Wednesday, July 13, 2022

لائوڊ اسپيڪرس فار سيل - دريا خان شنباڻي

لائوڊ اسپيڪرس فار سيل

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



ڪجھ ڏينهن پهريان شھر جي چوڪ چوراهن تي ڪي اشتهار چنڀڙايا ويا جن ۾ لکيل هو “هن آڱاري تي شھر جي مُک ڪاروباري مرڪز جي آخري ڇيڙي واري ميدان تي تاريخي ۽ پائيدار لائوڊ اسپيڪرس جي نيلامي ٿيندي جنهن به ماڻھو کي لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت هجي سو اسان سان اچي رابطو ڪري.”

آڱاري واري صبح کان ماڻھن جي ايتري ته رش وڌي وئي جو فيصلو ڪيو ويو ته؛ “ماڻھو لائين ۾ بيهندا وڃن ۽ هڪ هڪ ماڻھو اندر اچي ۽ پنهنجي پسند جي لائوڊ اسپيڪر جي قيمت ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وڃي.”


جيئن ته مان دير سان پهتس سو مان به وڃي لائين ۾ بيٺس پر لائين جو آخري ماڻھو مان هيس.... ۽ ماڻھو آھستي آھستي اندر وڃي رهيا هئا ۽ جيڪو ماڻھو اندران ٿي ٿي آيو، اهو خالي واپس پي وريو.

لائين ۾ بيٺل ماڻھو جڏھن خالي واپس ٿيندڙ ماڻھن کان پڇن پيا ته انهن جي اها ورندي هئي ته، “يار لائوڊ اسپيڪر ڀلا به آھن، سستا به آھن پر....... “

هر ماڻھو اڳتي ڪجھ به نه ڪُڇي رهيو هو ۽ هر ماڻھو ان تجسس ۾ هيو ته آخر معاملو ڇا آھي!

گهڻي دير کان پوءِ منهنجو به وارو آيو ۽ اندر داخل ٿيس ته ڏٺم سوين لائوڊ اسپيڪر رکيل هئا ۽ هڪ شخص ڪرسيء تي ويٺو هو. مان وڃي ان جي ڀرسان بيٺس ته چيائين “ڀائو لائوڊ اسپيڪر پسند ڪيو ته پوءِ رقم ڪيون.”

مان پنجن ڇهن منٽن ۾ رکيل لائوڊ اسپيڪرن جو چڪر هڻي آيس ۽ آخر هڪ تي هٿ رکندي ڪرسيء تي ويٺل شخص کي چيم ته چيائين “اوهان تمام بهترين لائوڊ اسپيڪر جي چونڊ ڪئي آھي، اوهان ڏاڍا خوش نصيب آھيو ۽ يقينن اوهان کي ان لائوڊ اسپيڪر مان وڏو فائدو به ٿيندو.”

“مهرباني” چئي رقم پڇيم ته، چيائين “صفا سستي رقم ۾ اوهان کي هي لائوڊ اسپيڪر ڏينداسين، جيئن ته اوهان آخري ماڻھو وڃي بچيا آھيو، صبح کان هڪ ماڻھو به لائوڊ اسپيڪر خريد ناهي ڪيو سو اوهان صرف ٻه سئو روپيا ڏئي لائوڊ اسپيڪر کڻائي وڃو”

مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته پندرهن ويھن هزارن وارو لائوڊ اسپيڪر صرف ٻن سون ۾ ٿو ملي سو جلدي جلدي کيسي مان پئسا ڪڍڻ لڳس ته ڪرسيء تي ويٺل شخص چيو “لائوڊ اسپيڪر سان گڏ اوهان کي هڪ زبردست پيڪيج به ڏيان ٿو”

“ڀلا اهو پيڪيج صرف مون لاءِ آھي؟!” مون خوش ٿيندي چيو.

منهنجي ان ڳالھ تي هو مرڪيو ۽ پوءِ چيائين “صبح کان اُن ئي پيڪيج جي ڪري ته ماڻھن لائوڊ اسپيڪر خريد نه ڪيا.”

“اها ته ماڻھن جي وڏي بدبختي چئبي” مون چيو.

“يقينن” هن پُر اعتماد لهجي ۾ چيو ۽ وڌيڪ چيائين؛ “ماڻھن کي الاءِ ڇا ٿي ويو آھي، جو سستي اگھ تي لائوڊ اسپيڪر ڏيڻ باوجود به خريد نه ڪيائون، مون کي افسوس آھي جو لائوڊ اسپيڪر تي ته انهن کي ڪو اعتراض نه هيو پر لائوڊ اسپيڪر سان گڏ جيڪو پيڪيج ڏئي رهيا هئاسون ان تي ماڻھن کي اعتراض آھي.”

“ڀلا اهو ڪهڙو پيڪيج آھي جنهن تي ماڻھن کي اعتراض آھي؟” مون پڇيو.

پوءِ هو ڪرسيء تان اٿيو ۽ هڪ ننڍڙي چبوتري ۾ ويو ۽ اتان هڪ شخص کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو ۽ منهنجي سامهون بيهاريندي چيائين؛ “هي آھي اهو پيڪيج (شخص) جيڪو اوهان کي لائوڊ اسپيڪر سان گڏ ڏينداسين، هي اوهان کي رات جو اٿاريندو، جنت جا دلاسا ڏيندو، جهنم جا دڙڪا ڏيندو.... اوهان جا نڪاح پڙھائيندو، اوهان جا جنازا پڙھائيندو... اوهان جا ٻچا پڙھائيندو.... ننڍا وڏا اعلان ڪندو، تقريرون ڪندو.”

مان سوچ ۾ پئجي ويس ۽ هو ٻئي منهنجي فيصلي جي انتظار ۾ هئا....

مان پنهنجي کيسي مان ڪڍيل ٻه سئو روپيا واپس وڌا ۽ چيم؛ “سائين! مون کي لائوڊ اسپيڪر نه کپي.”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment