Wednesday, July 13, 2022

اوجَھ - دريا خان شنباڻي

اوجَھ

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي


 

ٽي ڏينهن شور، شغل، هوڪرا ڪوڪرا هليا. خوشيون ڪيون ويون. ناچ گانا، ميل ميلاپ، قرباني جو گوشت ورهايو ويو. کاڌا پيتا تيار ڪري کاڌا ويا ۽ چوٿين رات تي سمورو شھر ٿڪجي هارجي سمهي پيو. ۽ فوٽ پاٿن تي پيل  هيروئني، موالي، مسافر به ننڊ پئجي ويا. پر هڪ شخص جيڪو پهريان ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن ستو رهيو. ان کي هاڻ ننڊ نه پئي آئي. هو فوٽ پاٿ تي ٻوري رکي، گوڏا مٿي ڪري ويٺو رهيو.... روڊ جي ٻئي پاسي واري فوٽ پاٿ تي، قرباني ڪيل جانورن جا اوجھ پيا هئا.


هن انهن پيل اوجهن ڏانهن نهاريو..... هن نظر ڦيرائي ڇڏي ۽ پوءِ ٻيو دفعو هن جي نظر اوجهن ڏانهن لاشعوري طور تي کڄي وئي ۽ محسوس ڪيائين اوجھ چُرڻ پُرڻ لڳا آھن. هن پنهنجو مٿو کنهيو ۽ سوچيائين ته سندس وهم آھي. پر ٻئي لمحي غور سان ڏٺائين ته اوجھ واقعي به چُري پُري رهيا آھن ۽ ڄڻ اٿڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. هو ڊڄي ويو پر هن پاڻ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، اوجهن تان نظرون هٽائي ڇڏيون. هن جي نظر وري اوجهن ڏانهن کڄي وئي ۽ ڏٺائين ته اوجهن جي اندران ڪي ساهواريون شيون ٻاهر نڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيون هجن.

هو دل جهلي اٿيو ۽ اوجهن ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ سندس وهم پڪ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو، جو اوجھ واقعي به هڪٻئي کي لتاڙي اٿڻ جي ڪوشش ۾ هئا. هو اچي اوجهن مٿان بيهي رهيو ته اوجهن مان ماڻھن جي سهڪڻ جا آواز اچڻ لڳا ۽ هن صرف ايترو چيو ته؛ ”ڪهڙي مخلوق آھيو اوهين!“

هڪڙي اوجھ مان عورتاڻو آواز آيو؛ ”اسان انسان آھيون! تو وٽ ڪا ڪاتي ڇُري آھي ته هنن اوجهن کي ڦاڙي اسان کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪر!“

هو ڊڄي ته ويو پر دل جهليندي چيائين؛ ”مون کي ته اوهان انسان نه پيا لڳو!“

”اسان انسان ئي آھيون!“ هڪ ٻئي مرد پوڙھي جو آواز گونجيو.

”پر هتي ڪيئن اوهان اوجهن ۾ ڦاٿا آھيو!“

”اسان ڦاٿا ناهيون، پر ڦاسايو ويو آھي!“ هڪ نوجوان سُڏڪندي چيو.

”پر اوهان ٻاهر ڇو پيا نڪرڻ چاهيو!؟!“

”اسان نئين زندگي جيئڻ ٿا چاهيون!“

”ته ڇا اوهان هن دنيا مان مُئل آھيو!؟!!“

”هائو....!! دنيا ۾ اسان ڪنهن کي ڪو سُک نه ڏنو ۽ هاڻ اسان جي نالي تي قربانيون ڪيون پيون وڃن. ڪا ڇُري کڻي اچ ۽ هنن اوجهن مان اسان کي ڇڏاء ته وڃي پونئرن کان معافيون وٺون!“

”مان اهو ڪم ڪونه ٿو ڪري سگهان!“

”تون نه ٿو ڄاڻين! هتي هڪ بدنصيب پيءُ به آھي جيڪو ٻچن کي حرام کارائيندو رهيو! هتي اهي ڀائر به آھن جن پنهنجون ڀينرن جون شاديون نه ڪرايون! هتي اهي خوني به آھن جن بيگناه ماڻھو ماريا! هتي اهي پٽ به آھن جن مائرن کي ڌڪا ڏئي، گهران ڪڍيو! هتي نافرمان زالون آھن! هتي وياجي آھن! راشي آھن! ظالم ۽ زاني آھن! ڪمدار ڪاراوا، رئيس وڏيرا، سردار ڀوتار، وطن فروش، ضمير فروش، هنن اوجهن ۾ اهي سڀئي بدنصيب ڦاٿا پيا آھن. هاڻ سندن نالي تي قرباني ڪئي پئي وڃي.“

هو ڪجھ پل خاموش بيٺو رهيو ۽ پوءِ واپس ورڻ لڳو ته اوجهن ۾ وڌيڪ ڦٿڪو ٿيڻ لڳو ۽ کيس منٿون ڪرڻ لڳا ته؛ ”تون ڪا ڪاتي ڇُري کڻي اچ، اسان کي ٻاهر ڪڍ!“

هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، وڃي پنهنجي وڇايل ٻوريءَ تي ويهي رهيو ۽ هر هر سندس نظرون اوجهن ڏانهن کڄي پئي ويون، جو اوجھن مان ماڻھو اٿڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن هئا. خبر ناهي ته هن کي ڪهڙي مهل ننڊ اچي وئي. صبح جو سوير اک کليس ته ڏٺائين؛ ميونسپالٽيءَ وارين گاڏين ۾ ڪرينن ذريعي اهي اوجھ کڄي رهيا هئا ۽ گاڏيون ڀرجنديون نڪرنديون پئي ويون، انهن اوجهن کي ڪنھن مناسب ھنڌ تي دفنائڻ لاء.....

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment