءَ تي تجزياتي تنقيدي جائزي وٺڻ/ لکڻ وقت، مون ڪوشش ڪئي آھي ته تحرير کي وڌيڪ منفرد بڻائجي. جھڙيءَ طرح شاعريءَ تي آئون اڳ لِکندو پئي رھيو آھيان ۽ جھڙيءَ طرح منھنجي اڳين ڪتاب ۾ تحريرن جو انداز موجود ھو، تَن کان مختلف منفرد تحريرون پڙھندڙن کي ھِن ڪتابَ ۾ ملنديون. نه صرف ٽيڪنڪ، پر ٻوليءَ جي لھجي ۽ لفظن جي چُونڊ ۾ پڻ ھي تحريرون يقينن مختلف آھن. ھِن ڪتاب ۾ مون ڪوشش ڪئي آھي ته ھر ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻين تي ھڪ جيتري ۽ گھري نگاه رکجي. ڪھاڻيڪار جي شخصيت جي برعڪس، صرف سندس فن ۽ فڪر تي ڳالهائجي!

ڪھاڻي ڇا کي ٿو چئجي؟ معياري ڪھاڻي ڪھڙي آھي؟ ھِن ڪتاب ۾ عملي تنقيد جي لحاظ کان مون ٻنهي سوالن جا جواب ڳولڻ جي مون ھڪ ڪوشش ڪئي آھي. جھڙيءَ طرح تجريدي/ مجرد شين جي ڪا مقرر وصف نه ھوندي آھي، اِھڙيءَ طرح (ڪھاڻي قديم ھجي يا جديد) ڪھاڻيءَ جي به ڪا مقرر وصف نه آھي. ڪھاڻيءَ کي وصفائڻ سان به

”ھڙ حاصل“ ٿيڻي نه آھي، ڇاڪاڻ ته اُھو ھڪ تخليقي ادراڪ جي تجربو آھي ۽ تجربا تبديل ٿيندا رھن ٿا.

ڏٺو وڃي ته اسان سڀني جي زندگي، خود ھڪ وڏي ڪھاڻي آھي ۽ اُن وڏي ڪھاڻيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون ساھَ کڻن ٿيون. زندگيءَ جو مُشاھدو ڪھاڻيءَ جو شرط آھي. زندگي آھي ته ڪيترن ئي واقعن جا ڪلائيمڪس ڏسون ٿا ۽ وقت سان گڏ، ڪيترين ئي نين ڪھاڻين جو روز جنم ٿئي ٿو. اُنھيءَ ڪري ڪھاڻيءَ کان لِڪي نٿو سگهجي. ڪھاڻيءَ کان پردي-داري نٿي ڪري سگهجي. زندگيءَ جو حِسي تجربو جھڙيءَ طرح شعوريت کان وانجهيل ڪونهي، تھڙيءَ طرح ڪھاڻي به اسان جي شعوريت ۽ لاشعوريت جي جيئري جاڳندي ساکي آھي. شاعري اڪثر استعارن تشبيھن ۾ پناھَ و ٺندي آھي، پر رائج ڪھاڻي، واقعن مان فڪري ڏاھپ جي ڏياٽي روشن ڪندي آھي. شاعريءَ لاءِ ھروڀرون تسلسل لازمي ڪونهي، پر ڪھاڻي ننڍن واقعن جي سفر مان گذرندي، اِھڙن وڏن واقعن جي آئينه داري ڪندي آھي، جيڪي واقعا زندگيءَ جي ڪڙن ۽ مِٺن تجربن وسيلي، اصلي حقيقتن جو دڳ ٻُڌائي وٺندا آھن. ڪھاڻي تخيلاتي ملڪيت کي وسيع پلاٽ بخشي، اُن جي پرورش ڪندي آِھي. ائين ڪھاڻي لاشعوري طور به فڪري تسلسل جي جنم ڪار رھي آهي. اُها فلسفي کي رستو عطا ڪندي آھي. شاعري فڪري دنيا تخليق ڪرڻ کان وڌيڪ اھيت جمالياتي حظ کي ڏيندي آھي، پر ڪھاڻي پڙھندڙ کي آس پاس جو يڪجا ماحول ميسر ڪري، کيس پاڻ ۾ سميٽي وٺندي آھي. ڪھاڻي توڙي شاعري ٻنھي تخليقي ڪمن جي اھميت پنھنجي پنھنجي جاءِ تي آھي. ٻِنھي تخليقي ڪمن ۾ موازنو ڪري به سگهجي ٿو ۽ نٿو به ڪري سگهجي، جنھن کي ادب جي جنھن تخليقي سفر ۾ مزو اچي ٿو، سو اُنھيءَ پاسي وڃي ٿو ۽ پنھنجي تخليقي صلاحيتن جو اظھار ڪري ٿو.

عملي تنقيد لاءِ مون وٽ پنھنجو ھڪ منفرد نڪته نظر آھي. شاعري ۽ ڪھاڻي، اُھي انساني تخليق جا ٻه اھم زاويا ۽ پاسا آھن. ٻنھي سان معيار وارو سوال به لاحق آھي. معيار جو تعين صرف تنقيدي ادب ڪري سگهي ٿو. اھڙو تنقيدي ادب، جيڪو ياري-دوستيءَ ۽ لابيز ڪلچر کان پاڪ ھجي. اھڙي تنقيدي ادب ۾ تخليق جي ميرٽ ۽ ڊيمريٽ ٻنھي پاسن جي نشاندھي ھوندي آھي، پر اھڙو تنقيدي ادب، جنھن ۾ تخليق جي ڪمزور پاسن ۽ نقصانن جي سُڌ نه پوي ۽ غير معياري تخليقن کي خوامخواه بلندين سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اھڙو تنقيدي ادبي پاٺڪ کي ڌوکو ڏئي، تخليق بابت وڌيڪ مُونجهارن ۾ وجهي ٿو. اُنھيءَ ڪري تنقيدي ادب کي ايمانداريءَ سان لِکڻ گُھرجي ۽ ھر صورت ۾ نقاد کي غير جانبدار رھڻو آھي. تخليق جي دريافت معلوم ڪرڻ ۽ تخليق جي اھميت کي ساڃاھ بخشڻ به تنقيد جو فرض آھي. تنقيد ۾ جيڪڏھن تخليق جي ڪمزور پاسن ۽ نقصانن جي به نشاندھي ڪجي ٿي ته پوءِ پڙھندڙ ٻاڙو يا تاسارو نٿو رھي ۽ پوءِ اُھا تنقيد وڌيڪ جٽادار ثابت ٿئي ٿي، جنھن جي لاءِ ضروري آھي ته نقاد وٽ مُطالعو، مُشاھدو ۽ تَجربو ھجي ۽ وٽس ڪرافٽ به ھجي. تنقيد سڀ کان اول ھڪ آرٽُ آھي. تنقيد ضرورت موجب، تحقيق جي مدد وٺندي آھي ۽ مختلف علمن جا حوالا به ساڻ کڻي ٿي. ھر نقاد پنھنجي پنھنجي مطالعي ۽ پنھنجي نوع سان تنقيد ڪري ٿو. منھنجو خيال آھي (جنھن سان ڀلي ڪو متفق نه ھجي) ته تحقيق ۽ تنقيد ڌار ڌار ڪم آھن. تحقيق نج علم ۽ حوالن جي گهڻائيءَ جي متحمل ٿي سگهي ٿي. تحقيق ڪجھ وڌيڪ نظر انداز ٿيل پاسن کي سامهون آڻن جو نالو تحقيق آھي. جڏھن ته تنقيد ۾ نقاد جتي ضروري سمجهي ٿو، اُتي تحقيق، فلسفي، سائنس، آرٽ ۽ ادبي نظرين جي حوالن وغيره جي مدد وٺي سگهي ٿو، پر هُو انھيءَ لاءِ کيس ھر جاءِ تي حوالن ڏيڻ جو پابند نٿو ڪري سگهجي. اُھو سڀ ڪجھ نقاد جي ڪرافٽ، فن، مشاھدي ۽ تجربي ۽ حڪمت جي آڌار تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ اُھو سندس صوابديدي حق آھي ته هُو جِتي ضروري سمجھي، صوف اُتي حوالو ڏِئي. ھڪ نقاد آزاد تنقيدي آرٽ ۽ ڪرافٽ ۽ ٽيڪنڪ رکي ٿو. ھُو پنھنجي علمي بصيرت ۽ تجربي آڌار تنقيد ڪري ٿو. هُو پنھنجي علمي ۽ ادبي بصيرت کي فقط، جملن جي راند جي گهڻ رخي معنوي خساري ۾ محظ ٻُوڙڻ جي قرباني مسلسل نٿو ڏَئي سگھي. رڳو حوالا ليکڪ جي موقف کي اصل نقاد جي پنھنجي رايي کي لِڪائي وٺن ٿا ۽ تحرير جو پيٽ ڀري وٺن ٿا. حوالا ڪنھن مضبوط تنقيد جو بنياد آھن يا نه، پر اھا سُڌ آھي ته ڪمزور تنقيد کي حوالا بچائي نٿا سگهن. حوالن جي گهڻائيءَ جون محتاج اڪثر تعليمي ڊگريون ٿين ٿيون. نقاد جو الڳ مقام آھي ۽ محقق جو الڳ اعلي منصب آھي. ھڪ محقق جو نقاد ھجڻ لازمي نه آھي ۽ ھڪ نقاد باقاعدي محقق نه ھوندو آھي، پر تحقيق سندس صرف معاون ٿي سگهي ٿي. دراصل نقاد جو سگهارو موقف ئي سندس تنقيد جو ضامن ٿئي ٿو. جڏھن ڪو نقاد ڪنھن فنپاري تي لِکي ٿو ته اُنھيءَ لاءِ اھو ممڪن نه ھوندو آھي ته، فنپاري جي ھر پاسي کان جائزو وٺي سگهي. ٻيو ته ڪنھن به تخليق کي جڏھن ڪنھن ادبي نظرئي تحت ڏِسجي ٿو ته اُنھيءَ تخليق تي لاڳو ٿيندڙ ادبي نظرئي جي سڀني پاسن کان ڏسڻ به ممڪن نه ھوندو آھي. اُھو اُنھيءَ ڪري نه ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تخليق ۾ ڪنھن ادبي ٿيوريءَ جي سڀني پاسن جو ھجڻ امڪان کان ئي ٻاھر ھوندو آھي. حقيقت اھا آھي ته تخليق /فنپاري جا الڳ تخليقي گَس ٿين ٿا. تنقيد کي سمجهڻ لاءِ تنقيد جي مسئلن جي ڄاڻ انھيءَ نقاد وٽ وڌيڪ ھوندي آھي، جيڪو مسلسل عملي تنقيدي تجربن مان گذرندو آھي. جيڪو اديب عملي تنقيد جي موجوده مسئلن جي ڄاڻ نٿو رکي، تنھن جو تنقيد مٿان تنقيد وارو موقف ڪمزور ھوندو آھي. پاڻ محنت نه ڪرڻ ۽ ٻين جي سالن جي رضاڪاراڻي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ خدمت کي ڀِت سان دوستن جي رضامنديءَ خاطر لڳائڻ وارو عمل ڪنھن به طرح اصلاحي ۽ اتساھڪ نه ھوندو آھي.

جديد سنڌي ڪھاڻي ھر اُھا مختصر ڪھاڻي آھي، جيڪا ڪھاڻيءَ جي جديد فن موجب لِکي وڃي ٿي، جنھن ۾ ھلندڙ دور آھي، جيڪا آکاڻي ٽائيپ نه آھي، جنھن ڪھاڻيءَ جي ھڪ شروعات وچ ۽ پُڄاڻي آھي، جنھن ڪھاڻيءَ ۾ ڀلي اھو به سڀ ڪجھ نه ھجي، پر موجوده دور جي صورتحال آھي، جيڪا ڀيانڪ به آھي ته ارتقا پذير به آھي. جيڪا سماجي صورتحال ھاڪاريءَ کان وڌيڪ ناڪاري آھي، جنھن ۾ موجوده سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آھن. جديد ڪھاڻي رڳو اُھا نه آھي، جيڪا رڳو جديديت يا جديديت پُڄاڻان جي تحريڪن لاڙن ۽ رجحانن تحت عڪس پسائيندڙ ھجي، پر جديد ڪھاڻي اُھا ڪھاڻي به آھي، جيڪا اڄ جي سنڌي سماج جي تاريخ مان ڦٽي رھي آھي. اسان وٽ ڪھاڻيءَ جي تناظر ۾ سٺو تخليقي ڪم ٿي رھيو آھي. پر اُنھيءَ ڏس ۾ ڪھاڻيڪارن کي اتساھ گھٽ ملي رھيو آھي. سندن ھمت- افزائي گهٽ ٿي رھي آھي. مون ڪوشش ڪئي آھي ته ڪھاڻين جي معيار موجب تنقيدي قدرشناسي ڪندي ڪھاڻيڪارن جي ھمت افزائي ڪجي ۽ کين اتساھ به ڏجي. مون انھيءَ ڪري سنڌ ۾ تنقيدي عدم سھپ ڪارڻ صرف تنقيدي جائزي کي ڪافي نه سمجهيو آھي، پر اُنھيءَ سان گڏوگڏ تجزيي کي به شامل ڪيو آهي. ھاڻي تجزئي ڪرڻ جي سائنس اسان وٽان ختم ٿيندي پئي وڃي. فڪري دورن جي خاتمي سبب تجزيي جو فن به گُم ٿيندو پيو وڃي. مون تجزيي جي ساک کي ھِنن تنقيدي مضمونن ۾ نئين سر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڇاڪاڻ ته تجزيو ئي آھي، جيڪو اسان کي آس پاس جي ماحول سان واڳي رکي ٿو ۽ متحرڪ ذھن پيدا ڪري ٿو.

منھنجون تحريرون انھيءَ ڳالھ جون گواھ آھن. تخليقن جي خوبين جي قدرشناسائي ڪئي وئي آھي. تخليقن ۾ جتي ڪميون پيشيون ڏٺيون آھن ته، انھن جي به نشاندھي ڪئي وئي آھي. اُھو تصور ڪرڻ ته تخليق ۾ ڪا به ڪَمي نه ھوندي آھي. ھڪ غلط تصور آھي. ڪا به تخليق پنھنجي سموري تخليقي جوھر سميت به ڪمزور پاسا رکي ٿي. اُھا ڳالھ اَڻ-ٽر آھي. سنڌ ۾ ڪھاڻي لِکڻ جي لاءِ اداراتي سطح تي تربيت ۽ ماحول جي شديد کوٽ آھي. تنقيدي ادب جي ڪَميءَ ڪارڻ به ڪھاڻيڪارن جي فني رھبري نه ٿي رھي آھي، جنھن ڪري غير معياري ڪھاڻيون به لِکجن پيون. اسان وٽ فيس بوڪ جي ڪجھ سلسلن ۾ ته سنڌي ڪھاڻيءَ تي ٿيندڙ تنقيدي ويھڪن ۾ ٻوليءَ جي صورت خطيءَ جون به وڏيون غلطيون نظر اچن پيون. خود سنڌي ٻوليءَ کي ھن گلوبل ميڊيائي دَور ۾ ڪيترا ئي چئلينج لاحق آھن. خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا تي جتي مونث ۽ مذڪر لفظن جي صحت بگاڙي وڃي ٿي ۽ پرنٽ ميڊيا تي پڻ ٻوليءَ جي غلط استعمال سامهون ايندو پئي رھيو آھي. ساڳئي وقت ادبي حوالي سان به سنڌي ٻوليءَ سان ٻه اکيائي موجود رھي آھي. اھڙيءَ صورتحال ۾ تنقيدي ادب ئي واحد وسيلو آھي، جيڪو رھنما بڻجي سگهي ٿو. مون فيس بوڪ تي ٿيندڙ سلسلن ۾ شامل ٿي، پنھنجي حصي جو نه صرف تنقيدي ڪم ڪيو آھي، پر ساڳئي وقت سوشل ميڊيا تي مختلف ڪھاڻي ڪتابن تي تنقيدي تجزين ۽ جائزن جو ڄڻ ته ھڪ سلسلو شروع ڪري ورتو آھي. جنھن سان ڪھاڻي لِکڻ، سمجهڻ ۽ ان جي تجزياتي تنقيدي جائزن جي ماحول ٺاھڻ ۾ مدد ٿي آھي. ھاڻي ڪافي ٻيا دوست به ڪھاڻي-ڪتابن تي لکن پيا.

منھنجو ڪم پنھنجي ٻوليءَ جي اسلوب توڙي تنقيدي گرفت جي لحاظ کان مختلف آھي. آئون آمريڪا ۽ يورپ جي ادبي تنقيدي نظرين کي ڪنھن به فنپاري تي جيئن جو تيئن لاڳو ڪرڻ جي برعڪس، اھو ڏسندو آھيان ته اُھي ادبي نظريا اسان جي زميني حقيقتن، مقامي ڪلچر ۽ سماجي ۽ ثقافتي مزاج کان الڳ ته نه آھن؟ جيڪڏھن اُھي ڪِٿي اِھڙي مطابقت نٿا رکن ته پوءِ پنھنجي تخليقي روشنيءَ تحت مون اِھڙن پرڏيھي ادبي نظرين ۾ مقامي تنقيدي مزاج ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جيئن پنھنجي تنقيدي تجربي ۾ نفسياتي ۽ ثقافتي رنگ به سمائي سگهجي. مثال طور ساختيات پُڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ تنقيد جا طريقا ئي اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ سماجي فڪر جي مزاج ۽ سڀاءَ سان مطابقت نٿا رکن. ڀڃ گهڙ جي طريقي ۾ مون ٻوليءَ جي مڪالمن کي ٽن مرحلن ۾ چڪاسڻ واري تنقيد کي نظر انداز ڪري، گهٽ اھميت ڏني آھي. پر اُن کي مقامي مزاج موجب فڪري سطح تي کنيو آھي. ھونئن به ساختيات پڄاڻان يا ڀڃ گهڙ جي طريقي جي ٿلهي ليکي مقصديت ته مھا بيانن جي ڪليت ۽ قطعيت کي چئلنج ڪرڻ ۽ فڪر، نظرين ۽ فلسفن جي مرڪزيت ختم ڪرڻ ئي وڃي بيٺي آھي. مون تجرباتي طور تخليقن جي مفھومن ۽ مقصديت جي گھڻ-معنويت ڏني آھي، جيڪو تصور اسان جي سنڌي ادبي تنقيد جي اتھاس سان ڳنڍي رکي ٿو. نقاد ٻاھرين ادبي نظرين جي لاڳو ڪرڻ وقت پنھنجي تجربي کي به شامل ڪري سگھي ٿو. نه ته ٻيءَ صورت ۾ اسان تنقيدي تجربي جي وقت رڳو مڪالمن جي جملن جي گهڻ-رُخ معنائن تي ڦيرا کائي ٿَڪجي پونداسين. ھن کنڊ جو سمورو اتھاس شاھد آھي ته اسان جي نس نس ۾ فڪر جي مضبوطي سان ئي رت ۽ ساھ جو رشتو جڙيل رھيو آھي. اسان لفظن جي راند ۽ لفظن کيل تماشي ۾ وھندڙ عذابن جي ريلن کي نظر انداز ڪٿي ٿا ڪري سگهون؟

،

ھِن ڪتاب ۾ جن ڪتابن جي ڪھاڻين تي مون لکيو آھي. اُنھن ڪتابن مون کي ڪنھن نه ڪنھن طرح متاثر ڪيو آھي. مون ڪوشش ڪئي آھي ته اِھڙن ڪھاڻي ڪتابن جي گهڻ-پاسائتن طرفن تي ڳالهائجي. جَن ڪھاڻين ۾ عالمي سطح جا ڇھاءَ آھن. فلسفا آھن. ڪي عالمگير رجحان يا لاڙا آھن، اُنھن تي مون ڪِٿي تحقيق ڪري به پڙھندڙ جي ڄاڻ وڌائڻ جي جستجو ساري آھي. ڪِٿي ڪِٿي عالمي سطح جون تحريڪن جا اولڙا به ڏنا آھن ۽ ساڳئي وقت، مون انھن تحريڪن ۽ تنقيدي اصطلاح نگاريءَ تي پڻ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انھيءَ سڀ جي باوجود، منھنجي تنقيد ڪرڻ جو وڏو مقصد اُھو آھي ته ڪھاڻيءَ کي ڪھاڻيءَ جي نج فن جي بنياد تي ڏِسجي، رڳو عالمي سطح جي ادبي نظرين ۾ ڏِسڻ ڪافي نه آھي. ھڪ معياري ڪھاڻيءَ بابت منھنجو تصور ھيءُ آھي ته ڪھاڻي دراصل ڪھاڻي ھجي. ڪھاڻيءَ جي آڙ ۾ اَڪھاڻي ۽ تجريدي ٻوليءَ ۾ لِکيل مضمون-نما ڪھاڻيون نه ھجن. جنھن کي اسان ڪھاڻي چَئون ٿا، اُن ۾ ڪھاڻي ھجڻ جو فني ۽ فڪري سُڀاءُ ھجي. ھاڻي ته ڪھاڻيءَ کي جِتي فليش فڪشن کائي ويو آھي، اتي آدرشي بتين جون وٽيون به کُسي سڙي رھيون آھن. جنھنڪري روشنيون به جيهڻيون ٿي ويون آھن. ھاڻي ته نظم-ڪھاڻي ۽ ڪھاڻي-نظم پڙھن لاءِ ملي پيو. ھاڻي ته ڪھاڻي ٻُڙي بڻيل آھي. ھڪ لفظ به ڪھاڻيءَ ھجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ھاڻي ته اشتھار به ڪھاڻي ته ھڪ نشان به ڪھاڻي آھي. اُھو تجرباتي طور ڀلي ٺيڪ به ھجي، پر اھڙي سَمي، تنقيدي ادب جي مٿان اڃان به وڏيون ذميواريون پئجي ويون آھن. تنقيدي ادب ئي رھبري ڪري ٿو ته پرڏيھي نظري جي رومانس ۾ گُم ٿي وڃڻ کان بھتر آھي ته پرڏيھي تجربن ۾ شامل ڀلي ٿيو، پر انڌي تقليد نه ڪريو.ائين نه ٿئي جو پنھنجي پيرن ھيٺيان زمين ئي کسڪي وڃي ۽ خبر ئي نه پوي. ساڳيءَ طرح پرڏيھي تنقيدي نظرين جي تجربن ڪرڻ سان تنقيد جو ته پُورائو ٿي وڃي ٿو، پر اُھو رس چس نٿو رھي، جنھن جي سُڀاءَ لاءِ سنڌي پاٺڪ اڄ به منتظر آھي!

اسان وٽ صحتمند تنقيدي ڪم ٿيڻ جي برعڪس، ٻين جي تنقيدي ڪم مان چُڪون زمين جي ستن تھن مان ڳولڻ وارن ماھر قلمڪارن جي به ڪا کوٽ نه آھي. تنقيد جي اُھا به ھڪ ڪاميابي آھي ته جنھن فنپاري تي تتقيد پڙھجي ٿي ته اُن فنپاري کي قاري ڳولي به پڙھڻ تي مجبور ٿي وڃي. پر ھِتي جڏھن مذڪوره گهرج پوي ٿي ته پوءِ خود نقاد تي اُبتي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته، نقاد اسان کي اُھو سڀ ڪجھ ڇونه ٻڌايو، جو اسان وري ورتئون فنپارا خريد ڪندا؟ يعني تنقيد تي عجيب اعتراض سامهون اچن ٿا. اعتراض ڪرڻ جا اھي اعتراض به تنقيد سَڏرائن ٿا. جيڪڏھن تخليق بابت سڀ ڪجھ تنقيد بيان ڪري ته پوءِ تخليقي ادب ڇو پڙھيو ويندو؟ تقريبن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ آئون صرف نوَن/ ڏھن ڪھاڻي-ڪتابن تي لِکي سگهيو آھيان. اُن جو سبب منھنجي سُستي نه پر منھنجي لِکڻ جو انداز آھي، جنھن ۾ مون کي محنت ڪرڻي پوي ٿي. تخليق کي مختلف زاوين کان ڏسڻ منھنجو شوق ھوندو آھي. تخليق کي پنھنجي رُوح ۾ سمائي، اُن بابت ويچارڻ منھنجي عادت رھي آھي. آئون ڪنھن به تخليق جي عرق تائين رسائي ڪري مطمئن نه ٿيندو آھيان. عام طور تي تڙ-تڪڙ ۾ ڪيترن ئي ڪھاڻين تي لِکي سگهجي ٿو. پر اھو سڀ ڪم اڌورو ۽ غير معياري ھوندو. اِھڙو ڪم وقتي اتساھ ڏيندو آھي، پر انھيءَ مان باشعور پڙھندڙ حلقو مايوس ٿيندو آھي. آئون لکان ئي پڙھندڙ لاءِ ٿو. مون کي رڳو تخليقڪار لاءِ لِکڻو نه آھي. مفصل مضمون جيڪڏھن تنقيدي آھي ته ان تي اعتراض اجايو آھي، ڇاڪاڻ ته تنقيد جا گھڻا فرض ھوندا آھن. تنقيد جون وڏيون ذميواريون ٿين ٿيون، جيڪي ذميواريون ننڍڙن مضمونن، عام تاثراتي لکڻين ۽ پروفائيل قِسم جي تحريرن جون نه ھونديون آھن. تنقيد جي مسئلن ۽ ضرورتن کي عام لِکاري نه، پر سڀ کان خاصو پڙھندڙ/ ھڪ سٺو نقاد ۽ خاص لکاري ئي وڌيڪ سمجهي سگهي ٿو. ڪھاڻين تي لِکڻ جو ھيءُ تجربو منھنجو پھريون تجربو آھي. اڃان گهڻو ڪجھ پڙھڻو آِھي ۽ گهڻو ڪجھ لِکڻو آھي.

ھِن ڪتاب جي ھڪ سگهاري مھاڳ لکڻ لاءِ آئون ذاتي طور تي ناليواري تجزيا نگار، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جو بيحد ٿورائتو آھيان. سندس وسيع مطالعي ۽ ھڪ زبردست تجزئي ھِن ڪتاب جي فڪري ۽ تنقيدي سونھن وڌائي آھي. آئون نھايت اھم محقق ۽ نقاد ميڊم ڊاڪٽر ساجده پروين صاحبه جن جو پڻ تمام گهڻو ٿورائتو آھيان، جو پاڻ ڪيترين ئي مصروفيتن باوجود، مون کي ھِن ڪتاب بابت پنھنجو تنقيدي نڪته نظر لِکي ڏنائون. ميڊم ڊاڪٽر ساجده پروين جون تجويزون نھايت اھم آھن. اُنھيءَ سان گڏ، آئون ناليواري ڪھاڻيڪاره ۽ محقق ميڊم شبنم گل جو به ٿورائتو آھيان، جن ھِن ڪتاب جو وقت سر ھڪ بھترين بئڪ پيج لِکي ڏنو. آئون ناليواري محقق/ اھم تاريخ نويس محترم رسول بخش ٻگهيو گچيرائيءَ صاحب جو پڻ ٿورائتو آھيان، جَن منھنجو نھايت ڪارائتو پروفائيل لِکي، منھنجي ذاتي ۽ ادبي جيون بابت احوال کي پھريون ڀيرو تاريخ ۾ محفوظ ڪيو. ساڳئي وقت ھِن ڪتاب بابت جَن ادبي دوستن فون ڪالز تي منھنجي ھمت-افزائي ڪئي، تَن ۾ محترم اخلاق انصاري، محترم وفا صالح راڄپر، محترم جھانگير عباسي ، محترم اختر پيا سولنگي، محترم ڊاڪٽر شير مھراڻي، محترم ھدايت ڏيپر، محترم مرتضي ناز، محترم امر لغاري، محترم رزاق سھتو، منير ڊومڪي ۽ محترم ڪليم ٻٽ جن جو ٿورائتو آھيان. مُرڪ پبليڪيشن جي سموري سَٿ، خاص ڪري پياري دوست، بھترين شاعر ۽ پبلشر محترم مرتضيٰ لغاريءَ صاحب جو ته خاص طور تي ٿورائتو آھيان، جَن تمام گهڻي مصروفيت جي باوجود، منھنجي ڪتاب تي دل جي گھرائيءَ سان ڪم ڪيو ۽ بروقت صلاحون ۽ تجويزون ڏنيون. سندس پيار ۽ سچائيءَ کي نھايت قدرشناسيءَ جي نگاھ سان ڏسان ٿو. منھنجي ھن تنقيدي ڪتاب بابت توھان جي تجزين ۽ اصلاحي تنقيدي راين جو انتظار رھندو!

 خليق ٻگهيو.

 پراڻو گچيرو

 ۲ـ۴ ۲۰۲۲