Saturday, July 2, 2022

گستاخ محبت - عبدالڪريم چنا

گستاخ محبت

(ناول تي تبصرو)

عبدالڪريم چنا



ناوليٽ، ناويلا ۽ ناول:

ناوليٽ: اهڙي افسانوي لکڻي جيڪا ۷۵۰۰ لفظن کان ۱۹۹۹۹ لفظن تي مشتمل هجي ته ان کي ناوليٽ چئبو. اڄ جي دور ۾ ڪي ان قسم جي افساني کي ناوليٽ novelette چون ٿا پر اڪثريت ان کي مختصر ناويلا novella يا ڊگهي مختصر ڪهاڻي long short story چون ٿا.

ناويلا: “افساني جي اهڙي لکڻي جيڪا ۲۰۰۰۰ کان ۴۹۹۹۹ لفظن تي مشتمل هجي ته ان کي ناويلا چئبو.” جينءَ ئي ڪنهن افساني جي لکڻي ۵۰۰۰۰ لفظن تي پهتي ته اها مختصر ناول شمار ٿيندي.

مختصر ناول: “افساني جي اهڙي لکڻي جيڪا ۵۰۰۰۰ کان ۸۰۰۰۰ لفظن تائين هجي ته ان کي مختصر ناول short novel چئبو.”

ناول: عام طور تي ڪو به ناول ۴۰۰۰۰ لفظن کان گهٽ ناهي هوندو. جديد دور ۾ ۸۰۰۰۰ لفظن کان ۱۲۰۰۰۰ لفظن واري افساني کي ناول قرار ڏنو وڃي ٿو. رومانوي ناول ان ڊيگھ کان گهٽ به ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته فئنٽسي، هارر ۽ سائنس فڪشن ناول ڊيگھ ۾ اڃا به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا.


هي ناوليٽ، ناويلا، مختصر ناول ۽ ناول جي ڊيگھ لاءِ ڪجھ طئي ٿيل اصول ۽ وصفون آهن. پر اڄڪلھ جي پوسٽ ماڊرن دور ۾ انهن وصفن تي هلڻ لازمي به نه ٿو سمجهيو وڃي. گذريل سال جي “انٽرنيشنل بوڪر پرائز کٽيندڙ افسانيAt Night All Blood Is Black جي ڊيگھ سئو صفحا کن ٿيندي پر ان کي ناول قرار ڏنو ويو آهي. ان کي ناويلا يا ناوليٽ نه ٿو چيو وڃي. (مون هي ناول ترجمو ڪري اداري ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي جيڪو جلد ئي پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندو) ان ريت پاڻ به سال ۲۰۲۲ع جي ڇپيل پهرئين سنڌي ناول “گستاخ محبت” کي ناوليٽ يا ناويلا بدران سڌو سنئون ناول قرار ڏئي ان تي بحث ڪيون ٿا.

مواد ۽ گهاڙيٽو content & form:

مواد مان مراد ته لکڻي ڇا چوي ٿي. لکڻيءَ ۾ ڇا ڏنل آهي. ٻين لفظن ۾ ته اها ڄاڻ جيڪا لکڻيءَ مان ملي ٿي. گهاڙيٽو مان مراد ته لکڻيءَ جي ڏنل مواد کي ڪهڙي طريقي ۽ ترتيب سان پيش ڪيو ويو آهي. گهاڙيٽو ۾ ڪنهن به تخليقي ڪم جي بناوٽ، اسلوب ۽ ترتيب شامل هوندو آهي. جڏهن ته مواد ۾ پلاٽ، ڪردار، وقوع، موضوع ۽ پيغام اچي ويندا آهن. هيٺ ڪهاڻيءَ ۾ شامل انهن جزن تي بحث ڪبو.

موضوع/خيال Theme:

هن مان مراد ڪهاڻي يا ناول ۾ موجود موضوع ۽ خيال آهي. ڪنهن به افساني ۾ موضوع هڪ به ٿي سگهي ٿو ته گهڻا به ٿي سگهن ٿا.

ناول “گستاخ محبت” جي ڪهاڻيءَ جو مکيه موضوع مرداڻي هم جنسيت آهي. ڪردارن ۽ پلاٽ جو سمورو محور هم جنس محبت ئي آهي. ان سان گڏ غربت ۽ بيروزگاريءَ سبب ننڍي عمر جي ڇوڪرن جو جنسي استحصال ۽ جنسي عمل ۾ رڪاوٽن سبب پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن جهڙن موضوعن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. پر اهي موضوع به هم جنسيت سان ئي لاڳاپيل آهن. جڏهن ته ويڳاڻپ، نراسائي ۽ بيزاريت جا خيال پڻ موجود آهن. مکيه ڪردار سورج ويڳاڻپ ۽ بيزاريت جي ور چڙهندو رهي ٿو. ماڻهن پاران سندس خيالن کي سمجهي نه سگهڻ، ۽ جنسي عمل جي سهولت ميسر نه هئڻ وقت هو ويڳاڻپ، نراسائي ۽ بيزاريت جهڙن نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهي وڃي ٿو.

مٿين بيان ڪيل موضوعن کانسواءِ ناول ۾ مرداڻي هم جنسيت لاءِ هاڪاري سوچ پيدا ڪرڻ واري پروپئگينڊا وارو خيال پڻ شامل آهي. ان پروپئگينڊا واري موضوع تي اڳتي بحث ڪبو.

پلاٽ Plot:

ڪهاڻيءَ جو پلاٽ سڌو ۽ سولو آهي. پلاٽ ۾ ڪا به پيچيدگي ناهي جو پڙهندڙ کي ڪهاڻي سمجهڻ ۾ مونجهارو پيش اچي. ڪهاڻي ۽ واقعن جي ترتيب سڌي سنئين آهي.

وقوع setting:

ڪهاڻيءَ ۾ واقعن ٿيڻ جو هنڌ يونيورسٽي، رهائش واري هاسٽل ۽ سورج جو اباڻو ڳوٺ آهي. اڪثر واقعا ڪئمپس ۽ سورج جي رهائشي ڪمري ۾ ئي واقع ٿين ٿا.

پيغام message:

ناول جي لکڻيءَ جو پيغام کليل ۽ چٽو آهي. پيغام اهو آهي ته هم جنسيت کي قبول ڪيو وڃي ۽ ان ۾ رنڊ روڪ نه وڌي وڃي. مرداڻي هم جنس محبت کي فطري قرار ڏيندي مخالف جنس سان محبت کان وڌيڪ پرلطف ۽ موهيندڙ هجڻ جو پيغام ڏنل آهي. ان سان گڏ فرد جي نجي زندگيءَ ۾ مداخلت کان به پاسو ڪيو وڃڻ ۽ ان کي سندس مرضي ۽ منشا موجب مڪمل آزاديءَ سان زندگي گذارڻ ڏيڻ جي پيغام تي پڻ زور ڏنل آهي.

اسلوب ۽ بناوٽ style & structure:

لکڻيءَ جي بناوٽ ۽ اسلوب ۾ تصنع decor، احساسن feelings ۽ جذبن emotions تي گهڻو زور ڏنل آهي. ڪٿي جملا ڇڪيل تاڻيل محسوس ٿين ٿا ته ڪٿي وري لکڻيءَ ۾ فطري تسلسل ۽ وهڪرو ملي ٿو. اسلوب ۾ افسانوي انداز سان گڏ تحقيقي انداز research method جو اثر به نظر اچي ٿو. ان سان گڏ لکڻيءَ جي بناوٽ ۾ نثري نظم پڻ شامل آهن. هي ان وقت سامهون اچن ٿا جڏهن مکيه ڪردار سورج پنهنجين سوچن کي ڊائريء تي اتاري ٿو. جملن جي بناوٽ کي اثرائتو بڻائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ان ڪوشش ۾ کوڙ جملا انتهائي اثرائتا ۽ وڻندڙ بڻجي ويا آهن ته ڪافي جملن ۾ وري ڪو اڻ ٺهڪندڙ لفظ استعمال ٿيل به ملي ٿو. مقصد ته لکڻيءَ جي بناوٽ افسانوي، تحقيقي ۽ شاعراڻي انداز سان ٿيل آهي.

ترتيب arrangement:

ناول ۾ واقعن جي ترتيب سڌي ۽ سولي آهي. ڪهاڻيءَ جو منڍ، وچ ۽ پڄاڻي لاڳيتو هلندي هلي ٿي. ناول ۾ پڙهندڙ کي کيڏائڻ واري حرفت طور واقعن کي اڳتي پوئتي واري ترتيب ۾ ناهي رکيو ويو.

ڪردار characters:

سورج: هي ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار آهي. هي هڪ هندو واپاري گهراڻي جو، يونيورسٽي جو نوجوان شاگرد آهي. ننڍي ڄمار کان هيڪلائي پسند ۽ ادب سان چاھ رکندڙ آهي. هي شروع ۾ ته هم جنسيت کان پري ڀڄندڙ نوجوان آهي پر جڏهن مخالف جنس سان تعلقات قائم ڪرڻ ناممڪن ڀانئي ٿو ته شهوتي باھ جي تڪميل خاطر هم جنسيت ۾ لهي پوي ٿو ۽ بعد ۾ هو هم جنس محبت مان مڪمل لطف، سڪون ۽ پيار ڳولي هم جنس پرست ٿي وڃي ٿو. ٻيا ننڍا توڙي وڏا سمورا ڪردار سورج جي چوڌاري ڦرندڙ آهن. هي ڪردار سموري ڪهاڻيءَ تي حاوي بڻيل آهي. جنهن سبب ٻيا ڪردار هن هيٺان ڄڻ ته دٻجي ويل محسوس ٿين ٿا.

ممتاز: سانوري رنگت وارو نوجوان جيڪو سورج جو پراڻو ڳوٺائي آهي. هي ڪهاڻيءَ جي اڌ کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿو ۽ سورج جو دوست ۽ بعد ۾ دل گهريو محبوب بڻجي وڃي ٿو. ممتاز مزاج ۽ ڏيک ۾ اهو نوجوان آهي جنهن جي ڳولا ۾ سورج پريشان هو. ممتاز جي اچڻ سان سورج جي محبت جي ڳولا ختم ٿئي ٿي ۽ هو نفسياتي مونجهارن، ويڳاڻپ ۽ هيڪلائيءَ مان نڪري خوش رهڻ لڳي ٿو.

جهانگير: هم جنس لاڙو رکندڙ ڪردار آهي. پاڻ سهڻي رنگت وارو آهي پر هڪ سانوري ڇوڪر تي موهت آهي. ڪهاڻيءَ جي آخري باب ۾ سورج جي ٿيل جهيڙي ۾ سورج جو سهارو بڻجي ٿو. جهانگير آزاد سوچ رکندڙ، روشن خيال ۽ دلير ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو.

ديپڪ: سورج جو ماسات، سهڻو نوجوان آهي. ديپڪ جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل آهي پر بعد ۾ هي مڪمل طور هم جنسيت جو لاڙو رکندڙ ڪردار بڻجي وڃي ٿو. هو هم جنس محبت ۾ مختلف جسمن مان لطف ماڻڻ جو لاڙو رکندڙ آهي. هو هم جنس جنسي عمل ۾ فاعل ۽ مفعول ٿيندو رهي ٿو. ديپڪ صفحي ۱۳ تي سندس چيل جملي “زندگي مختصر آهي . . . خوب انجواءِ ڪجي” موجب مڪمل طور مادي پرست materialist وجود جي عڪاسي ڪندڙ ڪردار آهي.

روپ چند: هي سورج کان عمر ۾ ڪجھ وڏو آهي. هي به جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻيل ڪردار آهي. پر ان ڏاڍائيءَ واري واقعي کان بعد هو مڪمل طور gay بڻجي وڃي ٿو. سورج ڪجھ عرصو هن مان لذت ماڻيندو رهي ٿو پر جلد ئي منجهائنس بيزار ٿي کيس ڇڏي ڏئي ٿو.

سيٺ مدن لال: سورج جو پيءُ جيڪو واپاري ۽ مالدار آهي. هي پڻ هم جنسيت جو لاڙو رکندڙ آهي. هو پنهنجي نوجوان نوڪر سان جنسي عمل دوران فاعل ۽ مفعول ٿي لطف وٺندو رهي ٿو. هڪ ڀيري جڏهن هو مفعول بڻيل هوندو آهي ته سورج مٿان پهچي وڃي ٿو ۽ بعد ۾ سيٺ مدن لڄ ۽ مونجهاري وچان آتم هٿيا ڪرڻ جو سوچي ٿو.

رشيد: سيٺ مدن لال جو ملازم نوجوان ڇوڪر. سورج جڏهن ڳوٺ ۾ جنسي باھ جي ور چڙهي نفسياتي مونجهارن جو شڪار ٿئي ٿو ته هو رشيد سان ڏاڍائيءَ ڪري ٿو. رشيد غربت ۽ بيروزگاريءَ سبب ڪا به مزاحمت نه ٿو ڪري. بعد ۾ هو سورج جي خواهشن کي پورو ڪرڻ تي مجبوريءَ سان عمل ڪندو رهي ٿو. سورج هڪ ڀيري ساڻس جنسي عمل لاءِ دوڪان تي اچي ٿو ته ڀانڊي ۾ رشيد کي پنهنجي پيءُ مٿان فاعل بڻيل ڏسي وٺي ٿو.

ڪوي: نفسياتدان ۽ شاعر آهي. سورج جو گهاٽو دوست ٿي ويندو آهي پر بعد ۾ سندس نفسياتي مونجهارن واري شدت کي ڏسندي کائنس پاسو ڪري ويندو آهي. آخر ۾ سورج جي ٿيل جهيڙي واري مسئلي ۾ به مڪمل پاسي تي رهي گم ٿيل ڪردار بڻجي ويندو آهي.

ڪامريڊ دودل: ڪامريڊ دودل خان اصل ۾ سورج جي محبوب ممتاز جو عاشق آهي. بعد ۾ هو ممتاز کي سورج سان ٺهيل ڏسي کيس ڌمڪائي ٿو ۽ ڪجھ ساٿين سان گڏجي سورج کي يونيورسٽي اندر مار ڏياريندو آهي. ان موقعي تي هو هم جنسيت کي بداخلاقيءَ جو جواز بڻائي ۽ هندو ڇوڪر کان مسلمان ڇوڪر سان ٿيندڙ جنسي عمل کص مذهبي رنگ ڏئي سورج ۽ ممتاز کي مڪمل هيسائي وجهندو آهي. هي ڪردار يونيورسٽين اندر ڪامريڊ جي نالي تي ٿيندڙ ڏاڍ، جهيڙي ۽ بداخلاقيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻئي پاسي دودل خان جي نالي مان هن جي ٻهراڙيءَ واري ڏاڍي مڙس بڻجڻ جي عڪاسي پڻ ٿئي ٿي. هتي اهو به ياد رهي ته اصل نالو دودو هوندو آهي. پر ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڪٿي به دودو ناهي لکيو. دودل اصل ۾ دودو جو اسم تصغير آهي جيڪو دودو کي پيار يا نفرت وچان سڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هتي ليکڪ ان طرف ڪو ڌيان ناهي ڏنو.

ان سان گڏ ٻيا به ڪردار آهن جيڪي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيندا وڃن ٿا. مکيه ڪردار سورج کانسواءِ سمورا ڪردار سڌا ڪردار flat characters آهن. منجهائن ڪا به پيچيدگي يا ور وڪڙ ناهن. شروع کان آخر تائين هڪ ئي لڪير ۾ هلندڙ آهن. ڪنهن به ڪردار جي سوچ ۽ عمل ۾ ڪا واضع تبديلي نه ٿي اچي. ڪهاڻيءَ ۾ اڪيلي سورج جي ڪردار کي ڦرندڙ ڪردار round character يا پيچيده ڪردار complex character چئي سگهجي ٿو. سورج اول ته هم جنسيت کان پري ڀڄندڙ ڪردار آهي جينءَ هو صفحي ۸ تي پير بخش کي انڪار ڪندي چوي ٿو ته “... منهنجي اها پيچ ڪونهي. دل جي ڳالھ آهي، ته منهنجي دل ۾ هر وقت اها ڀاونا هوندي آهي ته ڪا سندر ناري منهنجي بيچين روح کي سڪون ڏئي.” پر اڳتي هلي هو هم جنسيت جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ ان مان باقاعده لطف ماڻيندو رهي ٿو. سورج نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهڻ سبب جنسي عمل ۾ اذيت پسند sadist ڪردار پڻ بڻجي وڃي ٿو. پر اڳتي هلي هو ان مونجهاري مان به نڪري وڃي ٿو. شروع ۾ سورج مختلف نوجوانن سان جنسي عمل ڪري سڪون ماڻيندو رهي ٿو پر بعد ۾ هو مختلف جسمن مان جنسي لذت ماڻڻ کي وحشيائپ سڏي ٿو. ان ريت سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد به سامهون اچي ٿو. ان تضاد وسيلي وقت سان سندس سوچن ۾ آيل واضع تبديلي پڻ نمايان ٿئي ٿي. ڪهاڻي وڌڻ سان سورج جي ڪردار ۾ اوسر ٿيندي رهي ٿي ۽ هو هم جنسيت ۾ فقط هڪ محبوب هجڻ جي ڳولا ڪري ٿو. سندس اها ڳولا ممتاز جي شڪل ۾ پوري ٿئي ٿي. ان ريت سندس محبت جو محور فقط هڪ جسم يعني ممتاز بڻجي وڃي ٿو.

سورج شروع ۾ ڊڄڻو ۽ هيسيل ڪردار آهي جيڪو اڳتي هلي ڪامريڊ دودل سان جهيڙي کانپوءِ دلير بڻجي مزاحمت تي لهي اچي ٿو. سورج جي ڪردار ۾ ڊڄ کان دليري ۽ هيسيل هجڻ کان مزاحمت تي لهي اچڻ واري اوسر جا اڃا ڪي هاڪاري نتيجا نه ٿا نڪرن ته سورج موت جي ور چڙهي وڃي ٿو.

ڪردارن ۾ سڀ کان اهم ڳالھ اها به آهي ته ڪهاڻيءَ ۾ مڪمل مرد ڪردار آهن، ڪنهن به ڇوڪريءَ يا عورت جو ڪردار موجود ناهي. ڪجھ جاين تي ڇوڪرين جو ذڪر ته آيو آهي پر انهن کي ڪردار جي شڪل ۾ پيش ناهي ڪيو ويو. هم جنسيت جي موضوع ۾ ڇوڪرين جي ڪردار کي مڪمل نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. عورتن ۾ به هم جنسيت ٿئي ٿي جنهن کي lesbian سڏجي ٿو. ان ڪري ڪهاڻيءَ منجھ اهڙا ڪردار به پيش ڪري سگهجن پيا. ان سان گڏ ڪئمپس ڪهاڻيءَ ۾ ڇوڪرين جي ڪردار کي مڪمل نظرانداز ڪرڻ به کوڙ عجيب محسوس ٿئي ٿو. جيڪڏهن lesbian ڪردارن کي پيش ناهي ڪرڻو ته ڳوٺ ۾ ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي وغيره جهڙا ڪردار پيش ڪري پيار، سونهن، نزاڪت ۽ سار سنڀال لهڻ وارا ڪردار جوڙي سگهجن پيا. ان کانسواءِ يونيورسٽيءَ ۾ به دوست ڇوڪرين يا وري استاد عورتن جا ڪردار پيش ڪري کانئن ڪهاڻيءَ ۾ مدد وٺي سگهجي پئي. پر هتي ليکڪ جو عورتن جي ڪردارن کي مڪمل ختم ڪرڻ مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته مٿانهنس خارجيت تمام گهڻي حاوي رهي آهي. ليکڪ ٻڌل ڳالهين تي هلندي ڪهاڻيءَ ۾ مرداڻي هم جنسيت واري لاڙي ۽ ان کي پيش ڪرڻ لاءِ بيان ۾ رس ۽ چس، جذبات ۽ تصنع استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته جينءَ ته ليکڪ سندس رسرچ ورڪ دوران (يا دوستن جي ٻڌل ڳالهين منجهان) هم جنس محبت جي قصن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار نه ٻڌا آهن ته هو ڪهاڻيءَ اندر به اهڙا ڪردار تخليق ڪري سگهڻ کان مڪمل قاصر رهيو آهي. انهن سببن جي ڪري ليکڪ کي عورت مخالف misogynist پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو. ڪجھ ننڍا عورتاڻا ڪردار جوڙي ان نقص کان بچي سگهجي پيو.

محبت جو نفسياتي پاسو:

مٿي ناول ۾ پيش آيل ڳالهين جي ٿوري ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ان سان لاڳاپيل ڪجھ اهم نڪتا پڻ آهن جيڪي هتي بيان ڪرڻ کوڙ مددگار ثابت ٿيندا. نفسياتدان سگمنڊ فرائڊ موجب محبت اصل ۾ جنسي خواهشون پوريون ڪرڻ جي اٽڪل/چال هوندي آهي ۽ ان جو مقصد جنسي لذتون ماڻڻ سان گڏ نسل جي بقا به هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو کوڙ ماڻهو محبتن جي مضبوط ۽ گهرن رشتن باوجود ٻين ماڻهن سان به تعلق رکندي ملندا آهن. اهو ان ڪري جو جنسي لذتن جي مختلف قسمن (مختلف فردن) ۾ مختلف لذت لڪيل هوندي آهي. ان ڪري فرائڊ وٽ محبت جو تصور واحد ۽ هڪ محبوب جي چوڦير گردش ڪرڻ جي باوجود ڪيترن ئي فردن سان جنسي رابطن جي خواهش ۾ لڪيل آهي. ان حساب سان محبت جو واحد (هڪ محبوب) هجڻ وارو تصور پنهنجي قبر کي پاڻ کوٽي پاڻمرادو ئي دفن ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته فقط هڪ شخص سان محبت هجڻ جي دعويٰ به غيرفطري ۽ غير منطقي ثابت ٿئي ٿي.

فرائڊ جي انهن ڳالهين کي ڌيان سان ڏسبو ته هيٺيان اهم نڪتا سامهون ايندا:

۱. محبت جا ٻه اهم ڪم آهن، هڪ ته جنسي عمل ڪرڻ ۽ ٻيو نسل وڌائڻ.

۲. محبت هڪ فرد تي مدار نه ٿي رکي. ان ۾ ٻيا فرد به داخل ٿي وڃن ٿا. پوءِ کڻي فقط جنسي عمل لاءِ ئي سهي. ان جو اهم سبب مختلف جنسي لذتون ماڻڻ وارو خيال ۽ مزا ماڻڻ هوندو آهي.

۳. محبت جو محور هڪ کان وڌيڪ فردن تائين هجڻ به فطري عمل سمجهڻ گهرجي.

هي فرائڊ جا انساني نفسيات تي ڪيل تجربن ۽ مشاهدن وارا نتيجا ۽ خيال آهن. سندس انهن تجربن ۽ خيالن کي هن ناول جي ڪهاڻي، ڪردارن ۽ بيانن ۾ آيل دليلن سامهون رکي ڪهاڻيءَ جي بيان ۽ ڪردارن کي سمجهڻ ۾ کوڙ مدد ملي سگهي ٿي.

موقعو ۽ مهل time & chance:

ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار هم جنس محبت جي عڪاسي ڪندڙ ڪردار آهي. پر شروع ۾ هو هم جنسيت کان پري ڀڄندڙ ۽ مخالف جنس (ڇوڪري/عورت) سان نينهن نڀائڻ جي سوچ رکندڙ فرد آهي. جينءَ هو صفحي ۸ تي پير بخش کي هم جنسي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته “پيارا پير بخش! توهان صحيح آهيو، پنهنجي سوچ مطابق، پر منهنجي اها پيچ ڪونهي. دل جي ڳالھ آهي، ته منهنجي دل ۾ هر وقت اها ڀاونا هوندي آهي، ته ڪا سندر ناري منهنجي بيچين روح کي سڪون ڏي.”

ساڳي ريت صفحي ۱۳ تي هو ديپڪ کي به انڪار ڪندي چوي ٿو ته “هاهاها، يار! منهنجي اها پيچ ڪونهي. تو کي آئون نصيحت ڪندس ته ان جهان کان پري ٿي.....”

هتي اهو معلوم ٿئي ٿو ته سورج هم جنسيت وارو لاڙو نه رکندڙ نوجوان آهي. ان بدران هو مخالف جنس سان محبت ڪرڻ واري سوچ جو حامي نظر اچي ٿو. هتي ڏسجي ته سورج جو ڪردار اهڙن نوجوانن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي مناسب موقعو، جاءِ ۽ سهولت نه ملڻ سبب نارين سان محبت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين ۽ بعد ۾ هو جنسي خواهش جي تڪميل خاطر هم جنسيت ڏانهن مائل ٿي وڃن ٿا. سورج هندو هئڻ سبب به مخالف مذهب جي نارين کان محبت نه ملڻ جي مونجهاري ۾ رهي ٿو. جڏهن ته کيس هم عمر ڇوڪرن سان ملڻ، دوستي رکڻ، گهمڻ جي سهولت هجي ٿي ۽ هو انهن کي پنهنجي ڪمري ۾ آڻي ڪچهريون ڪري ٿو جنهن سبب هو هم جنسيت ڏانهن مائل ٿي وڃي ٿو، ۽ آزاديءَ سان ساڻن جنسي عمل ڪرڻ لڳي ٿو. هم جنسي لاڙي طرف راغب ٿيڻ ۾ سندس وڌندڙ جنسي عمل واري خواهش پڻ مکيه سبب آهي. ڪچي عمر جي نوجوانن ۾ وڌيل جنسي خواهش کي سنڀالڻ ۽ روڪي رکڻ اهم مسئلو هوندو آهي. ان عمر ۾ هو مخالف جنس سان ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ کوڙ شرميلا هوندا آهن. جڏهن ته کين پنهنجي ڄمار وارن هم جنس دوستن سان اڪيلائيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ دوستي رکڻ جي وڏي سهولت ميسر هوندي آهي. هم عمر هئڻ سبب دوستي رکڻ ۽ گڏ گهمڻ تي مٿانهن ڪا روڪ بہ ناهي هوندي. ان ريت وڌندڙ جنسي خواهش ۽ ذهني ناپختگيءَ جهڙا عنصر جڏهن ٻن نوجوان ڇوڪرن جي هيڪلائيءَ ۾ ملڻ وقت حاوي ٿين ته جنسي عمل کي روڪڻ لڳ ڀڳ ناممڪن بڻجي پوندو آهي. ان دوران هم عمر واري دوستي هجڻ سبب کين مڪمل تحفظ ۽ آزادي پڻ مليل هوندي آهي. سورج تي انهن سمورن عنصرن جا اثر واضع نظر اچن ٿا. جهانگير، پير بخش ۽ بعد ۾ ديپڪ جون هم جنس محبت ۽ جنسي عمل تي ڪيل مسلسل اثرائتيون ڳالهيون سورج کي نيٺ هم جنس جنسي عمل لاءِ راضي ڪري وجهن ٿيون. سورج جيڪو اڳ ئي جنسي خواهش پوري نه ٿيڻ سبب ويڳاڻپ ۽ بيزاريت محسوس ڪندي نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهي ويل هوندو آهي اهو جنسي عمل آزادي سان ٿيڻ واري سهولت ملندي سڪون ماڻڻ شروع ڪندو آهي. ان ريت سورج جو ڪردار اڄ جي نوجوانن جي جنسي عمل ۾ رڪاوٽ سبب سندس مزاج ۾ پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن، پريشانين، ويڳاڻپ ۽ بيزاريت جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ڪردار سماجي حقيقت به آهي ته ڄڻ سماجي براين جي عڪاسي پڻ ٿيل آهي. پر جينءَ ته ليکڪ پاران ڪهاڻيءَ جي بيان جو اصل مقصد هم جنسيت کان نفرت نه ڪرڻ، ان کي خراب ۽ بداخلاقيءَ جي علامت نه سمجهڻ آهي ان ڪري هو ڪنهن به هم جنس ڪردار کي خراب، يا بدڪردار نه ٿو قرار ڏئي، ويتر انهن کي باذوق، مهذب ۽ روشن خيال سڏي ٿو. جڏهن ته جيڪي به ڪردار هم جنسيت جي مخالفت ڪندڙ آهن اهي غيرمهذب، بد ذوق ۽ تنگ ذهن قرار ڏنل آهن. هتي مکيه بحث اهو آهي ته جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ سورج جهڙي ڪردار کي مخالف جنس سان محبت ۽ جنسي عمل جي سهولت وارا موقعا ملن ها ته هو هم جنسيت جي ور نه چڙهي ها. جڏهن ته اڪثر نوجوانن جو مسئلو به اهو ئي رهندو آيو آهي. ان ريت ڪهاڻيءَ جي مختلف ڪردارن کي هم جنسيت جي ور چاڙهڻ ۾ حالتن، موقعي، جڳھ ۽ ماحول انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سورج جو ذڪر اچي چڪو آهي، جڏهن ته ديپڪ، روپ چند، رشيد جهڙا ڪردار به سببن ۽ علتن جي ڪري هم جنسيت جي ور چڙهيل آهن. اهي ڪردرا حقيقي زندگيءَ ۾ انهن فردن جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي غربت، مجبوري، ۽ ڏاڍ جهڙن عنصرن هٿان هم جنسيت جي ور چڙهي وڃن ٿا. هي ڪردار هم جنسيت کي ڪنهن نظرئي يا فطري عمل طور قبول نه ٿا ڪن، ان بدران اهي هم جنسيت تي حالات جي مجبوريءَ جهڙن سببن وچان نه چاهيندي به عمل ڪن ٿا. جڏهن ته اهڙن فردن ۾ اڳتي هلي عادي بڻجڻ وارو عنصر به شامل ٿي وڃي ٿو.

دليل:

ڪهاڻيءَ جو محور مرداڻي هم جنسيت آهي. ان لاءِ ليکڪ کي ڪي سگهارا دليل ڏيڻ جي لازمي ضرورت پيش آيل آهي. هتي ڪهاڻيءَ منجهان ڪي اهڙا دليل پيش ڪجن ٿا جيڪي هم جنسيت کي سگهارو ۽ اثرائتو بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ پيش ڪيا ويا آهن.

۱. “هنن بد ذوق ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته حسن، محبت ۽ زندگي جو فلسفو ڇا آهي؟... هي ماڻهو محبت ۽ حسن کي جنس، رنگ، ذات ۽ مذهب تائين محدود رکندڙ آهن. جڏهن ته محبت ۽ حسن کي ڪنهن جنس، رنگ ۽ مذهب تائين محدود نه ٿو رکي سگهجي.” (جهانگير __ ص ۴)

ليکڪ پاران هم جنسيت جي مخالفن کي بد ذوق سڏيو ويو آهي. هي جملن کي اثرائتو بڻائڻ ۽ هم جنس عمل کي موهيندڙ ۽ وڻندڙ عمل بڻائڻ لاءِ استعمال ٿيل لفظ آهي. محبت کي جنس، رنگ، ذات پات ۽ مذهب کان مٿانهون قرار ڏيڻ انتهائي اهم دليل آهي. هن مان روشن خياليءَ جي جهلڪ ملي ٿي.

۲. “تنهنجي عقل جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي جتي محبت دائرن ۾ قيد آهي . . . تون جڏهن دائرن مان ٻاهر نڪرندين ته محبت کي هڪڙي جنس تائين محدود ڪرڻ واري دقيانوسي سوچ مان نڪري ڪنهن هٺيلي وجود اڳيان سجدو ڪندين.” (جهانگير __ ص ۴)

هتي به محبت کي هڪ جنس يعني عورت تائين محدود ڪرڻ کان روڪيل آهي. ٻيو اهم نقطو “هٺيلو وجود” جو ذڪر آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هي اصطلاح کوڙ جاين تي ڪتب آيل آهي ۽ هر ڀيري ان مان مراد ڇوڪرن جي وجود جي ورتل آهي. جڏهن ته هٺيلو وجود ڪنهن ناريءَ جو به ٿي سگهي ٿو. ان ريت هٺيلو وجو ناريءَ جو به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي به شديد محبت سان سجدو ڪري سگهجي ٿو. ان حساب سان هٺيلو وجود جو استعمال درست استعمال ڪيل معلوم نه ٿو ٿئي.

۳. “عورت کي سمجهڻ ۽ ريجهائڻ ڏکيو آهي.... عورت کي بهتر عورت ئي سمجهي سگهي ٿي. ساڳي ريت مرد جي جذبن، احساسن، ذوق ۽ شوق کي فقط مرد ئي سمجهي سگهي ٿو.” (پير بخش _ ص ۷)

اگر عورت کي عورت ئي بهتر سمجهي سگهي ته عورتن جا پاڻ ۾ جهيڙا ئي نه ٿين. عورت جو عورت سان ساڙ انتهائي گهڻو هوندو آهي. اگر اهي هڪ ٻئي کي بهتر سمجهندڙ هجن ته اهو عورتاڻو ساڙ ۽ جهيڙا ئي نه ٿين. ٻيو وري اهو ته اگر مرد ٻئي مرد کي بهتر سمجهندڙ هجي ته پيءُ ۽ پٽن، سڳن ڀائرن ۽ دوستن ۾ جهيڙا نه ٿين. هتي اهو ذهن ۾ رکجي ته ڪي مرد عورتن کي وڌيڪ سمجهندا آهن ۽ ڪي عورتون مردن جي نفسيات کي گهڻو سمجهنديون آهن. جڏهن ته ڪي مرد وري مردن کي ۽ ڪي عورتون وري عورتن جي نفسيات کي گهڻو سمجهنديون آهن. اصل مسئلو انساني نفسيات کي سمجهڻ جو آهي. ڪنهن مرد پاران انساني نفسيات کي سمجهي نه سگهڻ کي عورتن کي نه سمجهڻ جو الزام نه ٿو هڻي سگهجي.

۴. “اسان سڀ فطري طور هم جنس پرست هوندا آهيون پر سماجي قدرن ۽ لاڙن اسان کي پنهنجي جنس سان نفرت ڪرڻ سيکاريو آهي.” (پير بخش __ ص ۷)

هتي فطرت کي آڏو رکيو ويو آهي. اگر فطرت کي ان اصول تي استعمال ڪجي ته ساڳي جنس وارا پاڻ ۾ محبت ڪندڙ آهن ۽ مخالف جنس سان محبت ڪرڻ غير فطري عمل ٿيندو ته اهو دليل خود فطرت جي ئي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته فطرت جو اهم ڪم نسل جي پيدائش ۽ واڌ ويجھ آهي جيڪا نسل جي بقا لاءِ لازمي آهي. هاڻي نسلن جي واڌ ويجھ مخالف جنس سان جنسي عمل کانسواءِ ناممڪن آهي. هم جنس محبتن ۽ جنسي عملن مان نسل جي واڌ ويجھ هرگز ناهي ٿيڻي. اگر هم جنس محبت فطري قرار ڏئي سموري انسانذات کي هم جنسيت تي هلائجي ته ايندڙ ڪجھ ڏهاڪن ۾ ئي انساني نسل ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو جيڪو فطري طور نسلن جي واڌ ويجھ واري عمل خلاف ٿيندو. ان ڪري هي دليل انتهائي ڪمزور بڻيل آهي.

۵. “جيڪو شخص هم جنس محبتن تي ٺٺوليون ڪندو هجي . . . اهو شخص ٻلن ۽ ڪتن واري نسل مان ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻلو ٻلي جو ويري هوندو آهي، ڪتو ڪتي جو ويري هوندو آهي.” (پير بخش __ ص ۷)

اصل ۾ چوڻيءَ موجب ساڳئي شعبي وارا ٻه فرد هڪ ٻئي کي برداشت ناهن ڪندا، ان ڪري اهو چيو ويندو آهي ته 'ٻلو ٻلي کي نه سهي” اهو به چيو ويندو آهي ته “پٽي ڀائي پٽي ڀائيءَ کي نه سهي”، يعني ساڳي مزاج ۽ لاڙي وارا ٻه فرد هڪ ٻئي کي پنهنجو ويري سمجهندا آهن. سندن خيال موجب اگر مخالف نه هجي ها ته سمورو لاڀ مون کي ئي ملي ها. ان حساب سان هي دليل به ڪمزور کان وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو.

6. “هم جنس پرستي ڪيفيتن، احساسن، تڙپ جي وادي آهي. هتي صرف اهو روح ڀٽڪي سگهي ٿو جنهن کي ڪنهن سهڻي نوجوان جو بدن انب جيان رسيلو ۽ کٽڙو لڳي.” (ديپڪ __ ص ۱۴ ۽ ۱۵)

هتي سوال هي آهي ته ڇا مخالف جنس واري محبت ۾ شديد ڪيفيتون، احساس، تڙپ پيدا نه ٿيندي آهي؟ ڇا ڪنهن نوجوان ناريءَ جو جسم رسيلو، پرڪشش ۽ موهيندڙ ناهي هوندو؟ اگر ناريءَ جي محبت ۾ اهي شديد احساس، تڙپ، ڪشش، رس ۽ چس نه هجي ته پوءِ ان دليل کي مڃڻ تي اعتراض نه ڪجي ها.

۷. “مرد عورت سان مڪمل محبت ناهي ڪندو، نه ئي عورت مرد سان ڪامل محبت ڪندي آهي. ڪامل محبت ڪرڻ لاءِ هڪ جهڙو سرير ۽ روح هجڻ ضروري آهي.” (سورج __ ص ۷۹)

لڳ ڀڳ سمورا دليل هڪ رخا آهن، يعني شين کي هڪ پاسي کان ڏسڻ وارا دليل آهن. مرد ۽ عورت جي محبتن جي تڪميل ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجي وجودن جي ڪاملتا تي پهچڻ جهڙا کوڙ اعتراف ۽ ثبوت سامهون آهن. ان صورت ۾ اهو چوڻ ته مرد ۽ عورت جي محبت مڪمل يا ڪامل ناهي ته اهو هڪ نجي خيال ته ٿي سگهي ٿو پر عالمي مڃتا ماڻڻ وارو دليل نه ٿو ٿي سگهي.

۸. “ها، باقي ڪو به هوس پرست شخص هم جنس پرست نٿو ٿي سگهي . . . جيڪڏهن ڪو جنوني شخص، ڪنهن رسيلي بدن لاءِ لڇي ٿو، پاڻ کي وڍي ٿو ته اهو لقاءُ سندس وحشي منڙي جو ناٽڪ آهي، محبت نه.” (سورج _ ص ۵۸)

هتي اهو اعتراض ٿو اٿي ته ڇا نارين سان حوس جي مقصد سان پيار جو ڏيکاءُ ڪندڙ فرد محبت ڪندڙ شمار ٿيندو يا ناٽڪ ڪندڙ!؟ هم جنسيت جي حمايت ۾ مٿيون دليل ساڳي ريت مخالف جنس تي به لاڳو ٿئي ٿو. ان ريت جيڪو دليل مخالف جو به هڪ جيترو مددگار بڻجي اهو سگهارو يا اثرائتو دليل نه پر ڪمزور ۽ بي لاڀ شمار ٿيندو.

۹. “هم جنس رومانس ۾ جيترو سُرور سمايل هوندو آهي، ايترو ڪنهن اڻ ڇهيل افغاني دوشيزه جي هٿن سان تيار ڪيل انگوري شراب منجھ به ڪونهي. سو هم جنس پرست ئي چمين ۽ ڀاڪرن جي تاريخ لکي سگهن ٿا.” (ص ۷۸. سورج پاران ڊائريءَ ۾ لکيل احساس)

سٽون پڙهڻ سان ڏاڍيون شاعراڻيون ۽ اثرائتيون محسوس ٿين ٿيون. پر هنن سٽن جو رد ناول ۾ ئي موجود آهي، اهو ائين ته سورج ڪنهن به ناريءَ سان محبت ۽ جنسي عمل جي تجربي مان نه گذريو آهي ۽ نه ئي هن ڪنهن افغاني دوشيزه جي صحبت ۾ ويهي ان جي هٿن سان تيار ڪيل انگوري شراب واپرايو آهي. ان ڪري هي فقط خيالي هام ئي شمار ڪبي، ان جو حقيقت تي ٻڌل تجربي سان ڪو واسطو ناهي. هي فقط احساسن کي شدت ڏيڻ وارو وڌاءُ چڙهاءُ وارو عنصر شمار ٿيندو. ان ريت جنهن دليل ۾ تجربي ۽ حقيقت تي ٻڌل عنصر موجود نه هجي ته اهو ڪمزور شمار ٿيندو ڇاڪاڻ ته نجي خيال ۽ راءِ تي ڏنل دليل سان ٻين جو سهمت هجڻ ۽ مڃائڻ مشڪل هوندو آهي.

ناول کي پڙهڻ دوران هم جنسيت جي حمايت ۾ ڏنل دليلن ۽ لفظن مان ٻه اهم ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، هڪ ته سڀ خيال هڪ طرفا آهن ۽ ٻيو اهو ته سموري ناول ۾ جڏهن به ڪنهن هم جنس لاڙو رکندڙ ڪردار مخالف کي ڪو دليل ڏنو آهي ته ان تي مخالف کي ماٺ ٿيندي ۽ هارائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ان تي اهو چئبو ته ليکڪ غيرجانبداريءَ کان ڪم ناهي ورتو ۽ نه ئي خارجي ۽ داخلي احساسن ۽ خيالن ۾ فرق محسوس ڪندي انهن تي ضابطو آڻي درست نموني استعمال ڪري سگهيو آهي. هتي ليکڪ اڳواٽ طئي ٿيل ڳالهين تي هلندي نظر اچي ٿو ته هم جنس ڪردارن کي سلجهيل، باذوق، مهذب ۽ دليلن ۾ نه هارائيندڙ ڪري پيش ڪرڻو آهي. جنهن سبب سندن مخالفن کان دليلن جي بدلي سگهارا دليل ناهن ادا ڪرايا ويا. ان ڏس ۾ آسڪر وائلد جو ناول Picture Of Dorian Gray ۾ هم جنس حمايتين ۽ مخالفن جا دليل پڙهڻ وٽان آهن جن کي پڙهي ڪٿي به ليکڪ جو ڪنهن جي ڌر بڻجندي يا داخلي احساسن کي پاڻ تي حاوي ڪندي محسوس نه ٿو ٿئي. جڏهن ته آسڪر وائلڊ پاڻ به هم جنسيت لاڙو رکندڙ هو ۽ ان سلسلي ۾ سزا پڻ ماڻي چڪو هو، پر پنهنجي لکڻيءَ ۾ هو ٻنهي ڌرين کان سگهارا دليل ادا ڪرائي ٿو.

تمهيد ۾ ٽڪراءُ:

ناول جي چوٿين باب جي شروعاتي صفحي (ص ۳۱) تي ليکڪ پنهنجي تمهيد ۾ سنڌو سڀيتا، يونان ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هم جنس محبت جا لاڙا رکندڙ بيان ڪيو آهي. هو ان صفحي تي هڪ هنڌ لکي ٿو ته “خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ پياسي هم جنس پرست پرين سان سر عام محبت ڪندا آهن.....”

ناول نگار موجب سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هم جنس محبت کليل نموني ٿيندي آهي. ڏسجي ته اها حقيقت به آهي، هي سماجي حقيقت نگاريءَ جو بيان آهي. اڄ به اسان جي چوڌاري اهڙا کوڙ هم جنس جوڙا موجود آهن. پر جيڪا اهم ڳالھ آهي اها هي ته ناول نگار پنهنجي ان بيان تان اڳتي هلي پاڻ ئي ڦري ويو آهي ۽ ائين پنهنجي ان بيان کي متضاد بڻائي وڌو اٿائين. هو صفحي ۷۹ تي لکي ٿو ته “هونئن به ننڍي کنڊ ۾ مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هم جنس پرستن جي زندگي هڪڙي ڪمري تائين محدود هوندي آهي....”

هي ٻئي بيان ڪنهن ڪردار کان ادا ڪيل ناهن. هي جملا ناول نگار مختلف جاين تي تمهيد ڪندي لکيا آهن. اگر هي بيان ٻن مختلف ڪردارن کان ادا ٿيل هجن ها ته اهو مڃجي ها ته ليکڪ ٻن الڳ سوچن کي بيان ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. ان ڪري هڪ ڪردار کي حالتن مطابق هم جنسيت کي کليل نموني ۽ ٻئي ڪردار کي ان جي حالتن مطابق لڪي يعني هڪ ڪمري تائين محدود ٿي وڃڻ وارين سماجي مجبورين جو ذڪر ڪيو آهي. پر ڪردارن بدران تمهيد ۾ ليکڪ پاران سماج جي پيش ڪيل حالتن کي بيان ڪرڻ ۾ ائين اختلاف هئڻ سندس بيان ۾ تضاد کي پيش ڪري ٿو.

پروپئگينڊا وارو عنصر:

ليکڪ جي بيان ۾ ٻي اهم ڪوتاهي يا خامي اها به نظر اچي ٿي ته هو هم جنسيت لاڙو رکندڙن لاءِ “باذوق، مهذب، نفيس احساسن جا مالڪ” جهڙا تعريفي لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ ٻئي پاسي هم جنس مخالفن کي ذوق، تهذيب ۽ ماڻهپي کان وانجهيل قرار ڏيندو رهيو آهي. ان جو مکيه سبب ڪهاڻيءَ جي بيان ۾ هم جنسيت لاءِ هاڪاري سوچ وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ کين سماج ۾ نفرت بدران عزت جي نگاھ سان ڏٺو وڃڻ وارو پيغام ڏيڻ آهي. ان ريت هي ناول پروپئگينڊا پکيڙيندڙ ناول propagandist novel قرار ڏبو. ان مان مراد ته هي ناول هم جنسيت واري سوچ، خيال، ۽ لاڙي لاءِ هاڪاري ماحول پيدا ڪرڻ واري ڪوشش آهي. ان ڪوشش ۾ ناول نگار زوردار احساسن، جذبن ۽ هيجاني ڪيفيتن جو استعمال ڪري پڙهندڙ جي سوچن تي اثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ناول ۾ مختلف جاين تي اردو ۽ انگريزي ٻولين جا لفظ ۽ اصطلاح پڻ استعمال ٿيل آهن. انگريزي اصطلاحن مان ڪن جي ناول اندر ئي وصف بيان ڪيل آهي. انگريزي اصطلاحن جو استعمال ضرورت آهر درست نظر اچي ٿو. جيڪڏهن انهن جي سنڌي معنيٰ وارا لفظ استعمال ڪيا وڃن ها ته شايد انهن جو مڪمل مقصد نه ملي سگهي ها. ٻئي پاسي ناول اندر ڪتب آندل اردو لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال غيرضروري نظر اچي ٿو. انهن اردو لفظن ۾ “پاش پاش، اوٽ پٽانگ، طمطراق، فاتحانه، البته، ضمير و خمير، موضوعِ بحث، سنسني خيزي، هلڙبازي، من گهڙت، ماهرِ فريش واٽر، موسٽ ڪريئيٽو محبوب، فنِ عريان نگاري، سناٽو، براءِ نام، دوشيزه وغيره” شامل آهن. هتي ڪن لفظن ۾ اردو ۽ سنڌي لفظن سان گڏ انگريزي لفظن کي گڏائي اصطلاح بڻائڻ وارو استعمال نظر اچي ٿو.

سنڌي ٻولي کوڙ وسيع آهي جنهن مان ضرورت آهر لفظ کڻي پنهنجن احساسن ۽ جذبن، سوچن ۽ خيالن کي سگهاري نموني بيان ڪري سگهجي ٿو. ڌارين ٻولين مان لفظ ان وقت اڌارا ورتا ويندا آهن جڏهن احساسن ۽ سوچن کي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لفظ موجود نه هجن. سائنسي اصطلاحن ۽ نفسياتي اصطلاحن وقت ڌارين ٻولين جا لفظ استعمال ڪرڻ واري ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ڇاڪاڻ ته اسان اهڙن سمورن اصطلاحن لاءِ سگهاري ۽ ٺهڪندڙ مقصد وارا لفظ جوڙي ناهيون سگهيا، جنهن ڪري کوڙ انگريزي لفظ ۽ اصطلاح سنڌيءَ ۾ سلهاڙجي عام بڻجي ويا آهن. پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھ ٻولھ ۽ بيان لاءِ ڪتب ايندڙ لفظن جي کوٽ ناهي جنهن ڪري ان جاءِ تي ڌارين ٻولين جا لفظ اڻ ٺهڪندڙ ۽ غير ضروري محسوس ٿين ٿا.

منهنجي ڄاڻ موجب هم جنسيت جهڙي حساس موضوع تي سنڌيءَ ۾ هي پهريون ناول آهي. سليم جماليءَ ان ڏس ۾ انتهائي دليراڻو قدم کڻندي سنڌي ناول اندر هڪ نئين ۽ حساس موضوع کي شامل ڪيو آهي. پر ٻئي طرف هن ناول ۾ سنڌي ناول وارو روايتي ڪئمپس ڪهاڻي وارو ساڳيو اثر قائم رهجي ويو آهي. پر تنهن هوندي به سليم جماليء سٺي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ناول اندر نئون خيالن آندو آهي.

سنڌي ناول کي نون موضوعن ۽ سگهاري اڻت سان سرجڻ جي کوڙ ضرورت آهي. سنڌي ناول گذريل ڪجھ سالن کان جهجهائيءَ ۾ ته لکجڻ شروع ٿيو آهي پر عالمي ناول سان مقابلي لاءِ شاهڪار ناولن جي اڃا به کوٽ محسوس ٿئي ٿي. پر جهڙي طرح سنڌي ناول تيزيءَ سان سرجي رهيو آهي ان مان اها اميد قائم ٿي آهي ته ايندڙ ڪجھ سالن اندر سنڌي ناول ۾ موضوعن جي ڪثرت به اچي ويندي ته دنيا آڏو رکڻ جهڙا شاندار ناول به جهجهائيءَ سان اچي ويندا.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۵، ۲۷، ۲۹ جون ۽ ۲ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي چئن قسطن ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment