Sunday, July 3, 2022

اُڃاريون اکڙيون - غفار سومرو

اُڃاريون اکڙيون

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



پري کان ئي ٽالهيءَ جي اڪيلي وڻ هيٺ پوڙھي پيءُ کي ڪوڏر جهليو کيڙيل ٻنيءَ ڏانهن ڳڻتي فڪر ۽ ويچارگي وچان هڪ ٽڪ نهاريندي ڏسندي آئي. هو ڄڻ جهوراڻن ۾ جهرندو هجي.

ويجهو پهچي پاڻيءَ جو ٿانو ڪپڙي سان ڍڪيل ڇٻيءَ ۾ اڻڀيون ٻه ڊڳڙيون تنهن مٿان بصر جي ڪتر ۽ لوڻ جي چپٽي سندس اڳيان رکندي چيائين؛ “ابا ماني!”


سندس آواز تي پڻس ٻنيءَ تان نظرون هٽائي ڏانهس پيار وچان ڏٺو ۽ پوءِ حسرت وچان هڪ ٿڌو ساھ ڀري مانيءَ مان گراھ ڀڃي بصر جي ڪتر کي لوڻ لڳائي ماني ٽڪر ۾ ويڙھي وات ۾ وجهي چٻاڙڻ لڳو.

هوءَ جهٽ گهڙي سڳيءَ جي ڳاڙھن ڦندڻن کي هٿ ۾ جهلي پيءُ سان ڳالهيون ڪندي رهي. چوڌار پاڻي بنا سڪي ٺوٺ ٿي پيل ٻنيءَ کي ڏسندي رهي جتي ذرو به ساوڪ جو نظر ڪو نه آيس. سندس اکيون گرم هوا سبب سڙڻ لڳيون. هو واپس مڙي ۽ مور ٽور ٽلندي ساڳئي ٻني تان واپس ورندي جريب کن جو پنڌ پٽي آئي. پريان پنهنجي چاچي کي سندي زمين مان سڪل گند گاھ ميڙيندي ڏسي ڏانهنس مڙي آئي.

ٿورو پرتي سندس سئوٽ جيڪو سندس مڱيندو به هو، تيز تيز ڪوڏر هلائي، ڊڀ ڪٽي، ٻني تي مٽي چاڙھي رهيو هو.

هوءَ چاچي جي ويجهو اچي بيٺي. جنهن هٿ ۾ جهليل ڇٻر/ ڊڀ ڇنڊي، هڪ پاسي رکندي، کيس مرڪي کيڪاريو.

سئوٽ، هڪ نظر کيس نهاري، ڪوڏر رکي اتي ئي ٻني تي ڄڻ ٿڪجي ويهي رهيو.

“چاچا! ڇو ڀلا اڃا تائين فصل ڪو نه پوکيو اٿو!؟”هوءَ سوال پڇي نراڙ تي وري آيل وارن کي مٿي ڪري پگهر اگهڻ بهاني پاڻ ڏانهن نهاريندڙ سوٽ ڏانهن ڏسندي رهي. جنهن سان هيلوڪو فصل سٺو نه ٿيڻ سبب مٿين فصل لهڻ کان پوءِ سندس شادي رٿيل هئي.

“ڌي! پاڻي ئي ڪو نه آھي ته فصل ڇا پوکيون!”چاچهنس رکيون ويران بيابان جهڙيون اکيون مٿي کڻي وراڻيو.

هن کي پنهنجي پيءُ جون اڃايل کروهي جهڙيون اکيون آڏو اچي ويون.

تنهن وقت امالڪ سندس سئوٽ اٿي بيٺو ۽ هڪ نظر باھ جيان تپندڙ اُڀ ۾ نهاريندي ڪاوڙ وچان هٿ ۾ جهليل ڪوڏر کي زور سان پري اڇلي وڏيون وڏيون وکون کڻندو سامهون سڪل واھ ڏانهن ڊوڙندو ويو.

چاچهنس ڪجھ به ڪڇڻ پڇڻ بنا بي وسي ۽ حسرت ڀري نگاھ سان ٻنهي ڏانهن نهاريو ۽ وري سڪل ڇٻر ڊڀ ميڙيندو رهيو. هوءَ به ساڳئي پير واپس وري پئي ۽ اجرڪ جهڙين اکڙين ۾ تري آيل ڳوڙها آڱرين سان اگهي سڪي سڙي ٺوٺ ٿي ويل ٻنيءَ کي وهانءُ جي آس ۾ ڀيٽا طور نڇاور ڪري گهر رواني ٿي وئي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment